سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :1

پکين جي پارليامينٽ

مصنف: فريدالدين عطار

مترجم: غلام حسين جلباڻي

ناشر پاران

 

سنڌي ادبي بورڊ طرفان سبق آموز ڪلاسيڪي ادب مان جيڪي اهم ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، هيءُ ڪتاب ”پکين جي پارليامينٽ“ اُنهن مان هڪ دلپذير تصنيف آهي. هيءُ ڪتاب فارسي ادب جي نامياري شخصيت، تصوف جي علمبردار ۽ شارح، اهلِ دل عالم ۽ شاعر شيخ فريدالدين ”عطار“ نيشاپوريءَ جي فارسي مثنوي ”منطق الطير“ جو نثري ترجمو آهي. ”منطق الطير“ کي فارسيءَ ۽ مشرقي ادب جي نقادن، دل ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ لاءِ هڪ اهم سرچشمو سڏڻ سان گڏ بيمار دلين لاءِ هڪ فرحت بخش علاج قرار ڏنو آهي.

هونئن به اها حقيقت آهي ته ناصحانه ادب کي مشرقي زندگيءَ ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهي. حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڀريل نڪتن وسيلي انسان پنهنجي حياتيءَ کي بهتر انداز سان سنواري، سُڌاري ۽ سجائي سينگاري سگهي ٿو. ان سلسلي م هن ڪتاب جي اڄ به ساڳي اهميت آهي، جيڪا صديون اڳ هئي. ڪتاب جي تخليقڪار فريدالدين ”عطار“ جي تعارف لاءِ فقط ايترو عرض ڪرڻ ڪافي آهي ته فارسي ادب جي هڪ وڏي امام ۽ سنڌڙيءَ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي محبوب شخصيت مولانا جلال الدين رومي پڻ ”عطار“ جي فڪر ۽ پيغام تي پسند ۽ داد جي ورکا ڪئي آهي.

مانوارن پڙهندڙن هن وڻندڙ ڪتاب جي وڏي آجيان ڪئي، جڏهن 1962ع ۾ بورڊ پهريون دفعو ”پکين جي پارليامينٽ“ کي شايع ڪيو هو. مقبوليت ۽ عام کاپي جي حوالي سان هيءُ ڪتاب وري پڌري ڪرڻ جي جسارت ڪندي، سچ پچ ته مون کي تمام گهڻي سرهاڻ محسوس ٿي رهي آهي.

 

 

       22- نومبر 2003ع                            انعام الله شيخ

(26- رمضان المبارڪ 1424هه)            سيڪريٽري

                                                                                سنڌي ادبي بورڊ

 

 

ديباچو

 

خواجه فريدالدين عطار رح جو ڪتاب ”منطق الطير“ فارسي ادب ۾ تصوف تي مشهور مثنوي آهي. ان جا ڪن ٻولين ۾ ترجما به موجود آهن.

تصوف جي راهه ۾ هيءُ هڪ روشن قنديل آهي ۽ عطار جي اندر جو آئينو آهي. زهد ۽ تقويٰ جي بيان سان ڀريل ”منطق الطير“ دل ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ لاءِ هڪ ڪسوٽي آهي. نفس ۽ شيطان جي دوکيبازين کي سڃاڻن لاءِ هڪ اکين اڏو لکيل دفتر آهي. خوش فهمي ۽ خوش اعتقاديءَ جي مرض لاءِ هڪ لا جواب نسخو آهي. مطلب ته بيمار دلين لاءِ هڪ اڪسير ۽ روح لاءِ هڪ معجون ۽ دائمي رهاڻ آهي.

پکين جي تمثيل ۾ خواجه عطاررح، سالڪ جي پنهنجي مالڪ جي وصال لاءِ سفر ۽ ان جي دشوارين جو لفظن ۾ نقش چٽيو آهي.

تقريباً ٽي سال اڳ هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي شايع ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويو هو. مان بورڊ جو شڪرگذار آهيان جنهن ڪتاب کي منظور ڪري شايع ڪيو آهي.

”منطق الطير“ جيئن ته يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي نصاب ۾ آهي تنهن ڪري ان جو سنڌي ترجمو سنڌي شاگردن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيندو. علاوه ان جي هن ڪتاب ۾ عام جي فائدي ۽ دلچسپيءَ جو به جهجهو سامان موجود آهي. صوفي مزاج وارن لاءِ ته هيءُ هڪ وڃايل وٿ آهي ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ جي کاڻ جو هڪ بي بها لعل آهي. عطار جو فلسفو مقبول عام و خاص آهي.

ترجمي جي عبارت نهايت سليس ۽ سلوڻي آهي ۽ هن قصي کي جنهن پيرائي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سو ڏاڍو دلڪش ۽ موهيندڙ آهي. ”پکين جي پارليامينٽ“ اصل ڪتاب جو اختصار آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ مفهوم کي شگفته عبارت ۾ پيش ڪرڻ کي لفظي ترجمي کان زياده اهميت ڏني ويئي آهي.

مان پنهنجي محترم دوست ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب صدر شعبهء فارسي سنڌ يونيورسٽيءَ جو گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن تڪليف وٺي هن ساري ترجمي کي نظر مان ڪڍيو ۽ ان ۾ ٿيل غلطين کي درست ڪيو. وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين.

 

 

20- نومبر 1962ع                        غلام حسين جلباڻي

حيدرآباد، سنڌ               صدر شعبهء عربي، سنڌ يونيورسٽي

                                                (پاڪستان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org