سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 8

تنهنڪري شريعت ۽ طريقت جي اربابن اهڙي ڪن قلبي جو لقب اذن واعيه رکيو آهي ڇو ته اهو اعلى لقب قرآن ڪريم جي زبان فيض ترجمان کان بطور نص نروار جي عطا آهي شل اهڙو ڪن مقبول محبوب معنوي ۽ برگزيده بارگاه ايزدي – ڪريم ڪار پنهنجي  فضل ڪرم سان سڀ ڪنهن سالڪ سلوڪ جي کي ڏيڻ فرمائي آمين – پوءِ جنهن کي به اهو قابل قبول ڪن عنايت ايزدي سان عطا ٿي ويو اهو انانيت ۽ ٻيائي کان پري ڀڄي ۽ خودي جي کائڻ کان پوءِ فنائيت جو فوز حاصل ڪري هڪ سان هڪ ٿي بقا باالله  جو فوز عظيم حاصل ڪندو جيئن جو – اذن واعيه جي لقب ممتاڪز جي سند سوره الحاقته جي آيت شريف زيرين ۾ موجود آهي (وتعيها اذن واعيہ) ياد ڪندو نصيحت کي ڪن ياد ڪندڙ)  هن آيت سونهاري مان صريح ثابت آهي ته ڪن قلبي جي سڃاڻن جي چٽي پٽي امتيازي علامت هي آهي جو اهو ڪن ٻڌل سنيهو سڪ جو يا وعظ نصيحت ڪڏهن به نه وساريندو.، بلڪه انهي حڪايت حبيب جو هميشان حافظ هوندو ڇو ته لفظ ايعاعه مصدر آهي جنهن جي معنى ئي قلبي ڪن سان ياد ڪرڻ آهي ته ڪن مٿي جي سان – انهي آيت الاهي جي تحت ۾ تفسير روح البيان وارو هئن فرمائي رهيو آهي ته انهي ڪن جو هي شان آهي ته جنهن چيز جو ياد ڪرڻ ۽ حفظ واجب آهي انهي جو حافظ ٿي وڃي ۽ عمل ڪرڻ جي اعتبار سان تارڪ عمل جو نه ٿئي ياد ڪرڻ ڪم قلب جو آهي پر ظاهري ڪن نفسي قلبي ڪنن کي ٻڌل ڳالهه پهچائي ڏيندا آهن تنهن ڪري قلبي ڪنن جي صديقي نفسي ڪنن جي نعت نروار ٿيندي آهي جيئن جو مولانا سعدي صاحب فرمايو آهي (بيت)  وگر نيستي سعي جاسوس گوش خبر کي رسيدي به سلطان هوش- جي نفسي ڪن جاسوسي جو سعيو نه ڪن هان ته هوش جي بادشاه کي ڪيئن خبر پوي هان هن بيت ۾ جناب سعدي صاحب قلب جي ڪن مبارڪ کي سلطان هوش جو لاثاني لقب ڏنو آهي جنهن ۾ صفا ثابت آهي ته وره وارن وٽ جيڪا قلب جي ڪن کي وقعت آهي اهڙي وقعت ٻي ڪهين به ڪن کي نه آهي- اهڙي ڪن مقبول عطا ٿيڻ واسطي حضرت حبيب ڪريم رسول رب رحيم بي بي اسماعه ڌي امير المومنين حضرت صديق اڪبر رضه جي کي حديث شريف زيرين جي ذريعي دعا ڪرڻ فرمائي آهي قال عليه السلام لاسماعه بنت ابي بکر رضه لا توعي فيوعي الله عليڪ ارضخي ما استطعت) فرمايو محبوب مدني اسماعه ڌي ابوبڪر جي کي ته نه ياد ڪر تون توکي الله پاڻ ياد ڪرائيندو رهندو تون طاقت آهر پنهنجي پروردگار کان ياد ڪندي ره – انهي دعا کان پوءِ بي بي صاحبه مذڪوره کي ڪڏهن به ياد ڪرڻ تي مٿي هڻڻ جي نوبت نه ايندي هئي پر گهڻي ڀاڱي هن زمانه جي زندگي ۾ ڀلائي ۽ فائدو اهڙو اعلى درجه وارو ڪنهن کي به نصيب نه ٿيندو آهي مگر ٻن شخصن