سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 5

وسنريهم آيا تنا في الافاق وفي انفسهم حتي يتبين لهم الحق) يعني جلد ڏيکارينداسون انهن کي ساري ڪائنات ۽ نفسن ۾ پنهنجون نشانيون تان جو ظاهر ٿي پوندو انهن واسطي ديدار حق جو) ۽ پڻ ٻي هي آيت ڪريمه به ساڳي بيت جي بطور شرح جي تائيد مزيد فرمائي رهي آهي فان تولوا فشم وجہ الله يعني جاڏي به منهن ڦيرائيندو ته اوڏاهون الله جو منهن آهي) گويا ڀٽ ڌڻي جي بيت جو پويون اڌ (جاڏي ڪيان پرک تاڏهون سڄڻ سامهون) هوبهو آيت الاهي جو ترجمو آهي جيڪڏهن عبرت جي اک ۽ انصاف جي عينڪ اکين ۾ پائي رساله شاه شعراءِ جي کي ڏسجي ته برابر سندس سڀ ابيات الاهي آيات آهن مگر وڏي غور ڪرڻ جي گهرج ۽ ضرورت آهي- ڇو ته جيئن عارف ولي ڪامل جو سڃاڻڻ دشوار آهي تيئن ولي ڪامل جي ڪلام روحاني ترجمه الهام آسماني کي ڄاڻڻ به سالڪ ۽ ولي ڪامل جو ڪم آهي بفحوي المقوله ان الولي يعروف الولي) يعني تحقيق ولي ولي کي سڃاڻندو آهي)  نه ٻي سڀ ڪنهن عام ماڻهو جو ڇو ته گونگائي مامون گونگن جون پروڙيندا آهن هن مقوله مذڪور مان هرگز هيئن نه سمجهڻ گهرجي ته شايد شارح رساله شاه جو به ولين مان هڪ ولي آهي بلڪ هيئن سمجهڻ گهرجي ته جيئن هڪ عورت عاشقه صادقه حضرت يوسف عليه السلام جي خريدارن ۾ نالي ڳڻائڻ خاطر هڪ ڍيرو کڻي حاضر هئي تيئن هي  فدوي به پاڻ کي هرون ڀرون ولين جي خريدارن ۽ واصفن ۾ ائين ڳڻائي رهيو آهي جيئن جو پاڻ کي هٿراڌو رت لائي شهيدن جي شهادت پاڪ ۾ شمار ڪجي- باقي رهيو ته پوءِ هرون ڀرون شاه جي رساله جي شرح تي زور ڏيڻ جو ڪهڙو ڪم هو تنهن لاءِ عرض ته فدوي گهڻي زماني کان اوليائن جي در جو دربان ٿي رهيو آهي خصوصاً ننڍا ئي کان وٺي سرتاج سنڌ جي رساله سان انس الفت ٿي رهي آهي شايد شاعرن جي شاه ۽ روحانين جي رهبر راه جي روحاني رابطي هجڻ ڪري مون ۾ اها جرعت پيدا ٿي هجي ته ممڪن آهي تنهن ڪري گهڻن اٻوجهن وٽ فدوي به ڏانداري مان صبرڪتي سڏجڻ ۾ اچي ته ڪو شڪ نه آهي مگر جي ائين ٿيندو ته به لطيف لاثاني جي روحاني ڪرامت سمجهڻ گهرجي وگرنه- من آنم که من دانم) ڇو ته فدوي ته مصداق هيٺين مصرعه جو آهي:- مون جهڙو مس ڪو لڀي مجرم ۽ مذلبا) آمدم برسر مطلب) پر صوفين صادقن جي اصطلاح موجب سالڪ تي بسط کان بعد ڪڏهن ڪڏهن قبض جي حالت پڻ طاهري ٿيندي آهي، جنهن ڪري جانب جي جمال باڪمال کان حجاب جي وقت فرقتي فرياد سان فرش فلڪ ڇا بلڪ عرش عظيم کي پنهنجي الحاج ۽ آه دردناڪ سان دهڪائي ڇڏيندو آهي-  جيئن جو سرتاج سنڌ به قبض جي حالت ۾ هئن هنجهون هاري پنهنجي هوت حبيب کي فرقتي فرياد ٻڌائي رهيو آهي ته (بيت) اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا ڳلن تان ڳورهن جون بوندون بس نه ڪن.  سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي پر ويچارو روه جو وڻجارو حضرت سچل سرمست قبض جي حالت ۾ محبوب جي هر چيز سان معيت مڃيندي هن نموني سان درد جي دانهه ديوان آشڪارا ۾ نروار ڪري رهيو آهي ته (بيت) يا جامع المتفرقين چون دور مارا کرده باشي بهم باهر همه مهجور مارا کرده) پر ڪي عاشق صادق ۽ صوفي سالڪ وري قبض جي حالت ۾ عجيب ازلي کي عتاب ڏيڻ عوض رهندو پاڻ کي مياردار ۽ قصور وار ڄاڻي سخت پشيمان ٿي پنهنجن آهن دانهن سان عرش کي جنبش ۾ آڻيندا آهن جيئن جو حضرت مولانا مثنوي رومي فرمائي ٿو (بيت) گربر آرنداز پشيماني انين عرش لرزداز انين المذنبين) يعني جيڪڏهن پشيماني کان فرياد فغان ڪن ته انهن جي آهن کان عرض عظيم ڏي ويندو آهي) مٿين ٻن آيتن مان پهرين آيت ۾ ٻه ڳالهيون آهن جي قابل توجه ۽ غور ڪرڻ جي لائق آهن- هڪ ذڪر آفاق جو- جو جمع افق جو آهي ٻيوذڪر انفس جو – جو جمع نفس جو آهي پوءِ آفاق جو اطلاق عالم ڪبير تي آهي جو فرش کان وٺي عرش تائين آهي ۽ انفس جو اطلاق عالم صغير تي آهي- عالم صغير انفرادي حيثيت سان هر هڪ انسان آهي تنهن ڪري الله تبارڪ و تعالى صوفين جي اصطلاح موجب عالم ڪبير کي هر هڪ انسان جي وجود مسعود ۾ ماپايو آهي عالم ڪبير ڇا بلڪ مومن جي قلب روشن کي ته الله تعالى جو تخت پاڪ سڏيو ويو آهي جيئن صوفين سڳورن حجت برآري لاءِ هن حديث مشهور کي بطور سند جي ڪم آندو آهي (حديث) قلب المؤمن عرش الله تعالى) غرض ته جيڪي به قدرتي دليل ۽ آيتون عالم ڪبير ۾ آهن – سي سڀ عالم صغير يعني انسان ۾ آهن – ڇو ته انسان ذات ئي آئينه جهان نما ڇا بلڪ نگار نما يعني خدا نما آهي- بفحوي الحديث من ر آني فقد رائي الحق) يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن تحقيق حق کي ڏٺو) تنهن ڪري صوفين جي اصطلاح ۾ انسان ڪامل ڇا بلڪ اڪمل نالو حقيقت محمدي ۽ ذات احمدي جو آهي- جنهن ذات اڪمل جي ظهور ۽ ڄمڻ سان سارو جهان هدايت جي حسن ۽ خلق جي خوشبوءِ سان منور ۽ معطر ٿي ويو ڇو ته حضرت محمد مصطفيٰ هادن جو به هادي ٿي هويدا ٿيو ڄمندي ڄام جي ڏيهه مان ڏڪر ڏور ٿي سڪر جو سال سڏجڻ لڳو بلڪ سندس ڄمڻ واري سال ۾ سڀني عورتن پٽ ئي پٽ ڄڻيا نه مادي جيئن جو زيرين نظم خاڪ جي مان ان حقيقت هادي تي روشني پوي ٿي.

