سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :16

سڪندر بادشاهه هو. هڪ دفعي هن اعلان ڪيو ته جو شخص مون کان جيڪا شيءَ گهرندو اها ان کي ڏيندس. هڪ شخص آيو گهر ڪيائين ته هڪ پئسو ڏي. بادشاه چيو ته اهو سوال تون منهن جي قدر آهر نه ڪيو اٿئي. اهو ته هر هڪ کان ڪبو آهي. چيائين ته ڀلا بادشاهي مون کي ڏيئي ڇڏ. بادشاهه چيو ته اهو سوال تنهنجي حيثيت مطابق نه آهي ڇو ته تو ۾ اها لياقت نه آهي.

غريب ماڻهو چار آنا ڏئي ٿو ته اها ان جي صداقت ليکي ويندي. شاهوڪار ماڻهو رپيو ڏئي ته اها ان جي بخيلي آهي.

صحابه ڪرام رضه ۾ ڪي دولتمند هئا، جيئن ته حضرت عبدالرحمان بن عوف پارا، اهي اسلام تي زياده مال خرچ ڪن پيا ۽ قربانيون ڏين پيا ۽ ڪي وري غريب اصحابي ٿورو ڏين پيا ته منافقن پاران اعتراض ٿيو ته اهي گهڻي ڏيڻ وارا پنهنجي نالي خاطر ڏين ٿا ۽ گهٽ ڏيڻ وارن لاءِ چون ته هي خواه مخواه ڇو ٿا ٽنگ اڙائين.

الذين يلمزون في الصدقات. اهي شخص جيڪي صدقات جي باري ۾ طعنا هڻن ٿا. المرءَ يقيس عليٰ نفسہ- منافق ٻين کي به پاڻ تي قياس پيا ڪن.

اسلام جي رهبرجو حڪم آهي ته اتقوا النار ولو بشق تمرة. کارڪ جو اڌ پاڻ کائو ۽ اڌ ڪنهن حاجتمندکي ڏيئي به خدا جي رضا حاصل ڪريو ۽ دوزخ جي باهه کان بچو. اصل ڪم آهي اخلاص في العمل. بندو عمل ڪرڻ ۾ الله تعاليٰ جي رضا جو خيال ڪري. مخلوق کي نه ڏسي انهن تي نظر نه هجي. اهو آهي احسان ڪامل.

هڪ شاه صاحب هيو. ماڻهن ۾ پنندو هيو. ڏاڍي گدا ڪندو هو. مون وٽ آيو، پڇيو مانس ته پير صاحب ڪهڙو حال آهي. چيائين ته اڳ ماڻهن  ۾ ڏاڍي مراد هئي. وڏو خيال رکندا هئا. وڃان ته گهر ۾ اندر عورتن ۽ زالن سان گڏ ويهارين پاڻ ڪم ڪار سان هليا وڃن. وڏيون عزتون ڪن، پر هاڻي جڏهن کان مولوي پيدا ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ وعظ گهڻا ٿي ويا آهن ته هاڻي ماڻهن مان مراد نڪري وئي آهي! اسين وڃون ته ٻاهر وڻ جي هيٺان ويهارن. ايمان ئي ماڻهن مان ڇڏائي ويو آهي! اهي پير ماڻهن جي بيداري کي پنهنجي لاءِ موت سمجهن ٿا.

ملفوظ 98

 هڪ حافظ القرآن ٿريچاڻي شريف کان آيو،جيڪو اتي پڙهائيندو هيو ۽ قران مجيد جو ختم پڻ پڙهائي رهيو هو. اتي ڪن ماڻهن حسد  پاران هن کي گهٽ وڌ ڳالهايو. ان ڪري حافظ صاحب اتان ڇڏي هاليجي شريف آيو ۽ حضرت رح کي احوال ڪيائين.

ان تي هيءُ ارشاد ٿيو ته پٽ حافظ صاحب! جنهن جاءِ تي مانهو دين جو ڪم ڪري ۽ قرآن مجيد جي تعليم وڌائي ٿو ته شيطان کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ٿي. هو ان کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڪم ختم ٿي وڃي. هو اچي ماڻهن ۾ اختلافات وجهندو آهي. پوءِ جيڪڏهن انسان اختلاف ڪري ان ڪم کي ختم ڪرن ٿا ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن هوڳ راضي ٿي وري دين جي ڪم ۾ لڳي وڃن ٿا ته شيطان منهن ڪارو ڪري پٽي ٿو. ارمان ۽ افسوس ڪري ٿو. چوي ٿو ته منهنجي سموري ڪارروائي ۽ ڪوشش ناڪام ٿي وئي. مان نامراد ٿي ويس. تنهن ڪري انسان شيطان کي راضي نه ڪري بلڪ ان کي ناراض ڪري رب کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

وچ وارا مانهو جيڪڏهن حسد ۽ ساڙ ۾ ڪنهن انسان جي ترقي نٿا سهي سگهن ته انهن کي منهن ئي نه ڏي. ۽ نه انهن ڏي واجهائي. اهي جو ڪجهه چوندا رهن پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهجي. جيترو وقت ڪم هلي پيو ته هلائجي، پر جيڪڏهن صفا ڪا به صورت نه رهي ته پوءِ انسان ڪنهن ٻي جاءِ تي وڃي دين جو ڪم ڪري.

