سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :9

 

1707ع ۾ مغلن جو شھنشاھھ اورنگزيب ”عالم گير“ فوت ٿيو ۽ سندس موت سان سندس ”عالم گيريت“ بھ واءُ ٿي ويئي. ان وقت شاھھ عبداللطيف جي عمر 18 سال ھئي. مغلن جي ”سنڌ ولايت“ جا ٽي ”ملڪ“ ”ملڪ سيوي“، ”ملڪ بکر“ ۽ ”ملڪ سھوان“ – اڳي ئي يا ان کان ڪجھھ سال پوءِ (1711ع تائين) مغل تسلط کان عملي طور آزاد ٿي چڪا ھئا. باقي ان جو فقط ”ملڪ ٺٽو“ ھو، جو اڃا ان اڌ رنگ ۾ ورتل مغل تسلط جي ھٿ ۾ رھيل ھو. سنڌ جي نجات ۽ بحاليءَ جي تحريڪ جو ٻيو دائرو ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ھو، جنھن جو مرڪز ۽ روح بٺوري ”پرڳڻي“ جي جھوڪ (نصريھ، ميران پور) جي لانگاھھ قبيلي جا بزرگ ھئا. ھن درويش خاندان جي پھرئين بزرگ جو ذڪر، جيڪو ميان آدم شاھھ ڪلھوڙي جو ھمعصر ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ مخدوم صدو لانگاھھ جي نالي سان ملي ٿو، جنھن لاءِ چيل آھي تھ، ”ايتري قدر دنيوي پدارٿن جو تارڪ ھو جو رات جو پاڻيءَ جا مٽ بھ ھارائي ڇڏيندو ھو، چي ”نئون ڏينھن نئون رزق“ – ھن جي ارادتمندن جي وسيع حلقي ۾ مختلف قبيلن سان گڏ ڏکڻ سنڌ جا مٽياري سادات بھ شامل ھئا. مخدوم صدو لانگاھھ جي پنجين پيڙھيءَ ۾ سنڌ جي شاھھ شھيد، شاھھ عنايت، بلڪل اھڙين ئي حالتن ھيٺ ۽ عين انھيءَ طريقي سان ٺٽي جي مغل نواب ھٿان شھادت جو پيالو پيتو، جن حالتن ھيٺ ۽ جنھن طريقي سان ڪلھوڙن جو سرفروش بزرگ ميان آدم شاھھ ملتان جي مغل نواب ھٿان تقريبًا ھڪ سؤ سال اڳ شھيد ٿيو ھو – ھن حالت ۾ فرق رڳو ھيءُ ھو ( ۽ ڪيترو نھ اھو دکدائڪ ۽ سنڌ لاءِ ھاڃيڪار فرق ھو!) تھ ميان صاحب شھيد جي پنجين پيڙھيءَ جو ميان يار محمد ڪلھوڙو، جنھن ساڳين انھن مغلن کان سيوھڻ، بکر ۽ سيوي آزاد ڪرايا – اھو ئي ميان يار محمد پنھنجي ان مظلوم شھيد تڙڏاڏي جي عظيم شھادت کي وساري ۽ خود پنھنجي مقصد عظيم يعني سنڌ جي قومي اتحاد ۽ قومي رياست جي قيام کي وساري، پاڻ سنڌ جي معصوم شھيد شاھھ عنايت جي شھادت ۾ انھن ساڳين سنڌ جي خون پياڪ مغل دشمنن جو حامي ٿي بيٺو! ائين ڇو ٿيو؟ جواب ھي آھي تھ قومي اتحاد جي اصولن جي ناڪاميءَ ڪري. قومي اتحاد جا اصول ڇا آھن، ۽ انھن جي ناڪامي ڇا آھي، اِن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين. پر سنڌ جي تاريخ جي ان اھم بحراني دور ۾، جڏھن سنڌي قوم جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو ھو ۽ ان جي حل ٿيڻ جي زمين ھموار ٿي رھي ھئي، ان جي نجات ۽ بحاليءَ لاءِ وڙھندڙ ٻن ڌرين (جن مان ھڪ ڌر اڳي ئي پنھنجي دائري ۾ ڪامياب بھ ٿي چڪي ھئي) جي ھن نفاق جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن ڇا سٺو ۽ سندن تاريخ ڪٿي پھچي ڪھڙيءَ تاريڪيءَ ۾ بطال ۽ ھيڪر ڪھڙي درد انگيز اوڙاھھ ۾ مبتلا ٿي ويئي. ان جو صحيح اندازو ڪرڻ محال آھي. اورنگزيب جي مئي (1707ع) کان پوءِ سندس پٽن ۽ پوٽن جي مغل اقتدار جو زوال (جنھن لاءِ پھاڪو مشھور ٿيو تھ ”شاھھ عالم از دلي تا پالم“، يعني ”شاھھ عالم 1712ع جو حڪم فقط دھليءَ کان پالم تائين“، مغل نظام جي پستي (جنھن جو بيان مشھور مزاحي شاعر جعفر زٽليءَ ھيئن ڪيو تھ، ”سڪھ زد بر گندم و موٺ و مٽر، بادشاھھ پشھ ڪش فرخ سير.“ يعني ”فرخ سير – 1713 کان 1719ع – مڇر ماريندڙ بادشاھھ، ڪڻڪ تي، موٺن ۽ مٽرن تي محصول پيو مڙھي)، خود ٺٽي ۾ مغل نوابن جي ھڪٻئي پٺيان مقرري ۽ معزولي (1707ع کان 1717ع تائين اٺ نواب آيا ۽ ويا). انھن جون محلاتي سازشون ۽ خانھ جنگيون، سڄي ملڪ ۾ ڏڪار ۽ بدامني * ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ (سيوي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن) جو مغل قبضي مان اڳي ئي نڪري وڃڻ – اھڙين حالتن ۾ باقي سنڌ کي مغلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ڪيڏو نھ آسان معاملو ٿي سگھيو ٿي. پر ائين نھ ٿيو. سنڌ ۾ مغل تسلط جي ڪرندڙ عمارت، ڪرندي ڪرندي بھ، سنڌ جي ٻن آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ مرڪزن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي، پنھنجو پاڻ بچائي ويئي ۽ سڄا سارا ويھھ سال ان کان پوءِ اھا جيئن جو تيئن سنڌ جي ماڻھن جي ساھھ تي چڙھي بيٺي رھي.

