سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: پکين جي پارليامينٽ

باب: --

صفحو :5

چٻري جو عذر

چٻرو، چرئي وانگر اچي چوڻ لڳو ته: مون ته ويراني پسند ڪئي آهي. ويرانيءَ ۾ پيدا ٿيو آهيان، تنهن ڪري عاجز آهيان؛ ۽ سواءِ ڪنهن شراب پيئڻ جي ويرانيءَ ڏانهن هليو وڃان ٿو. مون جيتوڻيڪ سوين آباد بستيون ڏٺيون آهن، مگر انهن سڀني کي مخالف ۽ تڪليف ده ڏٺم. جو شخص دلجمعيءَ سان ويهڻ چاهي ته ان کي مستن وانگر ويرانيءَ طرف وڃڻ گهرجي. مان غم ۾ هن ڪري وڃي ويراني وسائي آهي جو خزانوگهڻو ڪري ويراني ۾ ئي هوندوآهي. خزاني جي عشق ئي مون کي ويرانيءَ جي طرف راهه ڏيکاري آهي، ان جي (حاصل ڪرڻ) لاءِ، سواءِ ويرانيءَ (ويران جاين) جي مون لاءِ ٻيو ڪو رستوئي نه آهي (هو). مان سڀني ماڻهن کان پنهنجي زندگي غم ۾ گذاريان ٿو ته جيئن پنهنجو خزانو سواءِ ڪنهن طلسم جي هٿ ڪريان. جيڪڏهن منهنجو پير خزاني ۾ هيلو وڃي ها ته پوءِ منهنجي هيءَ چري دل آزاد ٿي پوي ها. سيمرغ جو عشق هڪ افسانو آهي. ان جو عاشق ٿيڻ سڀ جو ڪم نه آهي. ٻيلي، مان ان جو سچو عاشق نه آهيان. مونکي ته خزاني ۽ ويرانيءَ جو عشق گهرجي ۽ بس.

  

هدهد جو جواب

خزاني جي عشق ۾ گرفتار چٻرا، مون مڃيو ته، توکي خزانو هٿ اچي ويو، ليڪن تون ان خزاني تي پاڻ کي مرده سمجهه، ۽ پنهنجي گذري ويل عمر کي اجائي ۽ بيثمري شمار ڪر. خزاني ۽ مال جو عشق به ڪفر جو هڪ حصو آهي ۽ اهو جو سون جوبت بنائي ٿو سو آذر آهي. 1 زر پرستي سچ پچ ڪفر مان آهي. تون آخر سامري قوم منجهان ته ڪونهين؟ 2 ۽ هي پڻ ٻڌي ڇڏ ته، جنهن به ماڻهوءَ جي دل، مال جي محبت ۾ اٽڪي پوي ٿي، تنهن جي صورت قيامت جي ڏينهن ڦري ٻي ٿي ويندي؛ اهو ان ڏينهن ڪُئي جي صورت وٺندو، ۽ پوءِ ارمان کان هر گهڙيءَ پيو ڦيٽون کائيندو، مگر ان ڏينهن، هي ارمان ۽ افسوس کيس ڪهڙو ڪم ڏيندو؟ هاڻي مان توکي هڪڙو قصو ٻڌايان ٿو:

 

هڪڙي مئل جو قصو

هڪڙي نادان، ناڻي جو هڪ دٻو رکندو هو، پر جڏهن مري ويو تڏهن دٻو ته پٺيان رهجي ويو. هڪ سال کان پوءِ سندس پٽ کيس خواب ۾ ڏٺو ته ان جي شڪل چوهي جهڙي آهي ۽ سندس اکين مان آب وهي رهيو آهي، ۽ جنهن هنڌ هن ان ناڻي کي لڪائي رکيو هو، تنهن جي چوڌاري چوهي وانگر پئي ڦريو (۽ تڪروآيو ويو). سندس پٽ جو چوڻ آهي ته مون جڏهن کانئس پڇيو ته تون هن هنڌ ڪهڙي ڪم سان آيو آهين، ۽ ڳالهه اصل ڇا آهي؟ ته جواب ڌنائين ته مون هن هنڌ ناڻو لڪائي رکيو هو، ۽ منهنجي مرضي نه آهي ته ڪو آدمي ان جي ويجهو وڃي. وري جڏهن کانئس پڇيائين ته آخر تنهنجي چُوهي جهڙي شڪل ڇو ٿي آهي؟ تڏهن جواب ۾ چيائين ته جنهن به ماڻهوءَ کي زر جي لالچ هوندي تنهن جي صورت ڦري اهڙي ٿيندي. اي منهنجا فرزند، تون (مونکي ڏسي) منهنجي حال مان سبق سک، ۽ مال (زر) کي اڇلائي ڦٽو ڪر.

 

 

