سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :15

 

ڇڄ ۾ قطاران، ساٿ چڙھندو لڪئين

(شاھھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان 31 مارچ 1985ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾، ”شاھھ ۽ نوجوان“ جي موضوع تي پڙھيل صدارتي تقرير.)

شاھھ عبداللطيف ڀٽائي – سنڌ جو ساھھ، سنڌ جو روح، عالمي شاعر : سنڌي ٻوليءَ کي سندن فڪر ۽ فن جي اظھار جي ذريعي جو شرف نصيب ٿيو. سنڌي قوم قدرت جي ان سعادت بخشيءَ تي بھ اوترو ئي فخر ڪري ٿي ۽ سندس احسان مڃي ٿي، جيترو پنھنجي وطن پاڪ، سرزمين سنڌ، جي مرحمت ٿيڻ تي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

ھن دعائيھ آيت ۾ حضرت شاھھ عبداللطيف رحمت الله عليھ لفظ ”عالم“، جي واحد جي صيغي ۾ آندو آھي، تھ بھ ان عالم معنيٰ ”دنيا“ ۾ سنڌ کي ھڪ مستقل وطن سڏيو اٿن ۽ جيڪڏھن جمع جي صيغي ۾ ڪم آندو اٿن، تھ بھ ڌرتيءَ تي جيئن ٻيا ارضياتي انساني عالم، جيئن ترڪيءَ جو عالم، افغانستان جو عالم، چين جو عالم، دکن، جيسلمير، ڪڇ، ڪاٺياواڙ وغيرھ وغيرھ جا عالم يا دنيائون، تيئن پنھنجي وطن سنڌ کي بھ ھڪ قائم بالذات، مستقل عالم يا دنيا چيو اٿن.

موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،

وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀت چؤڌار،

ڪي اٿيون استنبول تي، ڪن مڃيا مغرب پار،

ڪي چمڪن چين ني، ڪي لھن سمرقند سار،

ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار،

ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،

ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بُڪار،

ڪنھين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڍار،

ڪنھين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار،

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

حضرت شاھھ سائينءَ جن پنھنجي رسالي ۾ (”رسالو“ يعني ”پيغام“ ) سارنگ جو ھيءُ سرود تخليق ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قدرتي نعمتن ۽ تھذيبي فضيلتن کي روشن ڪيو آھي –

مند ٿي منڊل وڄيا، ڪي اوھيرن اوڪ،

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينھون چرڪ موڪ،

سرھيون ٿيون سنگھاريون، پويو پائين طوق،

ميھا، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،

لٿا مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينھنڙا.

-

موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪيائين ڀيڄ،

وڄون وسڻ آئيون، سارنگ چڙھيو سيڄ،

نوريون تنھن نوازيون، ڏيئي ڏوڻا ڏيڄ،

ٻڄ کڻي پٽِ ھليا، ھاري منجھان ھيڄ،

راضي منجھان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.

-

موٽي مانڊاڻن جي، جڙي ڪيائين جوڙ،

وڄون وسڻ آئيون، ٻھھ ٻھھ ڪري ٻوڙ،

انن جا عالم ۾ کرن اندر کوڙ،

سارنگ لاٿي سوڙ، ساندھھ سھائو ٿيو.

-

موٽي مانڊاڻن جا، ڀري ڪيائون ڀر،

وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر،

مينھون پاڻمراديون، ٿڌا چرن ٿر،

ساري اچيو سامھيون، ڏين سنجھي کير سڄر،

ساڻ وانڍين ور، پريون پرچڻ جون ڪيون.

-

حڪم ٿيو بادل کي تھ سارنگ ساٺ ڪجن،

وڄون وسڻ آئيون، ٽھھ ٽھھ مينھن ٽِمن،

جن مھنگي لئھ ميڙيو، سي ٿا ھٿ ھڻڻ،

پنجن منجھان پندرھن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيھھ مان شل موذي سڀ مرن،

وري وڏيءَ وس جون ڪيون ڳالھيون ڳنوارن،

سيد چوي سڀن، آھھ توھھ تنھن جي آسرو.

