سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :16

1- رمضان المبارڪ 1380 هه- جمعي جو ڏينهن

ملفوظ 78

مجلس مان ڪنهن شخص چيو ته ڇوڪرو نماز نٿو پڙهي. ان کي ڇا ڪجي.

ارشاد فرمايائون ته اسڪول ۾ بورڊنگ هائوس هيو. اتي ڇوڪرا رهندا هئا، پوءِ نماز لاءِ سختي هوندي هئي. اتي قانون هيو ته جيڪو ڇوڪرو نماز نه پڙهندو ته ان کي دال ملندي. پر تنهن هوندي به ڇوڪرا نماز ڪو نه پڙهن. اصل ڪم پيار سان ٿئي ٿو. سختي ڪرڻ سان دل وارو عمل نه ٿي سگهندو.

مولانا محمد صاحب عليه الرحمہ (استاد الکل جن هڪ سو ٽيهن سالن ۾ وفات ڪئي) فرمائيندا هيا ته مون سان گڏ هڪ دوست لغاري حج تي هليو هو. جڏهن واپس موٽيو ته نماز ڇڏي ڏنائين. ماڻهن مون کي چيو ته هي شخص توهان سان حج تي هليو هو هاڻي ان کي نماز ته پڙهايو. ماڻهن به اچي تنگ ڪيس ۽ هي به سڀني کي جواب ڏيئي بيهي رهيو. هڪ دفعي مان زمين تي ويس اتي هي شخص به آيو. چيومانس ته يار هاڻي ايئن نه ڪر ڪجهه نماز شروع ڪر. چوڻ لڳو ته سڀئي نمازون ڪو نه پڙهندوسانءِ. مان کيس چيو ته ڪجهه ته پڙهڻ شروع ڪر. جيڪا نماز سولائي سان هٿ اچئي اها پڙهه باقي اڳتي تنهنجي مرضي، چوڻ لڳو هائو اها ڳالهه ٺيڪ آهي. پوءِ نماز پڙهڻ شروع ڪيائين. پوءِ ته اهڙو نماز کي لڳي ويو جو وري ڪڏهن به نماز نه ڇڏيائين. پيار ۽ محبت سان تلقين ڪبي آهي ته اها فائدي واري ٿيندي آهي. سختي ۽ ضد ڪبو ته اهو ڪم نه ٿيندو.

انسان پنهنجي نفعي کي نٿو ڏسي، شيطان جو اثر اهڙو ويهجي وڃي ٿو جو ضد پاران نقصان واري راه قبول ڪندو پر فائدي ڏانهن نه ايندو

 ٿوري توقف کان پوءِ فرمايائون ته دين جي ڪمن ۾ الله تعاليٰ سولائي رکي آهي صرف ڪو شخص دين ڏانهن اچي.

سورة اخلاص ”قل هو الله احد“ جو ايڏو مرتبو آهي جو روايت ۾ اچي ٿو ته حضرت معاويه بن معاويہ جي وفات ٿي ته ان جي جنازي ۾ 70 هزار ملائڪ شريڪ ٿيا. ان سبب جي ڪري ته هن سوره اخلاص کي پنهنجو وظيفو مقرر ڪيو هو.

حديث شريف ۾ وارد آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

لا اِلٰہ الاّ الله حصني من دخلها امِنَ عذابي-

”لا اِلٰہ الاّ الله“منهنجو قلعو آهي جيڪو ان ۾ داخل ٿيو اهو منهنجي عذاب کان امن ۾ اچي ويو.“

من کان آخر کلامہ لا اِلٰہ الاّ الله  فقد دخل الجنّة

”جنهن شخص جي زندگي جو پويون ڪلام لا اِلٰہ الاّ الله هوندو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.

بس ايتري ڳالهه ضروري آهي ته انسان شرڪ ۽ بدعت کان بچي. ڇو ته مشرڪ ۽ بدعتي جو ڪو به عمل قبول نه آهي. مشرڪ جي دل ۾ خدا جي عزت نه هوندي آهي. بدعتي جي دل ۾ حضور ڪريمﷺ جن جي عزت نه هوندي آهي. ڪافر ۽ منافق جي دل ۾ وحي الٰهي جي عزت نه هوندي آهي.

ملفوظ 79

هت غلام نبي فقير آيو هيو. چيائين ته شيطان کي خواب ۾ ڏٺم ٻه سوال ڪيائين. (1) چوين ته الله کي مڃان (2) چوين ته قرآن کي مڃان. انهن ٻنهي مان هڪ کي مڃيندس، ٻنهي کي نه مڃيندس. مان هن کي چيو ته قرآن کي مڃ- چيائين ته الله کي نه مڃان؟ مان هن کي چيو ته ڇا قرآن ائين چوي ٿو ته الله کي نه مڃ. پوءِ هو ذليل ٿي ويو. ان قسم جا شبهات شيطان جا هوندا آهن.

