سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 13

بيان حياتي ابدي طيبہ جو

44- (بيت) مرڻا اڳي جي مئا جڳ جڳ سي جين

سي موٽي ڪين من جيڻ کان اڳي جي جيا

شرح -  فهيم فڪري فهم جو فائق فرمائي رهيو آهي ته جي جوڳي ڦوڳي طالب حق جا طلب تمام جي تاس ۽ اڃ اداس سان پنهنجي نفس سرڪش جي خراب خواهشن ۽ سيئه سڌن کي ماري موت اضطراري کان اڳي پاڻ کي اختياري موت سان ماري محبت مزيد محبوب معنوي سان پاڻ کي حيات ابدي جو حقدار ڪيائون انهن کي ڪڏهن به موت اضطراري ٻيهر ماري نه سگهندو مگر فقط ظاهري طرح هنن جي تن تي موت طاري ٿيندو ڄڻ ته هڪڙي شهر مان لڏي ٻي شهر ۾ حياتي فاني کان ڇٽي حياتي ابدي باقي ماڻي رهيا آهن ڇو ته هو صاحب صادق حب حقاني سبب حياتي ابدي حاصل ڪري چڪا حقيقت جي حال محرمن صوفين وٽ هوائي نفس جي نيستي کي موت چئبو آهي ۽ حق جي حب ۽ محبت کي عاشقن جي اصطلاح ۾ حيات ابدي سڏبو آهي پر حياة المعرفته ۽ حياة البشريته جي وچ ۾ فرق ۽ سنڌو آهي- بشريته جي حياتي وارو ائين آهي پنهنجي قالب ۾ جيئن جو ميت پنهنجي قبر ۾ پوءِ انهي کي پنهنجي وجود مجازي جي ظلمات ۽ اونداهي کان نڪرڻ غير ممڪن آهي ۽ اهل الله حيات الموفته سان جي ۽ جيرو آهي پوءِ حياة البشريه بفحوي الڪريمه زيرين زائل ٿي وڃي ٿي کل نفس ذائقته الموت) پر حيات الموفته ڪڏهن به زائل نه ٿيندي آهي موجب حڪم هيٺين آيت الاهي جي نحيينہ حيلوته طيبته) يعني اسان ضرور هن کي حياتي پاڪ ڏينداسون)  تنهن ڪري مومن مشتاق اهل معرفت جو ٻنهي جهانن ۾ حي ۽ جيرو آهي جيئن جو مومن صادق جو جي هجڻ هن هيٺين حديث پاڪ سان پڻ ثابت آهي المؤمن حي في الدارين) يعني مومن ٻنهي جهانن ۾ جيرو آهي) انهي حقيقت حال تي هي هيٺيون بيت فارسي پڻ صادق آهي (بيت) نميرد هرکرا جانش تو باشي خوشاجاني که جانا نش توباشي) يعني نه مري اهو جنهن جي جان تون هجين اهو ساهه گهڻو سرهو جنهن جو سڄڻ تون هجين) پر جناب خواجه حافظ شيرازي پڻ فرمايو آهي ته  جيڪو به عشق ايزدي سان جيرو ٿي چڪو آهي اهو ڪڏهن به نه مرندو بلڪ هميشه حيات طيبه ابدي جو حقدار ٿي رهندو جيئن جو سندس هن هيٺين بيت مان ظاهر آهي (بيت)  هرگز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق ثبت ست بر جريدهء عالم دوام ما- پر تفسير فارسي ۾ شاه ڪرماني هي آيت ايندڙ پڙهي من کان ميتافا حييناه) يعني جو شخص به مئل آهي پوءِ انهي کي اسان جيرو ڪريون ٿا) علامه ڪرماني آيته مذڪوره پڙهڻ کان پوءِ فرمايو ته هن آيت مان زنده هجڻ واسطي ٽي نشانيون نروار آهن 1. هڪ خلق کان عزلت ۽ گوشه نشيني 2. حق جي دعوت جو داعي هجڻ 3. زبان ۽ دل تي ذڪر جو دوام ڪرڻ) هڪڙي بزرگ صاحب انهي معنى کي نظم ۾ هيٺين ريت نروار ڪرڻ فرمايو آهي (نظم) بر روئي خلائق در صحبت مکشاني مي باش بکلي متوجه بخدائي غافل مشواز ذوق دل و ذکر زبان تا زندهء جاويد شوي درد وسرائي) هن ساري تحقيق مان هويدا ۽ ظاهر آهي ته حي حقيقي اهو هوت آهي جو نه مئل آهي ۽ نه ڪڏهن به مرندو بلڪ هو هميشان جي قيوم دائم قائم آهي ۽ هوندو انهي هوت جو نالو مبارڪ شريعت ۽ طريقت ۾ الله آهي ۽ ماسوي الله ميت آهي ڇو ته اهو عدم ۾ ميت هو وري به جلد مرندو جيئن جو حافظ جي هن هيٺين بيت مان هويدا ۽ عيان آهي.(بيت) من هماندم که وضو ساختم از چشمئه عشق چار تکبير زدم يکسره تر هرچه که هست) مراد مون مقام عشق ۽ فناءِ جي تي پهچڻ سان معلوم ڪيو ته مڙئي مخلوق ميت ۽ مئل آهي- پر جيڪو به جيري جانب جاوداني سان جڙ لڳائيندو سو به جهانن ۾ زنده ۽ جيرو ٿي رهندو جيئن جو زيرين ڪافي خاڪ جي مان پڻ جڙ لڳائيندڙ جو جيرو هجڻ ثابت آهي (ڪافي) جيري سان جڙ لڳائي جيرو به ٿي ويس ديد از دلربا جو ديرو به ٿي ويس