شاھھ سائينءَ ھن سرود ۾، جنھن کي آءٌ وطن لاءِ سندن قصيدو سمجھان ٿو، سنڌ کي سنڌ سڏيو، سنڌڙي سڏيو ۽ جوءِ، ڀون، ساڻيھھ، ڏيھھ، وطن ۽ ملڪ سڏيو. ۽ اِن ۾ پاڻ سنڌي قوم کي، خاص طرح ان جي عوام کي، وڏي پيار ۽ ڏاڍي پاٻوھھ سان، پنھنجا سانگي، سيڻ، سنگھار، ولھار ۽ لوڪ سڏيو اٿن ۽ انھن لاءِ ورائي ورائي پنھنجي سڪ ۽ سنيھھ جو اظھار ڪيو اٿن ۽ دعائون گھريون اٿن –

وطن وسائيج تھ سنگھارن سک ٿئي!

آءٌ آسائتي آھيان، مان ٻڄائي ڀون!

سٻاجھي ستار، لاٿا ڏرت ڏيھھ تان.

کنوي خراسان، سک وسايئون سنڌڙي.

قادر، ڪر ڪرم، تھ وطن ۾ وس ٿئي!

سائينم، سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار!

پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ، اھڙي پنھنجي ڀلاري وطن ۽ اھڙن پنھنجن سٻاجھن لوڪن لاءِ اسان جي دلي حب ۽ دوستيءَ جي اظھار ۾ شڪ ڪندي، بلڪ ان لاءِ اسان کي ننديندي ۽ اسان تي ڪيئي الزام ھڻندي، ڪن اسان جي ڪرم فرمائن پنھنجي برتر وفادارين ۽ ايماندارين جون دعوائون ڪيون، ۽ اسان کي اسان جو شاھھ سيکارڻ چاھيو ۽ چيو تھ شاھھ جو سرود سارنگ سنڌ جو قصيدو نھ، سنڌي ماڻھن جي سک، سڪار ۽ سلامتيءَ جي خواب جو اظھار نھ پر سنڌ ۾ اسلام جي آمد جو علامتي اظھار ھو – ڄڻ اھي ٻھ ڳالھيون پاڻ ۾ ڌريائين ناموافق يا متضاد ھيون! ڄڻ دين اسلام جي اختيار ڪرڻ سان عربستان، ترڪي، مصر، ايران يا ٻيا ملڪ ملڪ نھ رھيا ھئا ۽ اتان جون عرب، ترڪ، مصري، ايراني ۽ ٻيون مسلمان قومون قومون نھ رھيون ھيون ۽ اھي پنھنجي پنھنجي وطن کي ۽ پنھنجن پنھنجن لوڪن کي پيار ڪرڻ ۽ انھن جي دفاع ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي ويون ھيون، يا انھن جي ڪنھن شاعر يا ان جي خاص ۽ عام پڙھندڙن کي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ ۽ قومي اتحاد ۽ خوشحاليءَ جي چاھنا رکڻ ۽ خواب لھڻ جو ضرور ئي نھ رھيو ھو! ۽ جي ھنن اھڙا خواب لڌا ٿي، تھ اھي ٻاھريان، جيڪي اسلام جو نالو کڻي وٽن آيا ھئا يا ائين مٿن حاڪم بڻيا ھئا، تن کي حق ھو تھ ھنن تي اسلام دشمنيءَ ۽ غداري جا لقب لائين ۽ پاڻ کان گھٽ درجي جو آدم سمجھن، جن جي ملڪ يا زمين ۾ تھ سندن دلچسپي ھجي، پر جن جي ماڻھن ۾ سندن ڪا دلچسپي نھ ھجي!

