سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تحفة السالڪين

 

صفحو :2

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

جنيدِ وقت حضرت مولانا

حماد الله هاليجوي رحمة الله عليہ

 

جنيد وقت حضرت مولانا حماد الله صاحب هاليجوي رحمة الله عليہ متعلق حضرت مولانا غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي مد ظلهم العالي جو تاثر

علامه ڪمال الدين دميري رحمہ الله عليہ، بني اميه جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز  رحمة الله عليہ جو هڪ خواب نقل ڪيو آهي ته هن حجاج بن يوسف کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس عالم مثال جي خبرچار پڇيائين. جنهن تي ان جواب ڏنو ته منهنجي هٿان جيڪي به ماڻهو ناحق ماريا ويا انهن مان هر هڪ ناحق خون جي مون کي هڪ ڀيرو سزا ڏني ويئي، پر سعيد بن جبير رحمة الله عليہ جي ناحق خون وهائڻ ڪري ستر ڀيرا سزا طور مون کي قتل ڪيو ويو آهي.

حضرت سعيد بن جبير رحمة الله عليہ هڪ وڏو اهل الله ۽ تابعي بزرگ هو ۽ آخري مظلوم هو، جنهن کي حجاج بن يوسف پنهنجي پوئين دور حڪومت ۾ گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو هو. مٿين خواب کي علامه دميري رحمة الله عليہ نقل ڪندي هڪ شبهو ۽ اعتراض اٿاريو آهي ته حضرت سعيد بن جبير رحمة الله عليہ هڪ تابعي بزرگ هو. ٻئي پاسي حجاج ته صحابين کي به قتل ڪرائي چڪو هو، جيئن حضرت عبدالله بن زبير رضي الله عنه کي سڌيءَ طرح ۽ حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنہ کي اڻ سڌيءَ طرح مارائي ڇڏيو هئائين ۽ ٻيا به گهڻائي اهل الله ان جي سفاڪ هٿن کان بچي نه سگهيا هئا.  ته پوءِ حضرت سعيد بن جبير رحمة الله عليہ جي قتل واري سزا ٻين کان ڇو وڌي وئي؟

هن شبهي کي اٿاريندي ان جو جواب به پاڻ ئي علامه دميري رحمة الله عليہ هن طرح ڏنو آهي ته جنهن دور ۾ حضرت سعيد بن جبير رحمة الله عليہ کي شهيد  ڪيو ويو هو، ان دور ۾ هن بزرگ ۽ ولي جي پايه جو ٻيو ڪو به اهل الله ڪو نه هو، جو سندس جاءِ ڀري سگهي. کانئس اڳ جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻائي مظلوم ماريا ويا، پر انهن جي عالم بالا ڏانهن اسرڻ کان پوءِ ڪو نه ڪو ٻيو بزرگ انهن جي جاءِ ڀريون بيٺو هو، تڏهن حضرت سعيد بن جبير رحمة الله عليہ جو سانحُو هڪ وڏو المناڪ ليکيو ويو.

هن قصي کي ڏسندي ويجهڙائي ۾ اسان کان وقت جي جنيد، عالم، ڪامل ۽ فاضل، حضرت مولانا حماد الله هاليجوي نور الله مرقده کي موت جي حادثي جدا ڪري ڇڏيو، اهو سانحو به ايڏو ته المناڪ آهي جو نه رڳو سنڌ پر سارو پاڪستان  سندن فيوضات کان محروم رهجي ويو. ڇو ته سندن پايه جو ٻيو ڪو به بزرگ هن دور ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. جيئن حضرت سعيد بن جبير جو ڪو ثاني ڪو نه هو، تيئن هن اهل الله جو به ڪو مٽ ڪو نه آهي.

هن خدا رسيده ۽ قطب وقت جي ساري ڄمار ظاهري توڙي باطني علم جي اشاعت ۾ صرف ٿي. ٻالجتيءَ کان سندس ماحول علمي ۽ نيڪ هو. پاڻ ذات جا انڍڙ هئا، هي قوم ستين هجري ڌاري سهروردي طريقي جي هڪ بزرگ حضرت موسيٰ نواب رحمة الله عليہ جي تبليغي ڪوشش سان مسلمان ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڃان تائين انڍڙن جو روحاني لاڳاپو ملتان سان هليو اچي. ڇو ته حضرت موسيٰ نواب رحمة الله عليہ، غوث بهآءٌ  الدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ جو ڀاڻيجو ۽ خليفو چيو وڃي ٿو. هن قوم جا ڪي افراد سنڌ ۾ ضلعي سکر جي اڀرندي ڀاڱن ۾ رهن ٿا ۽ ڪي رستم (ضلعي شڪارپور)  جي آس پاس رهن ٿا ۽ هنن ۾ سهروردي ذڪر جو مسخ ٿيل نمونو جنهن کي ’سمہ‘ چيو وڃي ٿو، اڃان تائين هليو اچي.

