سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 15

. تصديق از قلم قابل اديب عاقل شاه لطيف جي شائق ۽ رسالي جي عاشق جناب خان صاحب مسٽر عطا محمد خان ڪاندڙهه ايڊوڪيٽ ميهڙ جي

مون هي ڪتاب مستطاب نالي خزانته العارفين حصهء اول جوڙيل جناب حضرت قبله خاڪ صاحب سيف سبحاني رهبر روحاني صديقي ڪاندهلوي جن جو گهڻي ڀاڱي مطالع ڪري ڏٺو آهي. اڄوڪي زماني جي ماحول واري مخلوق عام ۽ اديبن ۽ عاقلن جي طبقه خاص کي پڻ اهڙي ڪتاب ناياب جي جو صوفيانه رنگ ڍنگ تي تصوف جي تحقيق انيق موجب جديد نمونه جي طرز تي جناب سرتاج سنڌ جي چند ابياتن جو الاهي آيتن سان سينگاريل شرح آهي سخت ضرورت هئي. جا ضرورت سهڻي صورت ۾ ڌڻي پاڪ پنهجي فضل ڪر۾ سان هٿان حضرت خاڪ صاحب پيرسن ۽ بيمار جي پوري ڪري  ڏيڻ فرمائي. شال ڌڻي تعالى اڃان به سندس عمر سڳوري دراز ڪرڻ فرمائي ته باقي رهيل حصا خزانته العارفين جا تيار ڪري جهان وارن جي دعا ۽ جس کٽڻ جي واڌو مبارڪ ماڻڻ جو مستحق رهي. آمين ثم آمين

نيازمند عطا محمد وڪيل ميهڙ

 