حضرت شاھھ عبداللطيف سنڌ جو شاعر ھو، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ھو، جنھن جو پنھنجي وطن ۽ ماڻھن سان ازلي سٻنڌ ھو ۽ انھن لاءِ ھن جي من ۾ آئيندي جو ھڪ خواب موجود ھو. آزاديءَ جو خواب، طويل ۽ لاڳيتيءَ غلاميءَ جي تاريڪ رات کان پوءِ آزاديءَ جي روشن صبح جي طلوع ٿيڻ جو خواب، جنھن جي حقيقت ۾ بدلجڻ جا آثار سندس آڏو نروار بھ ٿي رھيا ھئا. مغل اقتدار پوريءَ طور للڪارجي رھيو ھو. پاڻ يارنھن ورھين جو سمجھدارمعصوم ٻار ئي ھو، جو 1700ع ۾ ميان دين محمد ڪلھوڙو، جنگ آزاديءَ ۾ وڙھندي، قرآن جي ضمانت تي ٺڳجي، ڳالھين لاءِ اورنگزيب جي پٽ معزالدين وٽ ويو، جنھن وعدھ شڪني ڪري کيس گرفتار ڪيو ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سنڌ کان سنڌ الڳ ڪرائي، شھيد ڪيو. ڪلھوڙن جي جھنڊي ھيٺ، آزاديءَ جي جنگ پوءِ جاري رھي ۽ ميان دين محمد جو ڀائٽيو ميان يار محمد اتر سنڌ مان مغلن جا پير اکوڙيندو اڳتي وڌندو رھيو، تان جو مغل مجبور ٿي، پھريائين سيبي ۽ ڍاڍر پوءِ بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن تان دستبردار ٿيا، ۽ ائين 1711ع ۾، جڏھن شاھھ جي عمر 22 سالن جي ڦوھھ جوانيءَ ۾ ھئي، سڄي اتر سنڌ مغلن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، ۽ پاڻ، مارئيءَ جي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي حتمي جواز طور فرمايائون –

کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور جھنگل ۾ جھوٻي،

جو اباڻن اڏيو، ڳڻن سان ڳويي،

وينديس ويڙھيچن ڏي، لوھھ ڀڃي لوپي،

چڀڙ آءٌ چوپي، سڪ لاھينديس سومرا!

-

کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور ويھڻ وسڪاري،

منھنجو تور تلن ۾، ات چيھا ٿو چاري،

مري رھنديس ماڙئين، ساھيڙيون ساري،

ڍائي ڍٽ ڌاري، آھم اٺين مينھڙين.

-

ننگا آھيون نکتا، اسين مارو لوڪ،

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جي.

شاھھ غلاميءَ مان آزاد پنھنجي ديس جو ائين ھڪ نبار آدرش ۽ دنيا ۾ پنھنجي آزاد ديسواسين جي انساني حيثيت ۽ قدر جو ھڪ پرخلوص ۽ معصوم تصور آڏو رکيو ٿي. ھو ھڪ بيحد ملوڪ فرد ھو، سدا پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پنھنجن ماڻھن سان جڙيل، انھن جي ھر دک ۽ ھر خوشيءَ سان واڳيل – بيحد ھڪ حساس، متلاشي ۽ باغي روح، فطري ۽ سماجي فضا ۾ گھيريل انساني زندگيءَ جي اھميت ۽ ان جي منزل جي ڄاڻ چاھيندڙ – اھميت ڀلاين ڀريل، پر اڪٿ، ۽ منزل پري کان پري، پر سدا اکين آڏو؛ تھ جيئن انفرادي ۽ قومي زندگيءَ جي ان اعليٰ اھميت ۽ منزل ڏانھن وڌڻ ۾ جو ڪجھھ ٿئي سو ڪجي –

منزل ڏور م مٽ، ڇڏ نھ سير لڪن جو،

لئن جي واٽ م لٽ، لئن ري حرف ھئڻ کي.

”آزاد ديس جا آزاد ديس واسي“ – شاھھ جو سڄو روحاني جولان ۽ ان جو عروج اِھو ھو: شاھھ جي دؤر جي سنڌ جن تاريخي حقائق سان منھن – مقابل ھئي، انھن جي تقاضا شاھھ جي اعليٰ انساني روح لاءِ اِھا ھئي ۽ ان کي ساڳيءَ طرح جو نبار ۽ معصوم خيالي تصور، سادن، سھڻن، امٽ لفظن ۾، پاڻ ھيئن ڏنائون –

نڪا جھل نھ پل، نڪو رائر ڏيھھ ۾،

آڻيو وجھن آُھرين، روڙيو رتا گل،

مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو.

