سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :1

تحفة السالڪين

سموهيندڙ ۽ سنواريندڙ: مولانا عبدالصمد هاليجوي

 

وَحدَهُ جي وَڍِيَا، اِلاّ اللهَ سين اورِين،

هِيُون حَقِيقَتَ گَڏِيُو، طريقتَ تورِين،

مَعرفَتَ جِي ماٺِ سين، ڏيساندَرُ ڏورِين،

سُکِ نه سُتا ڪڏهين، ويهِي نه ووُڙِين،

ڪُلهنئُون ڪورِين، عاشقَ عبدُاللّيطف چئي.

(حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

 

سهيڙيندڙ طرفان

 

بسم الله الرحمان الرحيم

حامداً و مصلياً

 

الله تعاليٰ  جا ڪروڙين احسان جو مرشد الموحدين، قدرة السالڪين، مجدد العصر حضرت مولانا حمّاد الله هاليجوي رحمة الله عليہ جن جي ملفوظات ڪتابي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ آهي. حضرت جن جي ذات بابرڪات سنڌ واسين جي لاءِ خصوصيت سان رحمة ڀري هئي ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو به ان فيض مان برابر سيراب ٿيندا رهيا. حضرت هاليجوي رح جن جي فيض جو روشن مظهر سنڌ ۾ جماعت جي هڪ وسيع حلقي ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ قائم مدرسن جي وسيع سلسلي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. اڄ به لکين خدا جا بندا ان سلسلي سان پنهنجي نسبت قائم ڪندا پيا اچن.

حضرت هاليجوي رح جي ذات گرامي علم ۽ احسان جو اهڙو سنگم هئي جتان شريعت ۽ طريقت جي فيض ۽ هدايت جا اهڙا چشما ڦٽي نڪتا جن سان هن خطي ۾ جتي هزارين ويران دليون آباد ٿيون اتي حضرت مجدد الف ثاني ۽ شاهه ولي الله جي علم ۽ فضل جون يادون تازيون ٿيون.

زير مطالع ڪتاب جا پهريان ٻه حصا حضرت هاليجوي رح جي انهن ملفوظات تي مشتمل آهن، جيڪي محترم مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ پوئين دور ۾ هاليجي شريف جي رهائش دوران مرتب ڪئي. حضرت سائين جن جو معمول هوندو هو ته سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندڙ جماعت کي الله ۽ ان جي رسول سان پنهنجو تعلق قائم ڪرڻ ۽ ان کي گهَرو بنائڻ جي هميشه تلقين ڪندا رهندا هئا. جيڪي ماڻهو ديني حڪمتن ۽ مسئلن بابت پڇا ڪندا هئا ته حضرت جن ان جي لاءِ به ارشادات فرمائيندا هئا ۽ مولانا محمد سليمان صاحب اهي بيان ۽ ارشادات ڪاغذ تي تاريخوار اتاريندو ويندو هو. ساڳئي عرصي ۾ مولانا محمد سليمان صاحب جن حضرت سائين جن جون جمعته المبارڪ تي ڪيل تقريرون به اتاريندو ويندو هو، جيڪي اسان خطبات حضرت هاليجوي رح جن جي نالي سان شايع ڪري چڪا آهيون.

ان کان پوءِ ملفوظات جو ٽيون حصو حضرت سائين جن جي فيوضات متعلق لکيل مختلف عالمن ۽ متعلقين جي ڪتابن ۽ انهن جي زباني نقل ٿيندڙ بيانن کي جيڪي متواتر بيان ٿيندا رهيا آهن تن کي سهيڙي ڇاپيو  ويو.

ملفوظات کي پنهنجي پوري صحت سان پڌري ڪرڻ لاءِ انهن جي حوالن کي قرآن حديث ۽ ٻين علمي ڪتابن سان ڀيٽڻ ۽ ترتيب ۾ آڻڻ بيحد محنت طلب ڪم هو جيڪو الحمدلله احباب جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ساڳيو توجه ڇپائي جي مسئلي تي به درڪار هو جنهن کي ڪيترو عرصو مسلسل ڪراچيءَ ۾ ترسي پنهنجي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪيو ويو.