1. نروار نهن اقرب ۾ نيهن نازڪن

غمزن جي گهير گهٽ جو گهيرو به ٿي ويس

2. ذاتي ته ذوق اندر قربن جو اڳ ڪٺل

ڪاتي ڳڻڻ جي آڏو ڳيرو به ٿي ويس

3. لک لن تراني چهبڪ دل جان تي جهلي

هيراڪ حسن هوتن هيرو به ٿي ويس

4. سهڻن جي صحبت اندر سهڻو به آهيان

ميرن جي ماٽ ۾ ميرو به ٿي ويس

5. ٿي خاڪ پاڪ پاڪن جو پير ڇڏ ڪڙي

پاڪن جي پيروي جو پيرو به ٿي ويس

سلوڪن وارن وٽ خمر نالو نور روحاني جو آهي

45- (بيت) جي اٿئي سڌ سرڪ ۾ ته وڃ ڪلالڪي هٽ

       لاهي رک لطيف چئي مٿو ماٽي وٽ

      سر ڏيئي ۾ سٽ پيج ڪي پياليون

شرح- جناب شاه شعراءُ سنڌ فرمائي رهيو آهي ته اي طالب صادق سلوڪي سالڪ جي توکي شراب طهورا جي سرڪ پيڻ جي سرير ۾ سڌ آهي ته تون هردم حضرت ساقي جي ميخانه جو در پاڪ وٺي ويهه پر ويهڻ کان اڳ ۾ وڃڻ سر سڄڻ تان صدقي ڪري پنهنجو مٿو ميخانه جي مالي وٽ رک ته پاڻ سڄڻ ساقي توکي پنهنجي هٿ مبارڪ ساڻ ڪي پرت جون پياليون ڀري پياري ڇو ته پياسن کي پاڻ ساقي سائين پنهنجي هٿ پاڪ سان پيالو ڀري پياريندو آهي جيئن جو زيرين آيت الاهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي آهي وسقاهم ربهم شرابا طهورا) يعني پاڻ پياريندو پروردگار انهن کي شراب پاڪ) هن آيت الاهي جي تفسير جو بيان تفسير ڪلام الرحمٰن ۾ هيٺين ريت لکيل آهي ته جناب حضرت هادي زبر جد ۽ ياقوت ۽ چاندي سفيد جي ساغرن ۾ بي واسطه پنهنجي بي مثل هٿ مبارڪ سان شراب پاڪ پنهنجن پيارن مقربن مشتاقن کي پاڻ پياريندو تانجو اُڃايلن جي دهان ۽ وات وارن چپن تائين پيالو پهچايو ويندو- پوءِ سلوڪي سالڪ ۽ طالب صادق کي گهرجي ته ڀت ڌڻي گهوٽ جي نظريه ۽ آيت الاهي جي ارشاد موجب حضرت ساقي جي ميخانه جو مدامي مهمان ٿي رهي ته پاڻهئي پياريندڙ ميزبان مٿس مهربان ٿي کيس پنهنجي هٿ مبارڪ سان پاڻ پرت جا پيالا پاڪ پياري اهڙي سخي سهڻي ساقي جي ميخانه مقدس تي مهمان ٿيڻ بابت فقير خاڪ جي هيٺين غزل ۾ هن طرح هدايت ڏنل آهي (غزل)

محبت ميڪده جي مي مٿي مستان بڻجي وڃ

سقاهم ربهم ميخانه جو مهمان بڻجي وڃ

نشي ۾ نيهن نازڪ جي سدا نروار ٿي رهه تون

نگهه جي تير تک اڳيان نئون نيشان بڻجي وڃ

محبت مچ مچائڻ لئي مٿو پنهنجو وجهي مچ ۾

پچي مچ ۾ پرين وٽ پاس ٿي پروان بڻجي وڃ

محبت ميٺ سان ماڻهو بڻي پو ويهه ماڻهن ۾

محبت جي نه ٿي من ۾ ڍڳو حيوان بڻجي وڃ

سلوڪي سير سبحاني ڪيو في الارض سيرو سان

دلي ديدار دلبر تي چريو ديوان بڻجي وڃ

حبيبي حب ۾ هردم رهي حورن کي ڪر حيران

رسو رحمت وٺي فردوس جو رضوان بڻجي وڃ

عمل ايمان جهڙي ڪا به دولت ناهه دنيا ۾

عمل ايمان جي دولت ساڻ خود ايمان بڻجي وڃ

رتي ماسي محبت سان رٺل راڻو رجهائي جو

رئڻ جي راڳ رندي سان رضا رحمان بڻجي وڃ

سچن جي سون صحبت ٿي سچن سان ٿي سچو رهه تون

سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان بڻجي وڃ

ڪدو رت قلب مان ڪينو ڪڍي تون خاڪ خادم ٿي

ڪري خدمت سچو مخدوم ۽ سلطان بڻجي وڃ.