کٽياڻيءَ جو عذر

آخر ۾، کٽياڻي اچي چوڻ لڳي ته: مان گهڻو حيران ۽ پريشان آهيان، ڏاڍي غمزده، هيڻي ۽ بکي آهيان. منهنجي پرن ۾ ڪئليءَ جيتري به طاقت ڪانهي، ۽ جڏهن ته مون ۾ نه پر آهن ۽ نه پير ۽ نه وري ڪا ٻي اهڙي شيءِ تڏهن مان سيمرغ جهڙي سردار جي ويجهو ڪٿي ٿي وڃي سگهان؟ مون جهڙي نٻل ۽ هيڻيءَ جي هتي جاءِ نه آهي. دنيا ۾ ان جا عاشق گهڻائي آهن. مون جهڙيءَ جو ان سال وصال محال آهي. هاڻي مان جڏهن ان جو وصال ماڻي ئي نٿي سگها، تڏهن هڪ محال شيءِ جي در پئي به ٿي نٿي سگهان، پر جيڪڏهن کڻي مان ان جي درگاهه طرف رخ ڪريان به ته به نتيجو هي نڪرندو جو يا ته مان راهه ۾ مري وينديس يا سڙي وينديس. ان هنڌ پهچڻ لاءِ مان اهڙي مضبوط ۽ قوي آهيان ئي ڪانه، تنهن ڪري مان پنهنجي يوسف کي، جنهن کي کوهه ۾ وڃائي ويٺي آهيان پئي ٿي ڳوليان. ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ وري ان کي ڳولي لهان. جيڪڏهن خوش قسمتيءَ سان مان پنهنجي يوسف کي کوه ۾ ڳولي لڌو ته پوءِ ان سان گڏ، مڇي کان چنڊ (زمين کان آسمان) تائين پئي پرواز ڪنديس.

 

هدهد جو جواب

هدهد کان، هي ٻڌو نه سٺو، سو چوڻ لڳس ته اي کٽياڻي، ڪمزوريءَ جو اجايو عذر آڏ نه آڻ، مان تنهنجي مڪر ۽ فريب کي خوب ڄاڻان ٿو، قدم اڳتي وڌاءِ ۽ خوف خطري کي جاءِ نه ڏي، جيڪڏهن ٻيا به ان راه ۾ جلي فنا ٿين ته پوءِ تون به جلي فنا ٿي وڃ. تون جيڪڏهن في الواقع يعقوب جي مثال آهين ته ياد رک ته، قضا ۽ قدر تنهنجو ميلاپ يوسف سان ڪڏهن نه ڪندا. غيرت جي باهه سدائين ڀڙڪندي رهي ٿي، تنهنڪري هن جهان تي (لاءِ) يوسف جو عشق حرام آهي. اهو مان توکي هڪ عجيب قصو ٻڌايان ٿو:

 

حضرت يعقوب عليه السلام جو قصو

ڇا، توهان ڳالهه نه ٻڌي آهي ته جڏهن يوسف عليه السلام پنهنجي پيءُ کان جدا ٿي ويو هو، تڏهن اڻ جي جدائيءَ کان سندس پيءَ يعقوب عليه السلام اکين کان انڌو ٿي پيو هو، ۽ سندس اکين مان خون جو سمنڊ موجون هڻي رهيو هو، ۽ هر گهڙيءَ ۽ هر پلڪ يوسف جو نالوسندس زبان تي هو. ملڪ جبرائيل، فوراً آسمان کان آيو ۽ اچي چيائينس ته: هن کان پوءِ جيڪڏهن وري به يوسف جو نالو پنهنجي زبان تي آڻيندين ته اسان تنهنجو نالو رسولن ۽ نبين جي دفتر مان خارج ڪري (ميٽي) ڇڏينداسون، انهيءَ فرمان اچڻ شرط پنهنجي پٽ جو نالو زبان تي آڻڻ وساري ڇڏيائين. جيتوڻيڪ يوسف جو نالو سندس ساٿي هو، مگر جان جي خوف کان ان جو نالو دل ئي دل ۾ وٺندو هو. هڪ رات پٽ کي خواب ۾ ڏٺائين ۽ مرضي ٿيس ته ان کي پاڻ ڏانهن سڏي وٺي، مگر خدائي حڪم ياد اچي ويس سو هڪدم خاموش رهجي ويو؛ البت بيڪسي ۽ حيرانيءَ سبب هڪ دردناڪ دانهن نڪري ويس، اڃا خواب مان سجاڳ (مس) ٿيو ته جبرائيل به اچي سندس اڳيان حاضر ٿيو. چيائينس ته: الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، تو جيتوڻيڪ يوسف جو نالو زبان سان نه ورتو ليڪن خواب جي دوران تو هڪ آهه ڀري ورتي ۽ مان خوب ڄاڻان ٿو ته انهي آهه ڀرن مان تنهنجو مطلب ڇا هو. حقيقت ۾ تو توبهه کي ڀڃي ورتو، هاڻي پڇتائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اڙي کٽياڻي، عقل هن عشق جي راهه ۾ ديوانو ٿي پوندو آهي، تون ذرا خيال ڪري ڏس ته عشق بازيءَ ۾ اسان جو ڇا حال آهي (اسان رڳو ڳالهيون ڪري ڄاڻون). اهڙي طرح ٻين به ڪيترن پکين انڌا منڊا عذر پيش ڪيا.

 

  

پکين جو گڏجي سوال ڪرڻ

بس پوءِ سڀئي پکي مڙي اچي هدهد کي چوڻ لڳا ته، تون اسان سڀني کان رهنمائي ۽ سرداريءَ ۾ گوءِ کڻي ويو آهين. ڀلا هاڻي تون کڻي ٻڌاءِ، اسين، جنهن صورت ۾ نهايت ڪمزور ۽ هيڻا آهيون، تڏهن سيمرغ جهڙي بادشاهه تائين ڪهڙيءَ طرح پهچي سگهون ٿا؟ آخر ان عالي بادشاهه جي اسان سان ڪهڙي نسبت آهي؟ اها ڳالهه به اسان کي کولي سمجهاءِ؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ۽ ان جي وچ ۾ ڪا نسبت هجي ها ته اسان مان هرهڪ ضرور ان ڏانهن راغب ٿئي ها (ليڪن ائين آهي ڪونه). هو ته حضرت سليمان جهڙو زبردست بادشاهه آهي ۽ هيڏانهن اسين آهيون مسڪين ڪئيليون. ان حالت ۾ اسان جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪيئن ٿي سگهي ٿو! بادشاهي ماڻڻ ۽ ڪرڻ پينو فقير جو ڪم نه آهي، ٻيلي، هيءُ ڪم اسان جي طاقت کان به ٻاهر آهي!