حضرت وڏا ڀرچونڊي شريف عليه الرحمہ جن وٽ هڪ شخص حافظ خدا بخش کوکر نالي هيو، ان کي هڪ نيڪ شخص پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ رکيو. حافظ صاحب وڏو منتظم ۽ تعليم جو قابل هو. ماڻهن ۾ عزت ٿيڻ لڳس، وڏي فضيلت ۽ ترقي تي پهتو. ماڻهو گهڻا اچڻ لڳا. اها ڳالهه ان نيڪ شخص جي اولاد سهي نه سگهي. ان جي ڪڍڻ جي فڪر ۾ لڳا رهيا، نيٺ ويچاري کي ڪڍي ڇڏيائون.

جنهن انسان ۾ جوهر هوندو آهي، ۽ ڪجهه ڪم ڪندو آهي ته ان جي عزت به ٿيندي آهي پوءِ ماڻهو ان جي ڪڍ به پوندا آهن. توهان جو ڪم به سٺو ٿو هلي ته هنن کي حسد ۽ ساڙ ٿو لڳي. پر انسان ان جي پرواه نه ڪري، بلڪ دين جو ڪم ڪندو رهي. پوءِ انهن سان جهڪو ٿي ڪري به دين جي ڪم کي نه ڇڏي. ڇو ته اها هڪ وڏي نعمت آهي.  الله تعاليٰ به دين جي ڪم لاءِ پنهجن ٻانهن کي منتخب ڪندو آهي. انسان ته سمورا آدم ۽ حوا عليهم السلام جي اولاد آهن. پر انهن مان بعض کي الله تعاليٰ پنهنجي رضا ۽ دين جي اشاعت لاءِ پسند ڪندو آهي ته اهي ساري ڪائنات ۾ صالح شخص شمار ٿيندا آهن. انهن کي شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ته الله تعاليٰ  اسان کي پنهنجي ڪم لاءِ قبول فرمايو ورنه اسين ان جي لائق نه هئاسين.

حضرت سائين امروٽي رحمہ الله عليہ جن هڪ دفعي ويٺا هئا، ته اڳيان هڪ عورت لنگهي جيڪا گڏهه هڪليندي ٿي وئي. (شايد اوڏڻ هوندي.) اهو منظر ڏسي حضرت جن تي وڏو اثر ٿيو ۽ طبيعت ۾ ملال جي ڪيفيت اچي وئي. پاڻ فرمايائون ته  خدا تعاليٰ جا لک لک شڪرانا جو اسان کي هن عورت وانگر نه ڪيائين، بلڪ پنهنجي عبادت ۽ پنهنجي رضا سان لڳائي ڇڏيائين. جيڪڏهن  هو گهري ها ته اسان کي به ائين ڪري ڇڏي ها، جو گڏهه هڪليندا وتون ها ته ڪير هيو ان کان پڇڻ وارو! پر ان ڪريم جا ڪرم جو اسان کي پنهنجي لاءِ قبول فرمايو اٿس.

منت م نة کہ خدمت سلطان همين کُني

منت شناس ازو کہ بخدمت بداشتت

 بادشاه تي ٿورو نه رک ته تون ان جي خدمت ڪرين ٿو، ڇو ته بادشاه جي خدمت لاءِ سوين ماڻهو ٻيا به آهن. اهو بادشاه جو تنهنجي مٿان ٿورو آهي، جو تو کي خدمت لاءِ رکيو اٿس ۽ توکي قبول ڪيو اٿس.