کي 1- هڪ عالم ناطق کي 2- ڪن قلبي مالڪ کي جيئن جو زيرين حديث حبيب الله مان هويدا ۽ ظاهر آهي لاخير في العيش الالعالم ناطق وستمع واع يعني نه آهي ڪو به خير زندگي ۾ مگر واسطي عالم ناصع جي ۽ قلبي ڪن سان ٻڌندڙ لاءِ) مطلب ته جنهن به فرد فريد سالڪ سعيد صاحب نجريد جي کي اهڙو مقبول ڪن عطا ٿيو ته ڄڻ اهو سڌو سئون پنهنجي سائين سبحان کان ٻڌي ٿو ۽ ٻڌندو رهندو- اهڙي هڪڙي ڪن مقبول کي سواد اعظم جي لقب لاثاني ۽ سند سرمدي سبحاني جي سرافرازي حاصل رهي ٿي جيئن جو انهي اعلى لقب بابت تفسير ڪشاف واري چٽي تصريح ڪرڻ فرمائي آهي ڪما قد نقل عنه صاحب روح البيان في تفسيره حيث اورد قال في الکشاف الاذن الواحدة اذا وعت و عفلت عن الله فهي السواد الاعظم عندالله و ان ماسوا ها لايبالي بهم) تفسير ڪشاف ۾ آهي ته هڪ اذن واعيه جڏهن سئون سڌو سبحان کان سمجهي ياد ڪري ٿو انهي ڪن کي سبحان سائين وٽ سواد اعظم جو لقب حاصل آهي ۽ انهي هڪ ڪن مقبول کان سوا ٻين ڪنن جي پروردگار کي ڪا به پرواه ڪانه آهي) هن تحقيق تفسيري مان ڪن قلبي کي سواد اعظم جو لقب لاثاني حاصل آهي پر اسان نج نص نروار اذن واعيه کي ڪن قلبي سان تفسير ڪري آندو آهي جنهن لقب جي مزيد تائيد هن هيٺين حديث نبي نوري حبيب حضوري کان نروار آهي فلح من جعل الله لہ قلبا واعيا) يعني اهو شخص ڪامياب ٿيو جنهن کي الله ڪن قلبي عطا ڪرڻ فرمايو) 2- ٻيو جڏهن اها آيت الاهي اذن واعيه واري نازل ٿي هئي تڏهن حضرت نبي ڪريم عليه السلام حضرڪت علي ڪرم الله وجهه کي فرمايو ته اي علي مون پنهنجي مولا پاڪ کان سوال ڪيو ته توکي اذن واعيه عطا ڪرڻ فرمائي حضرت علي انهي دعا کان پوءِ جيڪي به ٻڌائين ته ڪڏهن به ڪونه وساريائين. جيئن جو حديث مبارڪ هيٺين مان اظهر من الشمس آهي وعن النبي عليه الاسلام انہ قال لعلي رضه عند نزول هذه الا آيته مسئلت الله ان يجعلها اذنڪ يا علي قال علي فما نسيت شيئَا بعد وماڪان لي ان انسي)  پر هن حديث جي هيٺان ٿوري بحث ڪرڻ کان پوءِ صاحب روح البيان جو حضرت حيدر علي ڪرم الله جي حق ۾ هئن فرمائي رهيو آهي ته اذ هوالحافظ للاسرار الا ليٰهة) هن عبارت جو مطلب آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه کي حضرت نبي ڪريم جن جي دعا جي برڪت سان اهڙو حافظو هو جو جنهن جي حافظ سان ڪو به همسري ڪري نه ٿو سگهي- ڇو ته هو الله پاڪ جي اسرارن جو حافظه هو پر بعض اربابن تصوف وارن جو چوڻ آهي ته جن جن ڪنن کي ازل جي ڏينهن کان الله تعالى پنهنجو خطاب ٻڌايو آهي اهي به ڪن واعيه آهن جو هر هڪ خطاب عتاب کي گهڻو ڪري سڌو سئون الله پاڪ کان ٻڌن ٿا جيئن جو تفسير روح