ملفوظ 80

مجلس ۾ هڪ شاگرد عرض ڪيو ته مون کي نصيحت ڪريو.

پاڻ ارشاد فرمايائون:

علم وڏي نعمت آهي. ان جو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. انسان فارغ البال هجي ته علم حاصل ڪري.

فقيہ واحد اشد علي الشيطان من الف عابد (الحديث)

(هڪ فقيہ ۽ عالم کي گمراهه ڪرڻ شيطان لاءِ هڪ هزار عابدن کان وڌيڪ ڏکيو آهي.)

پر علم پڙهڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن موحد ۽ متبع سنت عالم دين وٽان علم حاصل ڪجي ته ان جو سهڻو اثر پيدا ٿيندو. مشرڪ يا بدعتي کان علم حاصل نه ڪجي. ان جا برا اثرات انسان ۾ اچي ويندا.

حضرت پيرانِ پير سيدنا عبدالقادر جيلاني عليه الرحمہ پنهنجي پٽ کي ٻه سو درهمن جون ٿيلهيون ڏيئي هڪ استاد ڏي موڪليو ته ان کي ڏي- پوءِ اهي درهم استاد قبول ڪيا ۽ پڙهائڻ شروع ڪيائين. حضرت رح جن پنهن جي پٽ کي روڪي ڇڏيو ۽ فرمايائون ته انهي استاد وٽ نه پڙهه ڇو ته ان ۾ حب مال آهي. پوءِ تنهنجي اندر به اهو اثر پيدا ٿي ويندو.

ملفوظ 81

سيد عبدالله شاهه بخاري حضرت رح جن کي چيو ته تعليم جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪريو.

پاڻ فرمايائون ته مولوي ڪريمداد صاحب ٺوڙهي وارو ديوبند مان پڙهي آيو، وڏي محنت ڪيائين پوءِ طلباءِ ۾ ڪامياب ٿي ويو. خوش اخلاقي ۽ محنت اهي ٻئي جوهر آهن. فارغ ٿيل نئون مولوي صاحب ڪنهن اهڙي مدرسي ۾ پڙهائي جتي طلباءَ ڪثرت سان هجن ته ڪتابن پڙهائڻ جو به موقعو ملي ۽ اساتذه کان فيض حاصل ڪرڻ جو به موقعو ملي. جڏهن طلباءِ ۾ مقبوليت ٿي وئي ته پوءِ جٿي به رهندو اتي طلباءِ پهچي ويندا.

مولانا عبدالهادي صاحب، مولانا غلام قادر صاحب ۽ مولانا غلام محمد صاحب ٺيڙهي مان فارغ ٿيا ۽ اتي ئي انهن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته هو قابل اعتماد مدرس بنجي ويا. انهن جهڙو مدرس، ٺيڙهي جو ٻيو ڪو به شاگرد نظر ڪو نه ٿو اچي.

ڪنهن بزرگ جي ملفوظات ۾ آهي ته

طالب العلم که چرا نکند و صوفي که چرا بکند

هر دو را بازار بايد فرستاد تا کار بکنندو روزگار حاصل بکنند.

طالب العلم جيڪڏهن ”ڇو“ نه ڪئي ۽ صوفي جيڪڏهن ”ڇو“ ڪئي ته ٻئي ناڪام ٿي ويندا. پوءِ انهن کي بازار موڪليو وڃي ته ڪو ڪاروبار ڪن ۽ روزگار حاصل ڪن.

طالب العلم جيئن استاد کان پڇندو ويندو تيئن ان جو علم وڌندو ويندو ۽ مريد جيڪڏهن مرشد جي آڏو سر تسليم خم ڪيو ته ان کي فيض ملندو.

2- رمضان المبارڪ 1380 هه- ڇنڇر جو ڏينهن

ملفوظ 82

فرمايائون ته ٺيڙهي ۾ رهڻ واري زماني ۾ حاجي حبيب الله پٺاڻ هوندو هو. اهو چوندو هو ته رات جو مان ستل هوندو آهيان ته جن اچي مون سان حرڪت ڪري ويندا آهن. ڪڏهن ته مٿان اچي چڙهي ويهندا آهن. هڪ دفعي مون وٽ رات جو آيو ۽ اچي چيائين ته رات جو مان ويٺو هيس ته جن آيو ۽ مون تي چڙهي ويو.ڀر سان ڪهاڙي پئي هئي، آهستي آهستي ان ۾ هٿ وجهي اها ان کي ٺڪاءُ ڪرائي مانس. پوءِ ته دانهان ۽ ريهان ڪندو هليو ويو. ڀانون ڳوٺ جو هيو. پوءِ صبح جو مان ان جي ڳوٺ ويس، پير ڪو نه لڳل هئا. ڪلر ۾ خون جا ڌٻا ڌٻا نظر آيا. گهر جي پيهر ۾ گرکو ٿيل هو اتان نڪري ويو. ٻيا جِنّ انهي کي چون پيا ته اڙي تو کي چوندا هئاسين ته انهي سان نه کُهه- هاڻي کٽيو کاڌءِ؟