 پر ٻي هي آيت الاهي پڻ شاه صاحب جي نظريه موجب سندس بيت مذڪور جو شرح شافي آهي يا ايها الذين آمنوا انما الخمر والميسر الخ  روح البيان  واري جي رائي رفيعه موجب هن آيت جي لفظ آمنوا ۾ اشارو حقيقي ايمان ڏي آهي جو اهو ايمان حقيقي عنايت ايزدي جي قلمه سان مومنن مشتاقن جي قلبن ۾ حق جي ڪتاب ڪريمه کان مستفيد ۽ نفع ياب آهي- شل اهڙو ايمان حقيقي هر حبدار هوت هادي جي کي عطا هجي 2- ته آيته ۾ لفظ خمر جو آهي روح البيان جي رمز موجب خمر جو اشارو شڪر سبحاني ۽ نور روحاني ڏي آهي جو نور روحاني مخلوقيات جي اوليات علوي اعلى آهي ۽ انهي نور روحاني علوي جون طبعي علامتون هي آهن 1. هڪ طاعت ۽ عبادت 2. نياز ۽ نوڙت رب ڪريم جي رضا لاءِ نه ڏيکاءِ ۽ رياءَ لاءِ- پوءِ انهن وصفن وارو ماڻهو مثل ملڪ مقرب جي آهي پر ان جي مخالف خمر ممنوع ۽ حرام آهي جنهن تي ظاهر آيت جو نص نروار آهي اهو خمر هوائي نفساني وارو آهي جنهن کي ظلماني نفساني سفلي سڏيو ويو آهي جو مخلوقات جي اخرويات کان آهي انهي جون طبعي علامتون هي آهن 1.سرڪشي 2. مخالفت 3. انڪار 4. هٺ ۽ استڪبار- رب ڪريم جي عبادت کان انهن وصفن وارو ماڻهو شيطان شقي جي مثل آهي پوءِ جڏهن اهڙي خمر جي غلبه سان عقل جو نور مغلوب ٿي وڃي ٿو ۽ هوائي نفساني جي اونداهين مٿس غالب رهي ٿي ته هو حق جي هدايت ۽ طريق ڏي نه ٿو رجوع ٿئي پوءِ انهي جو نفس  اماره بالسوءِ جي نالي سان نروار رهي ٿو ۽ نفساني شهوتن ۽ حيواني لذتن سفلي جي سڪر ۽ نشي ۾ مدهوش رهي ٿو جنهن تي شيطان سواءِ لگام ڏيڻ جي سوار ٿي گمراهي جي گرداب ۾ اڇلائي ٻوڙي ٿو تان جو هن کي گناهن ۾ غوطا کارائي هلاڪ ڪري ٿو- اهڙي خمر کي لقب لولاڪ جي مالڪ شارع عليه السلام ام الخبائث جو ڏنو آهي جيئن جو هن هيٺين حديث حبيب الله مان ثابت آهي قال عليه السلام الخمر ام الخبائث) فرمايو رسول ڪريم ته شراب مڙني مٺاين جي ماءُ آهي) هن حديث مبارڪ جي عبادت مان عاقلن ۽ عاشقن کي هي به اشارو آهي جيئن جو ظاهري شراب خراب مٺاين مجموعن جي ماءُ آهي تيئن خمر حقيقي حب حبيبي وارو جنهن کي نيهن وارن نور روحاني جو لقب ڏنو آهي سو به همہ حسنات ۽ نيڪين جي ماءُ آهي هن ٿوري لکڻ مان – عاقل کي اشارو ٽوڙي کي ٽارو- تنهن ڪر عارف ايزدي ۽ رند روحاني سدائين حضرت ساقي سخي کان خمرو حدت روحاني گهرندا رهندا ۽ سندس ذوق شوق ۾ رات ڏيهان رت رڙندا رهندا آهن – انهي خمر روحاني جي سرڪ حاصل ڪرڻ واسطي ساقي جي اڳيان زرمال ڇا پر سر به صدقي ڪرڻ کان نه ٽرندا آهن، جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور مان ثابت آهي- اهڙي پيالي پيڻ جا پياسي سوين هزارين ڇا بلڪ لکين ڪروڙين ٿي گذريا آهن ۽ ڪي اڃان تائين هوندا- جن مان ڪن پياسن جو حال خير مقال هيٺ ڏجي ٿو جيئن جو خواجه حافظ شيرازي پنهنجي پياري ساقي کان پيالو ۽ ساغر هئن گهري رهيو آهي الايا ايها الساقي ادرکا ساونا ولها که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها)  خبردار اي ساقي مون کي پاڻ پنهنجي هٿ سان پيالو ڏي ڇو ته پهريون عشق سهنجو هوندو آهي پر پوءِ دشوار ۽ مشڪل ٿي پوندو آهي) تنهن ڪري تنهنجي هٿ حڪمت واري پيالي پيڻ سان پوئين مشڪلات به حل ٿي ويندي ڇو ته جيستائين تون عنايت ارزاني فرمائي ٻانهه ٻيلي ۽ همراهه نه ٿيندي تيستائين سڪي جي سمنڊ عميق مان