الله تعاليٰ  جو فضل ۽ ڪرم هميشه شامل حال رهيو ۽ انهن مرحلن کي پنهنجي وس آهر بخوبي طئه ڪيو ويو. هن سموري ڪم ۾ مولانا غلام قادر صاحب مفتي جامعه دارالهديٰ ٺيڙهي، مولانا محمد سليمان طاهر صاحب، مولانا حبيب الله شيخ صاحب، شيخ الحديث جامعہ حماديه ڪراچي، مولانا شبير احمد ڀٽو، مولانا امان الله شيخ صاحب، مولوي قمر الدين کوسو صاحب، مولوي عبدالله انڍڙ صاحب، سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ ۽ ٻين احبابن جو تعاون شامل رهيو. الله تعاليٰ  کين ان جو ڀلو بدلو عطا ڪري ۽ ان کي عاقبت سنوارجڻ جو باعث بڻائي.

هن ڪتاب ۾ ڇپيل ملفوظات سان حضرت سائين جن جي مجلس ۾ بيان ٿيندڙ تعليم ۽ نصيحت جو خاصو تعداد سهيڙجي ويو آهي ان کان پوءِ به انهيءَ ڳالهه جي گنجائش موجود آهي ته ڪن دوستن وٽ ملفوظات  جو مواد يادگيري ۾ يا تحريري طور تي موجود هجي. ان ڪري الله تعاليٰ  گهريو ته اسان ڪوشش ڪري هيڪر وري اهڙي رهيل مواد کي سهيڙي وٺًنداسين.

قلم جي ذريعي تبليغي ۽ اصلاحي جدوجهد هر دور ۾ مؤثر ۽ ضروري رهي آهي، اسان بفضلہ تعاليٰ  ان ضرورت کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئ آهي ته جيئن تعلق بالله، فڪر آخرت، عقيده توحيد ۽ اتباع سنت جي مشن روان دوان رهي، بندي کي پنهنجي پالڻهار سان ملائي، خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جو فريضو سرانجام ڏيڻ امام شاهه ولي الله جي فڪر جو تسلسل آهي جنهن کي علماءِ حق جاري رکندا اچن ٿا. الله تعاليٰ  سڀني جي محنت قبول فرمائي.

الحمدلله ملفوظات جا ٽيئي ڇاپا جيئن ئي پڌرا ٿيا ته جماعت جي ماڻهن، عالمن ۽ اديبن، شريعت ۽ طريقت  جي شيدائين مطلب ته سڀني ديني حلقن علم ۽ فضل جي ان هٻڪار کي محسوس ڪيو ۽ گهڻن ان مان فيض حاصل ڪيو. حضرت هاليجوي رح جي ملفوظات پڙهڻ سان ان دور جون يادون تازيون ٿيون ۽ ايئن محسوس ٿيو ته علم ۽ فضل جو اهو بحر اڄ به سندن تعليمات جي صورت ۾ موجزن آهي.

هينئر ملفوظات جو ٻيو ڇاپو ٽيئي حصا هڪ جلد ۾ ڇاپڻ جو ڪم حسب معمول مڪتبہ حماديہ پنهنجي ذمي کنيو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ  سندن ديني اشاعت جي ڪمن ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. اشاعت جي ڪمن ۾ ڀرپور احتياط خاطر ۾ رکيو ويو آهي. ان هوندي به ڪٿي لغزش نظر اچي ته اها اسان جي ڪوتاهي سمجهي نظر انداز ڪئي وڃي ۽ ان جو اطلاع ڪيو وڃي ته جيئن آئنده اشاعتن ۾ ان جي اصلاح ڪئي وڃي.

(مولانا) عبدالصمد هاليجوي

 

ٻه اکر

 

پني عاقل جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ هاليجي ۾ جنم وٺندڙ ٻارُ، جنهن جو نالو حماد الله رکيو ويو، اها شخصيت اسم بامسمّيٰ ۽ روحانيت جي دنيا ۾ آفتابِ هدايت ثابت ٿي. ملّت اسلاميه کين شيخ الموّحدين، جامع شريعت و طريقت، داعي الي الله، عارف بالله هاليجوي رح سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي.

حضرت صاحب رحمہ الله عليہ جن چوڏهين صدي هجري جي شروعاتي يعني 1301 هجري ۾ تولد ٿيا. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي هڪ حديث شريف مطابق ته ”ان الله يبعث عليٰ رُاس کل ماة سنه من يجدد لها دينها“