ولادت ۽ تعليم و تربيت:

 حضرت صاحب جن جو خاندان درويش ۽ خدا وارن فقيرن جو خاندان هو. سندن والد ميان محمود صاحب رح ۽ سندن ڏاڏو ميان حماد الله صاحب رح ٻئي نيڪ صالح هئا. پاڻ نيڪ ماحول هئڻ ڪري شروع کان ئي نيڪ طبيعت جا رهيا. سندن ولادت 1301 هه ۾ تعلقه پنوعاقل جي هاليجي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ جيئن ئي پڙهڻ جهڙا ٿيا ته کين آخوند ابراهيم انڍڙ جي درس ۾ قران پاڪ جي تعليم لاءِ ويهاريو ويو، ۽ فارسيءَ جي تعليم آخوند حبيب الله انڍڙ ۽ مفتي عبدالڪريم صاحب ڪلهوڙي رح خيرپوريءَ جي والد بزرگوار آخوند عبدالرحيم صاحب رح ۽ مولانا نور محمد صاحب عادلپوريءَ رح کان ورتائون.

عربيءَ جي مٿين تعليم لاءِ کين ڏوراهين  سفر تي وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي، سندن ئي قوم جو هڪ علامه سندن ڀر ۾ موجود هو، ان جي خدمت ۾ پهچي ويا. اهو بزرگ عالم هو، مولانا قمر الدين صاحب رح انڍڙ. جنهن کي استاد العلماءَ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. حضرت هاليجويءَ جو علمي مرتبو ايستائين واضح نه ٿيندو، جيستائين سندن ظاهري علم جي مشائخن جي سلسله اسناد تي روشني نه پوندي.

استاد العلماءَ مولانا فضل حق صاحب خير آبادي رحه جي علمي تفوق ۽ جلالت شان کان ڪير انڪاري ٿيندو؟ علوم عقليه ۽ ادبيه ۾ سندن اهو درجو هو، جو کين وقت جو فارابي ۽ رازي سڏيو ويندو هو. پاڪ و هند ۾ سندن شاگردن مان سندن پٽ مولانا عبدالحق خير آبادي شهرت حاصل ڪئي ۽ اتي جي گهڻي ڀاڱي عالمن جا استاد ثابت ٿيا ۽ وري سنڌ ۾ مولانا محمد اسماعيل رح هاليپوٽو ويٺل ڳوٺ ابڙا لڳ قمبر، خير آبادي فيوض جا مرڪز ۽ استاد رهيا. مولانا محمد اسماعيل رحه ابڙائي وٽ سنڌ جي سَون شاگردن تعليم پرائي ۽ انهن سڀني مان ممتاز مولانا نظر محمد رحه ڀنگ وارا هئا، مولانا قمر الدين صاحب رح سموري تعليم مولانا نظر محمد رح ڀنگائي کان حاصل ڪئي ۽ ويجهڙائي واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪي به محقق عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مولانا مير محمد صاحب رح نورنگي، مولانا عبدالوهاب صاحب رح ڪولاچي، مولانا محمد اسماعيل صاحب رح ڀٽو گهوٽڪي وارو، مولانا دين محمد صاحب رح بٺيءَ وارو ۽ مولانا عبدالڪريم صاحب ڪورائي رحه اهي سڀ مولانا قمر الدين صاحب رح جا شاگرد هئا، مطلب ته سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جو سلسلو انهي ڪڙيءَ سان وڃي گڏجي ٿو.

منهنجي هڪ بزرگ دوست مولوي قاضي محمد ابراهيم رحه پنهنجي اکين ڏٺو واقعو حضرت هاليجويءَ جي ادب بابت هن طرح ٻڌايو ته مولانا قمر الدين ۾ ڏاڍو جلال هوندو هو، هڪ ڀيري غصي مان پنهنجي لائق ۽ فائق شاگرد مولانا هاليجويءَ کي سخت ڳالهائي رهيا هئا، ليڪن مولانا هاليجوي ادب وچان استاد آڏو هٿ ٻڌيو بيٺا هئا ۽ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه برداشت ڪندا ٿي ويا.