ڪير تاري ڪنڌي ڪرڻ فرمائيندو سڪي جي سمونڊ سندي سرتاج سنڌ هئن خبر ڏئي رهيو آهي (بيت)  سڪي جي سانباهه جڏهن ٻڏن جي ساهڙ تني کي ٻولي ٻنهي ڪنڌيين)  هن بيت ۾ سڪي جي سفر مان مراد وحدت جي واٽ وٺڻ آهي وحدتي واقفن کي جڏهن پنهل پاڻ پنهنجي پاڪ هٿ سان پرت جو پيالو پياري ڇڏيندو آهي  تن کي سڪي جي سفر ۾ اڃ بک جي ڪا به پرواهه ڪانه هوندي آهي ڇو ته انهن جي اُڃ انهي ڏينهن کان وٺي اجهامي ويندي آهي جنهن ڏينهن کان پنهل پاڪ هٿان پيالو پي وٺندا – تنهن ڪري ظاهر زماني واري پاڻي پيڻ جي گهڻو ڪري کيس ضرورت نه پوندي آهي جيئن جو اڃ اجهائڻ بابت ڀٽ ڌڻي جو فيصلو پڻ هن هيٺين بيت مان پڌرو آهي.(بيت) محبت جن جي من ۾ تن تشنگي تار پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿار پنهل پاڻ پيار ته اڃ سان اڃا اجهائيان)  جناب حافظ  صاحب جي بيت ۾ لفظ ساقي جو ڪم آندل آهي ۽ ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور ۾ لفظ ساقي جي بدران لفظ ڪلال جو ڪم آندل آهي مطلب مال ٻنهي جو هڪڙو آهي فقط لفطن ۾ ٿورو تفسير ۽ فرق آهي ساقي جي لفظ جي معنى  پياريندڙ آهي پر ڪثرت استعمال موجب ساقي شراب پياريندر کي چوندا آهن – صوفين صديقن جي اصطلاح ۾ ساري جي لفظ مان چار شخص مراد آهن 1.  پهريون حضرت حق تعالى بفحوي الڪريمه وسقاهم ربهم شرابا طهورا)  پر انهي حقيقت تي گلشن راز جي شرح هئن روشني وجهڻ فرمائي آهي ته افعالي مرتبن جي تجليات ۾ حق تعالى پاڻ ساقي ٿي پنهنجن عاشقن صادقن کي شراب پاڪ پياري ٿو ۽ جڏهن اهي اهو شراب پاڪ پين ٿا ته محو ۽ فاني ٿي عشق جي ڪشاڪش ۽ سختين کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو لهن ٿا 2. ٻيو ساقي مان مراد مرشد ڪامل آهي جو اهو مرشد محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليه وسلم آهي جيئن جو مرآة المعاني وارو فرمائي رهيو آهي- مرشد ڪامل درينجا مصطفاست هم نبي وهم ولي را رهنما ست) 3. ساقي مان مراد شيخ آهي جو پڻ نائب نبي ڪريم رئوف رحيم صلي الله عليه وسلم جو آهي بفحوي الشيخ في قومہ کالنبي في امتہ يعني مرشد پنهجي قوم ۾ ائين آهي جيئن نبي پنهنجي امت ۾) 4. ساقي مان مراد معشوق آهي جو شائق سندس رخ مبارڪ جي جام مان حسن معنوي جو شراب پين ٿا جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي- ساقي و پير مغلن و مطرب اشعار خوان مرشد ڪامل بود درياب اورابي گزند) اهو سارو تحقيق انيق ساقي جي مرادن مختلفن  وارو حافظ ديوان جي شرح معتبر بدر الشروح ۾ موجود آهي- پر مرشد ڪامل جي حڪم جي تعميل بابت جناب حافظ ديوان وارو هئن فرمائي رهيو آهي-  بمي سجاده رنگين کن اگر پير مغان گويد که سالڪ بي خبر نبودز راه ورسم و منزلها) هن بيت جي تشريح ۾ جناب بدر الشروح وارو لکي ٿو ته- مي مان مراد عشق الاهي آهي۽ سجاده مان مراد وجود مسعود سالڪ جو آهي-  ٿورو اڳتي هلي ساڳي صفحه ۾ فرمايل آهي. اي طالب پنهنجي وجودي سجاده کي صباغ خانهء و من احسن من الله صبغته عشق جي شراب سان رنگين ڪر 12- پر ڪي جاهل صوفي وري پاڻ کي ظاهري شراب خراب سان رنگين رکندا آهن جن کي صوفين صديقن ۽ سچن سلوڪ وارن وٽ ڪا به وقعت ۽ وزن ڪونه آهي پر پاڻ کي سچن جي نظريه موجب روحاني رڱ سان رڱڻ بابت فقير خاڪ جي زيرين ڪافي مان پڻ عبرت پذير سبق حاصل ٿئي ٿو (ڪافي)