(نظم)

محمد مصطفيٰ هادي همہ هادن جو هادي آ

نياپي نيهن جو نادي

 

همہ هادن جو هادي آ

فاغفرمي پهريون ڄمڻ سان ڄام فرمائي

گهري بخشيش جي گادي

 

همہ هادن جو هادي آ

خوشي ٿي شهر گهر گهر ۾ عرب پڻ باغ بڻجي پيو

مگر دشمن سان ٿي تادي

 

همہ هادن جو هادي آ

سڄڻ جنهن سال ۾ ڄائو ڄڻيا سڀ عورتن پٽڙا

نه ڪنهن عورت ڄڻي مادي

 

همہ هادن جو هادي آ

لقب لولاڪ جو مالڪ نسورو نور نور الله

ڏسي شهرن ۾ ٿي شادي

 

همہ هادن جو هادي آ

قريشي قائدن جو پڻ وڏو ئي قائداعظم آ

اُٿڻ اڌ رات جو عادي

 

همہ هادن جو هادي آ

لِڪيل قومِ ٿي هادي همہ واسطي آيو

وهي وحدت جي پئي وادي

 

همہ هادن جو هادي آ

مڪو مهراڻ بڻجي پيو مدينو معرفت جو گهر

عرب ايران آبادي

 

همہ هادن جو هادي آ

بڻي رحمت جهانن جي عرب ۾ عرش کان آيو

ثنا خوان خاڪ اولادي

 