حضرت هاليجوي رحه درس نظامي جا مٿيان ڪتاب اتي پڙهيا، تنهن کان پوءِ درس تدريس کي لڳي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته ايڏي مجاهده ۽ محنت سان شاگردن کي پڙهائيندا هئا، جو رات ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان ڪو ٿورو وقت آرام ڪندا هئا، نه ته سندن سمورو وقت علمي خدمت ۽ ڪتب بينيءَ ۾ گذرندو هو. مولانا مفتي عبدالڪريم صاحب رحه خيرپوري، مولانا حبيب الله صاحب رحه، مولانا عزيز الله صاحب رح ٺيڙهي وارا مخدوم امير احمد صاحب رح ڪلهوڙو (کهڙن وارو)  مولانا نور محمد صاحب رح گهوٽڪي وارا ۽ مولانا عبيدالله صاحب انڍڙ رح هاليجي شريف وارا ۽ مولانا عطآءٌ  الله انڍڙ رح ماتلي وارا سندن مخصوص شاگردن مان شمار ڪيا وڃن ٿا. پاڻ چڱو عرصو هاليجي شريف ۽ ٺيڙهيءَ ۾ تعليم ڏنائون. شروع ۾ ايڏو ته ظاهري علم جي اشاعت ۾ منهمڪ ۽ مشغول رهندا هئا جو باطني علم پرائڻ ۽ ذڪر اذڪار ڏانهن ڪو به توجه ڪو نه ڪندا هئا، مورڳو قادري طريقت جي جهري ذڪر بابت شرعي نقطه نگاه مطابق اعتراض به ڪندا هئا.

بيعت لاءِ تاج الاوليآءٌ  حضرت امروٽيءَ رح وٽ حاضري:

حضرت صاحب جي هڪ مخصوص شاگرد مولانا عزيز الله صاحب رح ٺيڙهي وارن اسان کي ٻڌايو ته هتي اسان وٽ حضرت امروٽيءَ رح جو گهڻو اثر هو ۽ ڪيترا قادري طريقت جا فقير ذڪر، اذڪار ڪندا هئا، ليڪن حضرت هاليجوي رح ان قسم جي ذڪر جي مخالفت ڪندو هو. ٺيڙهي کان ٿورو ڏور فقير عبدالغني رحه پلهه رهندو هو، جو حضرت امروٽي رح جو مريد هو ۽ نهايت اهل دل درويش هو. ان حضرت هاليجويءَ رح کي سمجهايو ۽ ايترو قائل ڪري ڇڏيو جو حضرت هاليجوي رح فقير عبدالغنيءَ رح کي ساڻ ڪري تاج الاولياءَ حضرت سيد تاج محمود امروٽي قدس سره جي خدمت اقدس ۾ پهچي ويا. پوءِ ته ساڻن پسڻ ٿي ويو، هڪدم حالت بدلجي وئي، ظاهري علم جو غرور اڏامي ويو، خواجه محمد زمان رحه سچ فرمايو آهي ته:

”ويهه وڃي وٽ تن، علم جنين جي هٿ ۾“

هڪدم حضرت امروٽيءَ رح جي هٿ تي قادري راشدي طريقي ۾ بيعت ڪري علم باطني پرائڻ ۽ رياضتن ڪرڻ کي لڳي ويا.

جهڙيءَ طرح ظاهري علم پرائڻ لاءِ کين استاد العلماءَ جي شاگردي نصيب ٿي، تهڙي طرح باطني فيض حاصل ڪرڻ ۾ به اها سندن خوش نصيبي هئي، جو قطب الاقطاب غوث وقت حضرت حافظ محمد صديق نور الله مرقده ڀرچونڊي شريف وارن جي خليفه ارشد سيد المجاهدين حضرت تاج محمود امروٽيءَ قدس سره جي هٿ تي کين بيعت نصيب ٿي. هتي جڏهن ته حضرت هاليجوي رح جي باطني علم جي سلسلي جو ذڪر اچي ويو، تڏهن ضروري آهي ته سنڌ ۾ سلوڪ ۽ تصوف جي انهن طريقن بابت ڪجهه روشني وڌي وڃي.