البيان واري انهي حقيقت حال تي عمدي طرح روشني وجهڻ فرمائي آهي ته تلک آذان اسمعها في الازل خطابة فهي واعيہ تعي من الحق کل خطاب) اهي ڪن جن کي ازل جي ڏينهن الله تعالى پنهنجو خطاب ٻڌايو پوءِ اهي ڪن هر حڪم سڌو سنئون حق کان ٻڌندا رهن ٿا) هن تحقيق انيق مان صريح ثابت آهي ته ڪيترن اوليائن ڪرامن ۽ عارفن عظامن کي اذن واعيه جي نعمت عظمى نصيب آهي- ڇو ته جي سامع سرمدي کي ڪن قلبي جي نعمت نصيب نه آهي ته ناصح نگار حقيقي جي نصيحت ۽ نيهن جي نياپي مان فائدو پرائڻ ڏاڍو دشوار ٿيندو هتي لفظ ناصح جو اطلاق محبوب معنوي توڙي مجازي ٻنهي تي شامل آهي، مجازي مان مراد مرشد ڪامل آهي نه غير جيئن جو هيٺيون بيت فارسي انهي ڳالهه تي حقيقت کولي رهيو آهي گرچه ناصح رابود صد داعيہ پندرا اذني ببا يد واعيه گرنه بودي گوشهائي غيب گير وحي ناوردي زگردون يک بشير) حاصل ڪلام ته اذن واعيه جي نعمت عطا ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا سارا اولياءَ ڪامل ۽ عارف عامل غيب جو آواز سئون سڌو پنهنجي سڄڻ سبحان کان ٻڌاندا رهندا آهن – جن صاحبن مان ڪن ٿورن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو – انهن عارفن کي هيٺين ريت عتاب خطاب ٿيندو رهندو آهي ته هذا افعل اولاتفعل يعني هي ڪم ڪر يا نه ڪر – يا اهو مقبول ٻانهو پاڻ غيب ذات کان پڇندو آهي ته هي ڪم ڪيون يا نه ڪيون- غيبي آواز جي انعام جا اقراري هيٺيان بزرگ پڻ آهن. 1- شيخ جمال الدين اُچوي رحمته الله عليه به انهي مرتب جو مالڪ آهي- انهي صاحب سڳوري وٽ جيڪڏهن ڪو به شبهي ناڪ طعام آڻيندو هو ته هو صاحب غيب کان چٽو ٻڌندو هو ته هي حرام آهي پر تولاءِ مون حلال ڪيو آهي) 2- جناب مخدوم جهانيان آهي جنهن وٽ پڻ هڪ آدمي طعام آندو ته جناب مخدوم صاحب کي اوچتو آواز غيبي ڪن تي پيو ته ياعبدي لاتاکل من هذا الطعام فانہ حرام) 3 – اي منهنجا ٻانهان تون هن طعام حرام کي نه کاءُ)  هي ٻئي بزرگ سنه 707 هجري جا آهن پر حضرت سرتاج سنڌ ته پنهنجي بيت مذڪور ۾ هيٺيان الفاظ چئي آواز غيبي ٻڌڻ جو اقراري ٿيو آهي. سڻ ته سوز پرائين آءُ چيائون اڄ)  جناب سرتاج سنڌ ته سئون سڌو سڄڻ ۽ عجيب اعلى کان حڪم اچڻ جو ٻڌي رهيو آهي، اهڙا ڪيئي واقعا ڀٽ ڌڻي جا آهن جي طوالت جي خطره کان هت آڻي نه ٿا سگهجن. 