(الله تعاليٰ  هر سؤ سال جي منڍ ۾ هڪ اهڙي شخصيت کي جنم ڏئي ٿو جيڪو دين اسلام جي تجديد ڪري ٿو.) حضرت هاليجوي رحمہ الله عليہ جن، دين جا مجدد ثابت ٿيا. سندن پوري زندگي ڪتاب الله ۽ سُنت رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي تعليم، تدريس، اشاعت، احياءِ ۽ اتباع ۾ گذري. سندن تجديدي ڪارنامو هيءُ هيو ته تصوف ۽ روحانيت کي قرآن ۽ سُنت جي تعليمات مطابق بلڪ انهن ٻنهي هدايت جي مينارن جي پاڇي هيٺ رکي تلقين ڪندا رهيا. تصوف جي تعليم، تربيت ۽ تلقين ۾ شرڪ، بدعت ۽ خلاف سنّت جو ذري برابر به شائبو نه هو. بلڪ توحيد ۽ سنّت  جي اشاعت ۽ تلقين ۾ ظاهري علما کان به وڌيڪ حساس هئا. ان معاملي ۾ ”لا يخافون في الله لومة لائم“ جي هوبهو تصوير هئا.

عام طرح ڏٺو ويو آهي ته تصوف جي دنيا ۾ جيڪي شخصيتون وارد ٿيون آهن ۽ پيري مريدي جو سلسلو جتي به شروع ٿيو ته اتي رواداري ۽ نرم رويه جي نالي تي ننڍڙيون ننڍڙيون بدعتون شروع ٿي وينديون آهن ۽ بعض معاملن ۾ خلاف سنّت عمل به رائج ٿي ويندو آهي. مثلاً مرشد کي نوڙي ملڻ، مرشد جي اچڻ وقت قطارون ٻڌي بيهي رهڻ، مرشد جي وضو جي پاڻي کي تبرڪ طور پيئڻ، مرشد جي ڪپڙن ۽ ويهڻ جي جاءِ کي چمڻ، درگاه جي چائنٺ کي چمڻ، عورتن ۽ مردن جو مخلوط اجتماع ڪرڻ، غير محرم نوجوان عورتن سان مرشد جو اڪيلو ملڻ، اوراد ۽ وظائف  ۾ غير شرعي ڪلمات جو استعمال ڪرڻ، پنهنجي جماعت ۽ متعلقين کي هڪ مخصوص ڍنگ سان هلائڻ ۽ ٻين مسلمانن کان جدا رکڻ وغيره وغيره اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي خلاف شرع به آهن ۽ بدعات ۾ شامل پڻ آهن. حضرت عارف بالله هاليجوي رح جن اهڙي قسم جي بدعات جي اصلاح ڪئي ۽ سلسله قادريه کي ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي مطابق رکي پنهنجي شيخ المشائخ حضرت غوث الاعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني قدس سره سان نسبت خاص قائم ڪئي، جيڪي توحيد ۽ اتباع سنت ۾ بلند مقام تي فائز هئا.

شيخ الموّحدين حضرت هاليجوي رحمہ الله عليہ زندگي جو وڏو حصو عام مسلمانن سان گڏ گذاريو. هو خلوت کان وڌيڪ جلوت کي پسند ڪندا هئا. اسلامي واعظن ۽ ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيندا هئا. عام مسلمانن تائين اسلام جي پيغام پهچائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ به ويندا هئا. قومي تحريڪن ۾ حصو ورتائون. خلافت تحريڪ ۾ پنهنجو مال ملڪيت سميٽي هجرت جو سفر اختيار ڪيائون. قرآن ۽ سنّت جي تعليم ۽ تدريس ۾ به زندگي جو ڳچ حصو صرف ڪيائون. حياتي جو آخري حصو پندرهن ويهه سال مستقل طرح هاليجي شريف ۾ گذاريائون ۽ اهو به گهڻو وقت مسجد شريف ۾ رهندا هئا. عام معمول هيو ته صبح جي نماز تي پنهنجي گهر کان ٻاهر ايندا هئا ۽ پوءِ مسجد ۾ ويهي رهندا هئا تان ته منجهند تائين 11 ۽ 12 وڳي تائين عام مسلمانن سان مجلس ڪندا رهندا هئا. هر هڪ شخص عام ۽ خاص ساڻن ملندو هو، پنهنجا مسئلا ٻڌائي رهنمائي حاصل ڪندو هو. ديني سوال ڪري هدايت وٺندو هو. پوءِ ٿورو وقت گهر ويندا هئا ۽ ظهر جي نماز تي وري مسجد ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا پوءِ عشا جي نماز پڙهائي گهر ڏانهن اسرندا هئا. ان طرح اندازاً 12 ڪلاڪ روزانو مخلوق خدا کي علم ۽ هدايت جو فيض ڏيندا رهندا هئا. تاريخ ۾ اهڙيون شخصيتون تمام گهٽ ملن ٿيون جن ايترو وقت خدا جي مخلوق کي ڏنو هجي. عام طرح اهل الله اوراد وظائف، عبادتن ۽ رياضتن ۾ مشغول رهندا آهن ۽ خلق خدا لاءِ تمام ٿورو وقت ڏيندا آهن. مگر حضرت عارف بالله هاليجوي رحمہ الله عليہ تي ڪتاب و سنّت جو رنگ غالب هو ان ڪري هو اسوه رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم ۽ صحابه ڪرام رضي الله تعاليٰ  عنهم جي طريقي مطابق زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. ان ڪري گهڻو وقت سنّت نبوي صلي الله عليہ وسلم  ۽ سنّت خلفاءِ راشدين رضه مطابق مسجد شريف ۾ گذاريندا هئا.