تحقيق، شاھھ جي دؤر ۾ سنڌ، پنھنجي قومي وجود جي شعور کان نوازجي رھي ھئي، ۽ پنھنجي ذات جي تسليميءَ ۽ قومي اظھار لاءِ جدوجھد ۾ مصروف ھئي. سنڌ تي وحشي منگولن – ارغونن ۽ ترخانن، ۽ مغلن – جي ڌارئين راڄ (جيڪي بھ بيشڪ مسلمان ئي ھئا) ۽ سندن انڌي ظلم جي تقريبا سوا ٻن صدين (1520 کان 1736ع تائين) جو ڊگھو سياھھ ڪال ختم ٿي رھيو ھو، ۽ سنڌ جي ماڻھن جي رتوڇاڻ بند ٿيڻ جي قريب اچي بيٺي ھئي ۽ سنڌ پنھنجي آزاديءَ ۽ اتحاد جي منزل تي ۽ سندس رھواسي پنھنجي خودمختياريءَ ۽ آزاد راڄ جي دروازي تائين پھچي رھيا ھئا.

۽ شاھھ جو رسالو سنڌ جي ان آزاديءَ جي تلاش ۽ قومي تشخص ۽ خود اظھاريت جي اڌمي جو ترجمان آھي. شاھھ جو اھو ھڪ سڏ ھو سنڌ جي ماڻھن کي، ھڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڻ کي دريافت ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ جو، ۽ پاڻ مڃائڻ جو. انھيءَ ڪري شاھھ جو رسالو ھڪ مذھبي يا حڪيمانھ پستڪ کان وڌيڪ ھڪ قومي صحيفو آھي. ان جي تشڪيل ۽ ترتيب سنڌ جي قومي زندگيءَ مان اسريل ھڪ روايت مثال آھي، جنھن جون پاڙون ان زندگيءَ جي ٻن افضل ترين تاريخي دؤرن ۾ کٽل آھن – سومرن ۽ سمن جي ٻن دؤرن ۾، جيڪي (نائين صدي عيسويءَ جي وچ کان وٺي سورھين صديءَ جي شروع تائين) تقريبا ستن صدين تي پکڙيل ھئا ۽ سنڌ جي سماجي – تھذيبي سڃاڻپ جا عظيم ترتيبي دؤر شمار ٿين ٿا.

شاھھ جي شعر جي ادبي افضليت ۽ صوفيانھ اڏام بيان ۽ ڪاٿي کان مٿي آھي، ۽ ان جي فني خصوصيت ۽ سجلائت بھ پنھنجي مثال پاڻ آھن. پر سڀ کان وڌيڪ اھو سنڌ جي ماڻھن جي ذھني ۽ اخلاقي قوت جو ھڪ سرچشمو آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو انھن جي ٻوليءَ جي وسعت ۽ پختگيءَ جو حد نشان آھي – ٻولي، جيڪا سندن جڳن جي زندگيءَ ۽ انساني جوھر جي پوري سفر جو ھڪ مڪمل داستان آھي.

گذريل سال، سنڌالاجيءَ جي ”پير حسام الدين شاھھ راشدي“ آڊيٽوريم، حيدرآباد، ۾، پير صاحب مرحوم جي زندگيءَ ۽ ڪم بابت ھڪ مضمون پڙھندي، مون چيو ھو تھ ”ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما ھيون. ڪنھن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ تھ ڪنھن سماج جو، ڪنھن قوم جو، سرجڻ – ڪن تھذيبي، سماجي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ – ڪنھن حڪمران قوت جو، ڪنھن سياسي اقتدار جي مرڪز جو، وجود ۾ اچڻ؛ پوءِ جڏھن اھو وقت آيو ٿي، جو خود خدا، يا ڪنھن خدائي آواز، ماڻھن سان ماڻھن جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو، تھ عين ان گھڙيءَ کان پوءِ اھي پاڻ لاءِ ٻئي درجي جا ماڻھو ٿي رھڻ يا قومن ۾ ھڪ گھٽ – برابر قوم ٿي رھڻ ھرگز قبولي نٿي سگھيا. پولنڊ ۽ آئرلينڊ جديد عالمي تاريخ جا ان قسم جا ٻھ سڀ کان وڌ قابل غور مثال آھن، ۽ ڪو ويجھي دؤر جو اھڙو مثال بھ گھرجي تھ اھو بھ بلڪل تازو، اسان جي بنھھ وچ ۾ ۽ اکين آڏو عمل ۾ اچي چڪو آھي.“