رنگريزن کان ملي ٿي روح رڳ دل کي رڱڻ

استري عشقي ڏياري ڏي زبان ڳل کي رڱڻ

1. بره واري باغبان سان گهم وڃي گلشن جمال

گل جي صحبت مان ملي بي ريب بلبل کي رڱڻ

2. وڃ نرولي نيهن وارو ڪونج وانگي ڳول ڪو

هنجهه جنهن جي هنج ۾ لک ڪونج ڪرڳل  کي رڱڻ

3. صبغة الله سوز وارا حشر تائين رنگريز

ملڪ ۾ موجود ڏيندا قلب ڪٽيل کي رڱڻ

4. آدمي نيت سبب ميرا موٽائن ٿا لٽا

جي نه قلزم فيض وٽ وڻ ٽڻ ۽ جهنگل کي رڱڻ

5. قلب ميرو دست ڌوٻي درد واري کان ڌوار

روح ريشم بوسڪي دل من جي مليل کي رڱڻ

6. بافتو بدين سندو ۽ جرم جي جوڙي سڄي

ڏوهه جا ڏوريا ڌئن باور جي بخمل کي رڱڻ

7. خاڪ مخفي ملڪ ۾ ڪيئي رهن ٿا ڪاپڙي

جاچ جوڳي جوءِ ۾ جت روح رٽيل کي رڱڻ

پر جناب حضرت مولانا مولوي معنوي پنهنجي مثنوي شريف ۾ صبغته الله جي رنگ کي هيٺين ريت بيان ڪرڻ فرمايو آهي جو پڻ عالمن عاقلن ۽ عارفن ڪاملن واسطي قابل توجه آهي (مثنوي) گاؤر ارنگ ازبرون مردرا، ازدرون دان رنگه سرخ وزردرا، رنگهائي ليک از خم صفاست رنگه زشتان از سيہ آب جفاست صبغته الله نام آن رنگه لطيف لعنته  الله بوئي اين رنگه کشيف)  مطلب ته مشتاقن مدهوشن ۽ صوفين صادقن واسطي حضرت ساقي سائين جو ميخانو مدامي مڪشوف ۽ کليل رهي ٿو- پر پاڻ سڄڻ ساقي پنهنجن پياسن کان ڪو وقت بطور امتحان ۽ پرکا جي نقاب جي ماتحت روپوش رهي ٿو، تنهن ڪري سالڪ صادق سدائين سوز گداز ۾ جا لگد از ۽ سوداءَ سرجوشي ۾ محو ۽ سرگردان  رهي پنهنجي خيالي پروبال سان پرواز ڪندا رهندا آهن ته من ڪڏهن نه ڪڏهن ميخانه جو مالڪ مهربان ٿي پنهنجن پياسن ۽ مشتاقن کي مهمان ڄاڻي مرحبائي جي صله ۾ پنهنجو مهن مبارڪ ڏيکارڻ فرمائي ته ممڪن آهي ڇو ته عام رواج موجب ميزبان پنهنجن مهمانن سان ملي ملاقاتون ڪرڻ فرمائيندو آهي تنهن ڪري محبت معنوي جي متوالن کي ڪڏهن به ميخانه مبارڪ کان مهن مٽڻ نه گهرجي بلڪ مدامي مي جي محبت ۾ محو ٿي مستغرق رهڻ گهرجي، جيئن جو هيٺين ڪافي فقير خاڪ پر فراق جي مان سڪايل جي سرجوشي ۽ مشتاق جي مدهوشي پڌري آهي.