4 – جناب حضرت مرشد ملڪاني سيف رحماني جن هڪ ڏينهن پنهنجي حجره مبارڪ ۾ ماه پهرين جمعه جي ڏينهن ويٺل هوا ته کين آواز غيبي جو هيٺين ريت اطلاع ٿيو ته تنهنجي امتحان وٺڻ لاءِ هڪ شخص غلام عمر نالي ذات ماڇي آيل آهي جو مسجد جي اتر واري ڪنڊ تي ويٺل آهي پاڻ هن کي نالو وٺي ماني لاءِ سڏيائون جنهن تي هو پشيمان ٿو) 5 – فقير خاڪ خادم  درگاه ملڪاني کي جواني کان وٺي اڄ تائين انهي نعمت جي نوازس ٿيندي رهندي آهي پر فقير مخفي رکندو آيو آهي هاڻي جڏهن حياتي جا پويان ڏينهن بچيا آهن ته بفحوي الڪريمه واما بنعمته ربڪ فحدث يعني پنهنجي رب ڪريم جي نعمت کي نروار ڪر)  انهي آيت الاهي جي حڪم تي عمل پيرا رهي ڪجهه نه ڪجهه شڪر گذاري جي نيت ۽ ايرادي سان ٻڌائڻ گهران ٿو ته هڪ ته من شڪر گذاري جو سبب بڻي مون کي آيت الاهي ان شکرتم لازيد نکم) جو مصداق بڻائي 2- ٻيو ته انهي نعمت جي اظهار ڪرڻ جو ناگاه موقعه پيدا ٿيو آهي 1- پهريون ڀيرو فقير کي هي غيب کان آواز آيو ته اي مولوي اٿي ٻاهر ٿي جو جاءِ تنهنجي ڪري ٿي) سياري جا ڏينهن هوا مان اندر ڪوٺي ۾ ستل هئوس سڏ تي سجاڳ ٿي هڪدم سڄي آڪهه کي اٿاري اڃان ٻاهر نڪري بيٺس ته ساري جاءِ ڪري پئي) اهو واقعو فقير جي جواني جو آهي جنهن جي ساري ڳوٺ کي خبر آهي 2 – هڪ ڏينهن ڳوٺ وارن وٽان رڌل گوشت شبهي وارو آيو اڃان کائڻ لاءِ هٿ ڊگهو ڪيم ته اوچتو غيب کان هي هيبتي آواز آيو يا عبدي لا تاکل هذا الحم) اي منهنجا ٻانها هي گوشت نه کاءُ) پوءِ اهو شبهي وارو گوشت هڪدم ڦٽو ڪيو ويو. 3- باڊه واري درگاهي مسجد شريف ۾ تهجد جي وقت مراقبه ۾ مستغرق آهيان ته ناگاه ندا آئي زبان فارسي ۾ ته از لحم بدن تو هم پاره بريده اند) يعني تنهنجي بدن واري گوشت مان ٽڪرو ونڊيو اٿن) اڃان صبح تي پوري طرح آراقي نفل پڙهي پورا نه ڪيا ويا هوا ته ڳوٺ کان هڪ شخص نالي محمد مريد آيو جنهن ٻڌايو ته توهان جو همشيره زادو نالي نياز محمد ڪالهه گذاري ويو آهي مون ڄاتو ته برابر همشيره زاده به بدن جي گوشت جا پاره ۽ ٽڪرا آهن 4 – ته مون کي شاعرن جي شاه مقبول درگاه جي رساله تي شرح لکڻ ۾ ڏاڍو تردد ۽ فڪر هو ته باوجود پيري ۽ زهيري ۽ ڪهنه مرض مزمن جي مون کان ايڏو ڪٺن ڪم ڪئن ٿي سگهندو انهي تصور ڪرڻ سان رات جو خوابيده هئس ته ٿورو تهجد جي وقت کان اڳ ۾ هي آواز غيبي گوش گذار ٿيو ته يا عبدي اعطينالڪ اذ نا واعيا)  يعني اي ٻانهان تحقيق اسان توکي ڪن ٻڌندڙ ڏنو آهي) انهي آواز ٻڌڻ کان پوءِ فدوي جي ڪن قلبي کي ٻڌڻ جي حافظي ۽ ياد تي ايتري ته طاقت ٿي جو انهي عطائي طاقت  جي آڌار تي ۽ توفيق رفيق جي وسيلي هيڏي ڪٺن ڪم ۾ انشاءَ الله تعالى پڙهي هٿ همت جو وڌو ويو آهي جو اميد ته قادر ڪريم جي ڪرم ۽ فضل سان ڪم سارو سجايو ٿي ويندو. آمين. انهي سائين سڄڻ جي سڏ سڻڻ بابت ويچارو خاڪ هيٺين ريت پنهنجي شعر زيرين ۾ اقرار  ڪري رهيو آهي- (ڪافي) سهڻو سڄڻ سدائين نالو وٺي سڏي ٿو آڌي اُٿاري پنهنجي انعام سان اڏي ٿو.