جھوڪ جي قومي سانحي وقت (1718ع ۾) شاھھ جي عمر 28 ورھيھ ھئي. جڏھن ويھھ ورھيھ پوءِ، 1737ع ۾ مغلن ”ولايت سنڌ جو ”ملڪ ٺٽو“ بھ ڪلھوڙن جي ميان نور محمد جي حوالي ڪري، سنڌ مان پنھنجا ٽپڙ ٻڌا، تڏھن ھو پنھنجي زوال جي اھڙيءَ کڏ ۾ ڪري چڪا ھئا، جو ”شامت اعمال ما صورت نادر گرفت“ وارو ساھھ قبض ڪندڙ عذاب سندن مٿي تي چڙھي اچي بيٺو ھو. رڳو ڪلھوڙا جيڪڏھن ويھھ سال اڳ اھا سياسي غلطي نھ ڪن ھا ۽ ٺٽي جي ”نوابيءَ“ لاءِ مغلن تي نھ پر اتر سنڌ وانگر ”ملڪ ٺٽي“ (ڏکڻ سنڌ) جي نجات لاءِ پاڻ جھڙي درويش مجاھد، صوفي شاھھ عنايت شھيد ۽ ھن جي ”فقيرن“ تي ڀروسو رکن ھا، تھ سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جو سندن خواب ويھھ سال اڳ عمل ۾ اچي ھا ۽ انھن ويھن سالن جي عرصي ۾ کين پنھنجي وطن کي خوشحال ۽ مضبوط ڪرڻ جو سونھري موقعو بھ ملي وڃي ھا – نھ شڪست کاڌل محمد شاھھ رنگيلي کي سنڌ نادر شاھھ جي حوالي ڪرڻ جو سبب رھي ھا ۽ نھ خود نادر شاھھ کي ئي موٽ کائي، سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ايترو سولو منھن ۽ ايتري جھٽ پٽ ڪا ھمت ٿئي ھا. ڪلھوڙن جي ان سياسي غلطي ڪري، جنھن سان ھڪ طرف سنڌ جي ماڻھن ۾ تفرقو قائم رھيو ۽ ٻئي طرف کين پنھنجي متحد قومي رياست کي مضبوط ڪرڻ جي ڪا فرصت ملي ڪانھ سگھي، جڏھن ٻھ سال پوءِ، 1740ع ۾، نادر شاھھ دھليءَ جي آسان سوڀ جي گھمنڊ ۾ اتان جي بي انداز مال غنيمت سان گڏ سنڌ کي ان جو حصو سمجھي سنڌ تي ڪاھي آيو، تڏھن ڪلھوڙن جي حڪومت سنڌ جو بچاءُ نھ ڪري سگھي ۽ سنڌ ھيڪر وري بھ ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويئي. ورنھ تاريخ شاھد آھي تھ اھو ساڳيو نادر ھو ۽ اھا ساڳي سندس فوج ھئي، جو ھڪ سال اڳ، 1739ع ۾ ھو ”قنڌار جي فتح کان پوءِ بولان دري جي رستي ھندستان تي حملي ڪرڻ جو سوچي رھيو ھو، پر ان رستي سان سيوي ۽ گنجابي جي حاڪم ميان نور محمد کي مقابلي لاءِ تيار بيٺل ڏسي، ھن بولان دري جو رستو ڇڏي، غزني، ڪابل ۽ خيبر دري جو رستو اختيار ڪيو.“ حقيقت ۾ سنڌ تي نادر جي ان تباھھ ڪن حملي ۽ اڻ ۾ ھن جي ڪاميابيءَ لاءِ پڻ سنڌي سماج جو پنھنجو اندروني نفاق جوابدار ھو. 1739ع جي آخر ۾، سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ جڏھن نادر پنھنجي فوج سان ديري اسماعيل خان وٽ پھتو، تڏھن دائود پوٽن (ڪلھوڙا خاندان جي ئي ھڪ نک) مان رئيس امير صادق وڌي وٽس اتي ويو ۽ نور محمد خان جي خلاف کيس ھر قسم جي مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪيائين ۽ سڄي واٽ ساڻس گڏ رھيو.  ”تاريخ سنڌ – ڪلھوڙا دور“ جو مصنف مولانا ”مھر“، 1737ع ۾ مغلن جي ھٿان ”ملڪ ٺٽو“ ميان نور محمد جي حوالي ٿيڻ ۽ ائين ھن جي ماتحت سنڌ جي متحد ٿيڻ ۽ ان جي ھڪ مرڪزي قومي رياست جي قائم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي،لکي  ٿو تھ ”صدين کان پوءِ ھي موقعو آيو ھو، جو متحدھ سنڌ جي جوڙجڪ ۽ انتظام جون ذميداريون ان جي وطني حاڪمن جي ھٿان پوريون ٿي رھيون ھيون * . اھي سنڌ جي ماڻھن جي ضرورتن کان پوريءَ طرح واقف ھئا ۽ دلي چاھھ سان انھن کي پورو ڪرڻ ھنن پنھنجو پھريون فرض سمجھيو ٿي. ھيءُ موقعو ھو، جو سنڌ جا ماڻھو پنھنجن وطني حڪمرانن جي خدمتن کان پوريءَ طرح مالامال ٿين ھا ۽ صدين کان ھو جن مصيبتن جي چڪر ۾ ورتل ھئا، انھن جي تباھھ ڪندڙ اثرن کان نجات حاصل ڪن ھا.... پر اوچتو ھڪ نئين وحشتناڪ آفت سنڌ جي افق تي نمودار ٿي، ھن معصوم سرزمين جي نئين جياپي جون سڀ اميدون ھڪ ڀيرو وري بھ خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون. اھا اوچتي آفت ان تي نادر شاھھ ايرانيءَ جي صورت ۾ نازل ٿي ھئي.... ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد لڳ ڀڳ چاليھن ورھين جي جانفشانين سان سنڌ جي سڀني ڀاڱن کي ملائي ھڪ ڪري عوام جي فلاحي حڪومت جو انتظام ڪيو ھو، پر نادر جي حملي انھن چاليھن ورھين جي سڄيءَ تڪليف ۽ تعميري محنت جي مٿان ھڪدم پاڻي ڦيري ڇڏيو.  ٻنھي ميان صاحبن آھستي آھستي ھن سرزمين جي وسيلن کي سڌاريو ۽ بھتر بڻايو ھو: ھنن جو اصل مقصد خزانو گڏ ڪرڻ نھ ھو، پر ھيءُ ھو تھ عوام لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جا گھڻي ۾ گھڻا وسيلا پيدا ڪيا وڃن. پر چاليھن سالن ۾ جيڪي ڪجھھ ڪٺو ٿيو ھو، نادر ٻھارو ڏيئي سڀ ميڙي چونڊي کڻي ويو.... پر سنڌ لاءِ ان کان وڌيڪ ھاڃيڪار ڳالھھ ھيءَ ھئي، جو ملڪ جي وحدت ٻيھر ڀاڱا ڀاڱا ٿي وئي“؛ ھڪڙو ان جو ڀاڱو (ڪڇي، ڍاڍر ۽ ڪراچي) قلات سان ويو، شڪارپور ۽ ان جي آسپاس جا علائقا دائود پوٽن کنيا ۽ ملڪ جو رھيل حصو (ٺٽي جو علائقو وغيرھ) ميان نور محمد وٽ رھيا. ميان صاحب جو وڏو پٽ محمد مرادياب ٻن ھزار سوارن سان ۽ ساڻس گڏ سندس ٻھ ڀائر غلام شاھھ ۽ عطر خان نادر وٽ، 1747ع ۾ سندس قتل ٿيڻ تائين، يرغمال طور ايران ۾ رھيا. ان کان علاوھ ”ملڪ سنڌ جو ڪتبخانو ۽ رسالا بھ اھو سفاڪ ناپاڪ پاڻ سان کڻي ويو.“ مطلب تھ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو پنھنجي تاريخ جي عين ان منزل تي جڏھن سندن اڳيان سندن قومي يڪوجوديءَ جو سوال ئي واحد اھميت جو سوال ھو، اقتدار جي سلسلي ۾ ھڪٻئي جي شڪ جو شڪار ٿي ويا، ۽ اندروني نفاق ۽ ڏڦيڙ ۾ وٺجي، ھڪٻئي لاءِ طاقت بدران ڪمزوريءَ جا سبب بنيا؛ ۽ ”صدين کان پوءِ قومي اتحاد ۽ بحاليءَ جي مليل موقعي“ کي ھٿان وڃائي ڇڏيائون ۽ ايتري جدوجھد ۽ ايترين قربانين کان پوءِ آزاديءَ جي کٽيل بازي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھارائي ويھي رھيا.