ڪجهه دير کان پوءِ فرمايائون: اسان هاڻي جنن جي تعلق کي ڇڏي ڏنو آهي اڳي رکندا هئاسون، پر ان ۾ سخت مشڪل مرحلو پيش اچي ٿو. اهو تمام خراب ڪم آهي انسان ڦاسي وڃي ٿو. انسان کي گهرجي ته هو فقط تعلق مع الله رکي.

وري فرمايائون ته پرداد نالي هڪ شخص ذات جو انڍڙ هيو ان سان جنات حرڪت ڪندا هئا. ان کي گهر مان کڻي هليا ويندا هئا. هڪ دفعي سندس گهر (پني عاقل جي ويجهو) مان کڻي وڃي موسيٰ نواب رح سنجر پور تعلقو صادق آباد ۾ ڦٽو ڪيائونس. هڪ دفعي گهر مان کڻي کوهه جي پڳ تي اڇلي آيس. هت مون وٽ آيو، پڇيومانس ته اهو واقعو ڪيئن ٿيو آهي. چيائين ته هڪ دفعي منهن جي پيءُ جانور ذبح ڪيو ان وقت ذبح ڪرڻ سان هڪ سائو ٻلو نڪتو ان کي ڏسي مان دهلجي ويس. ان جو اثر مون تي رهيو ۽ اهي حالتون ٿينديون رهيون. اسان دعا تعويذ ڏيندا آهيون جي رب گهري ته شفا عطا فرمائي نه گهري ته بس. اسان جي منزل ايستائين آهي. مٿي اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. اسان کي ڪو به اختيار ڪونهي. ڳجهه جو علم فقط رب ڄاڻي ٿو. ماڻهو گهڻا ايندا آهن. ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. اسان جي هٿ ته ڪجهه نه آهي جنات جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ هيءُ دعا پڙهڻ گهرجي.

ربّ اعوذبڪ من همزات الشياطين و اعوذبڪ ربّ ان يحضرون

17 دفعا هر نماز کان پوءِ پڙهڻ گهرجي.

ملفوظ 83

اردو ڳالهائڻ وارا مجلس ۾ موجود هئا ان ڪري اردو ۾ هن طرح ارشاد فرمايائون:

انسان پر دنيا کـﻶ اثرات نـﻶ ايسا پرده ڊال رکها هـﻶ کہ اس کو اخروي نعمتون کا احساس نهين هوتا- ان نعمتون کي ان کـﻶ پاس کوئي اهميت هي نهين هوتي، قرآن مجيد مين اس کو ”حجابا مستورا“ کها گيا هـﻶ- ايک مخفي پرده آچکا هـﻶ جس کي وجہ سـﻶ وه دنيا کي زندگي پر مست هوچکا هـﻶ اور آخرت کو بلکل بهول چکا هـﻶ- اگر کچهه بهي اسکو احساس هوتا تو وه کبهي ايسي لاپرواهي نہ کرتا- انسان کي دو زندگيان هين- اس دنيا پر جس نـﻶ نگاه ڊالي وه اس کا هوگيا آخرت اس سـﻶ جا نکلي- جس کي نظر آخرت والي زندگي پر رهي وه اس زندگي مين کامياب هوگيا- حقيقي کاميابي بهي وهي هـﻶ کہ اس زندگي مين کامياب هو کيونکہ وه ابدي حياتي هـﻶ- يہ زندگي تو فاني اور چند دنون کيلئـﻶ هـﻶ- کاش کہ انسان اس فاني زندگي نعمتون کو بهلا کر اس ابدي زندگي کي اخروي نعمتون کا احساس کرتا!

ملفوظ 84

کراچي کـﻶ ايک بلوچ نـﻶ حضرت صاحب کو کها کہ کئي امراض نـﻶ آکر گهيرا کيا هـﻶ سخت پريشان هون- آپ نـﻶ ارشاد فرمايا کہ قال رسول الله صلي الله عليہ وسلم فاتحة الکتاب شفاء لکل داء السام فاتحہ تمام امراض کيلئـﻶ شفا هـﻶ سوائـﻶ موت کـﻶ- آپ صلي الله عليہ وسلم نـﻶ يہ نهين فرمايا کہ فاتحہ امراض کيلئـﻶ دوا هـﻶ بلکہ فرمايا کہ شفا هـﻶ- اسلئـﻶ کہ دوا مين تو شفا هوتي بهي هـﻶ اور نهين بهي هوتي. تو يہ دوا نهين هـﻶ بلکہ قطعي طور پر شفا هـﻶ اسلئـﻶ اس پر يقين کامل رکهه کر پڙهنا چاهيـﻶ- پاني پر دم کر کـﻶ اس کو پينا چاهيـﻶ اور بدن پر ملنا چاهئــﻶ- تمام امراض يقيني طور پر ختم هوجائينگـﻶ.