 

هدهد جو جواب

اي پرندو، ياد رکو ته بي همت ۽ بزدلن کي عشق سونهين ئي نٿو. توهان آخر ڪيترو وقت بي همتيءَ جو مظاهرو ڪندا رهندا، جنهن شخص کي عشق جي حقيقت معلوم ٿي، سو ته جهٽ خوشيءَ وچان ان ۾ ٽپي پيو.

توکي معلوم هئڻ گهرجي ته جڏهن سيمرغ پردي اندران پنهنجو چمڪندڙ منهن ظاهر ڪيو، تڏهن سندس هزارين پاڇا زمين تي ڇانئجي ويا. هي پرندا ۽ جاندار، جي تون هن جهان ۾ ڏسين ٿو سي سڀ ان جي پاڇي کان ئي وجود ۾ آيا آهن. انهن جون صورتون گويا ان جو پاڇو آهن، تنهنڪري تون هاڻي ان ڏانهن پنهنجي نسبت کي درست ڪر ۽ هن راز کي فاش نه ڪر.

جيڪڏهن توکي معلوم ٿئي ته تون ڪنهن جو پاڇو آهين، ته تون يقيناً پاڻ کان ئي بيپرواهه ٿي ويندين، پوءِ کڻي تون زنده ئي ڇو نه هجين. جيڪڏهن ڪوبه پکي يا جانور پيدا نه ئي ها ته ان جو مطلب هيءُ ٿئي ها، ته سيمرغ کي پاڇو آهي ئي ڪونه. حالانڪ اسان ان جي پاڇي جو نتيجو آهيون. ازانسواءِ جيڪڏهن سيمرغ پوشيده (لڪي) ٿي وڃي ها ته جهان ۾ ان جو پاڇو به نه هجي ها (يعني اسان جو وجود به نه هجي ها). جڏهن ڪابه شيءِ هن دنيا ۾ ظاهر ٿيندي آهي، تڏهن اول ان شيءِ جو خاڪو عالم مثال · ۾ چٽيو ويندو آهي تو اڃا تائين ان (سيمرغ) کي ڏٺو نه آهي ۽ ان جو سبب هيءُ آهي جو تنهنجي دل آئيني مثل صاف ۽ روشن نه آهي. جڏهن هن جي حسن ۽ جمال کي ڏسڻ جي ڪوبه طاقت نٿو رکي، ۽ نه وري ان کانسواءِ صبر ئي ڪري سگهي ٿو تڏهن پنهنجي ڪمال لطف (مهرباني) کان هڪ آئينو بنايائين، ۽ اهو آئينو آهي تنهنجي دل. تون دل ۾ نهار ته جيئن ان جو ديدار پسي سگهين، هاڻي مان توکي هڪ حڪايت ٻڌايان ٿو.

 

 

هڪ خوبصورت بادشاهه جي آئيني بنائڻ جي حڪايت

ڳالهه ڪن ٿا ته، هڪڙو بادشاهه هو، جو اهڙو ته حسين ۽ جميل هو جو جهڙس ٻيو ڪو هوئي ڪونه. ساري دنيا ۾ ان جي حسن جي هاڪ هئي،۽ هرهڪ مٿس عاشق ۽ مفتون هو. فردوس بهشت سندس منهن مبارڪ جو هڪ مختصر نمونو هو. مطلب ته ساري دنيا سندس رازن سان ڀري پئي هئي ۽ ڪنهن دلڪش ۽ خوبصورت شيءِ کي ڏسڻ سان سندس ديدار جو ڪجهه پتو پيو ٿي. هو جڏهن رنگارنگي چادر پائي، گهوڙي تي سوار ٿي، ٻاهر نڪرندوهو، تڏهن جو به ڏانهس نهاريندو هٿو، يا سندس نالو زبان تي آڻيندو هو ته ان جو فالفور خاتمو آندو ويندو هو؛ مگر ان جي باوجود هزارين آدمي، سندس عشق ۾ هر روز مرندا رهندا هئا. حقيقت هيءُ آهي ته اهڙي محبوب ۽ دلربا جي عشق ۾ مرڻ هزار عمرين کان بهتر آهي. نه ڪنهن کي ان بغير گهڙي پلڪ صبر ٿي آيو ۽ نه وري هوان جو تاب ئي جهلي ٿي سگهيو، ۽ هر وقت روئندو ۽ رڙندو ٿي رهيو. اها ته کليل حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪو ان جي ڏسڻ جو تاب جهيل سگهي ها ته هو پنهنجو منهن بالڪل کولي ڏيکاري ها.

هاڻي جڏهن نه ته ڪو ان کي ڏسي ٿو سگهيو، ۽ نه ان کانسواءِ رهي ٿي سگهيو، تڏهن هن (بادشاهه) هڪڙو آئينو گهرايو، ۽ پنهنجي صورت جي عڪس سان ان کي روشن ڪرايو، ته جيئن عاشق، ان معرفت کيس ڏسي سگهن. تون جيڪڏهن واقعي دوست جو منهن ڏسڻ چاهين ٿو ته، پوءِ ان کي پنهنجي دل ۾ ڳول. جڏهن تو ان کي ڳولي لڌو، تڏهن هر چيز عرش کان ويندي فرش تائين تنهنجي اڳيان کلي ظاهر ٿي پوندي. هي پکي، جيترا به تون ڏسين ٿو سي سڀيئي ان سيمرغ جو پاڇو آهن ۽ سندس پاڇو ڪو کانئس جدا نه آهي. تنهن ڪري تون پاڇي کي ڇڏي خود سمرغ جي تلاش ڪر، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن تن پاڻ کي پاڇي ۾ ئي گم ڪندين ته پوءِ توکي سيمرغ هٿ نه ايندو.