همہ هادن جو هادي آ

تفسير روح البيان حقيقت انسان هئن عيان فرمائي رهيو آهي ته اطلاق صورت انسان جو حق تي محققن وٽ حقيقت آهي نه مجاز ڇو ته عالم ڪبير سارو صورت حضرت الاهيته آهي ۽ حضرت الاهي جي ذاتي اسمن جا مظاهر تفصيل ۽ اجمال ڪري پر انسان ڪامل على سبيل الجمع صورت انهي جي آهي روح البيان جي ڪجهه عبارت بعينه ملاحظه لاءِ پيش ڪجي ٿي واما عندالمحققين فحقيقة لان العالم الکبير باسره صورة الحضرت الا لاهيته و مظاهر اسماء هابحضراتها تفصيلا وجمالا فالانسان الکامل صورته جميعا) تنهن ڪري الله تبارڪ و تعالى پنهنجي محبوب محترم حبيب اڪرم صلي الله عليه وسلم کي بفحوي الڪريمه (قد جاء ڪم من الله نور) نور جو لقب لاثاني ڏيڻ فرمايو آهي – فدوي جي فهم ۽ خيال ۾ محبوب مدلي عجيب عدلي عليم علم لدني – انسانن ۾ ڪامل ڇا بلڪ اهو اڪمل ۽ اجمل آهي جنهن جي ڪمال ۽ جمال تي هيٺيون عربي شعر شايان آهي- (بلغ العلى بکمالہ ڪشف الدجى بجمالہ) پر حضرت حسان صحابي سندن حسن بي نظير بابت هئن فرمائي رهيو آهي ته – واحسن – منک لم ترقط عيني واجمل منک لم تلدالنساءٌ) يعني منهنجي اکين توکان وڌيڪ حسين ڪونه ڏٺو ۽ تو کان وڌيڪ سهڻو ڪنهن به عورت ٻار  نه ڄڻيو – پر خود خداءِ تعالى سندس ڪمال لايزال تي قرآن ڪريم جي ذريعي سان گواهي ڏئي رهيو آهي. فقد قاب قوسين  اودني) وري پڻ حديث قدسيه ۾ معراج جي محفل مخفي وقت پنهنجي حبيب کي هئن فرمائي رهيو آهي ته (ادن مني يا خير البريہ) يعني اي زور ڀلا مخلوق جا مون کي تمام وجهوي ٿي وڃ) اهڙي قرب ڪمال ڪري انهي حد تي پهتل آهي جنهن حد جي تحقيق ڪرڻ ۾ فهم قاصر ۽ عقل عاجز آهي پر ڪي قديمي شاعر شيرين زبان شاه زمان جي شان ۾ هيئن شعر چئي پنهنجي درفشان دهان کي مٺي مصري کارائي رهيا آهن – گڏيا وڃين ذات کي ذاتي صفاتي جو لٿو ڀولو اُتي قادر ڏنس ڪرسي جُتي سان ويهه چڙهه جاني – پر ان حقيقته محمدي حد جناب ڀٽ ڌڻي هئن فرمائي آهي (بيت)  عاشق چؤ م ان کي مڪي چؤ معشوق خالق چؤ م خام تون مڪي چؤ مخلوق سلج تنهن سلوڪ ناقصائي جو نڱيو)  تنهن ڪري اهڙي حبيبي حقيقت کي صوفي صادق عارف آفاق بالاتفاق حقيقته محمدي سڏيندا آهن جيئن بره جي باز شوق و حدت جي شهباز بزرگ لواري واري جناب خواجه محمد زمان پڻ هن طرح فرمايو آهي (بيت) عجب جهڙي آهه حقيقت حبيب جي نڪي چؤ سو ڌڻي نڪي چؤ مخلوق شفق جي ساڃاه جامع ليل و نهار کي)  وري گروهڙي صاحب هئن حقيقته حبيب جي ڳائي رهيو آهي (بيت)  وصف تنهن ورنهه جي مٿو مور نه آهه سسئي سهڻي مون پرين مارائي محبوبا پاڙي مون پرين جي مجنون مشتاق حقيقته حبيب جي عجب جهڙي آهه جامع ليل و نهر کي شفق جي ساڃاه آگو چؤ م ان کي نڪي مخلوق) پر وري هڪ اردو دان عاشق هئن چيو آهي ته (بيت)  محمد سر وحدت هـﻶ کيا کوئي کيا جانـﻶ محمد کو خدا جاني خدا کو مصطفيٰ جاني)هن ساري تحقيق انيق مان ثابت آهي ته حقيقت محمدي جنهن جو لقب اڪمل انسان آهي سا حقيقت صوفين جي اصطلاح موجب مجموعه ڪتب الاهي آهي – باقي هر هڪ انسان جو عالم اڪبر جو هڪ جزو آهي جنهن کي صوفي صادق پنهنجي اصطلاح ۾ عالم