سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :8

 

حڪمت مؤمن جو گم ٿيل مال آهي

 

نبي ڪريم ﷺ جن جو هي ارشاد ته ”الحکمته ضالتج المؤمن“ يعني ”حڪمت مؤمن جو گم ٿيل مال آهي“ هي جملو عارف رومي رحمت الله عليه کي هڪ حڪيمانه شرح تي مجبور ٿو ڪري ۽ ان جي وضاحت ۾ تمام باريڪ نڪتا بيان فرمايا اٿن، دين عين حڪمت آهي، جيڪو شخص سچي دل سان حڪمت جو طالب آهي اهو دين جو ئي طالب آهي، مولانا رحمت الله عليه جو عقيدو هي آهي ته انسان جو روح پيدائش کان اڳ ئي خدا تعاليٰ سان آشنا ٿي چڪو آهي ان ڪري جيڪڏهن دنيا جا حادثات، جسماني ضرورتون ۽ خواهشون هن کي حقيقت جي طلب ۾ گمراهه نه ڪن ۽ حق هن کي روبرو نظر اچي ته اهو ضرور ان کي سڃاڻي وٺي. عين اهڙي طرح جيئن مالڪ پنهنجي گم ٿيل ڏاچيءَ کي سڃاڻي ٿو سگهي، انسان جي زندگين جو قافلو اڳتي هلڻ لاءِ اٺن تي سامان لڏي رهيو آهي، هر مالڪ پنهنجي اٺ ۽ سامان سان گڏ آهي. ليڪن جنهن جو اٺ گم ٿي ويو آهي. اهو پريشان آهي. هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيو آهي، قافلو پري ٿيندو ٿو وڃي ۽ رات جي اونداهي به اچڻ واري آهي. هن جو سامان اتي ئي زمين تي پيو آهي. اٺ گم  آهي ۽ تون ان جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي حيران ۽ پريشان لنگهڻ وارن ماڻهن کان پڇين ٿو ته ڪنهن منهنجو اٺ ڏٺو آهي. جيڪو صبح جو سوير کلي ۽ ڪاڏي آواره ٿي ويو آهي، ادا منهنجو اٺ تمام قيمتي آهي. جيڪڏهن ڪو هن جو نشان يا پتو ٻڌائي ته جيڪر مان ان کي هيترا هيترا درهم انعام ڏيان. هيڏي هوڏي لوفر ۽ لفنگن جو هن کي ديوانن وانگر هوش مان نڪتل ڏٺو ته انهن مسخريون شروع ڪيون ته، ”ها اسان هڪڙو ڳاڙهو اٺ هيڏي چراگاهه جي طرف ويندي ڏٺو آهي ان جي پٺيان هن طرف ڀڄ ته ملي ويندءِ“. ٻيو وري چرچا ڪندي چوڻ لڳو ته ها اهو اٺ نه جنهن جا ڪن ڪٽيل هئا، هڪ ٻيو وري چوڻ لڳو ته اهو اٺ ته نه آهي جنهن جي ڳچيءَ تي نقش ۽ نگار ٺهيل آهن. هڪ ٻيو وري چوڻ لڳو ته اهو ڪاڻو اٺ ته نه آهي جنهن کي مون اتر طرف ويندي ڏٺو هو، مطلب ته ڪو مسخريءَ ۾ ۽ ڪو انعام جي لالچ ۾ طرح طرح جون نشانيون ٿوبيان ڪري، ان کان پوءِ مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته حڪمت ۽ معرفت الهيءَ جي گم ٿيل ڏاچي ”ضالته المؤمن“ جو به اهوئي حال آهي، انسانن جي فطرت حق جي طلبگار آهي ۽ روح انسانيءَ کي پنهنجي اصلي ۽ خالص حالت ۾ حقيقت جي سڃاڻپ به آهي ليڪن غرض جي بندن، احمقن ۽ مسخرن انسان کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، فلسفي ان جي هڪ طريقي سان ٿو شرح ڪري ۽ متڪلم ان تي جرح ۽ قدح ٿو ڪري مطلب ته هر ڪو حق جي رستي جو پتو اهڙي انداز سان ٿو ڏئي ڄڻ ته هو بخوبي انهيءَ رستي کان واقف آهي، ان کان پوءِ مولانا رحمت الله عليه فراخدليءَ کان ڪم وٺندي فرمائن ٿا ته انهن مختلف فلسفن ۽ مذهبن جي متعلق هي چوڻ درست نه آهي ته هي جيڪي ڪجهه چون ٿا اهو سراسر غطل آهي، ڪوبه فلسفيانه مذهب هجي يا دين يا ڪو فرقو ان ۾ غلط سان گڏ ڪجهه سچ به مليل آهي، جيڪڏهن ان ۾ سچ جو ڪو پهلو نه هجي ته انساني فطرت محض غلط يا سراسر غلط کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي، هر فرقي کي مڃڻ وارو معتقد گروهه ان ڪري ملي ٿو وڃي جو، ان جي باطل ۾ ڪجهه حق جي ملاوٽ هوندي آهي، ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه هي ٿا ڏين ته عام طور تي ڪوڙا سڪا اهي هوندا آهن جن ۾ سون ۽ چانديءَ ۾ ڪجهه ٽامون مليل هوندو آهي، سون ۽ چانديءَ جي ملاوٽ سان ماڻهو ڌوڪو کائي ماڻهو انهن کي قبول ڪرڻ ۾ عذر نه ٿا ڪن، ڪوڙا سڪا سچن سڪن جي بدولت هلندا آهن، جيڪڏهن دنيا ۾ سچ جو عام رواج نه هجي ته ڪنهن ڪوڙ ڳالهائڻ واري کي ڪوڙ مان ڪوبه فائدو نه ملي، هو ڪوڙ ته ان لاءِ ٿو ڳالهائي ته ٻيا ماڻهو سچ سمجهي ان تي اعتبار ڪن. ڪڻڪ جي وجود جي ڪري ڪڻڪ جهڙا جَوَ وڪڻڻ وارن جو فريب هلي ٿو وڃي، ان ڪري هي ڪڏهن به نه چوڻ گهرجي ته دين سواءِ انسان جي دين جي بلڪل غلط آهن، انهن دينن جيڪو ماڻهن کي پنهنجو عقيدتمند ۽ گرويده بنائي ڇڏيو آهي اهو ان ڪري آهي جو انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه سچ جي بوءِ آهي. مولانا جي سوانح ۾ هڪڙي جهڳڙالو ۽ حڪمت کان خالي مُلي جي هڪ ڳالهه آهي ته هو اهو ٻڌي ته مولانا رحمت الله عليه ڪافرانه ۽ ملحدانه ڳالهيون ٿو ڪري ان وٽ مناظري لاءِ آيو، مناظري جا چڪر گهران ئي سوچي پوءِ آيو، پهريون سوال هي هو ته پڇندس ته توهان ٻاهتر فرقن مان ڪهڙي فرقي مان آهيو، پوءِ جنهن به فرقي جو نالو ورتائين ته پوءِ ان مان ڪجهه منجهائڻ وارا سوال پڇندس، هن ايندي شرط اهو سوال پڇيو جنهن جو اهڙو ته جواب مليس جو هو ٻيا سوال ئي وساري ويٺو. مولانا جواب ڏنو ته سڀني ۾ ڪجهه نه ڪجهه صداقت آهي ليڪن غلو انهن کي خراب ڪري رکيو آهي، هن چيو ته ان جو صاف مطلب اهو ٿيو ته توهان ملحد آهيو، مولانا رحمت الله عليه مسڪرائي جواب ڏنو ته مان ان سان به متفق آهيان، هاڻي ملي جي سيٽي گم ٿي ويئي، ۽ مناظرو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو. اڄڪلهه به اسلام ۾ نوان نوان فرقا پيدا ٿي رهيا آهن ڪنهن جو پيشوا مجديدت جي دعويٰ ٿو ڪري ڪو مهدي مسعود ۽ مسيح موعود ٿو بنجي ۽ ڪومزاج شناس رسول آهي ۽ ڪو مزاج شناس خدا سڀني پنهنجي اردگرد ٿوري گهڻي تعداد جون ٽوليون جمع ڪيون آهن انهن کي جيڪا به ڪاميابي ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي جيڪو عارف رومي رحمت الله عليه بيان ڪيو آهي.

 

زندگيءَ ۾ خير ۽ شر جي ملاوٽ جو سبب

ان کان بعد مولانا رح وري انهيءَ سوال جي طرف ٿو موٽي ته خدا جيڪو سراپا حق آهي انهيءَ باطل کي ڇو پيدا فرمايو ۽ فطرت جي خلقيندڙ جيڪو سراسر خير آهي. انهي شر کي ڇو گوارا ڪيو؟ ان جو جواب مولانا اهو ٿو ڏئي ته مطلق خير ته محض مجبور مخلوق ۾ ئي ٿي ٿو سگهي. ليڪن خدا تعاليٰ جيڪڏهن انسان کي هڪ حد تائين اختيار به ڏنو ته پوءِ اختيار سان گڏ آزاديءَ جي غلط استعمال جو رستو به لازمي آهي، ان کان علاوه هيءَ دنيا ارواحن لاءِ سيرت کي ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو به آهي، سڀني کي مؤمن ڪري پيدا ڪرڻ خدا جي لاءِ ڪو ڏکيو نه هو، ليڪن قرآن ڪريم فرمائي ٿو ته خدا جي مرضي زبردستي مؤمن پيدا ڪرڻ نه آهي، هن کي اهڙا مؤمن گهرجن جيڪي خير ۽ شر ۾ تميز ڪن ۽ حق ۽ باطل جي مقابلي ۾ حق جو ساٿ ڏين اگر سڄي هستيءَ ۾ خويبون ئي خوبيون هجن ها ۽ هر هستيءَ ۾ فطري طرح سان مڪمل صداقت رکي وڃي ها ته پوءِ چڱن ۽ برن ۾ ڪوبه فرق نه رهي ها، سڀ جا سڀ بغير امتحان جي سٺا هجن ها، شر ۽ باطل روح جي لاءِ ورزش ۽ امتحان جو سامان آهن، هاڻي جيڪي روح هن امتحان ۾ ڪامياب ٿيندا اهي ئي انهيءَ درجي تي پهچندا جتي آدم مسجودِ ملائڪ بنجي ٿو وڃي، انسان کان علاوه سڀ هستيون مجبور آهن پنهنجي پنهنجي فطري تقاضائن کان وار برابر هيڏي هوڏي نه ٿي ٿيون سگهن، حتاڪ ملاڪن جو به اهوئي حالي آهي، خدا تعاليٰ انهن کي محض اطاعت لاءِ ئي پيدا فرمايو آهي، ”سبح لله ما في السمٰوات وما في الارض“ يعني جيڪي ڪجهه زمينن ۽ آسمانن ۾ آهي اهو زبان حال ان رب جي تسبيح ۾ مشغول آهي، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن دنيا ۾ خبر ۽ خوبيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هجي ته پوءِ اهو امتحان گاهه بنجي نه ٿي سگهي ۽ ان جي برعڪس جيڪڏهن هستي ۾ سراسر باطل ئي هجي ته به حق جي سڃاڻڻ ۽ حق جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي ان ۾ قطعا گنجائش ئي نه هجي، خير ۽ شر ۽ حق ۽ باطل جي ملاوٽ سان ئي انسانن جو امتحان هلي رهيو آهي هن امتحان ۾ ڪامياب انسان آهستي آهستي الله تعاليٰ جي اخلاقن سان متصف ٿيندو ٿو وڃي. جهڙيءَ طرح الله تبارڪ و تعاليٰ آزاد ۽ سراسر خير جي مصدر آهي. ساڳي طرح انسان اختيار ۽ آزاديءَ سان خير جو سرچشمو بنجي ٿو سگهي، اصل تقويٰ اها آهي جو سڀني اسباب ۽ محرڪات جي موجودگيءَ ۾ به محفوظ رهي.