 

سلطان محمود ۽ اياز جو قصو

اياز، (جنهن کن سلطان محمود جي هڪ گهڙي به نه سرندي هئي) هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو. جڏهن سلطان کي ان جي بيماريءَ جي خبر پئي، تڏهن فوراً پنهنجي نوڪر کي گهرائي چيائين ته: تون اياز جي طرف هوا ٿي اڏام، ۽ رستي تي ڪنهن ڏانهن به نه نهار، ۽ جلدي پهچي وڃي چوينس ته، بادشاهه، تنهنجي بيماري جو ٻڌي، خود بيمار ٿي پيو آهي؛ ۽ چوي ٿو ته، جيتوڻيڪ منهنجو ظاهر توکان پري ۽ جدا آهي، ليڪن منهنجو باطن تنهنجي بالڪل ويجهو ۽ توسان گڏ آهي. اهو تاڪيدي فرمان ٻڌي، قاصد ته سواءِ ڪنهن ديرمدار جي جلدئي اياز وٽ پهچي ويو، ليڪن ان جي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن ڏٺائين ته بادشاهه ته اڳيئي وٽس ويٺو آهي! ويچاري کي پنهنجي جان جي خوف اچي ورايو ۽ ڏڪندي سلطان کي عرض ڪيو ته: مون جلدي اچڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. خبر نه آهي ته سائين جن ڪيئن اڳ ۾ پهچي ويا آهن! سلطان کيس معاف ڪندي پڇيو ته: تنهنجو ڪو قصور ڪونهي، مون جهڙي جلدبازي توکان ٿي ئي نه سگهندي. مون جو هي ڊگهو رستو اک ڇنڀ ۾ طئي ڪيو تنهن جو سبب هيءُ هو جو مان اياز جي منهن لاءِ بيتاب هوس ۽ مون کي هڪ گهڙي به ان بغير آرام نه ٿي آيو.

حقيقت هيءَ آهي ته مان ڳجهه ڳوهه ۾ وٽس هر گهڙي اچان ۽ وڃان ٿو، جنهن کان باقي دنيا بيخبر آهي. منهنجي دل هن سان ڳنڍيل آهي؛ ظاهري طور ته مان ان جي حال کان هر وقت آگاهه آهيان. مان جيتوڻيڪ هي راز (ته منهنجي اياز ان گهري دلبستگي آهي) دنيا وارن کان لڪايان به ٿو، ليڪن اندروني طور تي منهنجي جان ان سان ڳنڍير جيان ڳنڍي پيئي آهي. تون هر رمز سمجهي ڇڏ. اسان هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ئي نٿا سگهون.

 

 

سيمرغ کي ملڻ لاءِ پکين جي بيتابي ۽

سندس هدهد کان سوال

 جڏهن پکين هدهد جون هي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي مشفق ۽ مهربان بادشاهه جي ڳولڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. پنهنجي مالڪ سيمرغ سان جا کين نسبت هئي، تنهن کي هاڻي سمجهي ويا، تنهن ان ڏانهن وڃڻ لاءِ گهڻو راغب ۽ بيچين ٿي پيا. سڀني اوڏانهن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌو، ۽ ملي اچي پنهنجي استاد ۽ واقفڪار هدهد کان ان ڏانهن ويندڙ رستي جي پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳا ۽ کيس چوڻ لڳا ته جيئن ته، اسين گهڻو ڪمزور ۽ هيڻا آهيون، تنهنڪري پنهنجي وري عالي مرتبي بادشاهه تائين پهچڻ اسان کي نهايت ئي محال نظر ٿو اچي. هاڻي تون ڪا اسان جي رهنمائي ڪر، ورنه اسان جو حال ڪونهي.

 

هدهد جو جواب

اي پرندو، اول اول هيءَ ڳالهه اوهان کي ياد رکڻ گهرجي، ته جو شخص عاشق ٿيڻ ۽ عشق جو دم هڻڻ گهري، تنهن کي سڀ کان پهريائين پنهنجي جان تان هٿ کڻڻ گهرجي ۽ جڏهن هو پنهنجي جان قربان ڪندو تڏهن ئي وڃي پنهنجو مقصد ماڻيندو.

اي انسان! تنهنجي جان ئي تنهنجي آڏو رڪاوٽ بڻي بيٺي آهي، تون ان جي قرباني ڏني، ۽ پوءِ پنهنجي محبوب جي ديدار جي درپئي ٿي؛ ۽ جيڪڏهن تنهنجي مسلماني توکي ائين ڪرڻ کان روڪي، ۽ ڪو کڻي توتي ڪفر جو الزام هڻي ته، تون اهڙي مسلماني ۽ اهڙي الزام جي پرواهه نه ڪر، ڇالاءِ جو عشق مسلماني ۽ ڪفر کان گهڻو بلند ۽ اعليٰ شيءِ آهي (مگر افسوس جو ماڻهو ان کي سمجهن ئي نه ٿا). عشق ڪمائڻ ڪا ٻاراڻي راند ڪانهي، هتي ته ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ۽ پنهنجي جان جي بازي لڳائڻي پوي ٿي.