اصغر چوندا آهن. سو انسان مجموعه  جمله جهان آهي – ڇو ته حقيقت انساني همہ حقيقتن جي جامع ڇا بلڪ اجمع آهي ان ڪري ساري ڪائنات جون شيون فقط مظهر ۽ آئينه معرفت آهن پر حقيقت انسان مظهر اتم ۽ اجمع آهي جيئن هن حقيقت تي حضرت علامه محقق  تفسير روح البيان واري پوري پوري روشني وجهڻ فرمائي آهي ته حيث اورد ان الحقيقته الانسانيته اجمع الحقائق) يعني حقيقت انسان همہ حقيقتن جي جامع آهي) تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته حقيقت انسان ۾ جنهن کي عالم اصغر سڏيو وڃي ٿو تنهن جي وجود مسعود ۾ عالم اڪبر ويڙهيل عالم اصغر باوجود جسم صغير جي عالم اڪبر جو محيط مجموعو آهي جيئن جو جناب معلى القاب اسدالله الغالب حيدر يرڪرار غير فرار سالڪن جي سردار پنهنجي ديوان علي عربي ۾ چٽو چوڻ فرمايو آهي وتحسب انڪ جرم صغير او فيک الظوي العالم الاکبر وانت الکتاب المبين الذي باحرفہ يظهر المضمر) يعني تون ته پاڻ کي جسم صغير ڀائين ٿو -  پر تو ۾ سارو عالم اڪبر ويڙهيل آهي) ۽ تون اهو ڪتاب چٽو آهين جنهن جي حرفن مان ايزدي اسمن ۽ صفتن جون مخفي تجليون عيان ٿين ٿيون) تنهن ڪري جنهن به انسان پاڻ کي سڃاتو ته ڄڻ پنهنجي رب رحيم قادر ڪريم کي سڃاتائين جيئن جو هن حقيقت تي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي هي حديث جا همہ صوفين صادقن وٽ مقبول ۽ مشهور آهي ڪافي روشني وجهي ٿي انهي حديث جا هي الفاظ آهن (من عرف نفسہ فقد عرف ربہ) يعني جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو) هن ساڳي حديث مقبول جو شرح عمدو زيرين ڪافي سر صوفي صافي خاڪ احنافي مان ظاهر آهي- پاڻ کي پاڻهي پاڻ سڃاڻي پاڻ پري نا پاڻ کون آ 1- مون جي مون ۾ مام جا مخفي ماڻ پري نا ماڻ کون آ 2- عين ٿي عيني عين سڃاڻي ساڻ پري نا ساڻ کون آ 3- طلب جني کي تاڻ آ تن ۾ تاڻ پري نا تاڻ کون آ 4- ڄاڻ جي ڄاڻين ڄاڻ ٿو ڄاڻين ڄاڻ پري نا ڄاڻ کون آ 5- ڀل نه ڀلي آ ڀاڻ تي پنهنجي ڀاڻ پري نا ڀاڻ کون آ 6- رمز سان روئي يار رجهائي آڻ پري نا آڻ کون آ 7- ٻلڻ جي ٻيڻو ٻار ٻريل کي ٻاڻ پري نا ٻاڻ کون آ 8- ڪاڻ ڪنجي ڪاڻ به ڪڍبي ڪاڻ پري نا ڪاڻ کون آ 9- خاڪ خدائي کاڻ خفي آ کاڻ پري نا کاڻ کون آ. نوٽ:- هي ڪافي هن کان اڳ رساله فردوس ۾ 1958ع جي صفه 12 تي پڻ ڇاپيل آهي)  انهي مد نظر تي رب جو سڃاڻڻ سوکو ۽ سهنجو آهي ڇو ته آفاقي ۽ انفسي آيتون سندس وحدانيت ۽ معرفت تي براهين ۽ دلائل معرفت آهن جن جي ذريعي الاهي محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻي سندس مطالع ۾ مدامي محو هوندا آهن جيئن جو مولانا سعدي عليه الرحمت فرمائي رهيو آهي (بيت) برگ درختان سبز در نظر هوشيار هر ورقي دفتري ست معرفت کردگار – پر جناب مولانا جامي صاحب وري هئن فرمائي رهيو آهي(بيت) جهان مراة حسن شاهد ماست فشاهد وجهہ في کل درات) پر پاڻ سرتاج سنڌ به ٻي هنڌ هئن چوڻ فرمايو آهي – لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين اهو ئي حرف پڙهيون پڙهج من ۾)  پر ويچارو خاڪ زري وره جو واڪ هن طرح اچاري رهيو آهي ته