جيڪڏهن اسان الله تعاليٰ جي عبادت ڪريون ٿا يا ان جي دين جي خدمت ڪيون ٿا ته اهو الله تعاليٰ تي احسان نه آهي، بلڪ اهو رب جو اسان تي احسان ۽ ٿورو آهي، جو اسان کي دين جي خدمت لاءِ قبول ڪيائين. اهو ئي اسان کان ڪم وٺي رهيو آهي، ورنه اسان ۾ ڇا رکيو آهي. باقي دين جي ڪم ۾ تڪليفون ۽ مصائب ته ضرور ايندا آهن. ماڻهن جون مخالفتون به سامهون اينديون آهن. پر انهن کي منهن ڏيڻ، انهن کي سهڻ ۽ حوصلو پيدا ڪري ماڻهو اڳتي وڌندو آهي ته ڪم ٿيندو ورنه رهجي ويندو. ماڻهو بهادر ٿي اڳتي وڌي بزدل ٿي پوئتي نه هٽي. هن معاملي ۾ رت وارو مجنون بنجڻو آهي. ڪٽي واري مجنون جي هت ضرورت نه آهي. ڪمزور ماڻهو خود دين کي مشتبهه ڪري ڇڏيندو آهي. انبياءِ ڪرام تي به مصائب آيا. تڪليفون آيون. تان ته هو چوڻ لڳا ته متيٰ نصر الله- الله تعاليٰ جي مدد ڪڏهن ايندي ته ان وقت رب طرفان خوشخبري آئي ته اَلا انَ نَصراللهِ قريب.

مصيبت ۽ تڪليف جي وقت الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته:

واستعينوا بالصبر والصلوة

ڪا به تڪليف اچي ته انسان وضو ڪري نماز ۾ لڳي وڃي. بس بندي کي اها ڪارروائي ڪرڻي آهي. اڳتي رب سائين پاڻهين اهو ڪم ڪندو آهي. الله تعاليٰ ته صرف امتحان وٺندو آهي ته تڪليف اچڻ تي پڪو رهي ٿو يا پوئتي هٽي ٿو. جڏهن انسان مضبوط رهي اڳتي وڌندو آهي ته الله تعاليٰ ان جي نُصرت ڪندو آهي ۽ مخالفتون ختم ٿي وينديون آهن.

دهلي جو بادشاهه هيو. ان ارادو ڪيو ته پنهنجي ساليءَ سان شادي ڪيان يا پنجين عورت پرڻجان. عُلماءَ کان فتويٰ پڇي وئي. مولوين بادشاه جي رعايت رکندي فتويٰ ڏني ته بادشاه لاءِ جائز آهي. ملا جيوڻ وقت جو علامه هيو. ان کان پڇيو ويو. ان چيو ته آءُ سڀاڻي جامع مسجد دهلي ۾ جمعي جي خطبي ۾ جواب ڏيندس، ملا جيوڻ خطبي ۾ چيو ته:

مستفتي و مفتي هر دو کافراند

فتويٰ پڇندڙ ۽ فتويٰ ڏيندڙ ٻئي ڪافر آهن.

مخلوق جي آڏو، بادشاه ۽ مولوين جي سامهون، هن اها فتويٰ ڏني. بادشاه سخت ڪاوڙجي ويو. ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. ملا جيوڻ کي اطلاع ڏنو ويو. علامه وضو ڪري نماز پڙهڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. بادشاه کي خبر پئي ته علامه وضو ڪري رهيو آهي. جلد آيو ۽ معافي ورتائين متان نماز پڙهي دعا گهري ته منهنجو خانو خراب ٿي وڃي. ته اها آهي نماز سان استعانت!

انسان صبر ڪري ۽ سهڻ جي قوت پيدا ڪري پوءِ الله تعاليٰ کان دعا گهري ته هو ڪامياب ٿي ويندو.

(ان نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ حافظ صاحب ساڳي جاءِ تي موٽي ويو ۽ تعليم جو ڪم شروع ڪيائين.)

پني عاقل جي جامع مسجد جي هڪ مولوي صاحب جي ڳالهه مجلس ۾ نڪتي ته پاڻ فرمايائون ته هن جا عقيدا صحيح هئا، پر لالچ جي ڪري جيئن ماڻهو پيا چونس ته تيئن پيو ڪري.

آن کہ شيران راکند روبہ مزاج

احتياج است احتياج است احتياج

(يعني: ٻين جي محتاجي هڪ اهڙي صفت آهي جا شينهن کي لومڙ بنايو ڇڏي)

انسان اهڙو هر دل عزيز به نه ٿئي ته سڀني کي راضي ڪري.

هڪ شخص هو نالو رکيائين هر دلعزيز، هڪ ڍنڍ تي وڃي بيٺو، جيڪو به ماڻهو اچي ته ان کي ڪلهي تي کڻي پار ٽپائي وڃي ته متان ان جا پير نه پسي پون. پوءِ جڏهن هڪ کي کڻي وڃي ۽ وچ ۾ پهچي ته پويان ڪو سڏ ڪريس ته او يار!

هر دلعزيز! مونکي ڏاڍو ڪم آهي، اول مون کي پهچاءِ ته هي ڇا ڪري ته ان کي اڌ ۾ سٽي ۽ پوئين ڏي وڃي ته هن چيس ته اڙي هي مون سان ڪهڙو ڪيسُ ڪيؤ، اول ته مون کي پهچاءِ. هر دلعزيز چيس ته توکي به ايترو آندم وري هن کي به ايترو آڻيان نه ته هو ڪاوڙجي ويندو. ته هر دلعزيز اهو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي اڌ ۾ رُلائي.