هن کي سمجهائڻ لاءِ مولانا هڪ حڪيماڻي فڪر ڏي موٽن ٿا. جيڪو خارجي فطرت سان ٿو تعلق رکي، فرمائن ٿا ته خارجي فطرت ۾ حالتن جي تبديليءَ جو مشاهدو ڪيو. هتي موسمون بدلجنديون رهنديون آهن، ڪڏهن گرمي آهي ڪڏهن سردي، ڪڏهن بهار آ، ته ڪڏهن خزان ۽ ڪڏهن ته وري بادل ۽ بارشو. فطرت جي هنن حالتن ۾ گوناگون، اختلاف ۽ فرق آهي، انهيءَ مادي فطرت کي هيئن سمجهو ته اها خدا جي خزانن جي چور آهي ۽ چور کان چورايل مال برآمد ڪرڻ لاءِ تجربيڪار پوليس آفيسر مختلف ترڪيبون ڪندو آهي، ڪڏهن مهربانيءَ سان پيش ايندو آهي ته ڪڏهن قهر سان ڪڏهن چاپلوسي ڪندو آهي ۽ ڪڏهن وري ڏوهه کي نه مڃڻ واري مجرم کي الٽو لٽڪائيندو آهي، ائين بهار جي موسم کي پوليس آفيسر سمجهو ۽ ان جي قهر کي خزان جي موسم سمجهو، زمين جي اندر ۽ ٻاهر جيڪي ڪجهه نڪري ٿو اهو انهن ئي موسمن جي تبديليءَ جي سبب ٿو نڪري، طبعيات جا ماهر ٿا چون ته اصل ۾ ڪوئلو ۽ لعل هڪ ئي شيءِ آهي، ليڪن هزارين سال زمين ۾ دفن رهڻ ڪري ڪوئلو لعل بنجي ٿو وڃي جيڪڏهن خزان نه هجي ته مسلسل بهار جي موسم به نه رهي سگهي، مطلب ته هستي خواهه مادي هجي يا روحاني ان جي ممڪنات ۽ مضمرات کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هر قسم جي تبديلين ۽ امتحانن جي ضرورت آهي، ڪنهن تبديليءَ کي ناگوار سمجهي فطرت ۽ فطرت جي خالق جي شڪايت ڪرڻ عرفان جي نه هجڻ جو نتيجو آهي، تبديلن سان ئي حياتيءَ جا ممڪنات ظاهر ٿا ٿين.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته انسان جي هستي جو به اهوئي حال آهي، سرد ۽ گرم زماني جي تجربن کان سواءِ ان جي زندگيءَ جا ممڪنات لڪل ٿا رهن، اگر توهان هي تسليم ڪيو ته ارواح جي ترقي امتحان کان سواءِ نه ٿي ٿئي ته پوءِ هي لازمي آهي ته فطرت جو خالق، انسان کي بک ۽ خوف، مال ۽ جان جي نقصان سان آزمائي. جيڪڏهن هن سيرت جو سون خالص هوندو ته پوءِ هيءَ امتحانن جي باهه ان کي نقصان پهچائڻ جي بدران ڪندن بنائي ڇڏيندي، جيڪڏهن ڪک پن هوندا ته سڙي خاڪ ٿي ويندا، مصيبتون بزدل انسان لاءِ تباهيءَ جو سبب هونديون آهن، ليڪن بلند همت انسان جي همت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ايندو آهي ۽ هستيءَ ۾ انهن جا درجا بلندا ٿي ويندا آهن، هتي انهيءَ آيت شريف جي طرف اشارو آهي ”ولنبلونکم بشيءِ من الخوف والجوع و نقص من الاموال والانفس والثمرات و بشر الصابرين الذين اذا اصابتهم مصيبته قالوا انا لله وانا اليه راجعون“ البته اسان توهان کي ڪجهه خوف، بک مال جان ۽ پيداوار جي نقصانن سان آزمائينداسين (اي پيغمبر) صبر ڪرڻ وارن کي خدا جي رضامندي ۽ مراد حاصل ٿيڻ جي خوشخبري ڏيو جن تي جڏهن به مصيبت اچي ٿي ته چوندا آهن ته اسين ته الله جائي آهيون ۽ انهيءَ ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي“ (سوره بقره)

زندگيءَ ۾ جيڪڏهن حق ۽ باطل يا نيڪ ۽ بد جي ملاوٽ  نه هجي ها ته پوءِ هي امتحان ۽ آمائشون ڪٿان ٿين ها؟ الله تعاليٰ چاهي ٿو ته انسان پنهنجي اندر ۾ ئي حق ۽ باطل جي پرکڻ جي ڪسوٽي پيدا ڪري.

 

من عرف ربه فقد کَلَ لسانه

 

مولانا جن کي هر صاحب عرفان ۽ وجدان وانگر زبان ۽ بيان جي نار سائيءَ جو اعتراف آهي، عقل جو وجدان ته اهڙي نادر شيءِ آهي جيڪا خضر عليه جي مقابلي ۾ موسيٰ جي لاءِ به پهرئين مرحلي ۾ سمجهه ۾ نه آئي ته پوءِ ٻين جي سمجهه ۾ ڪيئن ايندي.

زمين جي هيٺان سرنگون کوٽي ريلون هلائڻ، ميلن تائين زمين ۽ جبلن کي کوٽي پيٽرول ڪڍڻ، وڏن شهرن جي رستن کي کوٽي ڪٿي ٽيليفون يا ڪيبل، ڪٿي پاڻيءَ جا نل، ڪٿي گيس جا پائيپ وڌا ويندا آهن، مطلب ته سائنس جيتري به ترقي ٿي ڪري اها زمين جو ئي سينو ٿو چيري، هاڻي مادي ذرن جو سينو چيري ايٽم بم ۽ هائڊروجن بم ان لاءِ ٺاهيا ٿا وڃن ته جيئن دنيا جي مادي وسيلن تي قبضو ڄمائڻ لاءِ جنگ ۾ فتح جو ذريعو بنجن، ليڪن سوچيو ته خاڪ کي هن طرح چاڪ ڪرڻ سان ڪوبه اخلاقي يا روحاني مقصد حاصل ڪونه ٿو ٿئي، ها معاش جا ذريعا وڌي ٿا وڃن ۽ اهائي ڳالهه مولانا رحمت الله عليه جن به ڪن ٿا ته ڪُئي کي ضرورت جيترو ڏر کوٽي ان ۾ اندر رزق جي چوري يا ذخيره اندوزيءَ جو عقل ڏنو ويو آهي ۽ جن انسانن جا عقل انهيءَ کان مٿي پرواز نه ٿا ڪن انهن کي به ڪئن وانگر ئي تصور ڪيو، ليڪن جن بلند همٿ انسانن جا عقل انهيءَ کان مٿاهان ٿي حڪمت ۽ دانائيءَ جا طالب ٿا ٿين ته اهي موسوي عقل تائين پهچي ٿا وڃن. الله تبارڪ و تعاليٰ وٽ به طلب ۽ پهچ جو قانون آهي.

 

گُهرجن جي شدت ۽ ترقيءَ جو نظريو

موجوده دور ۾ ترقيءَ جو نظريو پيش ڪرڻ وارا گهڻا داناءَ هي چوندا آهن ته سڀ حيوانات ننڍن ننڍن ڪيڙن ماڪوڙن مان ترقي ڪري مختلف شڪليون ۽ عضوا پيدا ڪيا آهن، ڊارون جي نزديڪ هيءَ ترقي اتفاقي هئي ليڪن ان جي مخالف راءِ رکڻ وارا چون ٿا ته جاندارن لاءِ مختلف ماحولن ۾ زندهه رهڻ لاءِ مختلف قسم جون ضرورتون پيدا ٿيون ۽ انهن حاجتن انهن جي عضون ۾ تبديلي پيدا ڪئي، زندگي هرجاءِ تي ترقيءَ جي طلبگار آهي، هن تبديليءَ بغير ڪنهن مقصد جي پيدا نه ٿي ٿئي، جنهن شيءِ جي طلب ۽ حاجت شدت ٿي اختيار ڪري، فطرت ان جي مناسبت سان حيوانن جي عضون واري وجود ۾ تبديلي پيدا ٿي ڪري، زندگيءَ جي ذوق ۾ تخليقي قوت موجود آهي.

عارف رومي رحمت الله عليه ارتقائي فلسفي آهن ۽ پنهنجي نظرئي کي مختلف طريقن سان پيش ٿا ڪن، فرمائن ٿا ته الله تعاليٰ به زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي ڪجهه پيدا فرمايو آهي. اهوڪنهن ضرورت لاءِ ڪيو اٿس. جيئن هڪ انگريز محاوري جو ترجمو آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اهوئي قانون ساري هستيءَ ۾ ٿو ملي ۽ انهيءَ مان اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته زندگيءَ جي مرحلن ۾ جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ ترقي ڪرڻ گهرو ٿا ته اڃا به وڏيون حاجتون پيدا ڪريو جيڪي صرف معاش جي فڪر لاءِ نه هجن، ڇو ته هيءَ حاجت ته هڪ ڪُئي ۾ به موجود آهي.

فرمائن ٿا ته زمين ۾ اندر اهڙي به مخلوق آهي جن کي اکيون آهن ئي ڪونه، ان ڪري انهن جي محدود حاجت بغير ڏسڻ جي ئي پوري ٿي ويندي آهي، اهي ڪڏهن ڪڏهن رزق جي مجبوريءَ سبب زمين جي سطح تي به اچي ويندا آهن.

جيڪڏهن هن زمين ۾ رهڻ وارن بغير ڏسڻ وارن جاندارن ۾ فضا جي ڪشادگيءَ ۽ روشنيءَ جي ضرورت پيدا ٿي وڃي ته ترقي ڪندي ڪندي انهن ۾ پر ۽ وار نڪري اچن ۽ هي فرشتن وانگر آسمانن تائين پرواز ڪري سگهن.

 

فڪر ۽ شعور

موجوده دور جي اڪابر فلاسفرن ۽ نفسيات جا ماهرن ۾ حڪيم آمريڪي وليم جيمز بلند پائي جو مفڪر ۽ محقق ٿو شمار ٿئي، علم النفس ۾ هن جون تصنيفون بلند پايه جون آهن، برطانوي علم النفس جي نظرئي جي خلاف هن شعور ۽ فڪر کي هڪ اهڙي گڏيل ۽ وهندڙ شيءِ سان تشبيهه ڏني آهي، جيڪا مسلسل نه ٽٽڻ واري موج در موج وهندي ٿي رهي، مختلف نفسي ڪيفيتون احساس ۽ فڪر جي عنصرن جا مرڪبات نه ٿيون ٿين، هڪ ترندڙ شيءِ جي تصور سان هن ڪيترائي نفسياتي نتيجا ڪڍيا آهن. جيڪي عنصرن ۽ ان جي ترڪيب مان اخذ نه ٿي سگهيا، هن معاملي ۾ عارف رومي رحمت الله عليه وليم جيمز جو به اڳواڻ آهي ۽ انساني شعور جو تصور هن وٽ به هڪ گڏيل ۽ وهندڙ شيءِ آهي، ان کان بعد فرمائن ٿا ته وهندڙ فڪر ڪو خالص فڪر جو وهڪرونه آهي هن ۾ هر قسم جا خراب ڪک ۽ پن به ترندا ٿا اچن، شعور جي ڪنهن ڪيفيت کي بيٺل سمجهڻ وارا هن جي متعلق ڌوڪي ۾ آهن، ڪنهن وقت ڪا ندي خاموشيءَ سان وهندي آهي ان ڪري ڏسڻ واري کي بيٺل نظر ايندي آهي، مگر ان جي روانيءَ جو ثبوت اهو آهي ته اڳيان ڪک وهي اڳتي هلي رهيا آهن ۽ ٻيا ڪک پويان اچي رهيا آهن، اهڙي طرح هر لمحي نئي فڪر جي آمد ثابت ٿي ڪري ته شعور جو وهڪرو ساڪن نه آهي بلڪ وهي رهيو آهي.