سنڌ ۾ سلوڪ جا طريقا:

سنڌ سونهاري سَوَن سالن کان صوفين ۽ خدا رسيده بزرگن جو ماڳ پئي رهي آهي، هتي سڀ کان اڳ مخدوم نوح بکريءَ رحمة الله عليہ جي واسطي سان سنڌ کي سهروردي طريقي سان روشناس ٿيڻو پيو. پوءِ هلي حضرت غوث بهآءٌ  الدين ملتاني رح ان کي زور وٺايو. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم بکريءَ رح جو همنام غوث الحق مخدوم نوح رحه هالا وارا پيدا ٿيا، تنهن ته هن طريقي کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو. سَون هزارن ماڻهن حضرت مخدوم نوح رحه کان فيض پرايو، جنهن جي ثابتيءَ ۾ قديم تذڪرا ۽ تصوف ۾ هتان جي اهل الله جي تصنيف اڃا تائين موجود آهي. انهي دور ۾ قادري طريقو چڱو ئي وڌڻ ويجهڻ لڳو هو. شاهه عبدالڪريم رحه بلڙيءَ وارو قادري طريقي جو شيخ هو. ساڳيءَ ريت سندن پوٽو شاهه حبيب رح به انهيءَ ئي طريقي جو بزرگ هو، پر تڏهن به سهروردي طريقو هتي غالب رهيو.

ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ لاڙ ملڪ جي مرڪزي ۽ مردم خيز شهر ٺٽه ۾ خواجه ابو القاسم رح نقشبندي، درس قوم جو جيڪو سرهند کان فيض پرائي آيو هو، تنهن نقشبندي طريقي جو فيض ڏيڻ شروع ڪيو. هي درويش ايڏو ته بلند پائي جو بزرگ ۽ اهل الله هو جو ٿوري ئي وقت ۾ سندن باطني فيض جي برڪت سان هتي سندس ٽيهه، ٻٽيهه خليفا پيدا ٿي پيا.

 هنن نقشبندي درويشن سڄي سنڌ کي عام طرح ۽ ڏکڻ سنڌ کي خاص طرح پنهنجي فيوض ۽ ارشادن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. خواجه ابو المساڪين ٺٽوي رح به انهن خليفن مان هڪ هو، جنهن کان خواجه محمد زمان ڪبير رحمة الله عليہ کي فيض پهتو. خواجه صاحب ته وري اهو جود جاري رکيو، جو سندن فيض مان سَوين هزارين طريقت ۽ سلوڪ جا پياسا سيراب ٿي نڪتا، جن مان سندن فرزند ارجمند خواجه گل محمد رحمة الله عليہ ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد رح بلند پايه جا اهل الله ۽ فيض باطنيءَ جا صاحب ٿي گذريا آهن. خواجه گل محمد رح کان سندن فرزند خواجه محمد زمان ثاني رحمة الله عليہ فيض پرايو ۽ هن بزرگ ولي جي فيض جو دريآءٌ  سنڌ مان ڇوليون ماريندو ڏورانهين اسلامي ملڪن ۾ پهچي ويو. محدث محمد عابد سنڌي مدني رح جهڙو علامه به سندن خليفو هو. هن سلسلي جي بي انتها اشاعت ٿي ۽ خواجه محمد سعيد رحه جي دؤر ۾ پنهنجي عروج ۽ اوج تي وڃي پهتو.

خواجه محم سعيد رحه نه رڳو هڪ روحاني فيض جو مالڪ ۽ اڪمل ولي هو، پر ظاهري علم جو به بحر بي پايان هو. سندن ئي ڪوشش سان سندن ننڍڙي ڳوٺ ۾ دنيا جو بي نظير ڪتب خانو جمع ٿي ويو. هنن ڪتابن جي مطالعي لاءِ نه رڳو ڏکڻ سنڌ جا علماءَ هتي ڪَهي ايندا هئا، پر اتر سنڌ جي هن ڇيڙي جو استاد العلمآءٌ  مولانا غلام صديق رحمة الله عليہ شهدادڪوٽي به ڪيترا ڀيرا اتي پهچي، خواجه محمد سعيد رحه سان رهاڻين ڪرڻ سان گڏ ”طوالع الانوار“ تصنيف شيخ محمد عابد سنڌي رح ۽ ٻين ناياب زمانه ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا.