 

6رمضان المبارک 1380 هه- اربع جو ڏينهن

ملفوظ 99

مجلس ۾ اهو ذڪر نڪتو ته انسان ننڍي عمر ۾ نه پڙهيو ته پوءِ وڏي عمر ۾ ڪيئن تعليم حاصل ڪري؟

ان تي هيءُ ارشاد فرمايائون ته محمد ايوب نالي هڪ ماڻهو هيو، ڪالڪان وارن وٽ آيو، جيڪي اهل بدعت هئا، انهن کي چيائين مان هاليجي شريف وڃان ٿو مريد ٿيڻ. چيائونس ته ان کان وڃي واڻيو ٿيءُ ته چڱو اٿئي، ان جو مريد نه ٿيءُ. هن چيو ته آخر ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. پوءِ هت آيو ۽ ذڪر ورتائين ۽ رهي پيو. هن کي قرآن شريف پڙهڻ لاءِ پني عاقل ۾ مولوي عبيدالله صاحب وٽ ڇڏيم. قرآن شريف پڙهي ويو. وري هن کي شوق ٿيو ته قرآن شريف جو ترجمو سکان، پوءِ مولوي غلام رسول ڪلوڙ صاحب وٽ پڙهندو رهيو. هن کي تهجد پڙهڻ جي عادت هئي. هڪ رات هن کي احتلام ٿيو، موسم سردي جي هئي ٿڌي پاڻي سان غسل ڪيائين ته هن کي نمونيا ٿي وئي. هن چيو ته مون کي هاليجي شريف وٺي هلو. هتان گل محمد کي موڪليوسون. سو گاڏي تي وٺي آيس. هت آيو حياتي ختم هيس. ڪلمون شريف پڙهي پيو وري اکيون پٽيائين ڄڻ ته حسرت سان چئي رهيو هو ته اڃان جيڪر قرآن شريف پچايان ها. ٽي دفعا اکيون پٽي ڪلمون شريف پڙهيائين. دوا نه پيو پيئي، چوي پيو ته مان خوش آهيان. مان الله سائين ڏي وڃان ٿو. ايتري ايماني طاقت هيس!

الله جي دين جي محبت ۽ سڪ رکندڙن لاءِ وڏو رتبو آهي. اها ٿوري شيءَ نه آهي. دين جي خدمت لاءِ پنهنجا ماڻهو پيدا ڪجن ته دين جي خدمت به سٺي ٿيندي ۽ ٿوري خرچ سان ڪم هلندو. ٻاهران ماڻهو اچن ته وڏيون پگهارون ۽ گهڻو خرچ اچي ٿو.

علم جهڙي ڪا نعمت نه آهي. علم به اهو جيڪو الله جي معرفت پيدا ڪري، باقي ٻيا علم ته جهل آهن. اهي علم نڪتا ئي ان ڪري آهن ته ماڻهن کي علم دين کان ڦيرائين. ماڻهو انهن ڏانهن متوجه ٿين ۽ علم دين ختم ٿي وڃي. علم دين، انسان کي انسان بنائي ٿو. ان علم کان سواءِ بادشاه ۽ دولتمند به هڪ جانور وانگر آهي. مرڻ کان پوءِ قبر ۾ ڄڻ هڪ ڪتو دفن ڪيو ويو.

مولانا عبدالقادر صاحب جن به امروٽ شريف ۾ بيعت ڪئي. پوءِ حضرت صاحب رح جن کيس چيو ته دين جي تبليغ به ڪريو ٿا يا نه. چيائون ته اسان ته ويٺا ٿا پڙهايون. حضرت رح جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن اوهان کان پڇا ٿيندي ته اوهان مخلوق کي هدايت ڪئي يا نه؟ انهن کي برن ڪمن کان روڪيو يا نه؟ پوءِ مولانا صاحب تبليغ ڪرڻ به شروع ڪئي ڪجهه وقت وعظ تبليغ ۾ صرف ڪندا هئا. پوءِ ماڻهو چوڻ لڳا اڳ ته مولوي صاحب ڪهڙو مکڻ هيو، هاڻي هن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، جو هر ڪم تي ڏنڊو کنيو بيٺو آهي.

اهو ڪم تبليغ جو نهايت ضروري آهي ۽ انبياءِ ڪرام عليهم السلام به ان ڪم لاءِ دنيا ۾ آيا هئا. جي چپ ڪري ويهن ها ته ڪا به مخالفت نه ٿئي ها، پر ماڻهن ۾ نڪري پيا. انهن کي حق جي ڳالهه ٻڌايائون جيڪا نفساني خواهش جي خلاف هئي ته اهي سڀ سندرو ٻڌي مخالفت تي بيهجي ويا. چاهين پيا ته توحيد جي تحريڪ کي وسائيون.