(ڪافي) عاشق کي سڄڻ ڪارڻ سوداءُ ۽ سرجوشي

خوشرو کي وڻيل آهي شب روز ۾ روپوشي

در ڪوب مٿي ساقي ڪو جام ڀري پياري

تا طرب سري طبعي ٻيو سڪر ٽي مدهوشي

ميخانه منجهان ساقي آواز خوشي آيو

آزرده نه ٿي ميڪش جاري رهي مينوشي

مجنون سيہ زلفن ليلى جو خريدار آ

ليلن ۾ ليلى خاطر مجنون کي بيهوشي

مشتاق ڪري دانهه ٿو دلدار جي در گهر وٽ

خناس سيہ رو ڏئي خطرن جي ٿو ڪن گوشي

غواص طرح در عدن بحر مان ملندو

سڪ ساڻ صدف دل ۾ ڳوليان بقلب ڪوشي

رکه خاڪ سدا سيني سڪ سرڪ سرمدي جي

پر جوش فغان ساڻ ڍڪي درد دلق پوشي

عاشقن جي گستاخي به عين ادب آهي

46- (بيت) ڪڍي ڪان ڪمان مون ميان نه مارج مون

مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي

شرح – هن بيت ۾ ظاهري طرح عاشق صادق جي پنهنجي پنهل پاڪ سان جو حقيقي هوٽ آهي گستاخي نظر اچي ٿي پر اها اهڙي نمونه واري اهل ظاهر وارن وٽ گران گستاخي آهي پر اهل باطن وارن وٽ جي صاحب سلوڪي سوز گداز ۽ صدري سڪ ساز سان ممتاز آهي تن جي گستاخي گستاخي نه آهي بلڪ عين ادب آهي ڇو ته انهن عاشقن صادقن کان اهڙا اشعار گستاخانه عشق ايزدي جي جوش جذبي کان بي اختيار جاري ٿي ويندا آهن جي حقيقت وارن وٽ بي ادبي نه آهن بلڪ عين ادب آهن تنهن ڪري جناب لطيف جي لات مذڪوره پڻ جوش جذبي جو باعث ۽ ڪارڻ آهي نه غير- اهڙو جوش خروش وارو ڪلام عارفن ڪاملن ۽ سالڪن صادقن وٽ گهڻو ڪري ادب ۾ شمار آهي نه گستاخي ۾ جيئن جو زيرين آيت زرين مان جا آيته الاهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي آهي تنهن مان چٽي طرح صفائي سان ثابت آهي ان هي الافتنتڪ) س اعراف) يعني نه آهي اهو مگر تنهنجو فتنو) هن آيته الاهي ۾ حضرت موسى عليه السلام نهايت جذبه ۾ اچي انهي وقت اهو گستاخانه نغمو نروار ڪرڻ فرمايو آهي جنهن وقت ناگاه سندس نظر انهن بني اسرائيل وارن مشيرن تي پئي جي طوري تجلي جي تاب شديد سبب مئل ڏٺائين  تنهن ڪري هڪدم جوش زن ٿي فتنہجي نسبت پنهنجي رب ڪريم رئوف رحيم ڏي ڪري چڪو آهي جا نسبت ظاهر ۾ وڏي بي ادبي ۽ گستاخي آهي پر حقيقت جي رنگ روحاني موجب گستاخي نه آهي بلڪ عين ادب آهي ڇو ته حضرت موسى عليه السلام مٿين مشيرن ۽ مولا پاڪ جي وچ ۾ دلال هو تنهن ڪري ڪمال قرب اُنس ۽ و روح جي کي پهچي اهڙي جراعت ۽ گستاخي تي تيار ٿي اقدام فرمائڻ لڳو آهي- ڇاڪاڻ ته دلال به محبوبيت جي درجي ۽ مرتبي ۾ ممتاز هوندو آهي تنهن ڪري موسى عليه السلام قدوسي ڪلام ۽ رسالته رب الانام سان نوازيو ويو آهي توڙي جو طوري تجلي سان بيهوش ٿي چڪو هو مگر مٿين مشيرن وانگي  اڦٽ مري ويل نه هو – ڇو ته هنن بي ادبن قدوسي ڪلام کي بطور امتحان ۽ ابتلاءَ جي ٻڌو هو تنهن ڪري بي ادبي جي سزا پوري پوري ڀوڳيائون جو انهي سزا ۾ اڦٽ مري ويل نظر آيا جن جي اڦٽ مرڻ موسى عليه السلام جو جذبو جاڳايو جنهن ڪري انهي گستاخانه جمله ڳالهائڻ جو مرتڪب ٿيو پوءِ موسى جي پرجوش عتاب سان کين رب ڪريم جيرو ڪرڻ فرمايو- باقي حضرت موسى عليه السلام هنن وانگي نه مئو فقط بيهوش ٿيو ڇو ته حضرت موسى قدوسي ڪلام بطور تڪريم ۽ اجلال ٻڌو هو نه بطور امتحان جي- تنهن ڪري سندس گستاخي به الله تعالى وٽ عين ادب نظر آئي انهي سبب سندس عرض عتاب تي مئل مشيرن مذڪورن کي ڌڻي تعالى دوباري  جيرو ڪرڻ فرمايو- پر حضرت مولانا قدس سره پڻ پنهنجي مثنوي ۾ فرمايو آهي ته گستاخي عاشق جي ترڪ ادب جو نه آهي بلڪ عين ادب آهي گفت گوئي عاشقان در کار رب جوشش عشق ست نه ترکه ادب هر که کردار جا مئه يکه جرعه نوش نه ادب ماند درو نه عقل و هوش)  پر فقير خاڪ وري فراق ۽ جذبه جدائي جي جوش کان پنهنجي جاني جي جيار کي هئن چئي رهيو آهي (بيت)  ڪڍي ڪان ڪمان مون هوت نه هڻج هاڻ، مون ۾ آهين پاڻ تمان تنهنجو ئي توکي لڳي) پر هيٺين ڪافي فقير خاڪ جي جواني جي اوج ۾ تخلص خطائي سان چيل آهي جا ڪافي پڻ ظاهر وارن وٽ گستاخي سان ڀرپور نظر اچي ٿي پر باطن وارن وٽ عين ادب آهي (ڪافي) نگار رخ تي نقاب ڇا کون وڌو اٿو آ خيال ڪهڙو، نقاب رخ تان پري ڪرڻ ۾ رسي ٿو وبال ڪهڙو

1. نظر ۾ نازو ادا سان نازڪ عشاق جي دل لٽي کسي پو

ڏئي جدائي جگر جلائڻ ۾ آ اوهان جو جلال ڪهڙو

2. رموز چشمن اوهان جي ريهي چريو ۽ مجنون مون کي بنايو

اڃان به رخ تي نقاب آڻڻ عجب هي ڌاريو خصال ڪهڙو

3. نقاب رخ تي وجهي نه شمس و قمر ۽ اختر اوهان وجهو ڇو

نقاب لاهي نهار نازڪ نظر سان ٿيندس نهال ڪهڙو

4. فراق تنهنجو سقر جي آتش سڙن ٿا عاشق نفعو اوهان ڇا

جي تيخ بران سان مون کي مارين ته تنهن ۾ تنهنجو ڪمال ڪهڙو

5. فراق ۾ ڇا مهينه هفتا لنگهي ورهه ويا وڇوڙي اندر

اڃان عنايت وصال ناهي سنگين دل ٿئين ڪلال ڪهڙو

6. دنيا جا اڪثر عجيب رخ جي ضيا کي رخشان رکن مدامي

لکين پتنگه ٿين شهيد تنهن تي اوهان قبوليو مثال ڪهڙو

7. زڪواة جيڪو ڪڍي نه گنج جمال مان سو سخي نه سڏبو

انهي تونگر جمال جي کي ڏسيو ته جاه و جمال ڪهڙو

8. خدارا خوشرو کلي ڏيکاريو ديدر دلڪش حياتي اندر

مرڻ کان پو جي قبر تي ايندا اهو اسان لئي وصال ڪهڙو

9. فراق ساڙي بدن کي ٻاري ڇڏيو رهيو آهه ساه باقي

منگي خطائي ملڻ ملافي ملو جي جاني محال ڪهڙو

سمونڊ جي سيوا ڪرڻ بابت صلاح سود مند

47- (بيت) سيوا ڪر سمنڊ جي جنهن ۾ جر وهي ٿو جال

سوين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لعل

جي ماسو ملئي مال ته پوڄارا پر ٿي وڃين)