11. تعارف ذي المعارف از قلم عاقل عارف جناب پير شمس عالم شاهه راشدي صاحب

جناب حضرت قبله گاه مقبول درگاه جامع شريعت طريقت حقدار منصب مرشديت مجاز ملڪاني رهبر روحاني ملقب بسيف سبحاني صديقي ڪاندهلوي جن جو جوڙيل عمدو رسالو لطيف سائين جي چند بيتن جو لاثاني شرح نرالو. ڏسڻ وارن جي ڏسڻ لائق ۽ پرت وارن جي پسڻ لائق آهي، ڇو ته اهو رسالو صوفين صديقن جي رنگ ڍنگ تي برپا ٿيل وره وارن جو ونگ ۽ الستي عاشقن لاءِ عبرتي انگ آهي. تنهن ڪري جن جي اندر ۾ الستي رنگ اثر ڪرڻ فرمايو آهي، انشاء الله تعالى سعادت سرمدي ماڻڻ ۾ دم دير نه ڪندا پر اميد ته هي رسالو فيض الاهي جو پر پيالو ٻين جي واسطي به پوري طرح فائدي رسان ثابت ٿيندو. هي ته رسالي جي رهبري مان فائدو پڌرو پديد ديده ديد آهي پر رسالي جي جوڙيندڙ رهبر روحاني جي صحبت سوني ته سون تي سهاڳي جو ڪم ڏئي ڏيکاريندي پر ڪو پياسي پرت جو ۽ سڪايل سڪ جي سرڪ جو سلوڪي سرت سان سندس صحبت پر محبت ڪري ڏسي ته کيس پورو پورو پتو پئجي ويندو و ته عطر عجيب اهو آهي جو پاڻ بوءِ بهار جي ڏيکاري نه اهو جو عطار چئي ٻڌائي موجب مقوله معروف زيرين جي، عطر آن ست که خود بيويد نه آنکه عطار گويد. هن لڪل گوشه نشين لعل جو مثرب مدامي  لطيف لاثاني وانگي پاڻ کي گهڻو ڪري لڪائڻ جو رهيو آهي وگر نه اڄ تائين سندس لک مريد هجن ها، تنهن هوندي به هن رهبر روحاني جا نه فقط عام آدمي خفيه طريقه موجب مريد ۽ معتقد آهن پر ڪيترا معزز ۽ خاندان  به سندن فيض کان فائز ٿي ويا آهن پر تن مان جي صاحبن کي شاگردي ۽ ارادتمندي مان حظ حاصل ٿيو آهي تن مان قابل ذڪر هيٺين نالن وارا صاحب پڻ آهين.1.پير شمس عالم شاه راشدي 2. حاجن شاه راشدي 3. رشيد شاه راشدي ساڪن لعلو رائونڪ 4. پير علي شاه سيد مرحوم ساڪن ڊينگل ماڇي 5. پير قاسم شاه سيد 6. حافظ محمد شاه پيچوهن وارو 7. حبيب الله شاه سيد گاجي وارو 8. پير حيدر شاه لاکائي مرحوم قبي ڌڻي 9. عبدالله خان چنه صاحب اديب سنڌ رٽائر ڪليڪٽر صاحب 10. مختيارڪار صاحب يار محمد خان ميمڻ جو پوءِ ڪليڪٽري جي اعلى عهدي تي فائز ٿيل هو 11. مختيارڪار غلام محمد ڪلهوڙو مرحوم قمبر وارو 12. سردار بهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو باليشاه وارو 13. جناب مولوي مير ولي محمد خان چانڊيه داماد نواب غيبي خان ديره واري جو 14. مولانا علي محمد صاحب مدرس ۽ پيش امام معلم مير ولي محمد خان ديره واري جو 15. مير تاج محمد خان سردار ڪڇي حسين خان چانڊيه جي ڪور وارو 16. حاجي محمود خان ايزدي ڪاندهلوي وڏو زميندار ڳوٺ دائود ڪانڌڙو 17. رئيس جعفر خان چانڊيه فتح پور وارو 18. حاجي آدم خان مشوري ويٺل ڳوٺ پنهنجي نزديڪ اسٽيشن باڪراڻي 19. حاجي عرس محمد خان داروغو مشوري ويٺل ڳوٺ آدم خان مشوري في الحال ٽنڊي محمد خان جي نزديڪ نوڪري تي چڙهيل آهي. 20. حاجي حافظ مولوي ميان مولاداد صاحب اسٽيشن دوڙ وارو 21. مولوي محمد صالح ڪولاچي باڊه پراڻي وارو 22. مولوي غلام محمد عرف سجاول مشوري مرحوم فريد آباد جتوئي وارو 23. مولوي عبدالحليم کوکر حسن آباد وارو 24. حڪيم عزيز الله شيخ بوٿري وارو 25. مولوي محمد گاجي کهاوڙ وارو 26. قاري خان محمد نصير آباد وارو 27. حاجي نصر الله صاحب نصير آباد جي جامع مسجد جو پيش امام 28. حاجي حبيب الله صاحب ڀنگر بڪيجن وارو 29. ميان غلام النبي خان گوگاڻن وارو 30. ماستر عبدالقادر شائق صاحب اديب فاضل بي. اي جو امتحان پاس ڪيل آهي. 31.  جناب ماستر جمعه خان غريب ايڊيٽر اديب سنڌ رسالي وارو 32. مشهور شاعر ضامن دادو وارو وغيره وغيره. تنهن ڪري هن بزرگ ڀلاري کي پيرن جو پير سڏڻ مناسب آهي نه فقط عام جو پر تنهن هوندي به هن ولايت جي وارث کي ڪا به وڏائي ۽ فخر ڪونه آهي، بلڪ سدائين پاڻ کي فقير خاڪ سڏائيندو رهي ٿو. باقي اڄوڪن پيرن جديدن کي جيڪو پنهنجي پيري فقيري تي فخر ۽ ناز آهي سو قابل عبرت ۽ لائق نفرت آهي ڇو ته ڪن ته اهل طريقت ماهر معرفت جي کان  سند به نه ورتي آهي بلڪ پاڻ مرادو لئي مان لٺ ڀڃي ڌڻ جا ڌنار ۽ ڏانداري مان صبرڪتي جا سزا وار بڻيا آهن جن صاحبن تي زيرين بيت ڀٽ ڌڻي جو پورو پورو صادق اچي ٿو. بيت. هنجهه هلي ويڙا، ويا مور مري وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانيارن جو. کوٽن ۽ کرن کي شريعت پاڪ جي ڪسوٽي تي پرکڻ گهرجي وگرنه خوف حساب واري ڏينهن ته ازخود کوٽا کرا ظاهر ٿي پوندا، جيئن جو سرتاج  سنڌ جي زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت)

جوڳي هن جهان جا ڏئوٽا ۽ ڏئوٽا پني کائن پيٽ ۾ ٽڪر ۽ ٽوٽا کرا ۽ کوٽا پورب ٿيندا پڌرا)