ان کان پوءِ عام نفسياتي نظرئي کان روحانيت جي طرف ٿا اچن ته ڪي خيال جيڪي شعور جي وهڪري سان ترندا ٿا اچن. اهي غيب جي طرف کان اشارا هوندا آهن، ان جو مثال هي آهي ته هڪ ندي جيڪا ڪنهن باغ جي وچ مان ٿي اچي ان ۾ ڪجهه ميون ۽ سبزين جا پن وهندا اچن ته اهي خبر ٿا ڏين ته هي ڪنهن ويران ميدان مان نه پر ڪنهن سرسبز ۽ شاداب باغ مان اچي رهي آهي، هاڻي جيڪڏهن توکي انهن ميون کائڻ جو شوق پيدا ٿئي جن جا پن وهندا ٿا اچن ته توکي گهرجي ته نهر جي ڪناري ان طرف هل جنهن طرف کان هي ساوا پن اچي رهيا آهن، انهيءَ طرح ان باغ تائين ٿو پهچي ويندين ۽ اهوئي حال ڪجهه فڪرن جو آهي جن جي متعلق انسان محسوس ٿو ڪري.

فرمائن ٿا ته عارفن جي شعور ۾ هن آب حيات جي رواني ڪثرت سان هوندي آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو غمگين ڪندڙ فڪر شعور ۾ اچي وڃي ته اهو جلدي گذري ويندو آهي، ۽ انهن جي روح ۾ دير تائين بيهي نه سگهندو آهي.

 

 

نبي سڳورا عوام کي نادان ٻارن وانگر تعليم ڏيندا آهن ۽ انهن جي گهٽ عقل مطابق انهن سان گفتگو ڪندا آهن

 

فرمائن ٿا ته انبياءِ ۽ اولياءِ به دليلن کان ڪم وٺندا آهن ماڻهن سان بحث مباحثو به ڪندا آهن. اگرچه سهڻي طريقي سان بحث ڪندا آهن، مخاطب کي هارائڻ يا ذليل ڪرڻ مقصد نه هوندو اٿن، جيئن عام طرح مناظره ڪرڻ وارن جو قاعدو هوندو آهي. روحانيت ۾ عقلي دليل روحاني تجربي جي مقابلي ۾ ضعيف هوندو آهي ليڪن انهيءَ ضعف جي باوجود ان کان ڪم وٺي، عام ماڻهن کي سمجهائڻ به ضروري آهي فرمان ٿا ته دليل مان رهنمائي اهڙي واٽهڙوءَ لاءِ هوندي آهي جنهن جي متعلق هر وقت بيابان ۾ رستو گم ڪرڻ جو خدشو هوندو آهي، جيڪو شخص منزل تي پهتل ۽ واصل بحق آهي ان جي لاءِ ته بس ان جي پنهنجي بصيرت ڪافي آهي، ليڪن عام ماڻهن سان عارف پنهنجي مقام کان هيٺ ٿي ڳالهائيندا آهن، ان کي سمجهائڻ لاءِ ان جي ئي سطح تي لهي اچڻ لازمي آهي جيئن هڪ پيءُ جيڪو خود فصيح البيان شخص آهي ۽ الفاظن جو صحيح استعمال به ڄاڻي ٿو. ليڪن هڪ ٻن سالن جي ٻار سان ڳالهائڻ وقت ان وانگر ئي ٻاتائي ڳالهائيندو آهي، هو سمجهندو آهي ته هي صحيح ٻولي نه آهي مگر ابتدائي عمر ۾ ٻار سان ائين ڳالهائڻ ئي صحيح سمجهيو ويندو آهي، الف ب شروع ڪرائڻ وقت ٻار کي استاد ٻڌائيندو آهي ته الف خالي حالانڪ الف ۾ ڪجهه آهي مگر هن جي منزل تي ٻار کي صرف نقطن جي تعليم ڏيڻي آهي ان ڪري الف کي خالي ٿو چوي، نبين سڳورن جي تعليم جو اندازو به بلڪل ائين ئي آهي، هو عوام جي لاءِ اهڙي بيان جو طريقو اختيار ٿا ڪن جيڪو حڪمت ۽ عرفان جا صاحب ٻاراڻو ٿا سمجهن ليڪن الله تعاليٰ جي طرفان نبين سڳورن کي اهو ئي حڪم آهي ته ماڻهن سان انهن جي عقل جي مطابق ئي ڳالهايو، روحاني حقيقتن جي معاملي ۾ ته گهڻا ماڻهو ٻار ئي آهن. لهذا اڪثريت جي لاءِ هاڻي به اهوئي ڳالهائڻ جو طريقو مناسب آهي، حڪيمن ۽ عارفن کي جيڪڏهن اهو ئي پنهنجي فهم جي مناسب معلوم نه ٿئي ته ان تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.

احياءُ العلوم ۾ امام غزالي رحمت الله علي جن هڪ حديث بيان ڪئي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته اسان پيغمبرن کي حڪم آهي ته ماڻهن سان انهن جي مرتبي جي مطابق انهن سان ڪلام ڪيون، عقل ۽ اخلاق جي گهٽتائي ۾ انسان جانورن کان به هيٺ ڪري پوندو آهي ۽ گناهه کي بار بار ڪرڻ سان قلب ڪارو ٿو ٿي پوي. الله تبارڪ و تعاليٰ جيڪو اخلاقي پستي ۾ ڪريل انسان کي جانورن کان به بدتر فرمايو آهي ان جو ثبوت هر انسان کي مشاهدي سان ملي ٿو سگهي، هرهڪ حيوان کي پنهنجي فطري خواهشن ۽ ضرورتن کي پنهنجي مقرر ٿيل حدن اندر ٿو پورو ڪري، کائڻ پيئڻ، جنسي طريقو وغيره سڀني جا طريقا مقرر آهن ڪوبه حيوان غلط غذا کي وات ۾ نه وجهندو ۽ ٻين جذبن جو به اهوئي حال آهي، مگر حضرت انسان ئي آهي جيڪو هر غير فطري طريقي ڏي شدت سان مائل آهي ۽ غير فطري زندگيءَ جي عادت سان اها انهن لاءِ ٻي فطرت بنجي ٿي وڃي، مولانا رحمت الله عليه جن فرمان ٿا ته گڏهه کي انسان بي عل سمجهندو آهي ليڪن گناهن ۾ مبتلا ٿيل انسان گڏهه کان به وڌيڪ بي عقل آهي، گڏهه جيڪڏهن ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو آهي يا گپ ۾ ڪري پوندو آهي ته اٿي پاڻ کي بچائڻ لاءِ بهرحال حرڪت ڪندو رهندو آهي، ايتري تائين جو خشڪ زمين تي اچي وڃي، ڪڏهن به اها نه ڪندو آهي ته انهيءَ گپ يا ڌٻڻ ۾ آرام سان ويهي رهي. ليڪن انسان جڏهن بداخلاقين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو آهي ته ان ۾ ئي مستقل زندگيءَ ٿو گذاري ۽ وڌيڪ هي ته ابليساڻي طبيعت واريون تاويلون ڪندڙ اهڙا به آهن جو انهن کي جيڪڏهن سمجهائجي ته ادا هن غلافت واري زندگيءَ کان توبهه ڪري سڌي رستي تي اچ ته چوندو ته مان ڇا ڪريان هيءَ ته هڪ اضطراري حرڪت آهي، مجبوري ۽ معذوريءَ ۾ ته رب سائين حرام کي به حلال ڪيو آهي. اسان جي هن حالت کي گناهه نه سمجهو اهڙي طرح ڪڏهن اضطراري ۾ پناهه ٿو وٺي ته ڪڏهن پنهنجي بدعملن کي تقدير جي ذمي ٿو سمجهي. هاڻي ٻڌايو ته هي گڏهه کان ڪريل ٿيو يا نه جيڪو ڪوشش سان گپ مان ٻاهر نڪري خشڪ زمين تي اچي ٿو وڃي.

ڪڏهن خدا کي رحيم ۽ ڪريم چئي ڪڏهن قضا ۽ قدر جي مجبوري جو عقيدو پيش ڪري ڪڏهن اضطرار جي حالت ٻڌائي پنهنجو پاڻ کي خدا جي گرفت ۽ عملن جي پاداش کان محفوظ ٿو سمجهي. مگر اهو نه ٿو سمجهي ته هنن اجاين عذن هن کي اڃان به وڌيڪ گمراهيءَ ۾ گرفتار ڪيو آهي. اهڙي طرح ڪوڙن اطمينان سان گنهگاريءَ کي جاري رکڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به هوندو آهي ته گنهگار چوندو آهي ته ادا رب سائين وڏو ڪريم آهي مون هيترا گناهه ڪيا آهن. ليڪن هن پنهنجو ڪرم ڪيو اڃا تائين پڪڙيو ڪونه آهيان. انشاءَ الله آئنده به مون لاءِ هن جو اهو ڪرم جاري رهندو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته حضرت شعيب عليه السلام جي زماني ۾ هڪ شخص هو جيڪو اهڙي قسم جي نفس جي فريب ۾ مبتلا هو ۽ حضرت شعيب عليه السلام کي چوڻ لڳو ته مون تمام گهڻا گناهه ڪيا آهن. ليڪن خد امون کي ڪونه پڪڙيو. هي هن ڪريم جو شان آهي ان تي الله تعاليٰ حضرت شعيب السلام کي وحي ڪيو ته هن نالائق کي جيڪو نفس جي فريب ۾ ڦاسجي ويو آهي چئو ته عمل جي نتيجي کان نه ڪوئي دنيا ۾ ٿو بچي سگهي ۽ نه وري آخرت ۾. هرهڪ عمل پنهنجو اثر ضرور پيدا ڪندو آهي ليڪن بصيرت جي جذبن کي ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، چنانچه حضرت شعيب السلام رب جو حڪم ان کي ٻڌائيندي چيو ته اي سڌو رستو ڇڏي خطرن سان ڀريل بيابانن ڏي رخ ڪرڻ وارا تون پنهنجي حالت کي بلڪل الٽو پيو ٿو سمجهين. تون ڇٽل نه آهين بلڪ سڄو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهين. مگر اهي زنجيرون ۽ طوق توکي نظر ئي نه ٿا اچن، عملن جو نتيجو خدا تعاليٰ صرف آخرت تي ئي ڪونه ڇڏيو آهي. انسان جي اصليت هي جسم نه آهي بلڪ روح ۽ قلب آهن جن تي ڪاراڻ ديڳ جي تري وانگر ٿي چڪي آهي ۽ تنهنجي دل تي ايتري گهڻي تعداد ۾ گناهن جي مر چڙهي ويئي آهي جو ان تي هاڻي حقيقت جو عڪس ئي نه ٿو اچي، ”کلا بل ران عليٰ قلوبهم ما کانوا يکسبون“ هرگز نه بلڪ انهن گناهن جيڪي هو ڪن ٿا انهن جي دلين تي زنگ چاڙهي ڇڏيو آهي. (سوره تطفيف). حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه جن کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مومن جڏهن گناهه ٿو ڪري ته ان جو دل تي هڪ ڪارو داغ ٿو ٿئي جيڪو توبه ۽ استغفار ڪرڻ سان صاف ٿو ٿي وڃي. ليڪن جيڪڏهن گناهه ڪندوئي رهي ته هي استغفار ڪرڻ سان صاف ٿو ٿي وڃي. ليڪن جيڪڏهن گناهه ڪندو ئي رهي ته هي ڪارو داغ وڌندو ٿو وڃي ۽ هن سڄي قلب تي زنگ چاڙهي ٿو ڇڏي.