هن حقيقت جي شهادت لاءِ اڄ به اکين ڏٺو شاهد مولانا عبدالله صاحب رحه کڏهر (ضلع نواب شاهه) وارو آهي، جنهن مولانا شهدادڪوٽيءَ کي اتي مطالعو ڪندي ڏٺو. ان وچ ۾ نقشبندي سلسلي جي ٻي شاخ خواجه صفي الله رحه جي واسطي سان به سنڌ ۾ پهچي چڪي هئي. ان دور جا وڏا عالم جهڙوڪ نعمان ثاني، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي رح ’صاحب البياض‘ (وفات 1224هه) ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جو پوٽو مخدوم ابراهيم عرف موليڏنه رحه انهيءَ نقشبندي بزرگ جا خليفا هئا. خواجه حسن جان سرهندي رحه جي والد خواجه عبدالرحمان رحه جڏهن ٽکڙ (ضلعي حيدرآباد تعلقه ٽنڊو محمد خان ديهه ٽکڙ) ۾ سڪونت اختيار ڪئي، تڏهن نقشبندي طريقو جيڪو اڳ اجهامڻ تي هو تنهن کي خواجه صاحب وري روشن ڪري ورتو. مولانا عبدالرحمان رح سکر وارو به سندن ئي خليفو هو، پر پوءِ ستت ئي اويسي درجي کي پهچي ويو ۽ سڌي طرح پيغمبر صلي الله عليہ وسلم سان سندس نسبت پيدا ٿي.

قادري طريقو:

اهو ته مذڪور هو سهروردي ۽ نقشبندي طريقن جو. سنڌ وارن کي چشتي طريقي سان ڪو چاهه نه رهيو. قادري طريقو سو گهڻو اڳ هتي سهروردي  طريقي سان گڏوگڏ هلندو رهيو. قادري طريقو جو سلسلو حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد جي واسطي سان سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هو. ساڳي ريت اچ وارن قادري بزرگن جو سنڌ سان لاڳاپو هو. درازن وارا فاروقي بزرگ به قادري هئا. عين اهڙي دور ۾ جڏهن هن وڏي طريقي جو چراغ وسامڻ تي هو ته هجري ٻارهين صدي جي آخر ۾ ڪنگريءَ ۾ هڪ اهڙي آفتاب عالمتاب منهن ڪڍيو جنهن سڄي سنڌ ۽ ڀر وارن ٻين ملڪن کي پنهنجي ضيا پوشيءَ سان منور ڪري ڇڏيو. چؤطرف الله تعاليٰ  جي ذڪر جون مجلسون قائم ٿي ويون، مرد ته ٺهيو پر عورتون به تهجد گذار ٿي پيون، اهو بزرگ هو روضي ڌڻي حضرت پير سائين محمد راشد رحمة الله عليہ.

ڪنگريءَ مان سوئي شريف (ضلع سکر) سيراب ٿي، سوئي شريف مان ڀرچونڊي شريف ڀرجي نڪتي. حضرت حافظ محمد صديق صاحب رحمةه الله عليہ ڀرچونڊي وارن بابت وقت جي اهل الله ۽ عالمن جي متواتر طور اها شهادت موجود آهي ته اهي پنهنجي دور جا جنيد ۽ غوث هئا. حضرت حافظ صاحب رحمةه الله عليہ جو سلوڪ ۾ جيڪو درجو ۽ مقام هو ان کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي.

منهنجو استاد حضرت مولانا عبيدالله رحمةه الله عليہ فرمائيندو هو ته: ”منهنجي اکين جنيد وقت حافظ صاحب محمد صديق رحمةه الله عليہ ڀرچونڊي وارن جهڙو اهل الله نه ڏٺو.“ هن بزرگ ولي جي خليفن مان ٻه شخص ممتاز خليفا شمار ڪيا وڃن ٿا. 1- مرشدي ابوالسراج مولانا حافظ غلام محمد دينپوري رحمةه الله عليہ. 2- سيد المجاهدين تاج الاوليآءٌ  حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحمةه الله عليہ.

حضرت امروٽي رح جي ڪارنامن کي ٿو ڏسجي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن جي هيءَ حديث ياد ٿي اچي. علماءٌ  امتي کانبياءِ بني اسرائيل“ يعني منهنجي امت جا علماءَ  بني اسرائيل جي نبين وانگر هوندا. مطلب ته جيتوڻيڪ اهي نبي نه هوندا، پر کانئن تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ نبين وارا ڪارناما صادر ٿيندا. حضرت امروٽيءَ رح به هزارين غير مسلمن کي پنهنجي تبليغ ۽ توجه جي ذريعي اسلام جي حلقي ۾ داخل فرمايو. حضرت امروٽيءَ رحه کي تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ اها نسبت حضرت مولانا عبدالرحمان صاحب رح سکر وارن کان ملي.