حضرت آقا هاليجوي رحمہ الله عليہ ۾ ٻه خاص وصفون موجود هيون هڪ سادگي ٻئي شفقت. منجهن غرور، وڏائي، خودنمائي، شهرت ۽ طمع جو ڪو به شائبو نه هيو گوڏ، پهراڻ ۽ مٿي تي ننڍو پٽڪو ٻڌندا هئا ۽ ڪڏهن پهراڻ بدران هڪ صدري پهريندا هئا. لباس سادي اڇي ڪپڙي جو هوندو هيو. سندن شفقت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. غريبن، مسڪينن ۽ اٻوجهن تي خاص طرح ڏاڍا مهربان هوندا هئا. عالمن جي عزت سندن شان مطابق ڪندا هئا ۽ انهن جو خاص خيال رکندا هئا. سندن معمول هو ته مغرب نماز کان پوءِ قادري سلسلي مطابق ذڪر جهري حلقو ٻڌي ڪرائيندا هئا جيڪو تقريباً عشاءَ جي نماز تائين جاري رهندو هو. ذڪر ڪرڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن ڪي شعر به جهونگاريندا هئا. مثلاً مولانا رومي جو هيءُ شعر اڪثر ڪري جهونگاريندا هئا:

شاد باد اي عشق خوش سودائي مَا

اي طبيبِ جمله علتهائي مَا

حضرت شيخ الاسلام هاليجوي رحمة الله عليہ جن جو توحيد جو ذوق نهايت بلند هو توحيد جي معاملي ۾ ڪنهن به مصالحت ۽ مداهنت جا قائل نه هئا. اهڙيءَ طرح اتباع سنّت ۾ به متشدّد هئا. پنهنجي جماعت ۾ انهيءَ رنگ کي هميشه غالب رکيائون. سندن ڪنهن قول ۽ فعل ۾ ڪو به جهول ۽ تضاد نه هوندو هيو. اڪثر صوفياءِ ڪرام ۾ شطحيات به موجود رهيا آهن يا وري ڪرامتن ڏانهن وڌيڪ لاڙو ڏٺو ويو آهي، پر حضرت صاحب جن رح شيخ الطائفه حضرت جنيد بغدادي رح جي ان مسلڪ سان متفق نظر اچن ٿا ته ”الاستقامہ فوق الکرامہ“  دين تي قائم رهڻ ڪرامت کان وڌيڪ بهتر آهي. سندن تصوف جي تعليم ”احسان“ سان وابسته هئي.

”ان تعبد الله کانڪ تراه فان لم تکن تراه فانہ يراڪ“

مون لاءِ دنوي ۽ اُخروي سعادت ۽ خوش بختي جي ڳالهه آهي ته مان حضرت هاليجوي رحمة الله عليہ جن جي مبارڪ حياتي جي پوين ٻن سالن ۾ ساڻن متعلق رهيس. سندن ڪجهه خطبات محفوظ ڪيم ۽ 1380هه ۾ شعبان المعظم، رمضان المبارڪ ۽ شوال المڪرم جا چند ڏهاڙا سندن خدمت اقدس ۾ گڏ گهاريم ۽ ان دوران مجلسن ۾ سندن ارشادات ۽ ملفوظات کي جمع ڪيم. جيڪي هينئر ڪتابي شڪل ۾ سامهون اچي رهيا آهن. اڄ حضرت رح جي وصال کي ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر ان وچ ۾ سندن خطابت يا ملفوظات شايع نه ٿي سگهيا. شايد اها عظيم سعادت حضرت آقا هاليجوي رحمة الله عليہ جن جي پوٽي ۽ سندن ٻي جانشين حضرت مولانا عبدالصمد هاليجوي مدظلّه العالي کي نصيبن ۾ هئي. جن وڏي محنت، جاکوڙ ۽ نهايت خلوص ۽ محبت سان هي جواهر شايع ڪري ڪتابي صورت ۾ امت مسلمہ جي آڏو پيش ڪيا. هن ڪتاب جي اشاعت سان حضرت رح جي جماعت ۽ ٻيا عام مسلمان يقيني طرح فيضياب ٿيندا. صراط مستقيم تي گامزن ٿيڻ ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