1- پارس نه آ پري مون ڍوليو پيو ڍري مون

سهڻو سڏي ڪڏهن مون گڏ پاڻ سان گڏي ٿو.

2- يا عبد چئي ادب سان لائق سڏي لقب سان

ريڌو جو پنهنجي رب سان ڍيلي نه تنهن ڇڏي ٿو

3- ڪڏ کير پاڻ پياري فردوس ٿو ڏيکاري

ڪڏ دل مئل جياري ڪڏ قلب ۾ ڪڏي ٿو

4- تهجد جو وقت ويلو روحن ڏنو هو ريلو

محبوب ڪرڻ ميلو تهدل اچي تڏي ٿو

5- ڪڏ خاڪ خوبرو آ ڪڏ آب آبرو آ

ڪڏ رب روبرو آ ڪڏ پاڻ ۾ پڏي ٿو

هڪ هوت سان ياري ڳنڍ ٻين سان ڇن

17- (بيت) يار ڪجي هڪڙو گهڻان تان نه ڪجن

دل به ڏجي هڪڙي کي مَرُ سوين سڌون ڪن

سي چلولا چئجن جي در در لائن دوستي)

شرح-  سرتاج سنڌ جي سهڻي صلاح  موجب فقط هڪ ڌڻي پاڪ جي دوستي دائمي ۽ ياراني قائمي قبول ڪرڻ گهرجي پر نيهن جو ناتو پنهنجي پنهل پاڪ سان اهڙو ته نروار ٿي نباهجي جو سچائي صداقت ڏسي سوين ٻيا به حيران ٿي ڪري تنهن سهڻي سڄڻ سائين سان سچي دوستي رکڻ جون سڌون ڪن نه فقط سڌون ڪن پر رشڪ وٺي پاڻ به سچي ياري رکڻ لاءِ تيار ٿين تنهن ڪري گهڻن درن جون دوستيون ڇڏي رڳو هڪ در جي ڌڻي سان پنهنجي پرت وارو پيوند ٻڌن- خدا نه خواسته ائين نه ٿئي جو هڪ هوت کان حب هٽائي چلولو ٿي غفلت ڪري دز در دوستي جو دم ڀريندو رهجي ائين هرگز هرگز نه ڪرڻ گهرجي بلڪ ٻين جي درن کي نظر انداز ڪري فقط هڪ الله پاڪ سان اُنس ۽ الفت رکڻ گهرجي ان بيت مذڪور جي تائيد هن آيت الاهي مان بطور شرح جي ٻاهر ظاهر آهي قل الله ثم درهم وهم في خوضهم يلعبون) چؤ تون اي محمد مصطفى ته الله هيڪڙو آهي تنهن کان بعد ٻين کي ڇڏي ڏي جو اهي پنهنجي باطل خيال موجب راند روند کيڏن ٿا – اهل اشارات جي عارفن جيڪي به ان آيته مان نڪتا ۽ عبارتي لطائف بيان فرمايا آهن اهي اهل نظر وارن جي اڳيان نروار ڪري ڏيکارجن ٿا ته پڙهندڙ ڏسندڙ فڪر سليم سان پروڙي فائدو پرائين پهريون شيخ ابو سعيد ابو الخير قدس سره مٿي آيته جي بابت هئن فرمايو آهي در کلمئه (قل الله ثم ذرهم) فرموده که الله بس وما سواه هوس