(ڪلام) سڄڻ سونهه وارا سڄڻ سونهه وارا جٿي ڪٿ نظر تنهنجا نوري نظارا، 1- پنهل پرترو تنهنجو پاڻي پذر ۾ ٻري نور چمي ٿو ٻيرن ٻٻر ۾ اٿن پٿر مان الا آشڪارا چمڪي 2- جبل بر جهنگل جرم جلوو جمالي جبل طور تي تنهنجي تجلي نرالي پسان چو طرف حسن تنهنجو پيارا 3- همہ حور پريون به حيران توتي قمر ماه ڪنعان مستان توتي ڏئي سونهه تنهنجي جا سچ ٿو اشارا 4- فلڪ تي فرشتا ڦرن پيا فراقي اڀن کان مٿي عرش عاشق اوطاقي نبي نور کي نور حاصل نيارا 5 – پيو خاڪ تي پاڪ پرتو پنهل تو تڏهن تانگهيان جهاڳيان ٿي جبل تو جلب ۾ ڏسان توکي جيءَ جا جيارا

پر پاڻ سڃاڻڻ ايڏو محال ۽ مشڪل آهي جو سڀڪو انسان پنهنجي حقيقت سڃاڻڻ ۾ سدائين حيران ۽ سرگدان آهي پر ڪي ڪي پهلوان مانجهي مرد ميدان بشريت واري بود بيان کي نابود ڪري لامڪان جي اعليٰ رتبي کي رسيا آهن. انهي حقيقت جي فيصلي کي نيهن  جي نامدار نواب عشق جي عقاب ڀٽ ڌڻي جناب هئن نبيري نروار ڪيو آهي – انسان کي لفظ عبد جي اطلاق سان ياد فرمائي چوي ٿو ته عبد جي نه ابتدا آهي نه انتها جيئن جو هيٺ ايندڙ بيت ۾ فرمائن ٿا – عبد جو احترام 7 – بيت نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتها جن ڏٺو سپرين سي وڃڻ کي ويا)

شرح – هتي حضرت شاه مقبول درگاه ڌڻي تعالى – عبد جو اطلاق انسان تي ڪري فرمائي رهيو آ ته اُهو انسان جو عالم اڪبر جو مجموعو آهي ۽ محبوب معنوي جو آئينو اعلى آهي انهي آئينہ ايزدي جي ابتدا ۽ انتها کي ڪنهن به حد تي بيهارڻ بشريت جي عوامي طاقت کان گهڻو بيرون ۽ ٻاهر آهي – ڇو ته صورت انسان جو اطلاق الله تعالى تي حقي حقيقت آهي نه مجاز جيئن جو مٿي محققن جي فيصله موجب ثابت ٿي چڪو آهي پر باوجود انهي تحقيق انيق جي هي حديث قدسي به ان تي دلالت صريح ڪري رهي آهي – ان الله خلق آدم على صورتہ) يعني تحقيق الله آدم کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو آهي) 2- ته ڪنهن صوفي صاحب عمدة البيان ۾ پنهنجي حقيقت تي هئن روشني وڌي آهي ته (بيت) مجموعه اسرار الاهي مائيم لوح و قلم و حرف و سياهي مائيم هر چيز که مقصود تو باشد اي دل از خود بطلب که هرچيز خواهي مائيم) پر عبد انهي درجه اعليٰ ۽ بلند بالا کي تڏهن پهچندو جڏهن خودي کائي  بود کي نابود ۽ نيست جي نردبان تي آڻيندو ته پوءِ بفحوي الڪريمہ نحن اقرب اليہ من حبل الوريد)  جو جلوو دلي ديدن ۽ عبرتي اکين سان مدام ماڻيندو رهندو جيئن جو پاڻ سرتاج سنڌ جن فرمائي رهيا آهن ته (بيت) نابودي نيئي عبد کي اعلى ڪيو، مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سيئي ڪبي اِت  ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي) پر جڏهن نيهن جي نامدار شاه شاندار جي نظريه موجب عبد عام جو اهو منصب آهي ته عبدا اڪمل جو ڇا ڪمال لايزال هوندو