نادرجي  حملي وقت شاھھ جي عمر 50 ورھيھ ھئي ۽ سچل 11 ورھين جو ۽ سامي ڏھن ورھين جو ھو. نادر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي ٽن ”قيدي“ شھزادن مان غلام شاھھ ۽ عطر خان ايران مان ”آزاد“ ٿي، 1749ع ۾ جڏھن پنھنجي وطن موٽيا، تڏھن سچل ۽ سامي ويھن ۽ اوڻيھن ورھين جي ڦوھھ بلوغت کي رسيل ھئا. ٻن سالن کان پوءِ سنڌ جو وليعھد شھزادو محمد مرادياب بھ واپس پنھنجي وطن پھتو. حضرت شاھھ عبداللطيف کي ان کان پوءِ ھن خاڪي جسم ۾ فقط ھڪ سال باقي رھڻو ھو. ھن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جي جدوجھد جا سال ھئا. يارھن ورھين جي صغير عمر ۾ ھن انھن ساڳين شھزادن جي پڙ ڏاڏي ميان دين محمد ۽ ان جي ٻن ساٿين کي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھڻ جي ڏوھھ ۾ سنڌ کان ٻاھر ملتان ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي ڪسجندي ٻڌو، ٻاويھن ورھين جي عمر ۾ ھن ساڳئي ميان دين محمد جي پٽ ميان يار محمد جي ڪمان ھيٺ اتر سنڌ (سيوھڻ ۽ بکر) کي ڌارين جي قبضي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ڏٺو، 28 ورھين جي عمر ۾ ھن آزادي جي مجاھد صوفي شاھھ عنايت ۽ سندس فقيرن کي ڏکڻ سنڌ جي آزادي لاءِ پتنگن وانگر وڙھندي ۽ قربان ٿيندي ڏٺو، 48 سالن جي عمر ۾ ھن متحد سنڌ جي آزاد وطني رياست جو ٻن صدين جو پراڻو خواب عمل ۾ ايندي ڏٺو، جڏھن سڄي سنڌ پنھنجي لاڙ ۽ سري سميت ميان يار محمد ڪلھوڙي جي حڪمراني ھيٺ آئي ۽ تاريخ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ان جي ھڪ متحد ۽ آزاد رياست وجود ۾ آئي: ۽ ٻھ سال پوءِ ان خواب کي ھن وري ٽٽندي بھ ڏٺو – ”جڏھن نادر شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ نوشھري کان ٿيندو، شھدادپور وٽ پھتو، تڏھن ساڻس ڪي اھڙا ماڻھو اچي مليا، جيڪي ميان صاحب جا مخالف ھئا. انھن کيس عمر ڪوٽ جي رستي جو ڏس ڏنو (جتي ميان نور محمد، فوجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي محفوظ ٿي وڃي ويٺو ھو).... ايتري ۾ ماڇي قبيلي جي فوج جو ھڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رھيو ۽ وڏيءَ بھادريءَ سان وڙھيو. اھا جنگ اڃا جاري ھئي تھ رڻ پٽ جي پاسي کان ٻي ھڪ فوج نمودار ٿي، اھا مھيري قبيلي وارن جي فوج ھئي، جنھن ۾ فقط 900 سوار ھئا. انھن اھڙيءَ تھ تيزيءَ سان حملو ڪيو، جو ايرانين جا ذري گھٽ پير اکڙي ويا... (سنڌ جي لشڪر جا) ھي ننڍا جانباز دستا نادري سيلاب کي بھرحال روڪي نھ سگھيا....