عشق اندر ۾ هڪڙو (سوز ۽) درد پيدا ڪري ٿو، ۽ هي درد عاشق کي هر وقت تڙپائيندو رهي ٿو، ليڪن هن درد ۾ جو ميٺاج آهي تنهن جو ته ڪو مثال ئي ڪونهي. فرشتن کي عشق برابر آهي، مگر هو درد جي نعمت کان محروم آهن. انهيءَ (بابت) نعمت سان فقط انسان کي نوازيو ويو آهي.جو شخص عشق ۾ پختو ۽ ثابت قدم رهيو، اهو ڪفر ۽ اسلام جي جهيڙي کان بچي ويو.

عشق جي راهه وٺڻ، هڪ بهادر ۽ مستقل مزاج جو ڪم آهي. هاڻي اوهان کي به جڳائي ٿو ته، بهادرن جيان ان راهه ۾ گهڙي پئو، ۽ ڊڄو نه، ڪفر ۽ ايمان کان اڳي لنگهي هلو. ڀلا ڪيستائين ڊڄندؤ؟ ۽ ٻاراڻا خيال ۽ اطوار ڇڏي ڏيو؛ توهان شاهين ٿي نڪرو، شير مردن وانگر مهم کي منهن ڏيو. جي توهان کي اوچتو سوين مشڪل گهٽ منهن ۾ اچن ته به پرواهه ناهي، جڏهن توهان ان رستي تي آهيو. (شڪار اوهان جي اڳيان آهي). مثال خاطر مان اوهان کي هڪ آکاڻي به ٻڌايان ٿو.

 

شيخ صنعان جي آکاڻي

شيخ سنعان پنهنجي زماني جو وڏو بزرگ ۽ ڪامل شخص هو. پنجاهه سال مڪي شريف ۾ رهيو ۽ سندس هزارين مريد هئا. شب خيز، زاهد ۽ عابد ۽ سارو وقت رياضت ۽ عبادت ۾ صرف ڪندو هو، مطلب ته هو سراپا عمل ۽ عبادت جو مجسو هو، حقائق جي معنائن کان خوب واقف ۽ ڪرامتن سان ڀريل ۽ بيمارن لاءِ هڪ شفا هو.

هڪڙي رات خواب ۾ ڏٺائين ته، سندس منزل هتان (مڪي مان)  منتقل ٿي روم هلي ويئي آهي ۽ هو هڪ بت جي آڏو سر جهڪايو بيٺو آهي. جڏهن خواب مان سجاڳ ٿيو تڏهن پنهنجي مريدن کي سڏي چيائين ته، هينئر اسان کي روم هلي هن خواب جي تعبير معلوم ڪرڻي آهي. رستي ۾ جيتوڻيڪ گهڻيون گهاٽيون ۽ پيچرا آهن، ليڪن جو سر تان سانگو لاهي اڳتي وڌيو سو ڪامياب ويو ۽ جو پٺتي رهيو تنهن جي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد.

جڏهن هو مريدن سان اچي روم پهتو تڏهن اوچتو ئي اوچتو سندس نظر هڪ عاليشان محل تي وڃي پيئي جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ خوبصورت عيسائي ڇوڪري ويٺي هئي. سندس حسن ۽ تاب اڳيان سج ۽ چنڊ ٻنهي پئي شرمايو ۽ سندس ڪارن زلفن، ڏسندڙن کي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو ۽ سندس ابروئن عاشقن جي دلين ۾ گهرا گهاءُ ڪري ٿي ڇڏيا. هوءَ سچ پچ هڪ فتنو هئي ۽ جنهن ڏانهس اک کڻي ٿي نهاريو سو پنهنجي جان کان بي جان ٿي پئي ويو. سندس ڳل سونهن ۽ سوڀيا کان ائين پئي چمڪيا ڄڻڪ ڪا باهه ٻري رهي هئي ۽ سندس جادوءَ ڀريون اکيون عاشقن جو ناحق خون وهائي رهيون هيون.

جنهن وقت ان نازنين پنهنجي منهن تان پردو هٽايو، تنهن وقت شيخ کي عشق جي باهه وڪوڙي ويئي. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش گهڻي ڪئي مگر معاملو سندس هٿان ويندو رهيو. هوبي اختيار ٿي سندس آڏو ڪري پيو ۽ ايمان جي عوض خوشيءَ سان عيسائيت ۽ بت پرستي خريد ڪئي ۽ آخرت کي وڪڻي بدنامي مول وهائي. عشق جي غلبي سبب هو پنهنجي دل ۽ جان کان آزاد ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته جڏهن ايمان ئي هليو ويو، تڏهن هاڻي دل جي ڪهڙي ڳالهه؟ عيسائڻ جو عشق مشڪل آهي.

جڏهن مريدن پنهنجي مرشد جو هي حال ڏٺو تڏهن گهڻو پريشان ۽ حيران ٿي ويا، کيس نصيحت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لڳا، مگر وريو ڪي ڪين. هو اٽلو انهن جي نصيحت جي خلاف ڪم ڪرڻ لڳو. ڀلا ڪڏهن ديوانو به ڪنهن جي نصيحت قبول ڪندو آهي؟ اهو سارو ڏينهن عشق جي چوٽ کان ڦيٽيون کائيندو رهيو، مگر جڏهن رات آئي تڏهن سندس درد ۽ الم ۾ بي انتها اضافو اچي ويو. درد ڀري دل جي رات ڀلا ڪٿي ٿي کٽي! گهڻيون ئي آهون ۽ دانهون ڪندو رهيو ۽ خدا کي ان رات جي خاتمي لاءِ ٻاڏائيندو رهيو. ويچاري غريب جي رات هت نه هئي مگر گويا قيامت سان ڳنڍيل هئي. بهرحال هو ويچارو عشق جي سودا ۾ پاڻ کي جلائي پنهنجو عقل۽ هوش وڃائي ويٺو. سندس سڀيئي عضوا بيوس ٿي ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويا. عشق جي درد ان کي اهڙي ته چاشني چکائي جو سندس صبر، سندس سمجهه ۽ سندس يار مطلب ته سڀ ڪجهه کانئس موڪلائي ويو. عشق سان جنهن جو پلؤ پيو آهي تنهن جي حالت اهڙي ئي ٿيندي آهي مگر نادانن ان کي ٻاراڻي راند کڻي سمجهيو آهي.