شرح- جناب سرتاج سنڌ جي نظريه موجب سمنڊ ٽن قسمن تي ورهايل آهي هڪ سمنڊ وحدت جو جنهن جي ڪنڌي ڪناري جو ڪنهن کي به ڪما حقہ پتو پرو ڪونه آهي جنهن جي هر هڪ سير ۾ سوين ماڻڪ موتي ماهر معرفت جا ماڻيندا رهندا آهن، تنهن ڪري انهي وحدتي سمنڊ ۽ قلزم عميق جي چند سيرين جي صفت لاءِ جي دنيا جا درياء مداد ۽ مس ڪجن ۽ وڻ ٽڻ قلم بنائي ملائڪ مجموعي حيثيت سان ۽ جمله جن ۽ انسان سندس صفتن جي صفت لکن ته ساري درياء جي مس سڪي کپي ويندي ۽ وڻن وارا قلم ڪيئي ڀڄي ڀري ڀورا ٿي ويندا ۽ ماڻهو جن ملائڪ  لکڻ کان عاجز ٿي پوندا پر وحدتي سمنڊ جي شان جو ڪو پتو پرو نه پوندو موجب مصرعه  زيرين جي- درين ورط کشتي غرق شد هزار)  تنهن ڪري انهي قلزم بي ڪنار جي ڪڇ ڪٿ ماپ ڪرڻ ائين آهي جيئن جو منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ ويٺي ڪڇي اڀ) تنهن ڪري جناب ڀٽي ڌڻي توکي ۽ مون کي سهڻي صلاح ڏيڻ فرمائي چوي ٿو اي اهڙي سمنڊ بي ڪنار جي سيوا ڪرڻ جنهن جي جر عميق جي هر هڪ سير ۾ معرفت جا موتي ماڻڪ ۽ هدايت ۽ حب حقيقي جا هيرا ۽ لقاء  لاهوتي جا لعل سوين وهندا رهندا آهن پوءِ جي توکي سيوا ڪرڻ سبب معرفتي موتن ماڻڪن مان هڪ ماسي جي مقدار جيترو مال ملي وڃي ته پوڄارا پر ٿي وڃين انهي نظريه جي تائيد هن هيٺين آيت الاهي مان نروار آهي قل لوکان البهر مداد الڪلمات ربي لنفدالبحر قبل ان تنفد ڪلمات ربي) چؤ تون ته جيڪڏهن وحدتي واکاڻ لاءِ درياءَ مس ڪجن ته وحدتي واکاڻ پوري ٿيڻ کان اڳي دريائن جي مس کٽي ويندي)  پر شيخ سعدي رح به قلزم وحدتي بي ڪنار جي ماپ کان مغلوب ٿي بي اختياري سان هئن چوڻ تي تيار ٿي عاجزي جو اقرار ڪري ٿو توڙي جو هو هر ورق سندس نظر هشيار آڏو دفتر معرفت جي قلزم واري ڪنڌي ڪناري جو ڪو به پتو پرو نه ٿو ڏئي سگهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت) برگه درختان سبز در نظر هوشيار،  هر ورق دفتري ست معرفت کردگار) مطلب ته انهي سمنڊ وحدت ۽ معرفت جي ماپ ۾ ويچارو سعدي سڳورو ڇا بلڪ لکين انبياءَ اولو العزم ۽ عرفاء اعظم عاجزانه آواز سان زيرين مقوله معروفه عربي آلاپيندا ويا آهن ته ماعر فناکه حق معرفتڪ يعني اسان نه سڃاتو توکي حق سڃاڻڻ تنهنجي جو) 2. سمنڊ سرمدي ۽ قلزم عميق احمدي قرآن ڪريم آهي جنهن جي سٽ مثل سير سمنڊ جي آهي جنهن ۾ سوين سود مند معرفت جا موتي ماڻڪ ماهرن کي جاري ساري نظر ايندا آهن پوءِ جي قرآن ڪريم جي سيوا ڪندڙ کي ڪو ماسي جيترو مال معرفت نور حقائق قرآني مان ملي وڃي ته سندس پوڄارو عمر ڀر ڀرپور ٿي وڃي ڇو ته حقيقت قرآن ڪريم جي ڪن ڪن ڀاڳ وارن تي کلندي آهي پر ظاهري قرآن جي قلمن پاڪن جو اهو اعلى قدر آهي جن صفت ۾ دنيا جي دريائن جي مس به کٽي وڃي ٿي- مگر ڪلمات قرآني جو قدر اڃان به اڻ کٽ رهي ٿو جيئن جو قرآني ڪلمن پاڪن ڏي هن بيت هيٺين ڀٽ ڌڻي جي مان پڻ پڌرو پتو پوي ٿو (بيت) ڪوڙيين ڪتابن ۾ حرف مڙوئي هيڪ جي نظر هجيئ نيڪ ته بسم الله ئي بس آ) پر هي  هيٺيون بيت فارسي پڻ انهي حقيقت تي روشني وجهي رهيو آهي (بيت) بدر ياد رمنافع بي شمار ست اگر خواهي سلامت در کنارست) 3.  