 

3- رمضان المبارڪ 1380 هه- آچر جو ڏينهن

ملفوظ 85

مجلس ۾ ارشاد فرمايائون ته:

حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته هڪ دفعي اسين حضور ڪريمﷺ جي مجلس ۾ ويٺا هئاسون ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته توهان وٽ هڪ اهڙو شخص اچي رهيو آهي جيڪو اهل جنت مان آهي. ايتري ۾ هڪ شخص انصاري آيو. وضو ڪري مسجد ۾ داخل ٿيو. ڏاڙهي مان پاڻي کي ڇنڊڪائي رهيو هو ۽ جتي کٻي هٿ ۾ هيس- وري ٻئي ڏينهن به ائين فرمايائون ته ساڳيو شخص انهي حالت ۾ اچي رهيو هو. وري ٽئين ڏينهن به ساڳي طرح انهي ماڻهو لاءِ اهل جنت جي هجڻ جي خبر ڏنائون.

جڏهن اهو شخص گهر ڏانهن موٽيو ته اسان مان حضرت عبدالله بن عمرو بن عاص رضي الله عنهما اٿيو ۽ انجي ڪڍ لڳو. کيس چيائين مان ٽي ڏينهن تو سان گڏ رهندس. ڇو ته منهنجي، پنهنجي پيءُ سان ڪاوڙ ٿي پئي آهي ان ڪري مون قسم کنيو آهي ته ان سان ٽي ڏينهن گڏ نه رهندس.هن انصاري کيس گڏ رهائڻ قبول ڪيو ۽ پوءِ هو ٽي ڏينهن ان سان وڃي گڏ رهيو. ڏٺائين ته هو معمول مطابق عبادتون پيو ڪري ۽ ذڪر ۾ به مشغول پيو رهي. رات جو به اٿي عبادت ۾ وقت گذاري پيو. هن محسوس ڪيو ته ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر ڪا نه آئي جنهن سبب هن جو ايڏو مرتبو بلند ٿيو آهي. ٽن ڏينهن کان پوءِ انهي انصاري کي چيائين ته اي خدا جا ٻانها! منهنجي پيءُ سان ڪا ناراضگي ڪا نه ٿي هئي نه ڪي مون قسم کنيو هو. مان ته ان ڪري تو سان گڏ رهيس جو حضور ڪريمﷺ جن 3 ڀيرا ٽن مجلسن ۾ تنهنجي لاءِ بشارت ڏني ته هيءَ شخص اهل جنت مان آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي خصلت تنهنجي اندر آهي جنهن سبب ايڏو مرتبو توکي مليو آهي.

 انهيءَ انصاري جواب ڏنو ته منهن جي اندر اها خصلت آهي ته مان پنهنجي دل ۾ ڪنهن به مسلمان لاءِ حسد ۽ ڪينو نه رکندو آهيان. منهن جي دل هر هڪ جي طرفان صاف رهندي آهي. پوءِ مان چيو ته واقعي اها وڏي خصلت آهي. هر هڪ انسانن کي نٿو پهچي سگهي. ان سبب ئي ايڏو رتبو هن کي مليو آهي.

ذڪر ڪرڻ ته آسان آهي. عبادت ڪرڻ به آسان آهي، هر ڪو ڪري سگهي ٿو ليڪن اهڙي خصلت پيدا ڪرڻ ڏکي آهي جو ڪنهن به مسلمان لاءِ دل ۾ حسد ۽ ڪينو نه پيدا ٿئي. الله تعاليٰ جي توفيق کان سواءِ ٻانهو ان درجي تي نٿو پهچي سگهي.

 

ملفوظ 86

 مجلس ۾ نواب شاه کان محمد سچل صاحب خزانه آفيسر شريڪ ٿيو. چوڻ لڳو ته حضرت سائين نواب شاه ۾ هڪ سرگس نڪتي آهي جتي اگهاڙيون عورتون نچائين ٿا.

ان تي پاڻ ارشاد فرمايائون ته حڪومت خود ان قسم جي آهي. اهڙن ڪمن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته اهڙن فحش ڪمن کي روڪي ڇڏي. حڪمرانن تي اسلام جو فقط نالو اٿن پر حقيقت کان خالي آهن. اهي شخص نه قرآن پڙهيا، نه اسلام سکيا، نه وري عالمن جي صحبت ۾ رهيا ته پوءِ ڪم به اهڙائي ڪندا جيڪي ڪري رهيا آهن. حڪومت نيڪ هجي يا ديندارن جي هٿ ۾ هجي ته ان کان اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته هو نيڪي جا ڪم ڪري ۽ برن ڪمن جي حوصله شڪني ڪري.