فقير پير شمس عالم شاه راشدي از لعلو رائونڪ

12. تصديق از قلم قرب ڪامل مولوي فاضل محمد صالح صانہ الله عن صحبته الصالح ڪولاچي

جناب حضرت قبله عالم سالڪ سالم شمس شريعت طريقت ماهر معرفت حقيقت مرشد مجدد مهدي رهبر هادي سيف سبحاني زائر حبيب حقاني خليفه درگاه ملڪاني جن جو جوڙيل هي رسالو نالي خزانته العارفين مون اول کان وٺي آخر تائين ڏٺو آهي. ڏسڻ سان ڏاڍو وڻيو ۽ بلڪل پسند پيو ڇو ته سارو رسالو آيتن ۽ حديثن ۽ سلفن صالحن جي سونن قولن سان سينگاريل آهي. وحدت جي وڻجارن ۽ معرفتي موتين ماڻڪن جي خريدارن واسطي ڄڻ وڏي وکار ۽ وٿ آهي، جنهن وکار مان هر ڪو وڻجارو  وحدتي ورهه جا وکر وٺي وڻجي وهائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به حبدار حق جي کي ههڙي صوفي صادق جي صحبت سوني حاصل نه ٿي آهي تنهن واسطي هن رساله بي بها جي رهبري پڻ ڪافي فائدي مند ثابت ٿيندي ڇو ته درد وارن جو ڪلام به پردرد هوندو آهي، جيئن ڪنهن دردي صاحب اردو زبان ۾ آلاپيو آهي. کيا کهون کسکو کهون کس کو ميرا درد هـﻶ،  لفظ درد خود مين هون جس په الڻون درد هـﻶ.  پر جي اڃان به ڪن قربدارن ۽ پرت جي پنڌ پڇڻ وارن کي حضرت ساقي صادق مذڪور جي صحبت سوني ۽ قرب قيمتي جي حاجته هجي ته اهڙن جي صحبت هڪ ساعت سان سالن جي عبادت کان وڌيڪ فوزي فيض جو فائدو پرائي سگهجي ٿو، جيئن جو انهي بابت مولانا مثنوي صاحب جو فيصله ڪافي حجت آهي. مثنوي، يکه زماني صحبت با اوليا بهتر از صد سال طاعت بي ريا، پر اڄوڪي زماني جي ماحول مذموم ۾ صحبت صادقن جي ۾ وڃڻ ۽ وڃي وحدتي هيرن لعلن جو وڻجارو ٿيڻ ڏاڍو دشوار ۽ محال آهي مگر جن کي غفور گهري ته اهي گوهرن جا وکر وڻجي سگهندا وگرنه نه،  جيئن جو ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي (بيت) ويا سي وينجهار هيرا لعل وڌين جي قدر وارا ڪم ٿيا کٽا خريدار ڪٽن ڪٽ لوهار هاڻي انهين ڀيڻيين. هائو جنهن جوان پهلوان مجاهد ميدان جي کي جذبو عشق الاهي جو الله واحد کان وهب طور عطا ٿيندو ته اهو جوان جوڳي ٿي جهان ۾ جاچي ڳولي به صوفين صادقن جي صحبت سوني هٿ ڪري وحدتي وکرن جو وڻج وڻجي سودي سعادت جي سان سودمند ٿيندو، جيئن جو وکرن جي وڻجاري ڀٽائي پياري زيرين بيت ۾ وکر وهائڻ بابت چٽو فرمايو آهي (بيت) وکر ڍيرون ڍير پر وهائڻ وارا ويسلا ڪن وهائي وس ڪيا، ڪني لائي اوير ستون ڏيندي سير وکر وڪامي ويڙو.

انا المصدق فقير محمد صالح

مريد درگاه ڪاندهله شريف

13. تصديق از قلم ڪامل يقين ۽ عالم ذهين ميان عبدالحليم کوکر حسن آبادي عفي عنه

جناب حضرت قبله گاه مريدن پشت پناه مخزن معرفت آگاه اسرار حقيقت پروان شمع شريعت تاجدار طريقت رهبر روحاني لقب يافته سيف سبحاني خليفه درگاه ملڪاني جناب حضرت ابو الاقبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي جن هي رسالو نالي خزانته العارفين جوڙي جهان وارن صوفين صادقن ۽ الستي عاشقن تي وڏو ٿورو ۽ احسان ڪرڻ فرمايو آهي ڇو ته رسالو رمزن روحاني ۽ نڪتن نوراني سان اهڙو ته ڀرپور ڪري نروار ڪيو آهي ڄڻ ته ڪوزي ۾ قلزم معرفت جو ماپايو آهي، سو  به صفا سنڌي زبان ۾ ته ڀلي هرڪو حق جو طالب ٿوري يا گهڻي علم وارو پورو پورو فائدو پرائي سگهي. مون کي قوي اميد آهي ته عبرتي عشاق ۽ معرفت جا مشتاق الفتي اشتياق سان هن رسالي کي ڏسي پڙهي فيض ياب ٿي سندس مصنف ممتاز حضرت خاڪ صاحب کي دعا خير جي سان ياد شاد ڪرڻ فرمائيندا آمين ثم آمين.