وانقطع النفس) يعني قل الله ثم ذرهم) جي ڪلمه ۾ فرمايائين ته نفس جو تعلق ڪپي ڇن ڇو ته هڪ الله ڪافي آهي ۽ بس ۽ ماسوي الله همہ هوس آهي جنهن ماسوا جي محبت ۽ حب مان ڪو به کڙتيل نه نڪرندو ۽ وري شيخ الاسلام فرمايو آهي ته (قل الله جو مقصد آهي ته قلبي ڪن جو ڌيان الله جي طرف ڏي توجه تام ۽ ڪامل سان ڏي ۽ ثم ذرهم غير الله سان دوستي ڇني ڇڏ – جيئن جو روح البيان واري نظريو هن طرح نروار ڪرڻ فرمايو آهي. شيخ الاسلام فرموده که (قل الله) دل سوئي اوده (ثم ذر هم) غير اورا فروبگذار) ۽ علامه شبلي رح پنهنجن دوستن مان ڪن کي فرمايو ته الله جي الفت پاڻ تي واجب ڄاڻ ٻين جي دوستي ڇڏي ڏي شبلي بابعض اصحاب خود ميگفت که عليڪ باالله ودع ماسواه) (بيت) چون تفرقئه دل ست حاصل زهمه دل رابه يکي سپار وبگسل زهمه) پر پڻ ٻي ڪنهن صاحب فارسي ۾ هئن فرمايو آهي ته (بيت) بقول دشمن پيمانہ دوست بشکستي به بين ازکه بريدي وباکه پيوستي – پوءِ نيهن جي نامدار ڀٽائي ڀوتار جي نظريه موجب جنهن نظريه جي پٺ ڀرائي آيت الاهي مذڪوره مان صريح ثابت آهي- عاقل انسان عارف عرفان لاءِ انتباه جو اعلى اشارو آهي ته جو به جوڳي وصال جو ووڙو وصول الي الله جو عزم پڪو ۽ ايرادو جازم رکي پهريون ماسوي الله کان پنهنجو منهن مٽي ۽ نفساني تعلقات تمامي ٽوڙي فقط مولا پاڪ جي محبت ۾ محو مستغرق رهي جيئن جو زيرين بيت مان سندس بيت مذڪور جي تائيد مزيد معلوم ٿئي ٿي (بيت) ڇا کي وڃي ڇو ٻيلي بيهين ٻين جو ڪنجڪ وٺ ڪريم جي جڳ جو والي جو، سو کو هوندو سو جنهن جو عشق الله سان) ڇو ته غير الله سان دل گڏڻ محض لهو لعب ۽ گمراهي آهي پوءِ لهو لعب سان لنؤ لڳائڻ لاعب غافل جو ۽ ٻارن غير عاقلن جو ڪم آهي نه دانائن هشيارن مغز بيدارن جو بيدار بخت سدائين ذڪر ذاتي جي ذوق ۽ فڪر وحدت جي فنائي واري شوق ۾ شادان ۽ فرحان رهندو آهي جيئن جو هيٺيون ڪلام خاڪ جو انهي ذڪر فڪر تي شاهد آهي) ]ڪلام[ جهڙو ذڪر تهڙو فڪر ڇڏي ذڪر نه ٿي ٺڪر