معتبر روايت سان اسان کي معلوم ٿيو آهي ته حضرت مولانا تاج محمود امروٽي نَورَاَلله مرقده جڏهن پنهواري تعلقه پنو عاقل ۾ مولانا عبدالقادر صاحب انڍڙ رحمةه الله عليہ وٽ پڙهندا هئا، تڏهن مولانا عبدالقادر رح ڪنهن ڪم لاءِ کين مولانا عبدالرحمان رح سکر واري ڏانهن موڪليو. هن کان اڳ مولانا امروٽي رح، مولانا عبدالرحمان رحه کي نه ڏٺو هو. مولانا عبدالرحمان صاحب رحه بيحد حسين ۽ خوبصورت هوندا هئا، جيتوڻيڪ پوڙها ٿي ويا هئا ۽ سونهاري ڳاڙهي ڪندا هئا، تڏهن به سندن چهري مان حسن و جمال پيو بکندو هو. جنهن وقت مولانا امروٽي رحه اتي پهتو ته مولانا عبدالرحمان صاحب رح آرام فرمائي رهيا هئا. حضرت امروٽي رح تي مولانا عبدالرحمان صاحب جي وجاهت ۽ بزرگي جو ڏاڍو اثر ٿيو، ۽ مولانا جڏهن آرام فرمائي اٿيا ته هن نو وارد نوجوان کي ڏسي، ايماني فراست ۽ فهم سان هن جي استعداد ۽ لياقت کي تاڙي ويا. مولانا تاج محمود امروٽي رح وڌي هٿ ملايو، تڏهن مولانا عبدالرحمان صاحب رح حضرت امروٽيءَ رح کي وڏو ڀاڪر پائي، سينو سيني سان ملائيندي فرمائڻ لڳو ته تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ اسان جي جيڪا نبي صلي الله عليہ وسلم سان نسبت هئي، سا اسان تنهنجي حوالي ڪئي ۽ اها امانت اسان توکي ڏئي رهيا آهيون. ڇو ته اسان پوڙها ٿي چڪا آهيون ۽ ٻي جهان ڏانهن اسرڻ وارا آهيون.

ان وقت کان پوءِ حضرت مولانا امروٽيءَ رحمةه الله عليہ جي حالت بدلبي رهي. هڪ خواب جي ذريعي مرشد جي تلاش ۾ نڪتا ۽ حضرت حافظ محمد صديق صاحب رحمة الله عليہ ڀرچونڊي شريف وارن جي هٿ تي بيعت ڪري باطني علم پرائڻ کي لڳي ويا، ڳالهه ٿا ڪن ته ساڻن ڪو اهڙو پسڻ ٿي ويو جو سلوڪ جا سڀ مدارج طئي ڪري ورتائون ۽ اچي امروٽ کي آباد ڪيائون. هڪ پاسي مولانا عبدالرحمان صاحب رح سکر وارن کان کين اويسي نسبت عطا ٿي. ٻئي پاسي جنيد وقت حضرت حافظ صاحب رحمة الله عليہ ڀرچونڊي شريف وارن کان کين خلافت عطا ٿي، تنهن سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. ٿوري ئي وقت ۾  اهڙو ته فيض ڏنائون جو ڪيترا خليفا خرقه سلوڪ حاصل ڪري خلق خدا جي خدمت کي لڳي ويا. مولانا حماد الله هاليجوي رحه به سندن انهن ممتاز خليفن مان هڪ هو. جهڙيءَ طرح حضرت امروٽي سان پسڻ ٿي ويو جو ٿوري ئي عرصي ۾ باطني خلافت جي کين اجازت عطا ٿي، تهڙي طرح حضرت هاليجوي رح سان به ڌڻي تعاليٰ  جو اهڙو ئي احسان ٿيو. ظاهري علم، تقويٰ ۽ عبادت ۾ ته اڳ ئي بينظير هئا، ويتر جو کين حضرت امروٽي رح جهڙو مهربان مرشد ملي ويو، تنهن کين جلدي اوج ۽ عروج تي رسايو. سچ چيو اٿن:

”جمال حضرت قرآن نقاب انگه بردارد

که دارالملک معنيٰ را به بيند خالي از غوغا.“

حضرت امروٽي رح لاءِ اهو مشهو آهي جو پاڻ فرمائيندا هئا ته ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان جو مکڻ حماد الله کڻي ويو.“

حضرت هاليجوي رح پنهنجي شيخ جي نقش قدم تي هلي ڏيکاريو. حضرت امروٽي رح وانگر وطن جي آزادي لاءِ لڙندڙ جماعتن جو ساٿ ڏيندا رهيا. حق جي ڪلمي چوڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه پيا، شرڪ، بدعت جي رد ۾ هميشه ڪوشان رهيا. هن راه ۾ کين تڪليفون ۽ علماءَ سوءِ جون فتوائون به ڏسڻيون پيون، پر مور نه مڙيا. قران پاڪ سان کين بيحد محبت هئي، هاليجي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ مختلف طبقن، عالمن، آفيسرن، زميندارن ۽ عوام جون روزانه ٽوليون اينديون هيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا قرآن پاڪ بيان فرمائيندا هئا.

ضبط ۽ تحمل:

 عبادت ۽ ذڪر، اذڪار ۽ رياضت ته هن مرد مجاهد لاءِ ڪا اوکي ڳالهه نه هئي. جي کين قران پاڪ جو وعظ ڪندي ڏسبو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو ته ويٺا وعظ ڪندا هئا ۽ جي وري کين عبادت ۾ ڏسبو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان ۾ مصروف رهندا هئا ۽ جي نفي اثبات واري ورد کي ڏسبو هو ته اها مشق ننڊ ۾ به جاري رهندي هئي. سڀ کان اعليٰ صفت اسان کي حضرت صاحب جن ۾ جيڪا ڏسڻ ۾ آئي، سا هئي شريعت تي استقامت، شطحيات کان اجتناب ۽ سلوڪ جي عالم اسرار جي ڪنهن به راز بابت ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍڻ. اها هڪ اهڙي اعليٰ صفت آهي جو سڀ ڪنهن سالڪ کي نصيب نه ٿيندي آهي. هن لاءِ وڏي ظرف ۽ اعليٰ مقام ۽ مرتبي جي ضرورت آهي، نه ته عام طرح ڏٺو ويو آهي ته جي ڪنهن تي باطني انڪشافات جو معمولي راز کلندو آهي ته اهو به ضبط ٿي نه سگهندو آهي.

حضرت هاليجوي رح ته وقت جو شيخ ۽ وڏو عارف بالله هو. ڪشف و ڪرامت ته هن راهه ۾ ابتدائي دور جون تجليون آهن.

پنهنجي زندگيءَ ۾ الله وارن جو هڪ وڏو حلقو تيار ڪري ورتائون. موت برحق آهي ۽ جڏهن اهو سهڙيو ته پنهنجن سون، هزارن مريدن معتقدن ۽ شاگردن کي غم والم سان همڪنار ڪري ويا.”شائق“نظاماڻي هيٺين مصرع مان سندن وفات جي تاريخ ڪڍي آهي.

”حامد ذات حق حماد الله“ (1381هه).

پاڻ پويان چار فرزند ڇڏيائون جي سڀ علم ۽ فضل جا مالڪ آهن، الله پاڪ کين صبر جميل عطا فرمائي!

سندن وفات:

حضرت هاليجوي رح طويل علالت کان پوءِ بتاريخ 12 ذوالقعد 1381هه بمطابق 18 اپريل 1962ع بروز اربع بوقت نماز صبح پنهنجي رهائش گاه ۾ حظيرة القدس ڏانهن راهي ٿيا.

 

ماهنامه نئين زندگي، سيپٽمبر 1962ع بتغير يسير

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

سوانح عمري قدوة السالڪين حضرت مولانا

حمّاد الله هاليجوي نور الله مرقده

 

اسم مبارڪ ۽ نسب

سندن اسم مبارڪ حماد الله ڪنيت ابوالاسعد ذات انڍڙ، قبيلو عيساڻي، سندن خانداني شجرو هن طرح آهي، سندن والد صاحب جو نالو ميان محمود صاحب ابن ميان حماد الله ابن محمد پريل.