ان کان بعد ديڳ جي ڪارنهن جي مثال کي وسعت ڏيندي مولانا رحمت الله عليه جن فرمائين ٿا ته جيڪڏهن بلڪل نئين سفيد ديڳ چمڪندڙ هجي ته ان تي ٿورڙي دونهين جي ڪارنهن به بلڪل نمايان نظر اچي ويندي. ليڪن اها ديڳ جنهن جي تري تي ڪارنهن جي تهن تي تهه ڄمي چڪا آهن. ان تي دونهين جو ڪو خاص اثر نه ايندو، اهوئي حال انسان جي گنهگاريءَ جو آهي جو جڏهن ڪنهن شريف انسان کان لغزش ٿيندي آهي ته گناهن جو ذري جيترو ڪارو داغ به ان کي پنهنجي دل جي آئيني تي نظر اچڻ لڳي ويندو آهي، ۽ هو ان کان پريشان ۽ پيشمان ٿي پوندوآهي. ليڪن جيڪڏهن توبه ڪري باز نه آيو ۽ گناهن تي گناهه ڪندو ويو ته پوءِ اها گناهن جي گهڻائي جي ڪارنهن نه ته هن کي پريشان ۽ پيشمان ڪندي ۽ نه وري توبه ۽ استغفار جي طرف ايندو. هاڻي هو هڪ زنگ چڙهيل آئينو ۽ بلڪل ڪاري ديڳ جي مثال ٿي پوندو.

انهيءَ مضمون کي اڃان به وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ مولانا رحمت الله عليه جن کي هڪ ٻي تشبيهه به اچي ٿي، فرمائن ٿا ته هڪ شخص حبشي هو ۽ ڪم لوهارڪو ڪندو هو ان ڪري باهه جي بٺيءَ جي دونهين جو ڪوبه نشان ان جي منهن تي نظر نه ٿي آيو. ليڪن گوري رنگ وارو ڪو صاف سٿرو انسان جيڪڏهن لوهارڪو ڪم ڪندو ته فورا دونهين جا داغ ان جي منهن تي نظر اچي ويندا.

گناهن ۾ نئون گرفتار ٿيل ته فورا توبه ڪرڻ لڳندو آهي. ليڪن گناهن کي بار بار ڪرڻ واري جي بصيرت جي اکين تي مٽي پئجي ويندي آهي، هڪ سفيد ڪاغذ سمجهو، انسان جو اعمال نامون ڪنهن مادي دفتر تي ته ڪونه ٿو لکيو وڃي جيڪي ڪجهه لکيو ٿو وڃي اهو قلب تي ئي لکيو ٿو وڃي، فرمائن ٿا ته سفيد ڪاغذ تي ڪجهه لکبو ته صاف پڙهڻ ۾ ايندو پر جيڪڏهن لکيل تي وري وري پيو لکبو ته نه پهرين لکيل پڙهڻ ۾ ايندو ۽ نه بعد وارو لکيل، بلڪل ٻنهين جو مطلب ئي ختم ٿيويندو، وري جيڪڏهن ٽيون ۽ چوٿون دفعو وري وري هڪ ئي ڪاغذ تي پيو لکبو ته لکيل الفاظ هڪ ٻئي کي ڪاٽيندا ويندا ۽ پڙهڻ وارو ڪجهه به نه پڙهي سگهندو، ساڳي طرح گنهگاريءَ جو به اهوئي حال آهي، اعمال نامي تي ٿورن گناهن جي لکت محسوس ٿيندي ليڪن گناهگار جي بار بار لکت خود گنهگار مرد جي لاءِ بي معنيٰ ۽ بي مقصد ٿي پوندي، هاڻي هو گناهه جو ڪو مطلب ئي نه ٿو سمجهي ان ڪري خيال ڪندو آهي ته مان ٺيڪ ڪري رهيو آهيان ڪو گناهه ڪونه ٿو ڪيان، انهيءَ فريب ۾ ڦاٿل گنهگار پڇڻ لڳو ته آخر مون کي ڪيئن معلوم ٿئي ته منهنجو اندر ڪارو ٿي ويو آهي ۽ اها قلب جي ڪارنهن بذات خود وڏي سزا آهي. جيڪا ٻاهران نه پر عمل جي اندران پيدا ٿيندي آهي؟ ان تي حضرت شعيب عليه السلام کي خدا جي طرفان القا ٿيو ته هن کي چئو ته خدا ستار ۽ پورده پوش تنهنجي بدعملن کي سڀني تي کولڻ نه ٿو چاهي. ليڪن روحاني محروميءَ جي هڪڙي نشاني خود تنهنجي هدايت لاءِ ٿو ٻڌايانءِ ته جڏهن گنهگاري دل جي رڳ رڳ ۾ گهر ڪري ويندي آهي، ته ان جو هڪ لازمي نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اهڙي شخص کان عبادت جو ذوق کسجي ويندو آهي، ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ته رياڪاريءَ جي نماز پڙهي وٺندو آهيان. ليڪن اها نماز بغير حضور جي صرف عضون جي ورزش هوندي آهي، روزا به رکي ٿو ليڪن جيئن ته اصل مقصد يعني تقويٰ ان سان گڏ نه آهي ان ڪري سواءِ بک ۽ اڃ مرڻ جي ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئيس. زڪوات به ڏئي ٿو ليڪن طبيعت تي زور ڏئي، اهڙي طره بظاهر ان جا نيڪ عمل به ظاهر اچن پر سٺي نيت کان خالي هجڻ سبب بغير مغز جي صرف کلون هونديون آهن، ۽ اهو شخص ”حبطت اعمالهم“ وارن ۾ شامل هوندو آهي، روحاني زندگي ته قلب جي ذوق ۽ سوق سان وابسته هوندي آهي ۽ گنهگار انسان کي ان اصل ذوق کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي، عملن جي صورت ته موجود هوندي آهي. ليڪن بغير معنيٰ جي اهڙو شخص عملن جون کلون پوکي ان مان وڻ اپائي سگهندو؟ ٻج ۾ مغز نه هجي ته اهو سٺي زمين ۾ به مردي وانگر دفن ئي رهندو ۽ ڪڏهن خير جي جزا جو ڪو ثمر يا گل پيدا نه ڪري سگهندو.

 

اقتدار پسند گمراهه ۽ گمراهه ڪندڙ رهبر

مولانا رحمت الله عليه جن هڪ مثال بيان ڪيو آهي ته هڪ اُٺ جي ڊگهي مهار زمين تي پئي هئي، هڪ ڪُئي ان جي هڪ پاسي کي پنهنجي وات ۾ جهلي هلڻ لڳو ته هن جي پٺيان اُٺ به هلڻ لڳو ان تي ڪئي ۾ وڏائي پيدا ٿي ۽ سوچڻ لڳو ته مان ڪيڏو نه وڏو رهبر آهيان جو اُٺ به منهنجي پويان پيو هلي، اُٺ سمجهي ورتو ته هن کي پنهنجي متعلق ڌوڪو ٿيو آهي. ليڪن خاموشيءَ سان هن جي پويان هلندو رهيو، اڳيان هڪ وڏي پاڻي جي ندي آئي، ڪُئو اتي رڪجي پيو ان تي اُٺ چيو ته جناب شتربان صاحب رڪجي ڇو ويا؟ توهان منهنجا به رهنما آهيو اڳيان اڳيان هلو گهٻرائجي ڇو ويا آهيو؟ ڪُئي چيو ته پاڻي تمام وڏو آهي ڪاٿي مان ٻڏي نه وڃان، اُٺ چيوته ترس مان ان ۾ پير وجهي ڏسان ته پاڻي ڪيترو آهي، اُٺ پنهنجي ٽنگ پاڻي ۾ وجهي چيو ته سائين گهٻرايو نه پاڻي صرف گوڏي تائين ته تنهنجي لاءِ آهي مون جهڙي کي سوگز سمجهڻ گهرجي، اُٺ چيو هاڻي توکي پنهنجي حقيقت معلوم ٿي وئي ڏاڍي بهادري ۽ رهبري جا دعويٰ ڪري رهيا هئا، ڪئي چيو ته منهنجي توبه اڳتي اهڙي گستاخي وري ڪنهن وڏي جي سامهون نه ڪندس، اُٺ ان کي معاف ڪندي ان جي مٿان رحم کائي پنهنجي پُٺيءَ تي وهاريو ۽ چيائين ته تو جهڙن سوين رهبرن کي ۽ امامن کي مان پنهنجي پٺيءَ تي کڻي پار ڪري ٿو سگهان، اهڙي قسم جي پيشوايان دين ۽ رهبريءَ جي مدعن کي مولانا تنبيهه ٿا ڪن ته بصيرت ۽ اخلاق ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود رهبريءَ جي ڪوشش نه ڪيو.

فرمائن ٿا ته هي رهبريءَ جا شوقين مڙس معلم ملت- ڪڏهن  معلم عالم ۽ ڪڏهن مجدد وقت ۽ ڪڏهن قوم جا نجات ڏياريندڙ هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. انهن ۾ گهڻن کي هي مرض اقتدار حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ لڳي ويندو آهي، اقتدار جو ذوق ۽ شهرت جو شوق زهر وانگر انهن جي قلبن ۾ گهڙي ويندو آهي، گهٽ ئي ڪي مرد خدا اهڙا هوندا آهن جن کي سروري زيبا ۽ اقتدار بدمست نه ڪري سگهندو آهي. اهڙن برگزيده انسانن جي دلين ۾ شروع کان ئي انهيءَ زهر جو ترياق موجود هوندو آهي، ڪنهن مفڪر جو قول آهي ته اقتدار هميشه قلب جي فساد جو باعث بنبو آهي ۽ مطلق اقتدار ته مطلق فساد آهي، جتي اهڙي امر مطلق سان ڪنهن اختلاف ڪيو اتي دشمني شروع ٿي ويئي ڇو ته هن دماغ ۾ ته انا الحق ۽ انا الموجود ولاغيري ”يعني مان ئي آهيان ۽ ٻيو ڪير نه آهي“ جو ڏونڪو وڄندو رهندو آهي، اهڙو رهبر راءِ ۾ اختلاف کي برداشت ڪرڻ ۽ ٻين جي راءِ کي انصاف سان يا ٿڌي دل سان سوچڻ جي صلاحيت ئي وڃائي ويهندو آهي، اختلاف ڪرڻ واري جي خلاف هو سوچيندو آهي، ته شايد هي منهنجي ليڊريءَ کي نه ٿو مڃي ۽ معلوم ٿو ٿئي ته منهنجي جاءِ تي هي پاڻ ليڊر بنجڻ ٿو چاهي ان ڪري هن جي هينئر ئي گوش مالي ڪرڻ گهرجي، هڪ گهٽ ۽ ڪريل سيرت جو مالڪ رهبر بنجي وڏائي ۽ هٺ ۾ ڦونڊجي ويندو آهي ۽ نفساني خواهشون غرور پيدا ڪنديون آهن ۽ پوءِ هيءَ عادت بنجي ويندي آهي، خدا هن اقتدار طلبيءَ ۽ وڏ ماڻپائيءَ کان بچائي جنهن جي ڪري ابليس به پيغمبر جهڙو لهجو پيدا ڪندو آهي.