رکو ذڪر جو ڪو ذوق شب و روز ڪري شوق

ڇڏي گوڙ گندو گوڪ نلو نور ٿي پو نڪر

اٺئي پهر اهو آر پيو ذڪر سان رک پيار

ڪري قلب جي ڪوڪار پنهل سان وڃي پڪر

سوا ليکي سڄڻ سار ڏئي ڦوڪ ٻريل ٻار

طلب تيز رکي تار ڪڍي من مان  ڇڏيو مڪر

ڪر نفس مٿي غيظ فنا فڪر جو وٺ فيض

نه ٿي ديت دلو ديز پڙهي تهجد ڪرين شڪر

بڻي خاڪ ٿي گيراڪ پلئي پاڻ پوي پاڪ

ڏسي چاڪ کان ٿي چاڪ وسي توتي ڪرم ڪڪر

 سوز سڪ جي باه سان خطرن خام جو جهنگ جلي کامي خاڪ ٿي ويندو آهي

18 – (بيت) جنگ سڙي بٺ ٿيو وئي مرون لڪ

سڄڻ ۽ سڪ ٻئي وڃي هڪ ٿيا-

شرح- ڀٽ ڌڻي جي فرمان موجب مرون مان مراد خناس خر خيالات افگن في الصدر جو آهي پوءِ توڙي اهو خرخبيث انسان ذات جي جنس مان هجي خواه جنن جي جنس مان جو اهو گهڻو ڪري انسانن جي سينن ۾ خراب خطرن جو جهنگ پيدا ڪري پاڻ انهي جهنگ ۾ لڪي ڇپي جائگير ٿيندو آهي- تنهن ڪري سرتاج سنڌ سالڪ سلوڪ جي کي سمجهائي رهيو آهي ته منهنجي سوز سڪ ۽ بره جي باه مذڪور مرون جي لڪ واري جهنگ جهر کي اهڙو ته ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي مرون جي لڪڻ واري جڳهه معدوم ۽ برباد ٿي رهي آهي تڏهن منهنجي من وارو مرون برمهن ڏئي ڀڄي ويو آهي ائين مون کان ڀڄي پري ٿيو آهي جيئن جو حضرت امير المومنين عمر فاروق جي پوڇي کان پري ڀڄندو آهي جيئن جو حديث زيرين مان ثابت آهي ان الشيطان يفرمن ظل عمر) يعني تحقيق شيطان عمر جي پوڇي کان ڀڄندو آهي)  پوءِ هاڻي منهنجي من ۾ باقي موج زن هڪ سڄڻ ۽ ٻي سڪ آهي- اهو مقام معلى فناعيت جو محبوب معنوي ۾ آهي اهو درجو ڪن ڪن درد وارن مومنن مشتاقن کي معراج صلاتي جي صورت ۾ نصيب ٿيندو آهي جيئن جو حديث حبيب الله سان ثابت آهي ته الصلواه معراج المؤمنين) يعني نماز مومنن جو معراج آهي) پر جناب سرتاج سنڌ کي ته سدائين سوز گداز سبب محبوب جي مشاهدي جو معراج مدامي نصيب آهي جيئن جو هيٺين بيت ۾ پرين جو پسڻ نماز کان نرالو ٻي پهلو تي ٻڌائي رهيو آهي (بيت) نماز روزو اِيءُ پڻ چڱو ڪم، پر اهو ٻيو فهم جنهن سان پسجي وڃي پرين کي) پر  جناب سچل سرمست وري سوز گداز کي ئي نماز سڏي رهيو آهي جيئن جو زيرين بيت ديوان آشڪار جي مان ظاهر آهي ته (بيت) عاشقانرا نماز سوز گداز زاهدان رامدام روزه نماز) حاصل ڪلام ته لطيفي لات پهرين مذڪوره جي پٺ ڀرائي ۾ بطور شرح جي زيرين آيت الاهي شرح شافي جو ڪم ڏئي رهي آهي خناس الذي يوسوس في صدور الناس من الجنہ والناس) يعني جنن ۽ انسانن مان هڪ خناس نالي شيطان آهي جو انسانن جي اندر ۾ وسواس وجهندو آهي) هن آيت الاهي مان خطرن ۽ وسواسن جو وجود چٽو ثابت آهي جن خطرن کي جناب سرتاج سنڌ مرون جي لڪ جو جهنگ سڏيو آهي جو جهنگ سندس جوش جذبه ۽ سوز سڪ جي باه سان سڙيل نظر اچي ٿو پر سندس نمازي معراج هن هيٺين بيت مان نروار آهي (بيت)  تان تان ناه سجود، جان نه پري ٿين پاڻ کون، وڃائي وجود تهان پوءِ تڪبير چؤ) هن بيت جي شرح ۾ هي حديث ڪافي آهي – لاصلوه الا بحضور القلب) يعني نماز قلب جي حضور کان سواءِ نه آهي) مطلب ته سرتاج سنڌ کان پنهنجا مارو پاڪ ڪڏهن به وسريل ڪونه هوا پر ڪائنات تي ڪوٽ ۾ يا انفسي اوٽ ۾ قيد ٿي به ٻاٻاڻي ٻول کي فراموش ڪرڻ نه فرمايائون جيئن جو سندس هيٺيون ڪلام انهي حقيقت تي صادق آهي (ڪلام) روپ جوڳ – مارو مٺڙا ڍول، وسون ڪين وساريان مان 1- ڪوٽ وهڻ جي ڪانه ڪنديس مان ٻاٻاڻن سان ٻول 2- گڏجن مان گداوَ ۾ ڳوٺن ۾ ڪنديس ڳول. 3- ڪڍ بندياني بند مون ڪڙا لاهي ڪڙول 4- اسر ويل اٿي ڪري پڙهان پئي لاحول 5- اديون شاه لطيف چئي رتا منجهه رتول – نماز گلاري ٿيڻ کان نجات آهي.