اسلام جي هدايت جيڪڏهن نه اچي ها ته دنيا ۾ انسانيت جو نالو نشان نه رهي ها. اهڙا ڪم جيڪي بي حيائي جا آهن اڄ انهن کي انسان پنهنجي لاءِ سود مند سمجهي ٿو. جڏهن انسان مذهب کان واقف هوندو تڏهن هن کي خبر پوندي ته هن جي زندگي ڪهڙي طرح گذري رهي آهي.

حضرت عمرو بن عاص رضي الله تعاليٰ عنه، جڏهن وفات پيا ڪن ته ٻئي پاسي منهن ڪري روئن پيا. سندس پٽ چوڻ لڳو ته ”اما بشرڪ رسول اللهﷺ بکذ“ اوهان کي رسول ڪريمﷺ جن جون بشارتون مليل نه آهن ڇا؟ چيائين ته اسان تي ٽي حالتون گذريون آهن. هڪڙي حالت اها هئي جڏهن حضور ڪريمﷺ جن اسلام جي دعوت ڏني پر قوم ان کي قبول نه ڪيو ۽ بڇڙي نظر سان ٿي ڏٺائون. دشمني ڪري شهيد ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳي ويا. مون کي به ان وقت اهو شوق هيو ته ڪهڙي به عزت ملي. مرتبو ملي، بادشاهي ملي پر ايترو خوش نه ٿيندس، جيترو ان ڳالهه ۾ خوش ٿيندس ته مان پاڻ وڃي حضورﷺ کي شهيد ڪيائين. بس اها ڳالهه مون کي ان وقت سٺي لڳندي هئي. جيڪڏهن ان وقت مان مري وڃان ها ته يقيناً دوزخي ٿي وڃان ها. ڪڏهن به دوزخ مان رهائي نه ٿئي ها. پر الله تعاليٰ رهبري ڪئي. ٻي حالت هي هئي جو مان ۽ خالد بن وليد گڏجي عهد ڪري مديني ۾ آياسون حضور ڪريمﷺ سان بيعت ڪرڻ لاءِ. حضور ڪريمﷺ جن بيعت لاءِ هٿ ڊگهو ڪيو ته مان هٿ کي پوئتي ڪيو پاڻ فرمايائون ته  ”مالک يا عَمرو“ ڇا ٿي ويو تو کي اي عمرو؟ مان عرض ڪيو ته سائين مان ڏاڍو گنهگار آهيان. جي گناهه معاف ٿين ته اسلام قبول ڪيان. جيڪڏهن معاف نه ٿين ته ڪهڙو فائدو؟ پوءِ حضور ڪريمﷺ جن فرمايو ته اي عمرو! تون نه ٻڌو آهي ته جيڪو مڪي مان هجرت ڪري مديني ڏانهن اچي ته ان جا سمورا گناهه معاف ٿي وڃن ٿا. جيڪو اسلام قبول ڪري ٿو ته ان جا به سڀ گناهه معاف ٿين ٿا ۽ حج مبرور سان به سڀني گناهن جي معافي ملي ٿي- تون مسلمان ٿيءُ ته تنهن جا اڳيان سمورا گناه معاف ٿي ويندا. پوءِ آءُ بيعت ڪيم. پوءِ ايڏي ته حضور ڪريمﷺ جي محبت پيدا ٿي وئي ۽ حسن نبويﷺ نظر آيو جو مان سندن چهري مبارڪ ڏانهن نهاري به ڪو نه سگهندو هيس. جيئن حسين ۽ خوبصورت ڏي نظر نه ڪري سگهبي آهي، حسن ۽ جمال جي غلبي پاران ته اهڙي طرح حضور ڪريمﷺ جي محبت اهڙي ته دل ۾ اچي ويٺي جو نهاري به نه پيو سگهان. حضور ڪريمﷺ اهڙو پيارو پيو لڳي جو ان جهڙو ڪنهن کي به نه پيو ڀانيان. حتيٰ ڪه پنهن جي جان کان به وڌيڪ ان کي پيو سمجهان. ان حالت ۾ جيڪڏهن مري وڃان ها ته يقيني طرح بهشتي هجان ها- منهن جي نماز جنازه حضورﷺ جن پڙهائن ها.

هاڻي ٽين حالت هلي رهي آهي. حضور ڪريمﷺ جن هليا ويا. اسان جو پويون وقت جيڪو گذريو آهي ان کان ڊڄي رهيو آهيان. ان بعد واري وقت ۾ ڪي ڪميون بيشيون ٿيون آهن. ان ڪري روئي رهيو آهيان ۽ ڊڄي رهيو آهيان!!