 

سڄيءَ روءِ زمين مسجد آهي روحانيت هيٺاهين کي مٿاهون بنائيندي آهي

مردان خدا جي روحاني پاڪيزگيءَ جي ڪري ڪهڙي طرح گهٽ قيمت واري هستي به حق جي نور سان منور ٿي سگهي ٿي، ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه حضرت بيبي عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها جي بيان ڪيل حديث سان پيش ٿا ڪن. جنهن ۾ رسول ڪريم ﷺ جن امت محمديه جي فضيلت ۾ هڪ امتياز رکڻ واري خصوصيت هيءَ بيان فرمائي ته الله تبارڪ و تعاليٰ منهنجي ۽ منهنجي امت جي لاءِ سڄي روءِ زمين کي مسجد بنائي ڇڏيو آهي، جتي سڪل زمين موجود هجي ته مسلمان نماز پڙهي ٿو سگهي. هن کي عبادت لاءِ ڪنهن خاص ڪليسا وغيره جي ضرورت نه آهي، جعلت لنا کلها مسجدا- عام طرح ماڻهو مٽيءَ کي گهٽ ۽ ناپاڪ سمجهندا آهن ۽ هڪ محاور به مشهور آهي ته: چه نسبت خاک را به عالم پاک – ليڪن مٽيءَ کي پاڪ بنائڻ دين محمديءَ لاءِ ئي مخصوص هئو، مسلمان کي عبادت لاءِ نه بتن جي ضرورت نه دهل ۽ ساز جي حاجت ۽ نه ئي ڪنهن ٻي اهڙي شيءِ جي ضرورت آهي. اسلام جي هيءَ تعليم هن حقيقت کي ظاهر ٿي ڪري ته دين ۽ دنيا ۾ ڪا پار نه ڪرڻ جهڙي خليج وچ ۾ ڪانهي، هن زندگيءَ ۾ دنيا کي دين بنائڻ جو نالو اسلام آهي، دنيا ۾ ڪابه شيءِ بذات خود نه ڪريل آهي ۽ نه پليت صحيح استعمال سان هر شيءِ ۽ هر ڪم جو مرتبو بلند ٿي ٿو سگهي، سڄي روءِ زمين کي مسجد چوڻ سان زندگيءَ جي نسبت اسلام جو سڄو مقصد سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي. مولانا رحمت الله عليه جن پنهنجي شعرن ۾ ٻڌائن ٿا ته هڪ ڏينهن حضرت بي بي عائشه صديقه رضي الله عنه جن نبي ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ڇا اوهان مجمي ۾ يا اڪيلائيءَ ۾ جتي به موقعو ملي نماز ادا ڪري وٺندا آهيو ۽ ناپاڪ گهرن ۾ به نماز  پڙهڻ کان ڪو آر محسوس نه ڪندا آهيو، حالانڪ اوهان کي خبر آهي ته ننڍا ٻار اهڙن گهرن کي غلاظت سان ناپاڪ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪا به جاءِ نماز جي قابل نه ڇڏيندا آهن. ان کان علاوه مصلو هجي يا نه هجي توهان نماز لاءِ اٿي بيهندا آهيو، ان جي جواب ۾ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيه انسانن لاءِ پليت کي به پاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، ”خاڪ کي پنهنجي نظر سان ڪيميا بنائڻ وارا ڀلا خاڪ کي پاڪ ڇو نه ٿا ڪري سگهن.“

ڪبير داس اعليٰ درجي جو موحد هئو ۽ بت پرستن ۾ توحيد جي تبليغ ڪندو هو انهيءَ جي ڌيءَ دلو کڻي کوهه تي پاڻي ڀرڻ وئي هڪڙو برهمڻ به پنهنجو دلو کڻي کوهه تي پهتو ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي چيائين ته منهنجو دلو به ڀر ان کان پوءِ پڇيائينس ته تون ڪهڙي ذات جي آهين؟ هن چيو ته مان ڪبير جولاهيءَ جي ڌيءَ آهيان، اهو ٻڌي برهمڻ پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجو دلو ته پليت ٿي پيو ۽ ڇوڪريءَ کي دڙڪا ڏيڻ لڳو، ايتري ۾ ڪبير داس اچي ويو ۽ چيائين ته هيءَ زمين جنهن ۾ هي کوهه آهي ان تي هر قسم جي غلاظت به آهي ۽ مردار جانور به پيا آهن اهڙي زمين جي کوهه جو پاڻي ته پاڪ هجي ۽ جولاهي جي ڌيءَ جي ڀريل ڏول ناپاڪ- حيف آهي تنهنجي انهيءَ برهمنيت ۽ روحانيت تي! هن زمين کي جهڙي طرح مالڪ پاڪ ڪيو آهي. اهڙي طرح اسان کي به پاڪ ڪيو اٿس، مولانا رحمت الله عليه ڪجهه جاين تي مڪار نفس کي سوفسطائي چيو آهي، هي سوفسطائي اهي ماڻهو هئا جيڪي يونان ۾ معلمن جو ڪم ڪندا هئا، هي ماڻهو زماني جي لحاظ کان سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جا هم عصر هئا ۽ هنن ٽنهين دانائن جو طريقو هنن سوفسطائي معلمن جي خلاف عقلي جهاد ڪرڻ هو سو فسطائين جو اهو عقيدو هئو ته مطلق صداقت ڪا شيءِ ڪانهي ۽ حواسن کان علاوه ٻيو ڪوبه علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو ڪونهي ۽ اخلاقن ۾ خير ۽ شر جي بابت هر شخص پنهنجو پاڻ ئي معيار آهي. جنهن به فڪر ۽ عمل کان فائدو پهچي اهو ان لاءِ خير آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي ان مان نقصان پهچي ته اهائي ڳالهه هن لاءِ شر آهي، هي ماڻهو ارتيابي يا متشڪڪين هئا، ڪنهن به ڳالهه تي هنن جو يقين ۽ ايمان ڪونه هئو، اميرن جي ٻارن کان وڏيون رقمون حاصل ڪري انهن کي مناظري جو فن سيکاريندا هئا، ۽ منطقي هٿ ٺوڪين طريقن سان اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ته هي ماڻهو ڪنهن به حق ۽ حقيقت جا قائل ئي ڪونه هئا ان ڪري مشاهدا ۽ تجربا يا معقولات به انهن جي لاءِ يقين ڏياريندڙ نه هئا، هرهڪ کليل حقيقت لاءِ ڪونه ڪو اعتراض گهڙي وٺندا هئا، ان ڪري مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته هي سوفسطائيت مڪار نفس جوئي ڪرشمو آهي، ملامت جي قابل عقل شريف نه بلڪ مڪار نفس آهي جيڪو عقل کي به حيلا ٺاهڻ وارو بنائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو ٿو رهي، جيڪڏهن ڪو شخص ايمانداريءَ سان سچائيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ بحث ڪري ته پوءِ عقل ۾ ايندڙ دليل ان جي ڪم ۾ اچي سگهن ٿا پر جيڪڏهن نفس پنهنجي ڪريل خواهشن جي ڪري نه مڃڻ جو پهريائين فيصلو ڪري ڇڏي. اتي حجت ۽ دليل مان ڪهڙو فائدو؟ نفس جو ته هي حال آهي ته پنچائت جو فيصلواکين تي پرنيسارو ساڳي جاءِ تي رهندو، اهڙي مڪار نفس جو هڪ ئي علاج آهي اهو آهي سرڪش کي سزا.

جيڪڏهن سو فسطائي ڪو معجزو به ڏسي جيڪو هن مادي آب و گل ۾ گرفتار ٿيل کي به عاجز ڪري وجهي ته ٿوري دير لاءِ ته مڃيندو ليڪن وري ڪجهه دير کان پوءِ چوندو ته هي محض خيال يا نظر جو ڌوڪو هئو جيڪڏهن واقعي ڪا مستقل حقيقت هجي ها ته مادي شين وانگر قائم ۽ دائم رهي ها، هي ته ائين ئي منهنجي وهم ۾ اچي ويئي، ها سحر مبين.

نيم حڪيم سائنسدانن جو به اڄ ڪالهه اهو حال آهي، بي شمار روحاني مظاهر ۽ واقعات انهن جي سامهون پيش ٿا ڪجن. ليڪن انهن جي بي يقينيءَ ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو اچي، ٻڌي ۽ ڏسي نٽائي ٿا وڃن ته هي نفسي ڌوڪا ٿا معلوم ٿين ۽ حقيقي نه آهن. جيڪڏهن حقيقي هجن ها ته اسان جي طبيعياتي قوانين جي احاطي ۾ اچن ها، گويا هن محدود احاطي کان ٻاهر ٻي ڪا حقيقت ئي ڪانهي، صم بکم عمي فهم لا يرجعون. نفس واقعي مولانا رحمت الله عليه جي بقول سوفسطائي آهي جتي پنهنجو غرض ۽ پنهنجو ميلان هجي اتي ته صرف هڪ واقعي کي ئي قطعي ثبوت ٿو سمجهي ۽ جتي ڪا خواهش يا ميلان نه هجي اتي جبل جيڏا ثبوت به بيڪار ٿا سمجهيا وڃن. فاعتربوا يا اولواالابصار.