اھڙيءَ طرح شاھھ اسان کي ھڪ اجھو ڏنو ۽ ھڪ پراڻ – شڪتي ڏني، ھڪ پناھگاھھ ۽ پڻ آبحيات مھيا ڪيو، جيڪي تمام وڏن اوسر جي وقتن تي ڪري پيل ماڻھن کي ڪم ايندا آھن ۽ نيم مردھ قومن کي جيئاري پيرن ڀر ڪندا آھن – اجھو يا پناھگاھھ ٻوليءَ جو ۽ پراڻ – شڪتي، ساھھ کڻڻ جي قوت، شاھھ جو خود پيغام. اچو تھ اجھي جي اوٽ وٺون ۽ پيغام سان واڳجي، ان تي عمل ڪريون: ٻولي سھاري ۽ اتحاد جي ڳنڍ، ۽ قومن جي وچ ۾ برابريءَ جو باعزت درجو – قومي تشخص ۽ امن پسنديءَ جي عمل جي راھھ – سڀني جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سڀني جي وچ ۾ نيت ۽ نياءُ، عدل ۽ انصاف.

سائنيم سدائين ڪريم، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

۽ پڻ چيائون:

جان تون ساقي آھئين، تان وٽي وچ م وجھھ،

جود تنھنجو جکرا، آھي ثاني سج،

نينھن پيالو نج، کاس ڏج کھين کي.

جيڪڏھن اسين ھاڻي بھ پنھنجي شاھھ جي ھن الاھي پيغام جو قدر ڪريون ۽ ان تي ھلون – يعني امن، انصاف ۽ مشترڪ ڀلائيءَ خاطر ”قومن جي وچ ۾ برابري“، ۽ ھر قسم جي ”روڪ ۽ قبضي جو خاتمو“، انھيءَ لاءِ تھ سڀني جي لاءِ ”محبت ۽ رزق جي وٽيءَ“ جي آزاد ۽ ھڪ اکيائي، بلڪ کاس کھين تائين پھچڻ جي گردش جاري رھي – تھ اڄ بھ اسين بچي سگھون ٿا ۽ نجات پائي سگھون ٿا – مري وڃڻ کان پوءِ نھ، پر مرندي مرندي بھ – اسين معنيٰ، تھ نھ فقط اسين سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ ٻيا، پر دنيا جا سڀ ماڻھو ۽ قومون، جيڪي سامراجيت جي موتمار خطري ھيٺ آيل آھن – سامراجيت ديسي ۽ وديشي-، ۽ پڻ سڄو بني نوع انسان، جيڪو، انگريزي ھفتيوار رسالي ”ميامي ھيرالڊ“ جي ڪالم نويس، جيني وينگارٽن، جي لفظن ۾ اڄ، ”سڀ کان وڏي ھولناڪ ٽيڪنالاجيءَ، يعني ٿرمو – نيو ڪليئر ٽيڪنالاجيءَ، جي قاتل خطري جي عين کليل منھن ۾ ساھھ کڻي رھيو آھي. شاھھ جو رسالو (وري بھ چئجي ٿو تھ ”رسالو“ معنيٰ ”پيغام“) تحقيق، مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان کي ”تابوت جي پيتيءَ جي اندر خاص ”بيرم“ جو ڪم ڏيئي سگھي ٿو، ۽ اسين جيڪي ان تابوت جي پيتيءَ ۾ اندر بند آھيون، جيڪڏھن اڳي ئي موت اسان تي غالب پئجي نھ چڪو آھي، تھ اسان کي ھيءُ بيرم تابوت جي ڍڪڻ کي کولڻ لائق بنائي سگھي ٿو، ۽ اسين ڪفن ڦاڙي موت جي ان تابوت مان ٻاھر اچي سگھون ٿا. ۽ اِھو، يعني شاھھ جو رسالو، تابوت جي پيتيءَ ۾، وري بھ مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان لاءِ ”ساھھ کڻڻ جي ڳڙکي“ بھ آھي، تھ جيسين اسين بيرم کي دٻائي ۽ ڪفن کي ڦاڙي ۽ ٻاھر اچي، آزاد ھوا تائين رسون ۽ موقعي جو فائدو وٺون، ۽ پنھنجي جيئري رھڻ جو حق ماڻي سگھون، تيسين اندر تابوت جي بند پيتيءَ ۾ ٻوساٽجي مري نھ وڃون.