انسان تي شيطان جو قبضو ٿي ويندو آهي ته سمورا رستا بند ٿي ويندا آهن ان وقت هو انڌو ٿيو بيٺو هوندو آهي. جڏهن اسلام جو رستو کلي ٿو ته انسان سڄو ٿي وڃي ٿو ۽ سڀ رستا کلي وڃن ٿا. جيئن حضرت عمرو بن عاص رضه کي اول انڌارو هو ته قتل لاءِ تيار ٿي ويو پر جڏهن نور اچي ويو ته ايتري محبت پيدا ٿي ويس جو دنيا ۾ انهن جهڙو ڪنهن کي نه پيو ڀانئي.

ته اهي انسانَ جيڪي انهن تماشن ۾ مبتلا آهن، رات ڏينهن انهن ۾ مصروف رهن ٿا ۽ خدا کان دور ٿي ويا آهن، اها شيءَ وندر نه آهي بلڪ زهر قاتل آهي جيڪا هلاڪت جي رستي تائين پهچائيندي. اها انهن جي ڀل اهي ته هو ان کي وندر ڪوٺي رهيا آهن. ڇو ته اهي وحي الٰهي جي علم کان جاهل آهن. نفس کي ان ۾ مزو اچي ٿو. تنهن ڪري اهي نفس پرست بنجي ويا آهن.

مؤمنن کي ته الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي.

قُل للِمؤمِنين يَغُضّوا مِن اَبصارهم وَ يحفظوا فُروجَهم

مؤمن پنهنجون اکيون بند رکن ۽ پنهنجي اگهڙ جي به حفاظت ڪن ان ۾ سندن تزڪيو ۽ صفائي آهي. اهڙي طرح عورتن کي به حڪم آهي- انسان کي الله تعاليٰ پنهنجي عورت حلال ڪري ڏني آهي. ان مان جيئن وڻيس لذت حاصل ڪري. باقي پراين عورتن ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو، صرف پيو سڙندو ۽ ڪسندو، حاصل ته ڪجهه به نه ٿيندس. پنهنجي عورت مان ته لذت به ملندس ۽ فائدو به حاصل ٿيندس. پرائي عورت کي ڏسندڙ انهي ڪتي وانگر آهي جيڪو پرائي ماني ڏي پيو تڪيندو آهي ته من اتان ڪجهه ملي وڃي.

الله تعاليٰ ان ريت هن دنيا ۾ انسان کان امتحان وٺندو آهي. جيئن الله تعاليٰ بني اسرائيل کان امتحان ورتو. انهن کي حڪم ڪيو ويو ته ڇنڇر جي ڏينهن مڇي نه ماريو. عام ڏينهن تي مڇيون اچن ئي ڪو نه پر جڏهن ڇنڇر اچي ته مڇيون جام اچي نڪرن. هي ڏسي سڙندا وتن ته هاڻي ڇا ڪريون. نافرمان ماڻهو رستا ڳوليندا آهن. انهن کڏون کوٽيون پوءِ ڇنڇر ڏينهن پاڻي کولي ڇڏين پيا ته جيئن پاڻي انهن کڏن ۾ اچي ۽ مڇي به اچي پوءِ ٻُنڊو ڏيندا هئا ۽ ٻي ڏينهن تي مڇي ماريندا هئا. انهن کي گهڻو روڪيو ويو ته الله سائين سان اها ٺڳي نه ڪريو. پر اصل ڪو نه مڙيا. پوءِ فرمانبردار هڪ طرف ٿي ويا ۽ نافرمان ٻي طرف. صبح جو اٿن ته ڇا ڏسن ته سڀني نافرمانن جون شڪليون بدلجي ويون ۽ سمورا ڀولڙا ۽ باندر بنجي ويا آهن. پوءِ سڀ مري ويا. هي ماڻهو به انهن وانگر آهن. اڄ تماشو ڏسي هليا ٿا وڃن مگر ان جو نتيجو به ضرور پسندا.

اڄ هرڪو غريب، امير، وڏو، ننڍو، آفيسر ۽ عامي سينيما ڏسڻ تي لهي پيو آهي ڪو حياءُ ئي نٿو ٿئين. پر مرد پنهنجن عورتن کي به وٺي وڃن ٿا، اها ڪمال بي حيائي آهي. اڄ بي حيائي جا ڪم سهل ٿي پيا آهن. رشوت وٺڻ سولي ٿي پئي آهي. اڳي حاڪم رشوت گهرندا هئا ته به مانهو رشوت ڪو نه ڏيندا هئا هاڻي زور سان ڏيندا ٿا رهن. ته اڄ ڪلهه گناهه جو ڪم سولو ٿي ويو آهي.