 

خير الامور او سطها – ليڪن وسط هر شخص لاءِ الڳ آهي

نيڪيءَ جي متعلق ارسطوءِ جي اخلاقي تعليم ۾ هڪ اهم نُڪتو هي آهي ته نيڪي وسطي ۾ رهڻ يعني وچولي درجي ۾ رهڻ جو نالو آهي، افراط و تفريط يعني گهڻائي ۽ گهٽتائي کان بچڻ ۽ هر معاملي ۾ وچون رستو هلڻ ئي نيڪي آهي ”خير الامور اوسطها“ کي ڪجهه ماڻهن حديث چيو آهي. ليڪن ڪنهن اعتبار جي قابل سند سان ان جو ثبوت نه ٿو ملي اگرچه هن جو مفهوم اسلام جي تعليم جي مطابق ئي آهي، ارسطوءَ جي هن نظرئي سان بعض دانائن اختلاف ڪيو آهي ته هر جاءِ تي اهو اصول درست نه آهي، ان کان علاوه ڪهڙي ڪم ۾ وچ ڇا آهي اهو هر فرد لاءِ الڳ آهي، مولانا رحمت الله عليه جن جو به اهوئي خيال آهي ته وچ کي اختيار ڪرڻ هڪ عام نظريو آهي. ليڪن ڪنهن شخص لاءِ وچ کي اختيار ڪرڻ هڪ عام نظريو آهي. ليڪن ڪنهن شخص لاءِ وچ کي اختيار ڪرڻ هڪ عام نظريو آهي. ليڪن ڪنهن شخص لاءِ وچ ڇا آهي ان جو فيصلو ان جي حالت ۽ ان جي بصيرت ٿي ڇڏڻو پوندو. اٺ جي لاءِ جيڪو پاڻي گوڏن تائين ٿو اچي اهو ڪئي لا ٻوڙيندڙ درياهه آهي، جنهن جي بک چئن مانين جيتري آهي ان لاءِ ته ٻه يا ٽي مانيون کائڻ وچ يا اعتدال آهي، عبادت ۾ به جيڪڏهن ڪو شخص ڏهه رڪعتون پڙهڻ سان گهٻراهٽ ٿو محسوس ڪري ته ان کي چئبو ته تون پنج رڪعتون ئي پڙهي ڇڏ، هڪ ٻيو عابد جيڪو پنج سئو رڪعتون پهڻ سان به نه ٿو ٿڪجي ان جي لاءِ ته پنج رڪعتون وچ يا اعتدال نه ٿيون ٿي سگهن، هڪ شخص پنهنجي وطن کان ڪعبته الله شريف تائين پيادو سفر ڪري ٿو سگهي ۽ ٻئي شخص کي پنهنجي گهر کان مسجد تائين اچڻ ۾ ڪوفت ٿي ٿئي. هڪ شخص جان جي بازي لڳائڻ لاءِ به تيار ٿو رهي ۽ ٻيو شخص ڪنهن کي هڪ ماني کارائيندي به ان جي جان ٿي نڪري، هنن کي جڏهن وچ وٺي هلڻ جي تعليم ڏبي ته سڀني لاءِ مختلف ٿيندي، ان ڪري وچ جي اصول کي ڪنهن داناءَ مرد يا مربي مرشد جي هدايت مطابق عمل ڪرڻو پوندو يا جيڪڏهن ڪو شخص خود بصيرت جو صاحب آهي ته ان جي پنهنجي بصيرت تي ڇڏڻو پوندو، ان ڪري ئي نبي اڪرم ﷺ جن فرمايو آهي ته توهان صوم و الصواته ۽ عبادت جي ڪثرت ۾ منهنجو نقل نه ڪندا ڪيو، منهنجي ظرف ۽ توهان جي ظرف ۾ وڏو فرق آهي.

 

هرهڪ دعويٰ دليل جي محتاج نه آهي

مولانا رحمت الله عليه هڪ نهايت دانائيءَ جو نُڪتو ٿا بيان فرمائين ته هر دعويٰ دليل جي محتاج نه هوندي آهي، ڪيتريون دعوائون اهڙيون به هونديون آهن جن لاءِ ڪنهن به قسم جي دليل جي ضرورت نه پوندي آهي، ڇو ته هو بذات خود پنهنجو دليل هونديون آهن ۽ پنهنجي خارجي حالت ۾ ڪنهن به دليل جون محتاج نه هونديون آهن، اهڙيون دعوائون جي متعلق هي عام مثال مشهور آهي ته آفتاب آمد دليل آفتاب- يعني سج جيڪڏهن ڪنهن ڏسڻ واري کي چئي ته ڏس مان اڀريو آهيان ته ڏسڻ وارو انهيءَ دعويٰ جو ڪوبه دليل طلب نه ڪندو. هتي دعويٰ ۽ دليل ۾ ڪو فرق نه رهيو هاڻي مولانا رحمت الله عليه ان جي وضاحت لاءِ ڪجهه تشبيهات ٿا استعمال ڪن، پوءِ انهن مان نتيجا ٿا ڪڍن، جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ رات جو انڌيري ۾ پنهنجي ٻار جي پاسي ۾ ستا پيا هجن ۽ ٻار رات جو ننڊ مان سجاڳ ٿي اونداهيءَ ۾ گهٻرائي ۽ روئي ته فورا ماءُ يا پيءُ چوندا ته پٽ گهٻراءِ نه سمهي پئو ڏس مان تنهنجي ويجهو ته آهيان ٻار جيئن ته والدين جي آواز کي سڃاڻي ٿو ۽ انهن جو آواز ڏيڻ ۽ ٻار جو ٻڌڻ ئي دليل آهي. ان ڪري ٻار کي ان آواز تي يا تسلي ڏيڻ تي ڪوبه شڪ نه هوندو آهي، ان ڪري ته نه هو قريب هجڻ جو دليل گهرندو آهي ۽ نه رشتيداري جو بس ٿورڙي آواز سان ئي ان کي تسلي ٿي ويندي آهي، ٻيو مثال وٺو ته هڪ شخص عربي زبان ۾ ڳالهائيندي هيءَ دعويٰ ٿو ڪري ته مان عربي زبان ڄاڻان ٿو ته ان جو دليل خود ان جي دعويٰ ۾ ئي لڪل آهي، ڪو شخص ڪاتب جو ڪم ڪجهه اجرت تي ڪرڻ ٿو گهري ان لاءِ هو هڪ نهايت سٺن اکرن ۾ خط ٿو لکي ته مون کي ڪتابت جو ڪو ڪم ڏنو وڃي. آءُ سٺو ڪاتب آهيان ته ان جو اهو خط هڪ ئي وقت ۾ دعويٰ به آهي ۽ دليل به. اهڙي خط کان پوءِ ڪوبه ماڻهو ان جي ڪاتب هجڻ جو دليل طلب نه ڪندو. هاڻي مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته خدا جا پهتل ٻانها نبي سڳورا ۽ ولي الله جا دعويٰ اهڙن قسمن جا هوندا آهن جيئن ماءُ جو آواز رات جي اونداهيءَ ۾ ٻار لاءِ دليل جو محتاج نه هوندو آهي اهڙي طرح جنهن شخص ۾ صداقت جو ذوق مرده ۽ ان جو روح ڪفر ۽ فسخ و فجور ۾ ڦاٿل نه هوندو آهي. اهو ولي يا نبيءَ کان ڪرامتون يا معجزا طلب نه ڪندو، نبيءَ جو ديدار ئي حق جي طلبگار لاءِ معجزو هوندو آهي، نبي ڪريم ﷺ جن جا پاڪ زندگيءَ جي مطالعو ڪري ڏسو اوهانکي اصحابن ڪرامن مان ڪوبه اهڙو نه ملندو جيڪو معجزا ڏسي ايمان وارو ٿيو هجي. معجزي جي امڪان جو انڪار ڪوبه داناءُ نه ٿو ڪري ليڪن معجزن جي ظاهر ٿيڻ نه ته ابوجهل ۽ ابو لهب کي مومن بنايو ۽ نه وري ڪو حق جو طالب انهن جي تقاضا ڪندو آهي مطلب ته معجزا نه ڪافر جي ڪم ٿا اچن ۽ نه مؤمن جي- ڪافر جي لاءِ پيغمبر جو ڪلام صرف دعويٰ بغير دليل جي هوندو آهي ليڪن جنهن کي بصيرت ۽ خالص عقل الله تعاليٰ عطا فرمائي اهو انهيءَ آواز کي ئي معنيٰ سان ڀريل ٿو سمجهي ۽ ان کان علاوه ڪنهن به دليل جو خواهشمند نه ٿو ٿئي.

دانائي مرد مؤمن جو گم ٿيل مال آهي، جيئن هن حڪمت ۽ دانائيءَ جي ڳالهه ٻڌي فورا انکي پنهنجو سمجهي قبول ڪيو. ڪنهن اڃايل کي چئجي ته هيڏي اچ هن دلي ۾ پاڻي آهي اچي پيءُ ته ڪنهن به وڏي منطقيءَ کان اوهان نه ٻڌو هوندو ته پهريائين دليل ڏي ته برابر دلي ۾ پاڻي آهي ته پوءِ اچي پيئندس ورنه هتي ويٺو اڃ مرندس.

جيڪڏهن ٻار کي ماءُ کير پيارڻ لاءِ سڏي ته ڪو ٻار ماءُ کان ماءُ هجڻ جو يا کير جي کير هجڻ جو منطقي دليل گهرندو آهي؟ ايمان جي طلب ۽ دانائي جيڪا جن انسانن جي ڪيفيت آهي انهن جا روح حق کي سڃاڻن ٿا جتي سچائي نظر اچي اهي انهيءَ ڏي بي تاب ٿي چنبڙن ٿا. الله تبارڪ و تعاليٰ به پيءُ ماءُ کان گهٽ شفقت وارو نه آهي، جيئن ٻار جي آواز تي هو اڌ رات جو به فورا جواب ڏيندا آهن، ته جيئن هن کي تسلي ٿئي، خدا تعاليٰ به ساڳي طرح پنهنجي عيال جي قريب ۽ انهن جو محافظ ۽ محب آهي.

واذا سالک عبادي عني، فاني قريب اجيب دعوته الداع اذا دعانِ – يعني جڏهن منهنجا ٻانها توکان پڇن ته انهن کي ٻڌاءِ ته مان انهن جي قريب ئي هوندو آهيان جڏهن به هو مون کي سڏن ته مان انهن کي جواب ڏيندو آهيان.

 

 

 

 

 

قصن ۽ افسانن جي حڪمت آموزي

 

مولانا رحمت الله عليه جن مثنوي ۾ گهڻا قصا لکيا آهن. جيڪي واقعات جي لحاظ کان يقين ۾ اچڻ وارا نه آهن، جبر ۽ اختيار جي بحث ۾ وڏا اهم دليل جانورن جي زبان ۾ بيان ڪيا ويا آهن، مثلا گدڙ ۽ لومڙي هي چيو ۽ شينهن هي جواب ڏنو، مولانا جا جانور به وڏا منطقي ۽ داناءَ ٿا معلوم ٿين، اوليائن جي متعلق به ڪيترا اهڙا قصا بيان ڪيل آهن جيڪي بلڪل بي بنياد آهن هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص اهو وساري ڇڏي ته عارف رومي رحمت الله عليه مولوي معنوي آهي ۽ ان جو مقصد قصا بيان ڪرڻ يا تاريخي واقعا بيان ڪرڻ نه آهي بلڪ جيڪڏهن طوطو ۽ مينا ۽ جهرڪيءَ جي ڪهاڻي به هجي ته هو ان مان اهم روحاني ۽ اخلاقي سبق ٿو اخذ ڪري ته اهو مثنويءَ کي محض افسانن جو مجموعو سمجهي پري رکي ڇڏي. مگر مولانا رحمت الله عليه جو مقصد حقيقت  ۾ نه شاعري آهي ۽ نه قصا بيان ڪرڻ بلڪ هو حڪمت جي موتين کي نهايت معمولي سيپين مان ڪڍن ٿا. عوام جي دل خوش ڪرڻ لاءِ سندن قصن ۾ گهڻو ڪري جاڏي ڪاڏي بهه پکڙيل ٿو نظر اچي ليڪن تلاش ڪرڻ وارن کي انهيءَ بهه مان اهڙا داڻا ٿا ملن جيڪي داناءَ مرد جي لاءِ دانائي جو سرمايو ۽ عارف لاءِ روح جي غذا آهن.