ٽيون سمنڊ دنيا جو جهان ۽ دنيائي سمنڊ آهي جنهن جي بابت ڀٽ ڌڻي اڳي فرمائي چڪو آهي جنهن جو تفسير ۽ شرح پڻ مٿي ڄاڻايل آهي، اهو بيت هي آهي (بيت) دنيا سڀ درياءُ ڪو ڪو تارو تنهن ۾، ڪي لڙهي لهوارا ٿيا ڪي طالبن توڙاهه جن جو عشق ساڻ الله لهر نه لوڏي تن کي)  انهن ٻنهي سمنڊ جي سير سير ۾ به سوين سوين مقاصدن معرفت ۽ شريعت طريقت ۽ حقيقت جا ماڻڪ موتي لعل لڙهندا رهن ٿا پوءِ جي انهن جي سير ۾ فڪر سليم ۽ عبرتي عين عليم سان غوطه خور ٿي غواص ٿيندو ته هيرا لعل ۽ ماڻڪ موتي جي ماڻڻ جو  مستحق ۽ حقدار ٿيندو جيئن جو ڀٽائي جي زيرين بيت مان انهي ڳالهه کي ٽيڪو ملي ٿو (بيت) هي گهت غواص جيئن سمنڊ سوجهائون پيهي، منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون، آڻي ڏنائون هيرا لعل هٿن سان)  هن هيٺين آيت شريف مان اشارو آهي ته انهن دريائن ۾ ٻيڙن جي ذريعي سان دين دنيا جي تجارت ۽ واپار ڪري موتي ماڻڪن جو وڻج ڪرڻ مباح ۽ جائز آهي جو دريائن ۾ سوداگري جي غرض لاءِ سوار ٿي سود پرائجي بفحوي الڪريمه ولتجري الفلک بامره ولتبتغوا من فضلہ) يعني الله جي حڪم سان درياءَ ۾ ٻيڙين هلندڙن تي هسوار ٿي سوداگري ڪريو) تنهن ڪري انهن سمونڊن جي سيوا ڪرڻ مان مراد دين دنيا جو سود ۽ نفع پرائڻ آهي ڇو ته انهن جي سيرن ۾ سوين  سودمند ماڻڪ موتي ملن ٿا پر موج جو خوف به لاڳو آهي جن لاءِ ڀٽ ڌڻي مٿي چئي چڪو آهي ته ڪي لهرين ۾ لڙهي ويا ڪي طالبن توڙاهه پر ڪنهن فارسي دان فرمايو آهي ته (بيت) سوده ريالنيک بودي گرنه بودي بيم موج صحبت گل خوش بدي گم نيستي تشويش خار) تنهن ڪري ڀٽ ڌڻي جي نظريه موجب هن دنيا جي درياءَ ۾ ماڻهو موتي ماڻڪ ڳولڻ ۽ وڻجڻ آيو آهي پر اسان ته غفلت ڪري فقط سيهي ڪمائڻ تي سندرو ٻڌو آهي باقي موتن ماڻڪن جي ڪمائڻ جي ڪوشش ئي ڪانه آهي اسان پارن جي حال پرملال تي لطيف لاڏلي جي زيرين لات پوري پوري صادق آهي. (بيت) ڪيو ڪمايوم پر موتي مون نه وڻجيو سيهي جو سيد چوي وکر وهايوم، اوچتو آيوم سودو صرافن سين)  مطلب ته اسان مردن توڙي عورتن خواب غفلت ۾ عمر اجائي وڃائي ٺڪرن ڀترن جا ڀانڊا ڀري رهيا آهيون وگر نه موتن ماڻڪن جو وکر ڍيرو ڍير  موجود آهي جيئن جو سنڌ جو سرتاج فرمائي رهيو آهي ته (بيت) وکر ڍيرون ڍير پر وهائيندڙ ويسلا ڪن وهائي وس ڪيا ڪني ڪئي اوير سٽون ڏيندي سير وکرو وڪامي ويڙو) حاصل ڪلام ته غفلت ۾ گذاريل عمر ۽ جواني جوڀن تي پشيمان ٿي پاڻ تي ملامت ڪرڻ ۽ پنهنجي بدحال پرملال تي صدبار ڇا بلڪ هزار بار حيف  ڪرڻ لائق ۽ مناسب آهي پنهنجي حال تي هي هي ۽ حيف ڪرڻ جو عبرتي سبق هيٺين ڪافي فقير خاڪ جي مان وٺڻ گهرجي ( ڪافي) حيف هٿ تنهنجي کان وئي جوڀن جواني، جوت حيف تو نه ڪئي نيڪي سندي ڪنهن ڏينهن ۾ ڳڻ ڳوت حيف.

1. لکه لڏي ويا ديس پنهنجي تي وکر وڻجي کڻي

تو نه موتي وڻجيا پئي عمر ۾ آ اوت حيف

2. برف آ تنهنجي حياتي روز سج جي تاب تي

عمر تنهنجي ٿي ڳري مقصود تنهنجو فوت حيف

3. لڏ لڏڻ جا رات ڏيهان نڙ نغارا ٿا وڄن

تون نه اي ٻوڙا ٻڌين ٿو موت وارو صوت حيف

4. خاڪ خالق کان گهرين وٺ ڏوهه جي معافي هتي

تو نه راتن ڏينهن ۾ روئڻ سندي ڪئي روت حيف

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com