مصدق مسڪين عبدالحليم

مريد درگاه ڪاندهله شريف

14. تصديق از طبع شريف عنصر لطيف صاحبزاده نثار احمد (نثار) صديقي ڪاندهلوي

حضرت قبله گاهم حڪيم جسماني ۽ روحاني مجاز حضرت مرشد ملڪاني زائر  نبي آخر زماني منبر نشين محبوب مناني خليفه رسول رباني جناب حضرت مولانا مرشدنا ابو الا قبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي ملقب بسيف سبحاني جن هڪ رسالو محبت معنوي جو مقالو نيهن جو نياپو نرالو پياسن جي پياس لاهڻ لاءِ پرت جو پيالو جوڙي تيار ڪري مٿس نالو خزانته العارفين رکيو، جنهن ۾ شاه صاحب جي چند ابياتن جو شرح قرآني آيتن ۽ حديثن ۽ علمائن ربانين جي راين ۽ اشعارن سان سنڌي ۾ ڪيو ويو آهي. جو درد وارن دلين کي وڻندڙ ۽ روحن کي راحت بخشيندڙ آهي. اڄوڪي قحط واري زماني ۾ دنيا جي دل اُڃاري ۽ پاڪستان جي دل پياري کي اهڙي وحدتي پيالي پاڪ جي پيڻ جي گهڻي گهرج ۽ پياس هئي جا ڌڻي تعالى حضرت قبله گاه ساقي هٿان مس مس پوري ڪرائي ڏني آهي. اميد ته هي رسالو هر ذات انسان ۽ هر فرقه واسطي هدايت ۽ سعادت سرمدي جو سهڻو سبب ثابت ٿيندو ۽ اسان نوجوانن کي هن رسالي جي ذريعي سعادت پرائڻ ۽ نيهن الستي سان ناتو نباهڻ تمام سولو ۽ سهنجو لڳندو. ڇو ته سنڌي زبان ۾ سهنجي سهڻي طريقه سان سمجهاڻي ڏني وئي آهي جا سهڻي سمجهاڻي گهڻو ڪري مردن توڙي عورتن لاءِ تمام ڪارآمد ۽ مفيد ثابت ٿيندي. الله تعالى شال اڃان به قبله گاه جي عمر دراز فرمائي ته باقي رهيل حصا خزانته العارفين جا ٺاهي پورا ڪرڻ فرمائن آمين ثم آمين.

مصدق نيازمند نثار احمد (نثار)