يريدون ليطفئوا نور الله بافواههم.

 شيطاني طاقتون رات ڏينهن ڪم ڪري رهيون آهن. نصاريٰ هن وقت زور شور سان مسلمانن کي مرتد ڪري رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ته اهو ڪم هت هلي پيو آهي. جاهلن کي ڦيرائڻ لاءِ قرآن ڪريم ۽ انبياءِ عليهم السلام تي ڪوڙا حملا ڪن ٿا. علم ته آهي ڪو نه! پوءِ جاهل ماڻهو ان طرف ڇڪجي وڃن ٿا ته شايد اهي ڳالهيون صحيح آهن.

اهي نه صرف تبليغ ڪن ٿا بلڪ دنيوي لالچون دولت، مال ۽ عورتون به ڏين ٿا ته ماڻهو مرتد ٿين. ان ڪري ضرورت آهي ته مسلمانن کي قرآن ۽ حديث جي تبليغ وڏي پيماني تي ڪئي وڃي. عوام تائين پهچي انهن کي ڪفر ۽ شرڪ جي نقصانن کان آگاه ڪيو وڃي، تان ته هو جهنم جي عذاب کان بچي وڃن. مبلّغ جيڪڏهن تبليغ ڪرڻ ۾ سخت ڪلامي ڪري ته به سهڻ گهرجي. ڇو ته هو دوزخ جي باهه کان بچائي رهيو آهي.

 

ملفوظ 100

مجلس ۾ هڪ شخص چيو ته سائين! ماڻهو نه ٿا سڌرن. مدرسا به موجود آهن ۽ ديني جلسا به ٿين پيا.

ان تي هيءَ ارشاد فرمايائون ته: حضور ڪريم ﷺ کان اڳ ماڻهو برن حالن ۾ هئا. زنا، چوري، شراب ۽ ڊاڪه زني ۾ مشغول هئا. حضور ڪريم ﷺ جن اصلاح فرمايو. نيڪ ماڻهن جو هڪ گروهه تيار ٿي ويو. هڪ هڪ صحابي اڄ جي هڪ لک ولين کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿو. پر اهڙي برگزيده جماعت ۾ به منافق موجود هئا، جيڪي ازلي شقاوت سبب محروم ٿي ويا. انهن کي هدايت پلئي ئي ڪا نه پئي. ائين  ته ٿيندو رهندو آهي. انسان کي علماءِ ۽ صلحاءِ جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ٿيندو رهي ٿو. انسان ڪوشش ڪندو رهي، پوءِ سڀ ڪم الله جي حوالي ڪري ڇڏي، هدايت ان جي وس ۾ آهي.

ٿوري توقف کان پوءِ فرمايائون ته:

مسجدون ۽ ديني مدرسا مضبوط ۽ پڪا ڪري ٺاهجن، ڇو ته انهن جي وري ٺاهڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارو ڪو نه هوندو آهي، ان ڪري جنهن کي موقعو ملي ته مضبوط ڪري ٺاهي. باقي گهرن کي ٺاهڻ لاءِ ته اولاد موجود هوندي آهي.

 

 

7 رمضان المبارک 1380 هه- خميس جو ڏينهن

ملفوظ 101

هن مجلس ۾ ڪجهه علماءِ ڪرام به موجود هئا. خاص طرح محترم استاد مولانا مظهر الدين صاحب انڍڙ رحمہ الله عليه جن به موجود هئا. (هنن جي والد مولانا قمر الدين صاحب جن وٽ حضرت صاحب رح جن پڙهيا هئا، ان ڪري استاد جي پٽ جي حيثيت ۾ سندن وڏي تعظيم ڪندا هئا.) حضرت صاحب رح جن ان موقعي تي هيءُ ارشاد فرمايو ته: حضرت امروٽي رحمہ الله عليه جن سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن مان بوستان پڙهندو هيس. وري جڏهن سڪندرنامو پڙهندو هيس تڏهن به ٿي. وري ڪافيه پڙهڻ وقت به ٿي. جڏهن نرڇ ۾ مولوي عبدالواحد صاحب وٽ پڙهندو هيس، اهو اوهان جي والد صاحب جو شاگرد هو. سندس ڀاءُ عبدالقادر لاهور مان پڙهي آيو هو. نرڇ کان پري مدرسو کوليائين اتي پڙهندو هيس. مولوي محمد عثمان جا مائٽ هئا. مولوي خليل الله حضرت صاحب رح کي وٺي آيو. اتي زيارت ڪيم ۽ عقيدت مندي رهي. مولوي امام الدين جو پٽ محمد صالح هت پڙهائيندو هيو، ان جي حضرت صاحب رح سان بيعت هئي. ان سان تابع ٿي حضرت صاحب رح وٽ ويس. ان وقت مسجد ڪوٺو هئي. اتي رات رهياسون. حضرت صاحب رح جن هڪ ڪتاب پارسي ۾ لکيل ڏنو. چچ نامہ جنهن ۾ سنڌ جي حاڪمن جي تاريخ بيان ٿيل آهي. رات جو حلقه ذڪر ۾ شامل ٿياسون. صبح جو سوير جوئر جي سڄر ماني گهرايائون. اها کاڌي سون ۽ پتاشا به ڏنائون.