“ شاھھ پنھنجيءَ ڀٽ جي آستاني تي شھدادپور کان فقط چوڏھن ميل پري ويٺي، قومي عظمت ۽ قومي ذلت جا اھي سڀ رنگ ڏٺا ۽ اھي سڀ ڳالھيون ٻڌيون. جيئن ئي نادري غنيم پٺ ڏني، تيئن سنڌ جي واليءَ ميان نور محمد پنھنجي طاقت وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ شروع ڪئي. ان لاءِ ھن (1748ع) ۾ بمبئيءَ مان انگريزن کان 29 توپون ۽ ٻئي سال ڏھھ وڏيون توپون بھ خريد ڪيون پر سنڌ جو اتحاد ۽ آزادي ميان نور محمد ۽ شاھھ صاحب سڳورو ٻيھر پنھنجي اکئين ڏسي نھ سگھيا. شاھھ صاحب 1752ع ۾ سنڌ کي دعائون ڏيندي، ۽ کانئس ٽي سال پوءِ ميان نور محمد پنھنجن ”نورچشمن“ ۽ ”اميدن جي مرڪزن“ لاءِ عمل ۽ اخلاق جو وصيت نامو * پويان ڇڏي، ٻيئي ھن دنيا مان سفر جو ڪوچ ڪري ويا. سنڌ جي ھنن ٻن اعليٰ ھستين جي وفات کان پوءِ 1760ع ۾، ٻنھي جي دعائن ۽ اميدن جي مرڪز ** ميان غلام شاھھ جي ھٿان سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ ۽ سنڌ جي وطني رياست جي قيام جو مقصد ھڪ ڀيرو وري بھ پورو ٿي سگھيو – جيتوڻيڪ ان جي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جي ھن کي فرصت ڪانھ ملي سگھي. ان کان پوءِ سنڌ جي ڪلھوڙا رياست وري بھ جائنشينيءَ جي تفرقي ۾ اھڙي غلطان ٿي ويئي، جو 1803ع تائين ڪلھوڙا حڪمران ھڪٻئي جي رت سان پنھنجا ھٿ رڱيندا، ھڪڙن جي پويان ٻيا ايندا ۽ ويندا رھيا، تان جو ٽالپرن سندن جاءِ ورتي ۽ اھي بھ سنڌي رياست کي فقط چاليھھ سال قائم رکي سگھيا ۽ ساڳئي قسم جي پنھنجن ئي اندروني نفاقن ۽ اقتدار جي ڪشمڪش جي تباھڪارين جا شڪار ٿي ويا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج وري بھ ست سمنڊ پار کان آيل ھڪ ڌارينءَ قوم جا غلام ٿي ويا. شاھھ جو روحاني وارث، سچل سرمست، ان تاريخ کان رڳو ڪي 14 سال اڳ فوت ٿيو، ۽ ساميءَ تھ ان کان پوءِ بھ 1850ع ۾ ھيءُ جھان ڇڏيو.