 

مريدن جي شيخ کي نصيحت

سڀئي مريد گڏجي پنهنجي مرشد کي سمجهائڻ لڳا ته، تون هي اجايا خيال ۽ هي مشرڪانه حرڪتون ڇڏي پنهنجي خدا تعاليٰ ڏانهن رجوع ڪر ۽ پنهنجي روزي نماز ۽ تسبيح پڙهڻ کي لڳي وڃ. هر هڪ مريد، عليحده عليحده طور کيس سمجهائڻ لڳو، مگر هو باز نه آيو. جڏهن ڪنهن مريد نماز پڙهڻ لاءِ ٿي چيس، تڏهن جواب پئي ڏنائين ته: منهنجي نماز هن محبوب جي ابروئن (جي محراب) ۾ آهي ۽ صحيح نماز هيءَ آهي. جڏهن هڪڙي ٻئي تلقين ڪندي کيس چيو ته، توهان کي شيطان خبيث صحيح راهه کان گمراهه ڪري وڌو آهي، تڏهن جواب ۾ چيائين ته، ههڙي گمراهي ئي سڀ کان بهتر آهي، شيطان ته هي نهايت عمدو ڪم ڪري رهيو آهي، مگر ان کي سمجهڻ وارا ٿورا آهن. وري جڏهن ڪنهن شرم، عزت ۽ ننگ ناموس جو طعنو ٿي هنيس تڏهن ان کي صاف ٿي ٻڌايائين، ته اسان عشق جي پٿر سان اهڙي عزت ۽ ناموس کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ڪنهن ڪعبي ڏانهن موٽي هلڻ ۽ خدا تعاليٰ کان معافي وٺڻ لاءِ ٿي چيس ته جواب ٿي ڏنائين ته مون لاءِ گرجا بس آهي، ان جي چانئٺ تي سر جهڪائي معافي وٺندس، مان هتي ئي مست آهيان (ڪعبي وڃڻ جو ڪهڙو ضرور). وري جڏهن ڪنهن دوزخ جو ڊپ ۽ بهشت ڏانهن رغبت ٿي ڏياريس ته ٿي چيائين ته، دوزخ منهنجي عشق جي آهه اڳيان سرد آهي، باقي بهشت، سو هن محبوب جي منهن کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ. وري جڏهن ڪنهن ڪفر جو طعنو ٿي هنيس تڏهن جواب ٿي ڏنائين ته، مون ته ڄاڻي واڻي دين ۽ ايمان وڪڻي ڪفر خريد ڪيو آهي.

آخر جڏهن مڙنئي زور لائي بس ڪيا ۽ سندن سڀ ڪوششون رائگان ويون تڏهن هو به مجبور ٿي سندس غمخواري ڪرڻ لڳا. رات ته ڏکي سکي ويئي گذري ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هو سڌو محبوب جي گهٽيءَ ۾ وڃي ڪتن سان گڏ رهڻ لڳو. سندس چنڊ جهڙو منهن به ڌوڙ ۽ تپش سبب ڦري ڪارو دونهه ٿي ويو. قريباً هڪ مهينو سانده سندس اهائي حالت رهي، ان جي چانئٺ تي پيو رهيو، ۽ ان جي گهٽيءَ جي مٽي سندس بسترو پئي رهي.

جڏهن هن ان جي گهٽيءَ جي پچر نه ڇڏي تڏهن هوءَ ڇوڪري به هن جي مٿس عاشق ٿيڻ کان واقف ٿي ويئي. تجاهل عارفانه طور اچي کانئس پريشانيءَ جو حال پڇڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته، زاهد لوڪ ته ڪڏهن به عيسائين جي گهٽين ۾ نه ويهندا آهن. شيخ جواب ۾ چيس ته، منهنجي هيءَ حالت توکان ٿي آهي، توئي ته منهنجي دل تي ڌاڙو هنيو آهي، هاڻي يا ته منهنجي دل مون کي موٽائي ڏي يا مون سان موافقت ڪر. ڪجهه منهنجي حال تي رحم کاءُ، ۽ ناز ۽ نخري کي ڇڏي ڏي. مون سڀ ڪجهه تولاءِ قربان ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو جياپو هينئر تنهنجي مرضيءَ تي وڃي رهيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جان تنهنجي عشق سان سبي ڇڏي آهي. تنهنجي ياد ۾ هنجون هاريان ٿو ۽ توکان سواءِ منهنجو هيءُ ئي حال رهندو.

حقيقت هيءَ آهي ته جو ڪجهه مون تو ۾ ڏٺو آهي سو ٻئي ڪنهن ڏٺو ئي نه آهي، ورنه ان جي حالت مون وانگر هجي ها. چوندا آهن ته ”لڳي هجيئي ته ڪل پويئي.“ هاڻي وڌيڪ نه ڏکوئينم ۽ پنهنجي وصل سان نوازيم ته، جيئن منهنجا اڳيان (شان ۽ شوڪت وارا) ڏينهن وري موٽي اچن.

ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ته تون اڃان عشق جي راهه ۾ ڪچو آهين، اجائي لٻاڙ نه هڻ ۽ وڃي پنهنجي موت جو سامان تيار ڪر.تون هينئر پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ اڃا ٿڌو ساهه کڻين ٿو، تنهنڪري تون عشق ڪمائي نٿو سگهين.

شيخ وراڻي ڏنس ته توکي جيڪي وڻي سو تون چوندي رهه، مون وٽ ته تنهنجي عشق کانسواءِ ٻي ڳالهه ئي ڪانهي. عشق ته جوان۽ پوڙهي ٻنهي تي هڪجهڙو اثر ڪري ٿو.

ڇوڪريءَ ورائي چيس ته: ”ڀلا جيڪڏهن تون عشق ۾ سچو آهين ته پوءِ توکي پنهنجي دين اسلام کان بالڪل هٿ کڻڻو پوندو، ڇالاءِ جو اهو شخص جو پنهنجي محبوب جي همرنگ (هم مذهب) نه آهي، تنهن جو عشق سواءِ نالي جي ٻيو ڪجهه نه آهي، ۽ جيڪڏهن تون سچ پچ جوانمرد آهين ته پوءِ توکي چار شيون اختيار ڪرڻ گهرجن. (1) بت جي آڏو سجدو ڪر، (2) قرآن کي باهه ڏيئي جلائي ڇڏ (3) شراب پي ۽ (4) ايمان کان اکيون ٻوٽي ڇڏ. شيخ جواب ۾ چيو ته: مون شراب نوشي خوشيءَ سان اختيار ڪئي، باقي ٻين ٽن شين سان منهنجو واسطو ئي ڪونهي. هي ٻڌي ڇوڪريءَ چيس ته ها، هاڻي تون اٿي کڙو ٿي ۽ خوب شراب بي جوش کاءُ.

 

 

شيخ جو ڇوڪريءَ سان گڏجي گرجا وڃڻ

شيخ جڏهن شراب ۾ الوٽ ٿي ويو تڏهن عيسائي اچي هن کي پنهنجي گهرجا ۾ کڻي ويا (جتي پهچندي ئي هن پنهنجي گودڙيءَ کي جلائي زنا (ٻڌو). شيخ، جو ڪنهن وقت قرآن جو استاد ۽ ڪيترن ديني ڪتابن جو ياد حافظ هو، تنهن اهو سڀ ان عيسائي ڇوڪريءَ جي اڳيان فراموش ڪري ڇڏيو. جڏهن خوب مستيءَ ۾ آيو تڏهن ڇوڪريءَ کي ڳل لائڻ جي خواهش ڪرڻ لڳو، ليڪن ان چيس ته، تون هن ڪم جو اڃا لائق نه آهين. جيڪڏهن تون سچو عاشق ٿيڻ گهرين ٿو ته پوريءَ طرح سان ڪافر بنجي منهنجي مذهب جي پيروي ڪر، ٻيءَ حالت ۾ هتان هليو وڃ.

شراب ڇاڪاڻ ته ڪهنو هو، تنهنڪري شيخ کي پرڪار وانگر سرگردان ڪري ڇڏيائين. شيخ جو عشق به پختو هو ۽ علاوه ان جي سندس معشوق به اڳيان حاضر هئي، لهاذا ان جي اها ڳالهه مڃيائين. ڇوڪريءَ به پوءِ دلداري ڏيندي چيس ته: ”هاڻي تون عشق ۾ واقعي ثابت قدم نڪتوآهين، تون ڀلين آرام سان زندگي گذار، هينئر تون بيشڪ منهنجو مڙس آهين ۽ منهنجي لائق آهين (مون سان گويا ملي چڪو آهين).

ليڪن شيخ محض هن جي ان چوڻ تي راضي نه ٿيو ۽ کانئس وصل جي حقيقي طلب ڪرڻ لڳو. کيس عرض ڪيائين ته، آخر هن وصل جي لاءِ باقي ڪهڙي چيز وڃي رهي آهي ته جيئن مان اها پوري ڪريان. مون ته شراب پيئڻ به اختيار ڪيو، بت پرستيءَ به ڪئي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مصيبتون سٺيون. ڪنهن وقت ته مان خدا تعاليٰ جي رازن جو هڪ موجون ماريندڙ درياءَ هوس، ليڪن هڪ ڏينهن اوچتو ئي عشق جو تير لڳي ويو، جنهن مون کي زخمي ڪري وڌو. بهرحال جو ڪجهه ٿيڻو هو سو ٿي ويو. مون جو به ڪجهه ڪيو آهي سو سڀ تنهنجي وصل ماڻڻ لاءِ ئي ڪيو آهي، وصل ۾ جيتري قدر دير پوي ٿي، مان تيتري قدر جلي رهيو آهيان؛ هاڻي تون پنهنجو انجام پورو ڪر ۽ وڌيڪ نه مار.

ڇوڪري، جا امتحان وٺڻ ۾ اڃان ڪا سخت هئي، تنهن ورائي چيس ته: تون سڃو ۽ ڪنگال آهين، منهنجي مهر، سون ۽ آندي آهي، تون هاڻي وڃي انهيءَ جو ڪو انتظام ڪر، وصال جي ڳالهه پوءِ.

ويچاري شيخ جواب ۾ چيس ته: مون وٽ ته جيڪي ڪجهه هو سو ساروئي تنهنجي مان گهور ڪري ڇڏيم، باقي جان وڃي رهي آهي، سا به هر وقت حاضر آهي. مان توکان سواءِ هڪ گهڙي به جي نٿو سگهان، توسان منهنجو دوزخ به بهشت آهي ۽ تو بغير بهشت به دوزخ.