صديقي ڪاندهلوي – ميٽرڪ

1961-10-27 مطابق جماد الاول 1381 هه

نظم نعتيہ از طبع نثار احمد نثار صديقي

ٿي خوشي ويڙو کلي مس مس خزانہ عارفين

جوڙيو جنهن تنهن کٽي جس جس خزانہ عارفين

گوهرن جي گنج جي هي گهرج گهر گهر کي گهڻي

نيٺ پڌرو ٿي ويو پس پس خزانہ عارفين

شوق سان پڙهه ذوق سان پڙهه هي رسالي جو شرح

قلب جي ڪوري ڇڏي ڪس ڪس خزانہ عارفين

تو لسا توڙي ڦڪا ڪيئي قصا پڙهيا ڏٺا

پر پڙهي هي پرت مون ڏس ڏس خزانہ عارفين

آيتن قرآن سان سينگاريل سارو سڄو

بره وارن جو بلو بس بس خزانہ عارفين

قدر قيمت ڪير ڄاڻي قدر دانن کان سوا

روح وارن کي ڏئي رس رس خزانہ عارفين

ماڻڪن موتن سان ڀريل معرفت جو بحر هي

ميهن وحدت جي وسي وس وس خزانہ عارفين

مرد عارف لاءِ زيور زيب ظاهر ٿي ويو

زن ڳچي جو هار ۽ هس هس خزانہ عارفين

لوڪ جو لاڙو ڇڏي جو لس جي ٻيلي ۾ لڪي

لوڪ کان تنهن وڻي لس لس خزانہ عارفين

شهد جا شيرين چاٽا تو چکيا هوندا چڱا

شهد شوقي وٺ چکي چس چس خزانہ عارفين

هئن چيو هاتف اچي– غارق گهڻي – رحمت ۾ سو

1381 هه

جنهن لڌو ڳولي وڃي گس گس خزانہ عارفين

سر نثار آهي جهين جو نهين جي نالي مٿان

تنهن جي هٿ ۾ سون جهڙو تس خزانہ عارفين

15. تصديق از دست تحقيق صاحبزاده ميان منظور

احمد (منظور) صديقي ڪاندهلوي

حضرت قبله گاه حافظ حقائق قرآني مقبول درگاه مناني مجاز درگاه ملڪاني زائر نبي آخر زماني خليفه رسول رباني شمس العلماءِ سيد الشعراءَ عمدة العرفاءَ جناب مولانا و مرشدنا ابو الاقبال در محمد- خاڪ- صاحب الاقبال والادراڪ جامع شريعت طريقت پاڪ ملقب بسيف سبحاني جن هڪ رسالو معرفت جو مقالو نيهن جو خزانو نرالو صوفيانه رنگ ۾ گڏ ڪري مٿس نالو خزانة العارفين رکڻ فرمايو آهي جو رسالو جناب شاه صاحب جي چند ابياتن جو سهڻو ۽ عمدو شرح آهي. آيتن ۽ حديثن ۽ سونن قولن صوفين صديقن جي سان اهڙو ته سينگاريل آهي جو قابل توجه ۽ لائق تصديق جي آهي فدوي اول کان وٺي آخر تائين نظر مان ڪڍيو آهي مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ ڏاڍو مزو ڏنائين. مان سندس مطالعه مفيد کان پوءِ هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هي رسالو حڪمت جو پر پيالو هر درد واري دل لاءِ دوا ۽ هر محبت جي مريض لاءِ شفا آهي. اميد ته عالم جا علماءَ  ۽ دنيا جا داناءَ ۽ شاهاني دماغ وارا شعراءَ  ادبي علم جي اعزازي خيال کان هن ڪتاب قيمتي  جو ڪجهه نه ڪجهه قدر ڪرڻ فرمائيندا. توڙي اڄوڪي قحط رجالي ۾ قدردان گهڻي ڀاڱي ڪونه آهن جيئن جو ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي. قدر وارا ڪم ٿيا، کٽا خريدار)  تبه اڃان دنيا ۾ ڪي ڪي موجود آهن هرون ڀرون صفا سنڃ ڪانه ٿي آهي موجب نظريه نامدار نيهن جي. اڃان ڪي آهين قيامت تائين ڪاپڙي) تنهن ڪري هي رسالو هر طبقه جي انسان ذات لاءِ عام طرح ۽ صوفين صادقن ۽ اديبن لاءِ خاص طرح ڪارآمد ۽ مفيد آهي. فدوي خوشي جي خيال کان محبت جي موج ۾ موج زن ٿي رسالي خزانته العارفين جي خوبي ۾ هڪ نظم نعتيه نروار ڪئي آهي جا هيٺ لکي وڃي ٿي-

نطم نعتيہ از طبع منظور احمد – منظور

خلق ۾ ٿيڙو عيان خوشتر  خزانه عارفين

هر بشر جي واسطي بهتر خزانه عارفين

سنڌ جي سرتاج جي سيرت جهين ۾ مختصر

پڻ رسالي جو شرح برتر خزانه عارفين

چند بيتن جو شرح في الحال پڌرو ٿي ويو

نيٺ آخر ويندو ٿي دفتر خزانه عارفين

ويو ادب جي آسمان تي اوچتو اُڀري ڏسو

عارفين جي عين جو اختر خزانه عارفين

تحفهء عمدو عجب ٿيڙو عيان آفاق ۾

جوهرن جي واسطي جوهر خزانه عارفين

ناظرن جو نور افزا ٿيندو نافع باليقين

نيهن وارن لئي ٿيو نشتر خزانه عارفين

ڪنت ڪنزاً جا خزانا کوڙ مخفي ٿا رهن

کاڻ موتن ماڻڪن گوهر خزانه عارفين

حصهء اول عيان ٿي عاشقن آڏو ويو

برڪتن ڀريو ٿيو گستر خزانه عارفين

مرد عورت عشق الفت سان رسالي کي پڙهڻ

درس عبرت جو بڻي در در خزانہ عارفين

غيب سهڻي بڪ خبر – قايص ظفر – غفران ۾

      1961ع           1381 هه –    1381 هه

شوق پڻ پهچي وڃي گهر گهر خزانه عارفين

1961ع

معرفت جي ماهرن وٽ من وڃي منظور ٿي

فرش ڇا پر عرش تي اظهر خزانه عارفين

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com