18- (بيت) جي ڀائين جوڳي ٿيان ڪہ ڪلمي سندي ڪار، پورو رهه پنجن ۾ آيا ٽيهه نه ٽار، اهي ڌاڳا ڌار ته گر وٽ گلارو نه ٿئين) شرح- فياض فائق لطيف لائق فرمائي رهيو آهي ته اي انسان عاقل جي تون مومن صادق سڏائڻ جو مستحق ۽ لائق بڻجين ته ڪاهل ۽ غافل نه ٿي بلڪ غفلت جي ڪپہ ڪنن مان ڪڍي منهنجي مشوره مفيد موجب 1- پهريون ڪلمو پاڪ پڙهي پاڻ کي ايمان علامت اسلامي اعلان سان مزين فرماءِ. 2- پنج وقت نماز سونهاري پوري پوري پابندي سان پڙهه ڇو ته ايمان آڻڻ کان پوءِ فقط نماز ئي افضل الاعمال آهي، پوءِ جنهن به آدمي نماز قائم ڪئي تنهن ڄڻ دين متين کي ٿنڀ ڏيئي بيهاريو ۽ جنهن جوٺي نماز ڇڏي  تنهن ڄڻ پنهنجي هٿ پليد سان ڌڻي پاڪ جي دين کي ڊاهي ڇڏيو جيئن جو انهي حقيقت حال تي هي هيٺين حديث شريف هوبهو صادق آهي. من اقام الصلواه فقد اقام الدين ومن توکها فقدهدم الدين) 3- ٽيون ٽيهه روزا رمضان شريف جا هر سال ۾ سنڀالي رک ڇو ته روزن جي فرضيت پڻ قران ڪريم جي هيٺين آيت شريف سان ثابت آهي ياايها الدين آمنوا ڪتب عليکم الصيام) اي مومنو توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن) ٻيو ته روزن جو عمل اهڙو ته اعلى درجه جو آهي جنهن عمل ۾ رياعه جو ريج ۽ بوءِ باس ڪانه آهي ٻڌائڻ کان سواءِ سوا سرڪار صمدي جي ڪنهن کي به ڪل خبر نه پوندي آهي تنهن ڪري اهڙي روزه بي ريا واري جو اجورو خود ڌڻي پاڪ جو ديدار آهي جنهن جو دلاسو ڌڻي پاڪ پاڻ هن حديث جي ذريعي ڏيڻ فرمايو آهي ته الصوم لي وانا اجزه بہ) يعني روزو خاص منهنجي لاءِ آهي ان جو اجورو آءٌ آهيان) انهن ٽن چيزن هر هڪ ايمان- نماز- روزي کي جناب ڀٽ ڌڻي ڌاڳا چوڻ فرمائي چوي ٿو ته اي انسان اهي ڌاڳا ڌار ته توتي مومن جو نالو مبارڪ ٺهي وگر نه انهن ڌاڳن ڌارڻ کان سوا پنهنجي گر غفار سائين ستار وٽ گلارو ٿي گذاريندين پوءِ پنهنجي رب ڪريم غفور رحيم آڏو گلارو ٿي گذارڻ ڪم مشرڪن جو آهي نه مومنن جو جناب نيهن جي نامدار جي نظريه مذڪور جي تائيد هي آيت الاهي زوردار نموني سان نروار ڪري رهي آهي واقيموا الصلواة ولا تکونوا من المشرڪين) يعني نماز قائم ڪيو ته مشرڪن کان ممتاز رهو)  وگر نه توهان جي ۽ مشرڪن جي وچ ۾ امتيازي علامت معدوم ۽ گم هجڻ ڪري ڪو به سڌو فارق نظر نه ايندو تنهن ڪري مومنن کي ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي مشرڪن جهڙو بي نمازي ٿي رهڻ مناسب نه آهي اميد ته اسان جا عاقل ڀائر ۽ عقل واريون ڀينرون هن سهڻي صلاح سرتاج سنڌ جي کي هروڀرون نظر انداز نه ڪرڻ فرمائيندا ڇو ته قيامت جي قيام برپا هجڻ وقت به پهريون پهريون پڇا نماز سڳوري جي ٿيندي جيئن جو زيرين بيت فارسي مان ظاهر آهي (بيت) روز محشر که جان گداز بود اولين پرسش نماز بود)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com