مولوي محمد واصل صاحب پار پڙهائيندو هيو. ان وٽ ڪافيه پڙهندو هيس. اتي محمد هاشم مهر حضرت صاحب رح جن جو مريد هو. اهو ابراهيم ڳوٺ ۾ حضرت رح جن کي وٺي آيو اتي شاگردن تحريڪ هلائي ته اهي گڏجي حضرت رح کي لکن ته اوهان هن ماڻهو جي دعوت قبول نه ڪريو. ڇو ته هيءُ شرعي ماڻهو نه آهي. اها طلباءِ جي شرارت هوندي آهي. پوءِ ماڻهو جنهن ماحول ۾ رهندو آهي ته ان سان هلندو آهي. حضرت صاحب رح جن ان طرف توجه نه ڏنو ۽ دعوت کاڌائون. ان کان پوءِ بي تعلقي پيدا ٿي ته اها رهندي آئي وري ارادت پيدا نه ٿي سگهي. جيترو وقت عدم ارادت هوندي آهي، اوترو اخلاق ۽ عادات کان عدم واقفيت رهندي آهي.

گهوٽڪي ۾ گفتگو هليو پئي اوهان جي والد صاحب سان (مولانا مظهر الدين رح سان خطاب) ته مان چيو ته مان ان جو مريد ٿيندس، جيڪو باطني تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ ذڪر ڏيندو رهي. مولانا قمر الدين صاحب چيو ته بزرگ امروٽي آهي. مان چيو ته ان سان عقيدت نه آهي، نقشبندي ڪو بزرگ هجي ته ان جو مريد ٿيان. مان مولوي عبدالقادر صاحب پنهواري واري وٽ ويندو هيس. اهو گهرائيندو هيو. ان گهڻان قلمي ڪتاب به ڏنا هئا پر اهي ضائع ٿي ويا.

مولوي مفتي سعد الله صاحب خيرپور وارو آيل هو. (ميرن جي حڪومت ۾ خيرپور رياست ۾ اهل سنّت جو مفتي اعظم هيو) ڪشاف جو مطالعو ڪري رهيو هو. مان به ان سان گڏ رهيس. اتي گفتگو هليو. مان چيو ته ڪنهن اهل الله جو مشورو ڏيو ته ان جي بيعت ڪريان. هن چيو ته منهنجا مرشد مولوي عبدالحق خيارن وارا بزرگ آهن معمّر آهن. هڪ ڏينهن پير جهنڊي ۾ رهيس. اتان واپسي وقت خيارن ۾ آيس. اتي مجلس ۾ هڪ آيت جو تفسير ٿي هليو. مولوي عبدالله صاحب ٿي چيو ته انڍڙ قبر پرست آهن. هو هت رهي ويو هو. ان ڪري هن منهنجي اصلاح خاطر اهو گفتگو ٿي ڪيو. بحث هن آيت تي هو.

”ولا يتخذ بعضنا بعضاً ارباباً من دون الله“

حضرت عدي بن حاتم رضي الله عنه چيو ته اسان رب ڪري ته ڪو نه وٺندا آهيون. ته چيو ويو ته جنهن کي هو حلال ڪن اهو حلال ٿئي، جنهن کي هو حرام ڪن اهو حرام ٿئي ته اهو آهي رب وٺڻ. چيائين ته ائين ته ڪندا آهيون. ته پوءِ اهو آهي اتخاذ بعضنا ارباب بعض- ان مان تقليد جي مسئلي تي بحث شروع ٿيو ته ڇا تقليد به حرام آهي. ته مان چيو ته اتخاذ ارباب مان مراد آهن، اهي جاهل جيڪي ڪتاب ۽ سنت جي علم کان اڻ واقف آهن. انهن جي تقليد نه ڪئي وڃي. انهن جي راءِ تي نه هلجي. باقي ائمہ ڪرام جي تقليد ته ڪتاب ۽ سنت ۽ قواعد عربيه جي مطابق آهي. اتي تفسير مظهري مسجد شريف جي جاري ۾ رکيل هو. پيرن کي علم جو قدر ڪو نه، نه وري ڪتابن جو. تفسير مظهري کي ڏٺو ويو ته مون واري راءِ مطابق ان ۾ لکيل هو.