اهڙي عبد اڪمل بي نظير اجمل جي منزل ۽ منصب تي انسان ڇا پر فرشتا فلڪ  ۽ ديو و پري وغيره خلق پڻ نه پهتا آهن – جيئن اهڙي عبدا اڪمل جي احترام بابت سهڻي سر اقبال فخر الهند صاحب سهڻو سڌو ڪري سمجهايو آهي ته (بيت) عبد ديگر عبده چيزي دگر آن سراسر انتظار و اين سراسر منتظر)  جناب سر اقبال جي نظريه موجب عبد عام ڇا پر خاص به واحد جي وصال لاءِ ساري عمر انتظار اشد الموت ۾ رهي رب ارني جي مناجات سان قاضي الحاجات جي در پاڪ تي توقع جا تارا تڪيندا رهندا آهن – تن مان ڪي حضرات ته لن تراني جا تازيانه جهلي به اڳتي وڌندا ويندا آهن. پر قربان وڃان انهي اخص الخواص عبده عبد اڪمل  تان جو پاڻ پهرين جو پڳدار سردارن جو سردار رب ارني جو رواج روانه نه ٿو رکي بلڪ محبوباڻي ماڻي سان ماٺ ميٺ ۾ رهي ٿو – پر تنهن هوندي به پاڻ مولا پاڪ موجب هيٺين حديث قدسي جي (انا مولاک وانت محبوبي) مٿس مشتاق ٿي سندس ملاقات منظر رهي اهڙي سير سفر پر ظفر غير محدود سان سڄڻ سر وحدت جي کي سر افراز فرمائي ٿو – جو هن کان اڳ ڪنهن به عبد کي اهڙي سر افرازي معراج واري سان نه نوازيو ويو آهي – هاڻي انهي ٻنهي بيتن يعني شاه جي بيت مذڪور جو ۽ سر اقبال جي بيت مذبور جو هي آيت شريفه شرح شافي ۽ قدر ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي سبحان الذي اسرى بعبده ليلامن المسجد الحرام الي المسجد الاقص الذي بار ڪنا حولہ لنيره آيتنا انہ هوالسميع البصير) باقي رهيو معراج مبارڪ جو بيان سو انشاءَ الله تعالى خزانة العارفين جي ڪنهن نه ڪنهن جلد ۾ راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصه اندر شرح شافي سميت تفصيل سان بيان ڪيو ويندو بشرط بقاء حياتي جي – پوءِ ڀلي ته مشتاق قصه معراج جا ڪو وقت منظر رهي دعا خير سان فدوي کي ياد ڪندا رهن- حقيقت انسان کي حڪيم الاته جناب مولانا اشرف علي شاه صاحب رح پڻ اجمع الحقائق چيو آهي جيئن سندس ڪتاب تکشف جي صفه 115 ۾ زيرين مصرعه جي شرح ڪندين لکي ٿو ته-