*


 

*     سال 1605ع ۾ ھڪ يوروپي مسافر، سيلبئنڪ، اتفاق سان سنڌ جي روھڙي شھر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جون دکي حالتون ڏسي، دانھن نڪري ويس ۽ چيائين تھ ”ھيءُ شھر ڪيڏو نھ ڏکويل ماڻھن سان ڀريل آھي!“

چاليھھ سال پوءِ، 1645ع ۾، ٻئي ھڪ يورپي مسافر، اسپلر، اتر سنڌ جو سير ڪندي، اتان جي آبادگارن ۽ ھارين جي حالت ڏسي، لکيو تھ اھي ”بيحد مجبور ۽ مظلوم“ ھئا.

25 جنوري 1659ع تي ھڪ انگريز واپاريءَ پنھنجن انگلنڊ جي سيٺين ڏانھن ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ ھن کين ٻڌايو تھ ”ھتي سنڌ ۾ ڏڪار ۽ پليگ جي بيماري ايتري تھ گھڻي پيل آھي، جو انھن ۾ ماڻھن جو گھڻو حصو ختم ٿي ويو آھي ۽ باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا آھن.“

1699ع ۾ (جڏھن شاھھ عبداللطيف ڏھن سالن جو ھو)، ھڪ انگريز سياح، اليگزينڊر ھئملٽن، جڏھن ٺٽي ۾ پھتو، تڏھن ڏٺائين تھ اتي ھن جي پھچڻ کان اڳ ”اسي ھزار ڪوري پليگ وگھي مري چڪا ھئا.“ سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڪندي، وڌيڪ ھو ٻڌائي ٿو تھ اتي ”عام رستي جي مسافري بنھھ خطري واري ھئي، ان جو ھڪ عام طريقو ھيءُ ھو تھ ”اٺن جا قافلا ھلندا ھئا ۽ انھن سان ھڪ سؤ کان ٻھ سؤ کن گھوڙي سوار حفاظت لاءِ ساڻ ھوندا ھئا.“ ھن اھڙي ھڪڙي قافلي جو ذڪر بھ ڪيو آھي. جنھن تي! ! رستي ۾ چئن کان پنجن ھزارن ڦورن حملو ڪري، ان جا 250 گھوڙي سوار محافظ ۽ 500 کن سوداگر ۽ ٻيا ماڻھو ماري ڇڏيا ھئا.

مغلن جي پوئين دور جي ھڪڙي ٺٽي جي نواب، ”نواب اعظم خان جو اٽڪل چئن سالن (1718-1715ع) جو عرصو اھل سنڌ وارن لاءِ نحوست جو زمانو ھو. ھڪ تھ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو تھ ان ۾ حضرت حق شناس شاھھ عنايت الله جي شھادت جو واقعو پيش آيو.“ (ڊاڪٽر دائودپوٽو: ”شاھھ شھيد“، رسالو ”نئين زندگي“، مئي،1970ع).

برخلاف ھن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۽ عام بک، ڏک ۽ بدامنيءَ جي، انھن کان اڳ سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار قومي رياست جي ڏينھن ۾ حالتون ڪيئن ھيون؟ ”.....۽ (روايت ڪن ٿا تھ) ھن (ڄام نظام الدين) سنڌ جو اندروني ۽ ان جي سرحدن جو اھڙيءَ طرح انتظام رکيو، جو ماڻھو ڏاڍي اطمينان سان رستن جو سفر ڪندا ھئا....ھن جي دور حڪومت ۾ عالمن، صالحن ۽ درويشن ڏاڍي آرام سان وقت گذاريو ۽ رعيت ۽ سپاھھ بھ آسودا ۽ خوشحال رھيا...“ (تاريخ معصومي، ص. 103).

*     ”ڪلھوڙا حڪمرانن زرعي ڪم ۾ جيڪا گھري دلچسپي ۽ اورچائي ڏيکاري، ان جي بنياد تي ھو سنڌ ۾ سڀني کان وڌ واھھ کوٽائيندڙ شمار ٿين ٿا. خاص طرح، ميان نور محمد، اتر سنڌ ۾، جتي پھرين ھن جي حڪومت قائم ٿي، واھن رستي پوک جو نمونو شروع ڪيو.