هڪ قصي ۾ پاڻ يحييٰ جي ماءُ ۽ حضرت بي بي مريم عليه السلام جي هڪ گفتگو لکي آهي، هن کي تاريخي واقعو سمجهي ڪنهن اعتراض ڪيو ۽ چيو ته هيءَ ساري ڳالهه بي بنياد آهي ڇو ته زماني جي فرق ڪري هنن ٻنهين جي ملاقات ته ٿي ئي نه ٿي سگهي، چڱو ٿيو جو ڪنهن هي اعتراض ڪيو ڇو ته ان جي جواب ۾ ئي مولانا رحمت الله عليه کي مثنويءَ جي سڄي تعليمي انداز جي وضاحت ڪرڻي پئي ۽ فرمايائون ته ديني ۽ اخلاقي تعليم لاءِ جيڪي قصا بيان ڪيا ويندا آهن، اهي تاريخي حيثيت سان بيان نه ڪبا آهن، جيڪو باطني اکين جو انڌو هن حقيقت کي نه ٿو سمجهي اهو قرآن ڪريم کي به ”هذا اساطير الاولين“ چئي عرفان کان بيگانو ٿي ٿو وڃي، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا جڏهن مون يحييٰ جي ماءُ ۽ حضرت مريم جي ڳاله ٻولهه لکي ته احمقن چيو ته هن قصي کي مثنوي مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته هي تاريخي لحاظ کان ناممڪن آهي، هن جو هڪڙو جواب ته هي آهي ته روحاني عالم ۽ زمان ۽ مڪان جي دوري جي باوجود ارواحن جي گفتگو ٿي سگهي ٿي. هيءَ ذرا گهري ڳالهه آهي ۽ عوام جي فهم ۾ نه ايندي، پر فرض ڪيو ته هيءَ ڳالهه ٻولهه نه ظاهري عالم ۾ ٿي ۽ نه وري عالم ارواح ۾ ٿي، توکي انهيءَ قصي سان ڪهڙو مطلب؟ اي بيوقوف انسان! مان ته ڪا معنيٰ بيان ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ قصي کي ائين بهانو ٿو بنايان ۽ تون وري قصي جي تفصيل کي چمبڙي ٿو پوين. ڪنهن ڪتاب ۾ جانورن جي زبان سان جيڪي ڪجهه بيان ٿيو آهي ان کي داناءَ ۽ عوام سڀ مزي سان پڙهن ۽ ان مان انساني زندگيءَ جي متعلق دانائيءَ جون ڳالهيون سکن ٿا. جيڪڏهن تون انهيءَ ڪتاب کي فرضي ۽ من گهڙت سمجهي توجهه جي قابل ئي نه سمجهين ته تون پڻ عقل جي ڳالهين کان پري رهجي ويندين، قصو ته هڪ پيماني وانگر هوندوآهي، جنهن سان داڻا ماپيا ويندا آهن، خريدار جو مطلب داڻن سان هوندو آهي، پيماني سان نه، ته هي پيمانو ڪنهن جو ٺاهيل آهي مٽيءَ جو آهي يا ڪاٺيءَ جو پر جيڪڏهن چانديءَ جو آهي ته ان ۾ ڪو کوٽ مليل ته ڪونهي، حڪمت آموز افسانن کي انهيءَ طريقي سان ڏسڻ احمقن جو ئي ڪم آهي، ڪوبه داناءُ مرد ڪنهن افساني کي تاريخي حيثيت سان بيان نه ڪندو آهي، افسانو ته ان جي لاءِ بس هڪ دانائي جو پيمانو آهي. فرضي قصن ۾ به نهايت بلند حقيقتون بيان ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سڪندر ۽ دارا جي تاريخي ڳالهين ۾ به نه ملي سگهن. شمع ۽ پروانو گل ۽ بلبل جا افسانه شاعرن هزار طريقن سان بيان ڪيا آهن، حالانڪه نه ئي پرواني جي جان ڏيڻ ۾ ڪوبه مجاهدانه ايثار آهي ۽ نه ويچاري بلبل کي عشق جي رمزن کان آشنائي آهي، ليڪن عشق جا هزارين باريڪ نڪتا هنن جي فرضي عشق ۾ بيان ٿي چڪا آهن.

 

روحاني عالم جي نسبت تشبيهه ۽ مثال لازمي به آهي ۽ جاهلن لاءِ گمراهيءَ جو سبب به

 

ديني ۽ اخلاقي تعليم ۾ انبياءَ، داناءَ ۽ مصلح انسان گهڻو ڪري تشبيهه ۽ تمثيل کان ڪم ورتو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هيءُ طريقو منطقي دليلن جي مقابلي ۾ زياده اثرائتو ۽ دلپذير هوندو آهي، مگر هن ۾ مشڪل اهو درپيش هوندو آهي ته ڪريل ذهني سطح جا انسان جن جي دنيا ۾ هميشه ڪثرت رهي آهي ۽ رهندي اچي تشبيهه ۽ تمثيل کي ئي چنبڙي پوندا آهن ۽ ان کي ئي اصل حقيقت سمجهي حقيقت کان پري رهجي ويندا آهن. جنت ۽ دوزخ جا مثال مختلف مذهبن ماڻهن جي طبيعتن جي اختلاف جي لحاظ مختلف بيان ڪيا آهن، اسڪنڊينيويا، سويڊن ۽ ناروي ۾ عيسوي مذهب کان اڳ هڪ مذهب هئو انهيءَ ۾ جنت جو تصور اهو هو ته ان ۾ وڏا شڪار گاهه آهن، ۽ ڪمرن ۾ اندر مسلسل سگريون ٻري رهيون آهن، پر ڪجهه نبين سڳورن کي گرم علائقن ۾ ماڻهن کي تعليم ڏيڻي پيئي، آخرت جي اصل ڪيفيت ته هن عالم ۾ نه ڪير ڪنهن کي ٻڌائي سگهيو آهي ۽ نه سمجهائي سگهيو آهي. ايتري ڳالهه يقيني آهي ته زندگي جسماني موت کان پوءِ ختم ته ڪانه ٿي ٿئي ۽ دنيا ۾ جنهن به جيڪي عمل ڪيا آهن انهن جا نتيجا ۽ اثرات آخرت ۾ خاص صورتون اختيار ڪندا جيڪي اتان جي زندگيءَ جي سطح  جي موافق آهن، هاڻي جڏهن گرم ملڪ جو باشندو ٿو پڇي ته مون کي هميشه واري راحت جو ڪو نقشو ٻڌايو ته هن کي هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ڏجي ته سمجهه ته اهو هڪ باغ آهي جنهن ۾ لذيذ ميويدار وڻ موجود آهن ۽ باغ ۾ اندر هر جاءِ تي نهرون ۽ چشما آهن، پاڪ ۽ ظاهري ۽ باطني حسن سان آراسته عورتون ۽ مردن جون محفلون آهن جتي سلامتيءَ ئي سلامتي آهي ڪنهن به قسم جي لغويات ۽ ڪنهن به قسم جو شر ڪونهي ۽ سزا جو تصور باهه جي شدت سان لڳايو ٿو وڃي جنهن کان گرم علائقي جي باشندي جي جان هتي به بيزار ۽ خوفزده آهي، عارف رومي رحمته الله عليه هزارها شعرن ۾ هزارين طريقن سان هن طرف توجهه ڪرايو آهي ته عالم معنيٰ کي عالم صورت سان قياس نه ڪيو ۽ روحاني حقائق، مادي ۽ زماني و مڪاني نه آهن، انهن حقائقن جو اندازو انهيءَ ئي شخص کي ٿي سگهي ٿو جنهن جي لاءِ هي عين اليقين يا حق اليقين بنجي ويون هجن، هڪڙي عارف مرد ڪريل ذهن جي مومنن کان تنگ اچي چئي ڏنو ته هنن ماڻهن ته جنت کي چڪلو ۽ جهنم کي ڪالو لوهار جي بٺي سمجهي ڇڏيو آهي.

تشبيهه ۽ تمثيل، افسانو ۽ حقيقت، صورت ۽ معنيٰ جو مضمون جاري رکندي مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هي گهٽ عقل وارا ماڻهو انهن ٻارن وانگر آهن جو جڏهن انهن کي نحو پڙهائجي ٿو ته زيد قد ضرب عمروا ته هو مولوي صاحب کان پڇن ٿا ته عمرو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو زيد هن کي ماريو؟ استاد چئي ٿو ته مان صرف اعراب سيکارڻ لاءِ هڪ مثال ٿو ڏيان ليڪن شاگرد جيڪڏهن احمق ۽ جهڳڙلو آهي ته چئي ٿو ته نه پهريائين مون کي اهو ٻڌاءِ ته زيد عمرو کي ڪهڙي ڏوهه جي ڪري ماريو. آخر تنگ اچي انهيءَ بيوقوف شاگرد کي راضي ڪرڻ لاءِ معلم چئي ٿو ته عمزو اصل ۾ عمر هئو، انهيءَ عمر هڪ واو چورائي پاڻ سان لڳايو جنهن جو هن کي حق ڪونه هئو ان ڪري مار کاڌائين، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ٽيڏي عقل واري کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽيڏي ڳالهه ڪرڻي پوندي آهي، جيئن ٽيڏي پير لاءِ ٽيڏي جتي ٺهرائڻي پوندي آهي. قاعدي جو سڌو جوتو ان کي پاريو ان کي تنگ ڪندو ۽ ڪاٽيندو ديني تعليم ۾ به گهڻا قصا گهڙڻا پوندا آهن، جنهن مان ڪنهن اهم معاملي جي تلقين مقصد هوندي آهي، عوام به ٻارن وانگر آهي، انهن سان به دروغ مصلحت آميز کان ڪم وٺڻو ٿوپوي ان لاءِ ئي طبعيت افسانن کي پسند ڪندي آهي، جيڪڏهن ان جي سامهون خالص معرفت جي ڳالهه ڪجي ته ان کي سمجهه ۾ نه ايندي ۽ اهو ان کي اعتبار جوڳو به نه سمجهندو.