 جڏهن ڇوڪريءَ شيخ کي عشق ۾ غير متزلزل ڏٺو تڏهن چيائين ته: توکي اڃا هڪڙو ڪم ڪرڻو آهي، هاڻي تون وڃي هڪ سال لاءِ منهنجي سوئرن جي سنڀال ڪر. غريب شيخ، جو ڪنهن زماني ۾ ڪعبي جو شيخ ۽ وڏو پير هو، تنهن انهيءَ حڪم جي پيروي ڪندي هڪ سال ساندهه سندس سوئرن کي چاريندو رهيو، تڏهن مس وڃي محبوب وٽ مقبول ٿيو.

 

جيڪڏهن عميق نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته، هر انسان جي اندر م سوين سوئر موجود آهن، جن تي ڪڙي نگراني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو انسان جو پنهنجي اندر جي سوئرن کان واقف نه آهي، سو هن راهه ۾ اڃا نئون آهي. مؤمن مرد کي گهرجي ته هن راهه ۾ قدم رکڻ کان اڳ انهن سوئرن جو خاتمو آڻي.

 

مريدن جو پنهنجي شيخ جي معاملي ۾

حيران ٿي ڪعبي واپس وڃڻ

مريد، پنهنجي مرشد جي هيءَ حالت ڏسي ازحد پريشان ٿي سندس دوستيءَ تان هٿ کڻي ويا. انهن ۾ هڪڙو شيخ جو گهرو دوست به هو جنهن پڻ شيخ کي گهڻو سمجهايو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته: تون اسان اڳيان اها حقيقت ته کولي پڌري ڪر جنهن سبب تو پنهنجو ههڙو حال ڪيو آهي ته جيئن اسين به تنهنجي پيروي ڪندي عيسائي بنجي وڃون ۽ زنار کڻي ٻڌون؟

شيخ انهن کي چيو ته: توهان ڀلي جيڏانهن چاهيو تيڏانهن هليا وڃو، مان عيسائي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ گرفتار آهيان ۽ منهنجو ٺڪاڻو گرجا آهي. توهان جو ان شيءِ سان واسطو نه پيو آهي، ورنه توهان منهنجي غم ۾ مون سان شريڪ رهو ها. هاڻي توهان تي اهو فرض آهي ته، جيڪڏهن ماڻهو منهنجي متعلق اوهان کان کڻي احوال پڇن ته توهان انهن کي منهنجي بيڪسي ۽ عاجزيءَ جو بالڪل صحيح حال ٻڌائجو. ائين چئي هو پنهنجي مريدن کان منهن موڙي سوئرن کي چارڻ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ سندس مريد، آخرڪار روئندا ۽ پٽيندا ڪعبي موٽي آيا.

ڪعبي ۾ شيخ جو هڪرو گهرو (دل گهريو) مريد رهندو هو جو پڻ ڪامل بزرگ هو. شيخ جي روانگي وقت هو موجود ڪونه هو، تنهن ڪري هاڻي موٽڻ بعد شيخ جي جاءِ خالي ڏسي سندس مريدن کان ان بابت پڇڻ لڳو، جن کيس سموري خبر ذري پرزي ٻڌائي.

جڏهن بزرگ مريد هيءَ سموري ڳالهه ٻڌي تڏهن تعجب کان سندس منهن پيلو ٿي ويو ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ٻين مريدن کي چيائين ته، توهان دوستيءَ ۾ بالڪل بيوفا ۽ منافق آهيو. سچو دوست اهو آهي جو ڏکئي وقت ڪم اچي. اوهان تي پنهنجي شيخ جي پيروي ڪرڻ (يعني ته انهيءَ وانگر عيسائي بنجي وڃڻ) لازم هو. توهان جو ڪجهه ڪيو آهي سو وفاداريءَ جي سراسر خلاف ڪيو آهي. ڇا توهان کي خبر نه آهي ته عشق جو بنياد ئي بدناميءَ تي آهي؟

مريدن ٻڌايس ته، اسان سڀئي سندس تقليد ڪرڻ لاءِ تيار هئاسون، مگر اسان کي موٽائڻ ئي مناسب سمجهيائين. جڏهن اسان جي دوستيءَ مان ڪو فائدو نظر نه آيس تڏهن ته اسانکي جلدي واپس ڪيائين.

ان بعد، ان مريد کين چيو ته، جيڪڏهن توهان اصل حقيقت کان واقف هجو ها ته سڀيئي هٿ کڻي خدا تعاليٰ کي ٻاڏايو ها ۽ هن کي آخر اوهان تي ڪهل اچي وڃي ها ۽ اوهان جو شيخ اوهان کي موٽائي ڏئي ها.

مريد جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، شرمساريءَ کان ڪوبه ڪنڌ مٿي نه کڻي سگهيو. مگر هينئر ڇا ٿي سگهيو ٿي! ان ڪامل مريد، کين وري سمجهايو ته، جڏهن هاڻي ڪم اچي سر تي پيو آهي تڏهن بنا دير اٿڻ گهرجي، الله تعاليٰ جي در التجائون ڪرڻ گهرجن ۽ اسان سڀني کي جلدي تيار ٿي پنهنجي شيخ وٽ پهچڻ گهرجي

 


1 حضرت ابراهيم عليه السلام جي والد جو نالو آهي.

2  حضرت موسيٰ عليه السلام جي زماني ۾، بني اسرائيل جي هڪ وڏي شخص جو نالو آهي، جنهن هڪ گابو بنائي ان جي پوڄا جو بنياد وڌو.

·  عالم مثال اهو جهان آهي، جنهن ۾ هن جهان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون پهريائين پيدا ٿينديون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org