”ھن سنڌ ۾ گھاڙ واھن جو سرشتو قائم ڪيو، جنھن ۾ نور واھھ (ڏھھ ميل)، شاھجي ڪڙ (ويھھ ميل) ڏاتيجي ڪڙ (ويھھ ميل) شامل ھئا، جن مان اڳتي ھلي، پھريون واھھ بئريج واھن جي جديد سرشتي ۾ وارھھ جي شاخ طور استعمال ٿيو ۽ ٻيا واھھ ان سرشتي ۾ ٻين شاخن طور ڪم آيا. (ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾) ڏاتيجي ڪڙ تي لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين مسافريءَ ۽ باربرداريءَ لاءِ ٻيڙيون پڻ ھلنديون ھيون.

”سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ سان پڻ ڪلھوڙن نوان واھھ کوٽايا – مثلا (نوشھري ڊويزن ۾) نصرت واھھ، مراد واھھ، باغ واھھ ۽ فيروز واھھ، جيڪي سڀ نو لکي واھن جي سرشتي جو حصو ھئا : اھي سڀ واھھ پوءِ اڄوڪي روھڙي ڪئنال سان ڳنڍيا ويا.

”ائين ڪلھوڙن جيتوڻيڪ وسيع غير آباد زمين کي آباد ڪيو، پر ھو آبپاشيءَ جي جديد علم جي معيار تي وڏا انجنيئر ڪونھ ھئا – انھيءَ ڪري ھنن جي واھن ۾ ايتري سوڌپائي ۽ ترتيب ڪانھ ھئي : ھنن پنھنجن واھن جا پيٽ فقط درياءَ جي ڇڏيل پيٽن يعني ان جي ڍورن ۽ مٺي پاڻيءَ جي موجود ڍنڍن جي رخ تي رکيا ٿي، جنھن ڪري سندن واھن جي مجموعي ڊيگھھ ھزارن ميلن تائين وڌيل ھوندي ھئي. پر ڇاڪاڻ تھ ھو پورا بااختيار ۽ مڪاني حڪمران ھئا، انھيءَ ڪري ھو پنھنجي آبپاشيءَ جي سرشتن جو انتظام خبرداريءَ ۽ پوريءَ ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھيا. سندن جائنشين ٽالپر، جيڪي شڪار جا وڌيڪ شوقين ھئا، سي ھيءُ سڄو عاليشان آبپاشيءَ جو سرشتو ايتريءَ ڪاميابي سان قائم رکي نھ سگھيا....“

ھيءُ شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو سنڌ جي تھذيب جي ميدان ۾ محب وطن قومي رياست جي پناھھ ھيٺ، بلڪ ان جي ذريعي، اجتماعي معاشي بھبود لاءِ ورتل ھڪ عظيم ڪوشش جو مثال آھي.

*        ”ترڪ سياست ضعف رياست... و رياست با سياست واجبي... و در مقدمھ عدالت خود را وغير را بيڪ نظر بايد ديد... در خير فڪر شر و در شر فڪر خير... نفع شمايان سراسر در اخلاق و محبت است... اول حق غربا و مساڪين و يتيمان و مطلوبان عائد بگردن ميشود و روز و شب فڪر ملڪداري... و ھر آفريدھ را بھتر بدانيد، و ھر مرد را مرد بدانيد...“

(”سنڌي ترجمو: سياست کي ڇڏڻ معنيٰ رياست جي ڪمزوري... ڇو تھ رياست (جي ڪاميابيءَ) لاءِ سياست ضروري آھي... عدل ۽ انصاف جي ھر ڳالھھ ۾ پاڻ کي ۽ ٻئي کي ھڪ نظر سان ڏسڻ کپي... خير وقت شر جو اونو ۽ بديءَ وقت خير جي اون رکجي... اوھان جي ڀلائي، سڄي جي سڄي، اخلاص ۽ محبت ۾ آھي... پھريائين اوھان جي گردن تي غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ گھرج رکندڙ ماڻھن جي حق جو بار آھي، ۽ اوھان کي ڏينھن رات ملڪ جي انتظام ۽ بھبود جو خيال رکڻ کپي.... ۽ اوھان کي گھرجي تھ ھر خلقيل شيءِ کي مفيد ۽ بھتر ڄاڻو ۽ ھر انسان کي انسان ڪري سمجھو....“)

**       مشھور روايت آھي تھ شاھھ ان دور جي بي مثل ڳائڻيءَ مائي گلان، کي دعا ڪئي ھئي تھ ”گلان مان گل ٿيندو“ ان کان پوءِ ان مائيءَ جو ميان نور محمد سان نڪاح ٿيو، جنھن مان  کيس غلام شاھھ ڄائو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com