منشي عبدالخالق سومرو، شڪارپور جو هيو صالح شخص هو. حضرت امروٽي صاحب رح جن وٽ ايندو هو پوءِ ان وٽ ڪليڪٽر اچي ته ان کي دال چاڙهي کارائي. اهو ڪليڪٽر چوندو هيو ته هيءُ شخص ايماندار آهي.

هت يوسفاڻي صاحب آيو هيو. پوءِ منهنجي گهر اندر مون سان ملڻ آيو. گهر کي ڏسي پيو ته ڪچي ٽُوئن واري ڇت ۾ گرکا هيا. پوءِ پني عاقل ويو اتي مختيارڪار  وٽ رهيو. ان پڇيس ته ڇا ڏسي آئين؟ چوڻ لڳو ته ٻيو ته سڀ سٺو پر رهڻ لاءِ گهر به ڪو نه هيس.

نفس ڪتو انسان کي بد اعمالين ڏانهن سڏيندو آهي ۽ شيطان به ان طرف پيو سڏيندو آهي، مگر مؤمن الله ۽ رسولﷺ تي ايمان آڻي انهن جي ڳالهين کي سچو سمجهندوآهي ۽ پاڻ کي روڪيندو آهي. اهڙي شيءَ تي ايمان ٿو آڻي جيڪا ڏٺل نه آهي. يؤمنون بالغيب. اڻ ڏٺي تي مؤمن ويساه ڪري ٿو. خدا تعاليٰ کي مطلوب به اها شيءَ آهي ته انسان اڻ ڏٺي تي ايمان آڻي. باقي جيڪو مشاهدو ڪري ايمان آڻي ته اهو بيڪار آهي.

هڪ بادشاه هيو. ان جي زال کي نوڪر چاڪر ڏولي تي کڻي سير تي ويندا هئا. هڪ دفعي ڏولي تي کنيو ٿي ويا ته هڪ شخص کي ڏٺائون ته ڏاڙهي به اٿس، وڏي عمر جو به آهي پر ننڍڙن ٻارن وانگر مٽي جا گدرا ٺاهي رهيو آهي. نوڪرن کان پڇيائين ته اهو ڪير آهي؟ چيائونس ته اهو بهلول آهي. هي هڪ داناءَ انسان ۽ الله جو نيڪ ٻانهو هيو. ماڻهن کان رستگاري (ڇوٽڪاري) حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي چريو ڪيو هئائين. ماڻهو هن کي هر وقت تنگ ڪندا هئا ۽ هن جو وقت ضايع ٿيندو هو.

راڻيءَ چيو ته هلو بهلول کي ڏسون. ڏولي کڻي آيا. بهلول کان پڇيائين ته ڇا ٿو ڪرين؟ چيائين ته بهشت جون ماڙيئون ٿو ٺاهيان. پڇيائنس ته وڪڻندين به سهي. چيائين ته هڪ سؤ رپيا في ماڙي جي قيمت آهي. راڻي هڪ سؤ رپيا ڪڍي ڏنس. بهلول چيو ته وٺ هيءَ ماڙي اٿيئي. راڻي گهر موٽي آئي. رات جو بادشاه کي خبر ڪيائين ته هيئن هڪ سو رپئي ۾ ماڙي وٺي آئي آهيان. بادشاه چيس ته راڻي! تون ته ڏاڍي سادي آهين. مٽي جي مٺ تي هڪ سو رپيا ڦرائي آئي آهين! رات جو بادشاه خواب ڏٺو  ته جنت ۾ ويو آهيان. اتي ماڙيون ڏٺائين- هڪ سٺي ماڙي نظر آيس. چيائين ته هيءَ ڪنهن جي آهي. جواب مليس ته اها تنهن جي زال جي ماڙي آهي. صبح جو اٿيو چوڻ لڳو ته هيءَ ته ڪا حقيقت آهي. پوءِ هڪ سو رپيا کڻي سڌو بهلول وٽ پهتو. هو ائين ئي ماڙيون پيو ٺاهي. بادشاه پڇيس ته في ماڙي  جي ڪيتري قيمت آهي؟ چيائين ته ساري بادشاهي- بادشاه چيس ته اهو ڪيئن، ڪالهه هڪ سو رپئي ۾ ڏئين پيو اڄ ايڏي ساري قيمت. بهلول چيو ته ڪالهه اڻ ڏٺي جو سودو هيو. اڄ تون ڏسي آيو آهين تنهن ڪري قيمت وڌي وئي آهي.