جنهن شخص جي اندر جون اکيون درست ٿي وينديون آهن ۽ عقل جي ڏندن وانگر ان جي سچائيءَ جا ڏند به نڪري ايندا آهن، اهوئي خالص روحاني غذا کي هضم ڪري سگهندو، پوءِ ان سان حقيقت کي ظاهر ڪرن لاءِ دروغ مصلحت کان ڪم وٺڻ جي ضرورت رهندي آهي، ان کان پوءِ افسانا بازي هڪ طرح جي معرفت جي امانت ۾ خيانت معلوم ٿيندي آهي. نوشيروان جي زماني جو هڪ قصو فردوسيءَ شاهنامي ۾ گهڻي تفصيل سان لکيو آهي ته حڪيم بردز نوشيروان کي عرض ڪيو ته مون هندستان جي ڪتابن ۾ ڪاٿي پڙهيو آهي ته اتي هڪ جبل ۾ هڪڙي ٻوٽي آهي جنهن جو تاثير هي آهي ته جيڪڏهن مردي کي به لڳائجي ته زنده ٿي پوندو، نوشيروان چيو ته وڃ وڃي ان کي ڳولي اچ، بردز مهاراجه قنوج وٽ آيو ۽ نوشيروان جو خط ان کي ڏنائين جنهن ۾ انهيءَ ٻوٽيءَ جي حاصل ڪرڻ جي خواهش لکيل هئي، مهارجه پنڊتن جي هڪ جماعت هن سان گڏي ڏني، گهڻن جوڳين ۽ پنڊتن سان جبلن ۾ گردش ڪندي ان جو پتو پڇيائين مگر ڪوبه انکان واقف نه هئو هاڻي مايوس ٿي واپس وڃڻ جو نوبت آئي ته ڪنهن چيو ته هڪ تمام وڏو رشي آهي هلو ته ان وٽ هلون. امڪان آهي ته انهيءَ کي ٻوٽي بابت خبر هجي چناچه هي حڪيم وٽ پهتو. ان چيو ته حڪيم صاحب توهان کي سمجهڻ ۾ غلطي لڳي آهي. هيءَ ڪا نباتاتي ٻوٽي ناهي، هن ٻوٽي مان مراد گيان يا معرفت آهي، جنهن کي اها حاصل ٿي وڃي ان کي ابدي زندگي حاصل ٿي ويندي آهي. هن چيو ته هڪڙي ڪتاب ۾ هي علم موجود آهي ۽ اهو ڪتاب هڪ راجه جي ڪتب خاني ۾  آهي. اهو ان کي راز جي پردي ۾ رکندو آهي ۽ ڪنهن کي ڏيکاريندو ناهي. حڪيم بردز ان راجه وٽ پهتو ۽ ڪتاب حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪئي مگر راجه صرف انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيو ته اسان جي روبرو ان ڪتاب کي پڙهو ليڪن نقل ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي کي ڏيکارڻ جي اجازت نه آهي، حڪيم بردز حافظي جو تيز هئو انهيءَ اهو ڪتاب ٿورو ٿورو پڙهي ياد ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح پورو ڪتاب نوشيروان تائين پهچايائين. نوشيروان چيو ته واقعي هي ڪتاب عقل جي مُردن کي زنده ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جو ترجمو ڪرايو ۽ نصر ابن احمد سامانيءَ انهيءَ عربي نسخي کي وري فارسي ۾ ترجمو ڪرايو، مولانا رومي رحمته الله عليه هن قصي کي پنهنجي مخصوص انداز سان مثنوي ۾ درج ڪيو آهي، ته آخرڪار قاصد شاهه هڪ گيان يوگيءَ وٽ پهتو ۽ درخواست ڪئي ته مون کي انهيءَ وڻ جوپتو ڏيو ته جيئن ناڪام خالي هٿين شاهي دربار ۾ واپس نه وڃان. شيخ عارف هن جي ڳالهه ٻڌي کليو فرمايائين ته اي سادا انسان هي زمين ۾ پيدا  ٿيڻ وارو وڻ نه آهي. بلڪ معرفت جو وڻ آهي اهو تمام بلند ۽ ڪشادو آهي ۽ منهنجي هن تشبيهه کي به نه چنبڙجانءِ هن حيات بخش شيءَ کي ڪو وڻ ٿو چوي، ڪو سج ٿو چوي، ڪو سمنڊ ٿو چوي، ڪو رحمت جو ڪڪر ٿو چوي. ليڪن ڪوبه مثال هن تي پوري طرح بيهي نه ٿو. تشبيهن ۽ تمثيلن تي نه وڃ بس ايترو سمجهه ته زندگيءَ جي بقا هن جي ڪمترين آثارن ۾ آهي، ان جا اثر به هزارها آهن ته نالا به بيشمار.

 

ذات ۽ صفات

 

مسلمان ۾ خدا جا نوانوي نالا شمار ڪيا ويندا آهن، ليڪن خدا جي ذات ۽ صفات لامتناهيه جي سمنڊ بي پايان جي مقابلي ۾ هي چند قطرا آهن. جيڪي انسان جي ظرف جي مطابق انهن جو تعارف ڪرايو ويو آهي جن صفتن سان انسان جو واسطو ٿي سگهي ٿو اهي بيان ڪيون ويون آهن ورنه خدا جي ذات ۽ صفات جو گهيرو لفظن ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

محمد بهي تيرا، جبريل بهي تيرا، قرآن بهي تيرا

مگر يه حرف شيرين ترجمان تيرا هي که ميرا

خدا کي مختلف مذهبن مختلف نالن سان ياد ڪيو آهي، عيسائي ان کي آسماني پيءُ ٿا چون. ڪجهه هندو رشين هن کي ماءُ به چيو آهي. مسلمان هن کي عام گفتگو ۾ رحمان و رحيم ۽ رب چوندا آهن ، مهاتما ٻڌ هن جي متعلق خاموش آهي ۽ ان کي ڪنهن نالي سان ياد ڪرڻ کي حقيقت کان هيٺ لهي اچڻ ٿو سمجهي، موجوده دور جا فلاسفر مثلا برنارڊ شا ۽ برگسان ۽ علامه اقبال هن کي اخلاقي ۽ ارتقائي قوت ۽ ميلاپ ٿا چون، مگر جڏهن هڪ نالي يا روپ کي چنبڙي ٿا پون ته پوءِ انهن جو به اهو ئي حال ٿو ٿئي جيڪو معرفت کي وڻ سمجهي بيابانن ۽ جبلن ۾ ان کي ڳولڻ لاءِ حڪيم جو ٿيو ۽ هڪ اصطلاح کي ئي دين سمجهي ٻين اصلاح وارن سان جڳهڙو شروع ڪري ٿا ڏين. اهڙن گهٽ سمجهه وارن کي سمجهائڻ لاءِ هي چوڻ گهرجي ته ڏسو زيد هڪ شخص جو نالو آهي. ان جو پٽ ان کي پيءُ چئي سڏ ڪندو ليڪن ان جي پيءُ انهيءَ ئي يزيد کي پٽ چئي سڏ ڪندو، ٽيون شخص ان کي چاچو ٿو چوي ۽ چوٿون ماما ڪري ٿو سڏ ڪري، خدا تعاليٰ جو به اهوئي معاملو آهي، مختلف حالتن ۾ مختلف فردن جون نسبتون ان سان مختلف هونديون آهن ۽ هر نسبت سان هڪ نالو آهي جيڪو درست آهي. خدا جي ذات ۽ صفتون هجن يا ٻي روحاني حقائق ۽ وجداني تجربا ۽ حالتون، لفظن ۾ انهن جو بيان ڪرڻ ائين آهي. جيئن مغز جي مٿان چڙهيل کل هوندي آهي، معرفت جي طرف هلڻ چاهيو ٿا ته پهريائين نالي ۽ روپ کان انهن صفتن جي حقيقت کي سمجهو جن جي لاءِ ڪجهه نالا ۽ صفتون وغيره استعمال ڪيون ويون آهن، جڏهن هن فن ۾ پخته ٿي ويندو ته هي صفتون انهيءَ ذات جي طرف رهنمائي ڪنديون جنهن کان هي صفتون ظاهر ٿيون ٿين ذات ۾ غوطا لڳائيندو ته وحدت جي مقام تي پهچندو، جتي شر به خير جو ذريعو ٿي خير جي هم رنگ نظر اچڻ لڳندو آهي، اتي پهچي نالن ۽ تشبيهن جا سڀ جهڳڙا ختم ٿي ٿا وڃن، جيڪڏهن نالن جي جهڳڙي ۾ الجهي پئو ته پوءِ کلن تي وڙهندا رهو.

 

نفس ۽ بدن

انسان جي صورت ۽ جوڙجڪ جسماني آهي. ليڪن ان جي اصليت روحاني آهي. آسمان ۾ تارن، چنڊ، سج، ۽ ڪتين وغيره جي گردش جو حساب لڳائڻ وارو، ڪائنات جي حقيقت تي غور ڪرڻ وارو، خود پنهنجي ئي جسم جي اصليت ۽ ان جي طريقي ۽ نظام کي جاچڻ ۽ ان کي هلائڻ وارو، لازمان ۽ لامڪان جي معقولات ۽ تصورات کي پنهنجي ئي هڪ نفس جي ڪنڊ ۾ جڳهه ڏيڻ وارو، فطرت ۽ خالق فطرت جي ذات صفات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو صرف ٻن والن جو هڪ مادي جسم ۽ خاڪ جي ذرن جو محض مرڪب ته نه ٿو ٿي سگهي. جسم سان وابستگي هن کي ڌوڪي ۾ وجهي ٿي ڇڏي ته مان بس صرف هي جسم ئي آهيان چئن عنصر جي هڪ اتفاقي ترڪيب سان مان ظاهر ٿي پيو آهيان ۽ انهيءَ ۾ خلل يا خرابي پيدا ٿيڻ سان مان ختم ٿي ويندس ۽ منهنجي ذات وري انهن ئي چئن عنصرن ۾ منتشر ٿي ويندي، هي سڀ ”ماده پرست“ انهيءَ ئي ڌوڪي ۾ مبتلا آهن، هي ڌوڪو سڀ کان پهريائين ابليس کاڌو جنهن آدم عليه السلام کي بس صرف خاڪ جو پتلو سمجهو فرشتن تي به آدم عه جي حقيقت ان وقت کلي جڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ انهيءَ علم کي انهن تي شڪار ڪيو.

حقيقت هيءَ آهي ته انسان هڪ ئي وقت ٻنهين جهانن ۾ ٿو زندگي بسر ڪري هڪ جهان مادي آهي ته ٻيو روحاني جيڪو زمان ۽ مڪان کان تمام مٿانهون آهي، شايد ئي ڪو بدبخت ۽ بي ضمير انسان اهڙو هجي جنهن جي دل ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن روحاني زندگيءَ جي لهر نه پيدا ٿي هجي، چورن، ڌاڙيلن ۽ قاتلن جي نفس کي به همدرديءَ سان جاچيو آهي ته انهن جي اندر ۾ به ڪنهن نه ڪنهن اخلاقي فضيلت جي اظهار جي طرف توجهه نظر ايندي جيڪا حالتن جي خرابيءَ سبب ظاهر عملي صورت اختيار نه ڪري سگهي هجي. مولانا رحمته الله عليه جن کي هن سلسلي ۾ عجيب قسم جو مثال سمجهه ۾ آيو آهي. فرمائن ٿا ته بدڪ جي آني کي جيڪڏهن آري ويٺل ڪڪڙ جي هيٺان رکجي ته انهيءَ مان بدڪ جو ٻچو نڪرندو، ان جو فطري ميلان پاڻيءَ ۾ ترڻ جي هوندو حالانڪ جنهن مرغيءَ هن کي آني مان ڦوڙي دائيءَ جو ڪم ڪيو اها خشڪيءَ جو پکي آهي ۽ پاڻي کان گهٻرائيندي آهي، مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته اهڙي طرح انسان هن خاڪي يا مادي جهان ۾ ڄمي ٿو ليڪن ان جي اصل فطرت روحانيت جي سمنڊ بي پايان ڏي ميلان ٿي رکي، بدڪ جو ٻچو آهيان لهذا مون کي پاڻيءَ ڏي نه وڃڻ گهرجي، ليڪن مان مادي جهان ۾ جسمانيت جي دائيءَ جي ذريعي پيدا ٿيڻ وارو انسان گهڻو ڪري پنهنجي حقيقت ۽ اصليت کي وساري پنهنجو پاڻ کي هن مادي جهان جو يعني خشڪيءَ جو پکي سمجهڻ لڳندو آهي. ۽ روحانيت جي درياهه ڏي ويندي جهجهڪندو آهي، حقيقت ۾ انسان انهيءَ پکيءَ وانگر آهي، جيڪو خشڪي ۽ تري ٻنهين ۾ رهي ٿو سگهي. جيئن بدڪ ڪڏهن زمين تي هلندي آهي ته ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ترندي آهي.

ولقد کرمنا بني آدم وحملناهم في البر والبحر هن آيت سڳوريءَ جي مولانا رحمت الله عليه وٽ صوفيانه تفسير اهائي آهي جيڪا مٿي بيان ٿي، ملائڪن کي جسمان عالم سان ڪو واسطو ڪونهي ۽ ڪيترا جانور سمنڊ ۾ رهي نه ٿا سگهن. مگر انسان بحر ۽ بر بلڪ هوا ۾ به سفرڪري ٿو سگهي، ان کان علاوه روحاني عالم جو بحر بيڪران به هن لاءِ ئي موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com