پوءِ بزرگ آيا. پوڙها هئا، ذات جا ڪيريا هئا. اهو موقعو هيو ٻارهي جو. پنهنجن وڏڪن کي ختمون ڏياريندا هئا. ماڻهو گهر کان وٺي مسجد تائين چادرون وڇائيندا هئا ته بزرگ ان تان لنگهن. اسان به تپايل هئاسين قبر پرستي جي خلاف. بزرگ آيو، ختمون چيائين مسنون طريقي سان- عصر کان بعد بيعت ٿي. بيعت ۾ هڪڙا اهڙا الفاظ مهمل چيائون جو عقيدتمندي ختم ٿي وئي ۽ بيعت فاسد ٿي وئي. قلبي ذڪر ڏسيائون پر ڪجهه به نه هليو. اڳين حالت به بس ٿي وئي. پوءِ چيم ته پيرن کان بس ڪيم. هاڻي درود شريف ۽ قرآن شريف پڙهندو رهان، باقي ذڪر وغيره سڀ ائين ئي ڳالهيون آهن. اهو وقت ائين گذرندو رهيو. ڪتاب و سنت مطابق عمل جاري رهيو. پوءِ علامه غزالي رح جي ڪتاب پڙهڻ سان رياضت ڏي توجه ٿيو. کاڌو گهٽجي ويو. بدن ڳري ڪنڊا ٿي ويو. حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم  جن جي زيارت نصيب ٿي.

مولوي نور محمد صاحب انڍڙ سومراڻي وارن سان ملاقات ٿي، هن نصيحت ڪئي ته درمياني طريقي تي هلو. ڪجهه کائڻ شروع ڪيو، پوءِ ڪجهه کاڌو شروع ٿيو. ذڪر فڪر به هلندا رهيا. پوءِ ٺيڙهي ۾ تعليم ڏيڻ جو خيال ٿيو. مرحوم قاضي عبدالله صاحب وڏا جن ۾ ديني طلب هئي انهن جي طلب تي ٺيڙهي پڙهائڻ ويم. تعليم ڏيڻ ۾ ڪا به وصولي جي غرض نه هئي، صرف اهو غرض هيو ته جيئن علم جاري رهي، متان علم ختم نه ٿي وڃي.

ان طرح اتي رهڻ ٿيندو هو. اچڻ وڃڻ ۾ پنهنجو ڪرايو خرچ ڪندو هيس. اتي بي پرواهي سان رهندو هيس. اتي فقير هوندا هيا، جيڪي حضرت (امروٽي) رح جن جا به مريد هئا، ذڪر جهري وغيره ڪندا هئا، مگر مان مسجد جي ڀرسان ڪمري ۾ کٽ تي ويٺو هوندو هوس. مون کي چون ته شريڪ ٿيءُ، پر مان کين چوان ته مون کي نه چوندا ڪريو.

فقير عبدالغني پلهه پهريون، پير سائين حزب الله شاهه صاحب رح جو مريد هيو.

پير سائين حزب الله شاه صاحب جن وفات ڪئي ته عبدالغني فقير حضرت امروٽي رح جن وٽ آيو. سچي طلب هيس پويان پٽ مري ويس، گهر ٻار ڏي نظر ئي نه ڪيائين، صاحب حال، ذاڪر هو. ٺيڙهي ۾ ايندو هو، ذڪر تي گفتگو ڪندو هو. منهنجا به ڪتاب ڏٺل هئا. ان طرف رجحان هوندو هو.