خود بخود آزاد بودي خود گرفتار آمدي) چونکه به نسبت ممکنات کي انسان اجمع الکمالات هـﻶ اور اُس بناء پر اسکو مرتبہ جامعہ اور مظهر اتم کها گيا هـﻶ) پر حقيقت انسان تي تفسير روح البيان واري وڌيڪ تفصيل سان روشني وڌي جنهن جي عبارت عربيه جو بعينه ترجمو پيش ڪجي ٿو جو هي آهي ته جيڪي به ڪائنات ۾ قدرتي علامتون ۽ آيتون نمايان آهن -  انساني صورت ۾ علامتون قدرتي انهن کان بها ڪثر آهن ڇو ته انسان دارين ۽ ڪونين جو مجموعو آهي ۽ انهي جي وجود ۾ علم الاسرار موجود آهي بفحوي الحديث من عرف نفسہ فقد عرف ربہ) تنهن ڪري انساني صورت حقيقت جو آئينو آهي جنهن جي ذريعي معرفت جي ماهرن کي حقيقت جو نور انساني صورت ۾ نروار ٿي نظر ايندو آهي جيئن جو سچل سرمست جي ڪافي جي ٿلهه ۾ اهو بيان عيان آهي ته (ٿلهه) سبحان صورت ساڳي مولا مڪي ماڻهن ۾)  پر حديث قدسي ۾ به انهي حقيقت ڏي پڌرو اشارو آهي ته الانسان سري وانا سره)  سر الاناسان مان مراد حقيقته انساني ظاهري آهي جا حقيقته الاهي تي دال آهي – هن حديث جي تائيد مزيد بلڪ ازيد محبوب مدني عجيب عدني جي هن هيٺين حديث شريف مان ثابت آهي ته (ان الله خلق آدم على صورتہ).  انسان جا ٻه قسم آهن) 8- بيت ماڻهو نه سڀئي ماڻهو پکي نه سڀئي هنجهه ڪني ڪني منجهه اچي بوءِ بهار جي) شرح- سرتاج سنڌ سمجهائي ٿو ته سڀ انسان صورت انساني ڪري ماڻهو سڏائڻ جا لائق ۽ مستحق نه آهن پر تن مان ماڻهو چوائڻ جو مستحق ۽ حقدار اهو انسان آهي جنهن جي صورت نه پر سيرت سهڻي ۽ اخلاق حميده هجن جن اخلاقن عمدن جي آڌار تي هو مرتبي ۽ مان ۾ ملائڪن کان به مٿي چرهي وڃي ان جي ڏسڻ پسڻ مان ۽ گفتار رفتار مان بوءِ برهه واري بهار جي اچي پر جي اهو انسان سيرت سهڻي سان سينگاريل نه آهي ته اهو مورت ۾ ماڻهو حقيقت ۾ حيوان کان به هيٺ ٿي حمار حقير سان به همسري ڪري نه ٿو سگهي چه جائيکه ماڻهو جو منصب  ماڻڻ جيئن زاغ زغن ڪٻر ڪبوتر ڪانيرو ۽ هنجهه همہ پکي آهن پر تنهن هوندي به هنجهه پکي جو لقب ٻي ڪنهن به پکي کي ڏيڻ معنى ڏاهپ جو ڏيوالو ڪڍڻ آهي تيئن ماڻهو جو لقب سڀ ڪنهن بداخلاق انسان حيوان صفت کي ڏيڻ پڻ ڏاهپ ۽ عقل جو ڏيوالو ڪڍڻ آهي ڇو ته فقط خورد و خورب تناول طعام ڪباب تي غفلت سان گذارڻ پڻ حيوانيت آهي نه انسانيت عظمى جنهن کي قدرت ايزدي اشرف المخلوقات جي اعلى لقب سان نوازيو آهي پر جيڪي به حيواني صفت انسان آهن جي رڳو کائڻ پيئڻ سينگار سمهڻ کان سواءِ ڪجهه به نٿا ڪن – انهن کان ماڻهو وارو اعليٰ لقب ۽ رفيع منصب فقط ڀٽائي صاحب نه کسيو آهي پر خود خداءِ تعالى قرآن ڪريم ۾ حيواني صفت انسان کي حيوانن جهڙو سڏڻ فرمايو آهي جيئن هن هيٺين آيت شريفه مان پڻ ثابت آهي ته ياکلون ڪما تاکل الانعام والنار مثوي لهم) يعني اهي کائن ٿا جيئن چوپايا کائيندا آهن انهن جي جاءِ جهنم آهي پر مولانا سعدي رح پڻ انهي حقيقت تي هئن روشني وجهڻ فرمائي آهي ته (بيت) چو انسان نداند بجز خوردو خواب کدا مش فضيلت بودبردواب ) انهي تي فقير خاڪ وري هئن آلاپيو آهي ته- سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان بڻجي وڃ وگر نه خورد خوابن ۾ رهي حيوان بڻجي وڃ) غرض ته حڪيم حاذق هادي برحق هر هڪ انسان هاتڪ ۾ پنهنجي قدرت ڪاملہ ۽ حڪمت شاملہ سان ٻه حصا مقرر فرمايا آهن هڪ حصو روحاني ٻيو جسماني وري جسماني ٻن چيزن کان مرڪب آهي هڪ عقل ٻيو شهوت پوءِ جيڪڏهن عقل شهوت تي غالب آيو ته پوءِ اهو انسان ملائڪن کان به مان ۽ منصب ۾ گهڻو مٿي چڙهي ويندو، انهي جو نالو انسان آهي، پر جيڪڏهن شهوت عقل تي غالب ٿي ته پوءِ انسان حيوانن کان به درجي ۽ مان ۾ هيٺاهون هوندو- اهو صورت ۾ انسان آهي پر حقيقت ۾ حيوانن کان به بدتر آهي جيئن جو هيٺيون بيت فارسي سندس حال پرملال تي صادق ۽ سچو آهي – بهرهء از ملک هست و نصيبي ازديو- ترکه ديورکن وبگذريه فضيامت ز ملک) مطلب ته حضرت انسان اشرف المخلوقات چئن وجهن ڪري انسان سڏائڻ جو حقدار آهي 1-

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com