اهو آهي اڻ ڏٺي تي ايمان. ان جو قدر به وڏو آهي. خبر پوي ته ڪهڙا ٿا يقين رکن ۽ ڪهڙا وري عبث سمجهي يقين نه ٿا رکن. ورنه ڪافر به ڏسن ته ايمان آڻيندا ۽ سڀ شيءَ کي مڃيندا. اهڙو پڪو ايمان آڻيندا جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. پر اهو ايمان ڪنهن به ڪم جو نه آهي- الله تعاليٰ اهو گهريو آهي ته پرپٺ وارو ايمان آڻيو. غيب کي حق سمجهو. ڏٺي کي ته هر ڪو مڃيندو آهي پر اڻ ڏٺي کي ڪو مڃي. ايمان بالغيب وڏي نعمت آهي اها شيءَ نصيب واري کي ملندي آهي. جنهن کي الله تعاليٰ عطا ڪري.

 

ملفوظ 87

مجلس ۾ ڪنهن شخص چيو ته سکر جي هڪ مسجد ۾ نمازين جو اختلاف ٿي پيو آهي هڪڙا ٿا چون ته نماز پڙهي پوءِ ذڪر ڪجي ۽ ٻيا ٿا چون ته اول ذڪر ڪجي پوءِ نماز پڙهجي. اوهان ٻڌايو ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ان تي ارشاد فرمايائون:

سکر جي علماءَ ڪرام کان پڇو. جيئن هو چون ان مطابق هلو. اتي مولانا محمد احمد ٿانوي صاحب کان دريافت ڪريو. اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ کپي ته جيئن حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي طريقي تي عمل ڪيون. تنهن ڪري ذڪر اهو ئي ڪرڻ گهرجي جيڪو مسنون هجي ۽ حضور ﷺ کان ثابت هجي اسان کان قيامت جي ڏينهن اهو پڇيو ويندو ته توهان حضور ڪريم ﷺ جي فرمان مطابق عمل ڪيو يا نه؟ اسان کي هر ڪم ۾ پنهنجي رهبر جو اتباع ڪرڻو آهي.

 

ملفوظ 88

فاتحة الکتاب شفاءٌ من کل داءِ الاّ السام

موت کان سواءِ ٻي هر بيماري جي لاءِ شفا فاتحه ۾ رکي وئي آهي. ان جو طريقو هيءُ آهي ته صبح جو سنت کان پوءِ فرض کان اڳ 41 دفعا سوره فاتحه پڙهجي، اول درود شريف پڙهيو وڃي. آخر ۾ به درود شريف پڙهيو وڃي. ان طرح 41 دفعا سوره فاتحه، 42 دفعا درود شريف ٿيندو. اهو پاڻي تي دم ڪري پي ڇڏجي. اهو عمل مسلسل ڪندو رهجي؟ الله تعاليٰ شفا فرمائيندو پوءِ ان لاءِ ظاهري ڪو به سبب بنجي پوي.

مولانا حبيب الله صاحب رحمہ الله عليه ٺيڙهي وارن جي پٽ مولوي فضل الله صاحب کي بَدَنَ تي ڏاڍيون ڦرڙيون ٿي پيون. گهڻا علاج ڪرايائون. گندرف جو پاڻي استعمال ڪيائون ليڪن ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو. مون کان پڇيائون. مان انهن کي اهو فاتحه وارو عمل ٻڌايو. انهن شروع ڪيو ۽ ڪندا رهيا. ان وچ ۾ سکر ۾ هڪ هنود جي خبر پئي ته سٺو علاج ڪري ٿو اتان علاج ڪرايو ويو ۽ فائدو ٿي ويو. ان تي مولانا حبيب الله صاحب جن چوڻ لڳا ته اسان جو شايد ايمان ضعيف آهي جو فاتحه مان فائدو ڪو نه ٿيو ۽ طبيب کان فائدو ٿي ويو. مان انهن کي چيو ته اهوفائدو انهي فاتحه شريف جي ڪري ٿيو آهي. شفا فاتحه جي ڪري ٿي ليڪن ان جو ظاهري سبب اهو علاج هيو.  پوءِ انهن اها ڳالهه تسليم ڪئي. جڏهن مولانا جن جي نينگر جي صحت ٺيڪ ٿي وئي ته ٺيڙهي جا ماڻهو اچي هندو وٽ پهتا علاج ڪرائڻ لاءِ پر انهن مان ڪنهن کي به فائدو ڪو نه ٿيو. ته يقيني طرح معلوم ٿي ويو ته اها شفا فاتحه پڙهڻ سان ٿي هئي.

اهڙي طرح ڪنهن زماني ۾ بيماري عام ٿي وئي هئي جو ماڻهو بيمار ٿيندا وڃن ۽ مرندا پيا وڃن ته هڪڙي ڳوٺ وارن پاڻي جو هڪ مٽ ڀري رکيو ۽ ان پاڻي ۾ فاتحه دم ڪندا رهيا ۽ سڀ ڳوٺ وارا ان مان پاڻي پيئندا رهيا ته ان ڳوٺ وارا مئا ته ڪو نه پر بيمار به ڪونه  ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com