مان دليل ڏيانس ته هو چپ ٿي وڃي. ڇو ته هو اڻ پڙهيل هو، پر ”حال“ هيس. معلوم پيو ٿئي ته تعلق مع الله اٿس. مون کي دعوت ڪري ڳوٺ وٺي وڃي، مان ويندو هيس ته هڪ نيڪ بندو آهي. فقير کي حضرت رح جن سان وڏي عقيدت مندي هئي، هر جمعي تي امروٽ شريف ويندو هو. رمضان شريف جي آخري جمعي تي مون کي امروٽ وٺي ويو. مان ان خيال سان ويس ته اتي بزرگن سان چند مسئلن تي گفتگو ڪندس. مريد ٿيڻ جو خيال نه هو. ٺيڙهي مان هلياسون. سکر ۾ نماز تراويح پڙهي سون. پوءِ گاڏي تي چڙهي رڪ اسٽيشن تي لٿاسون. فقير جو پوٽو به گڏ هيو، اهو مون وٽ پڙهندو هيو. 27 رمضان المبارڪ جي رات هئي، امروٽ شريف ويندي رستي ۾ ڏٺم ته چوڌاري وڏي روشني ٿي وئي. فقير کي چيم ته فقير هي ڇا آهي؟ فقير چيو ته ڇا؟ شايد فقير ڪا شيءَ نه ڏٺي. پوءِ مان ان جو تذڪرو اڄ تائين نه ڪيم. امروٽ شريف پهچڻ بعد فقير چيو ته حضرت جن اچن ٿا. حضرت جن جو بدن ڪمزور هو. سردي هئي. حضرت جن مليا مون سمجهيو ته ڪو ٻيو آهي، مان ادا سائين ڪري مليس. پوءِ فقير مليو ته وري مان ٻيو دفعو مليس، ملڻ سان ئي ذڪر جو تعلق ٿي ويو ۽ قلب جاري ٿي ويو. پاڻ اندر ويا ۽ گهر ۾ تذڪرو ڪيائون ته فلاڻو آيو آهي. پاڻ هٿن سان ڀت ڏنائون اهو کاڌوسون.

پوءِ قلب ۾ ذڪر جاري ٿي ويو. مسئلا سڀ وسري ويا. صحبت ڪيائون اها ٻُڌي سون- فقير کي چيم ته حضرت رح جن جيڪر مون کي ذڪر ڏين. پوءِ حضرت رح جن فرمايو ته اوهان ترسو. 29 تاريخ چنڊ ڏٺو ويو. عيد اتي پڙهي سون- بعد ۾ گهرايائون. اَسر جو اٿيا. مون خيال ڪيو ته شايد هاڻي ذڪر سمجهائيندا. پر فقير کي چيائون ته فلاڻي کي اسان سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيو آهي. اڳتي هلي کڏ وٽ اسان کان موڪلايائون. ارادت ٿي وئي. ٻي دفعي وڃڻ ٿيو ته درود شريف سمجهايائون. پوءِ اڳتي هلي فنا في الرسول جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. درود شريف جون اول ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون اهي حضرت جن سان بيان ڪيون ويون. پوءِ لطائف سته سمجهايائون. ان کان بعد نفي اثبات جو ذڪر سمجهايائون ان کان  بعد اجازت ڏنائون ۽ صراحت سان فرمايائون ته ” ميان حماد الله! اوهان کي من جانب الله اجازت آهي.“

ٿريچاڻي شريف ۾ حضرت رح جن آيا. اتي حضرت غلام محمد صاحب دينپوري رح به آيا هئا. جمن ڊکڻ جي دعوت هئي. اسان به وياسون. مسجد وٽ ويٺاسون. گهٽي ۾ ڏٺوسين ته حضرت جن اچن ٿا. ائين پيو معلوم ٿئي ته اڪيلا اچن پيا ساڻن ڪو به گڏ ڪونهي. اها حالت ٿي وئي. ساڻن مليس. فرمايائون ته هي ادا جن آيا آهن، انهن سان به ملو. حالانڪه ٻئي هٿ هٿ ۾ ملايون پئي آيا. پوءِ طبيعت ۾ قرار ٿيو.

حضرت صاحب امروٽ شريف وارن رح جن هڪ مڪتوب تحرير فرمايو جنهن ۾ ڪنهن شخص کي درود شريف پڙهڻ لاءِ هدايت فرمايائون: اهو مڪتوب من و عن هن طرح هو.

”حضور کريم ﷺ کي عزت، محبت اور متابعت کا خيال کر کـﻶ زبان اور قلب دونون سـﻶ هر نماز کـﻶ بعد درود شريف دس بار اور شب جمعہ پاک بستر پر بيڻهکر پچاس بار پڙهکر روبہ کعبہ کر کـﻶ سونا چاهئـﻶ- اور صيغہ درود شريف کا يہ هـﻶ-

الٰلهمّ صلّ عليٰ سيدنا محمّدِ النبي الامي و آلہ و بارڪ

وسلم عدد کل معلوم لک دائما ابدا“

اس کـﻶ بعد يہ دعا مانگي جائـﻶ- ’يا الله تو مجهه کو اپني ذات پاک، اپنـﻶ دين اسلام اور اپنـﻶ نبي کريم ﷺ کـﻶ ساته طاهر اور باطن مين وه تعلق نصيب فرما جو خلفائـﻶ راشدين رضي الله تعالي عنهم کو عطا فرمايا هـﻶ اور اسي تعلق پر مجهـﻶ زنده رکهئـﻶ- اسي پر ميرا موت کيجئـﻶ اور اسي تعلق کـﻶ ساتهہ اڻهائيـﻶ تاکہ مين قيامت مين تيرﻵ کو اپنـﻶ سـﻶ راضي ديکهون‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com