انھيءَ ڪري، اچو تھ گھٽ ۾ گھٽ اسين پاڻ پنھنجي لاءِ ھميشھ اھو ياد رکون تھ سنڌي، اسان جي مادري زبان، اھا ٻولي جنھن ۾ شاھھ جو الاھي آواز اسان ٻڌو آھي، اسان لاءِ اھو ”بيرم“ آھي ۽ شاھھ جو اسان کي ھڪ قوم طور خود – چڪاسيءَ ۽ خود شناسيءَ جو پيغام ۽ صلاح اسان لاءِ اھا ”ساھھ کڻڻ جي ڳڙکي“ آھي. اچو تھ پوءِ پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پنھنجي ٻوليءَ جي فدائيت جي بنياد تي اسين متحد ٿيون، ۽، اتحاد ۾ پنھنجي قوت دريافت ڪري، قومن جي وچ ۾ برابريءَ جي درجي لاءِ جدوجھد ڪريون – ڌرتيءَ تي ان جنتي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا ھر قسم جي روڪ ۽ قبضي کان آجي ھجي، ۽ جنھن ۾ سڀني لاءِ محبت ۽ رزق، منصفانھ ۽ گھرج سارو، برابريءَ جي مان ۽ مريادا سان، موجود ۽ مھيا ھجي. اسين پنھنجي شاھھ جي حضور ۾، خراج عقيدت طور، فقط اھو ئي گھٽ ۾ گھٽ سوچ ۽ عمل جو نذرانو آھي، جو حاضر ڪري سگھون ٿا.

پاڻ اسان کي چيو اٿن تھ –

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نھ ڪجي ايتري،

سلطاني سھاڳ، ننڊون ڪندي نھ ملي!

اچو تھ پنھنجي ھاديءَ ۽ پنھنجي محسن جو اِھو پيغام اڄ سرلين ڪنين ٻڌون ۽ ھيئين سان لايون، ۽ ڏور ستارن تي نظر رکي، پنھنجي مقصد جي امل نعمت ماڻڻ لاءِ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھھ تي، پنھنجي قافلي سان گڏجي ۽ قطارجي اڳتي وڌون.

ڇڄ ۾ قطاران، ساٿ چڙھندو لڪئين،

مڇڻ ٿِئين پنان، وڳ واٽ ئي نھ لھين!

شال اسان کان اھا ڳالھھ نھ وسري تھ شاھھ ُ – سنڌ جو ساھھ، ان جو روح، عالمي شاعر، پر وري بھ اسان جو پنھنجو شاعر – پنھنجي سڄي فڪر ۽ سڄي اتساھھ سان، دنيا ۾ اسان جي حال ۽ اسان جي آئيندي جي پوري خير ۽ برڪت ۽ سڄيءَ نيڪيءَ جو طالب آھي، ۽ اسان کان ئي خواھشمند آھي تھ اسين پاڻ ان لاءِ عملا ڇا ٿا ڪريون. ھو سچ پچ پنھنجي رسالي جي ھر سرود جي ھر داستان ۾ اسان کان فرد فرد طور ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم ۽ سڄي اسان جي معاشري کان اھو ئي سوال ڪري ٿو. ھاڻي، اھو اسان جو معاملو آھي تھ اِن ڳالھھ جو اسان وٽ ڇا جواب آھي - .

وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا،

ٻيون ڪوھھ ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون!

-

ورھين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،

ھاري ھيڪاندي، ڪنھن پر ٿيندينءَ ھوت سين؟

-

وھين ۽ ويلا ڪرين، ايءُ نھ اڪنڊ آھھ،

سي لاڳاپا لاھھ، اوريان اڀارين جي.

-

جيئي شاھھ!

جيئي شاھھ جي سنڌ!

جيئي شاھھ جو سنڌي عوام!

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com