حضرت آقا عارف بالله هاليجوي رحمة الله عليہ جن پنهنجي حياتي جي پوئين ڏهاڪي ۾ حرمين شريفين جي زيارت کان به مشرف ٿيا ۽ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪيائون. سندن وصال 12 ذي القعد 1381هه مطابق 18 اپريل 1962ع اربع ڏينهن صبح جو 6 وڳي سندن گهر ۾ ٿيو. قبر مبارڪ مسجد شريف جي ڀرسان اتر طرف واقع آهي. انالله وانا اليہ راجعون- برّد الله مضجعہ ونوّر الله مرقده.

حضرت شيخ الاسلام مجدّد ملّت اسلاميه داعي الي الله حضرت هاليجوي قدس سره جي شخصيت متعلق چند اڪابرن جي راءِ هن طرح آهي. الشيخ الکبير المجاهد في سبيل الله حضرت سيد تاج محمود امروٽي رح جن فرمايو:

 

”اسان ڏڌ ولوڙيو سون، ان مان جيڪي مکڻ نڪتو سو مولانا حماد الله کڻي ويو. هاڻي ته لسي پيا ٿا ورهايون.“

شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني رحمة الله عليہ جن پني عاقل ۾ ڪل هند ڪانفرنس جي موقعي تي حضرت هاليجوي رح جن کي فرمايو:

”الله تعاليٰ  جو احسان ٿيندو ته جيڪڏهن اوهان ديوبند اچو ته اسان اوهان کان معرفت الاهي ۽ تعلق بالله جو سبق حاصل ڪريون.“

شيخ الحديث مولانا محمد يوسف بنوري رحمة الله عليہ جن فرمايو:

”حضرت هاليجوي متقدمين صوفياءِ ڪرام مان آهن سندن تصوف ۾ درجو مٿاهون آهي.“

شيخ القرآن مولانا غلام الله خان رحمة الله عليہ جن فرمايو ته:

”بزرگن جون ڪرامتون ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿينديون آهن پر حضرت هاليجوي جي ڪرامت روزانو صادر ٿي رهي آهي. اسي سال جو بزرگ انسان روزانو صبح جي نماز کان 12 بجي تائين ۽ ظهر جي نماز کان عشا جي نماز تائين قرآن ۽ سنّت جون ڳالهيون ڪري ۽ خلق خدا جي اصلاح ڪري ٿو. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪرامت آهي؟“

شيخ التفسير مولانا عبدالغني جاجروي رحمة الله عليہ جو بيان آهي ته:

”حضرت شيخ رح معرفت خدا ۾ ايترو اونهون آهي جو ان ۾ عقل حيران ۽ گم آهي. خود پير طريقت ٿي پيرن جي مخالفت پيو ڪري. رات ڏينهن علم دين ۽ علماءَ جي ثنا ۽ تعريف پئي ٿئي. ڪنهن به انسان جي ته گلا نه شڪوو شڪايت زبان تي اچي ٿي. حضرت شيخ جي ملڻ کان پوءِ حضرت امروٽي رحمة الله عليہ جي ملڻ جي پياس ئي ختم ٿي چڪي آهي.“

هيءُ هڪ ڪامل رهبر آهي. منهنجي خيال ۾ حضرت مجدد الف ثاني رحمة الله عليہ جن کان پوءِ ان مقام جو محقق صوفي حضرت صاحب رح جن ئي پيدا ٿيا آهن. حضرت مجدد رح جن لکيو آهي ته الله تعاليٰ  قيامت جي ڏينهن منهنجي ”معيت“ علماءِ ظاهر سان فرمائي نه ڪه علماءِ صوفيه سان. ساڳيو مسلڪ ۽ رجحان طبع حضرت صاحب هاليجوي جن جو به هيو.

الله تعاليٰ  کان دعا آهي ته اهو اسان کي مرشد ڪامل عارف بالله حضرت هاليجوي قدس سره جي نقش قدم ۽ سندن ارشادات تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ قيامت جي ڏينهن صلحاءِ امت سان محشور فرمائي.

الراجي اليٰ رحمة ربہ

ڪراچي- سنڌ

7 رجب المرجب 1413 هه              محمد سليمان طاهر انڍڙ

1 – جنوري 1993ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com