انڍڙ قوم جو مختصر تعارف

سندن وڏا انڍڙ قوم سان تعلق رکن ٿا، اندراج نالي هڪ شخص قوم راجپوت مان اجمير شيف جي طرف کان هجرت ڪري، ڀونگ شهر جي قريب رهائش اختيار ڪئي، جيڪو رياست بهاولپور ۾ واقع آهي. اتي ميان موسيٰ نواب صاحب جن جي هٿ تي مع اهل و عيال مشرف باسلام ٿيا سندن قوم اندراج جي نالي مان بدلجي انڍڙ قوم جي نالي سان مشهور ٿي.

سندن آبآءٌ  اجداد رياست بهاولپور مان هجرت ڪري هاليجي شريف جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا.

ڪنهن فقير جي پڇڻ تي پاڻ فرمايائون ته هن ڳوٺ جي هاليجي نالي پوڻ جو سبب هي آهي ته ڳوٺ جي قريب هڪ ڍورو هيو جنهن جو نالو هاليجي هيو، ان سبب هن ڳوٺ جو نالو به هاليجي سان مشهور ٿيو. شايد هالا نالي ڪو شخص هن ڍوري ۾ رهائش پذير هو، جنهن ڪري اهو ڍورو هاليجي سان مشهور ٿيو، ليڪن سرڪاري ڪاغذات ۾ هي ڳوٺ اسان جي ڏاڏي سائين جي نالي تي آهي.

ولادت باسعادت:

پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي متعلق سندن زباني احوال هن ريت آهي: منهنجي والدين کي اولاد پيدا نه ٿيندي هئي آخري عمر ۾ والده ماجده کي حمل ٿيو ۽ بفضله تعاليٰ  1301 هجري ۾ منهنجي ولادت ٿي.

حصول علم:

جيئن ته مون کان سواءِ والدين کي ٻئي اولاد ڪا نه هئي ان ڪري مون سان بيحد پيار ڪندا هئا ۽ محبوب رکندا هئا. جڏهن منهنجي عمر تقريباً 5/4 سالن جي ٿي ته منهنجي والد صاحب منهنجي پڙهائڻ لاءِ مولوي محمد ابراهيم صاحب کي مسجد ۾ مقرر فرمايو، ۽ مون کي پڙهڻ لاءِ ويهاريائون، والد صاحب روزانو هٿ کان وٺي مسجد شريف ۾ استاد وٽ ڇڏي ايندا هئا آءٌ  ٿوري دير پڙهي جيئن والد صاحب جن گهر واپس ٿيندا هئا ته آءٌ  به پويان ڪڍ ويندو هيس، والد صاحب جن جو خيال ڪندي، استاد صاحب --- جن به مون کي ڪجهه نه چوندا هئا ڪجهه عرصي بعد حضرت والد صاحب جن جو وصال ٿي ويو، آءٌ  يتيم ٿي پيس. ’انالله وانآاليه راجعون.‘

ان بعد قرآن پاڪ پڙهڻ ۾ سستي ڪندو رهيس، هڪ ڏينهن استاد صاحب جن مون کي سخت مار ڏني، ڇو ته هو سخت مزاج هئا، ان ڪري اتان نڪري ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ هو اتي قرآن ڪريم پڙهڻ لاءِ مولوي مٺا صاحب جن وٽ ويس، جيئن ته سندن نالو هو، تيئن الله تبارڪ سندن مزاج به بڻايو هو. نهايت شيرين ڪلام ۽ نرم مزاج هئا. ڪجهه وقت آءٌ  ۽ ڪي ٻيا ٻار قران پاڪ پڙهي، بعد ۾ راند روند ڪندا هئاسين، ايستائين جو بفضله تعاليٰ  آءٌ  قرآن مجيد ختم ڪيو.

ليڪن منهنجو ڪلام پاڪ تمام ڪچو هو هڪ دفعي آخوند حبيب الله صاحب منهنجي ڏسڻ لاءِ آيو ۽ منهنجو قران مجيد به ٻڌائون، بعد ۾ مون کي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ويا ۽ قرآن پاڪ ٻڌندا رهيا، ايستائين جو منهنجو قران پاڪ پڪو ٿي ويو. نام حق به انهن وٽ پڙهيم ان بعد حصول علم جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ منقطع ٿي ويو.

بقايا فارسي تعليم مفتي عبدالڪريم عباسي خيرپوري ۽ فقير عبدالحميد  صاحب جي والد بزرگوار آخوند عبدالرحيم صاحب عباسي ۽مولانا نور محمد صاحب عادل پوري رحمة الله عليہ کان حاصل ڪيم.

ڳوٺ ۾ هڪ شخص هو جو ٻارن کي گڏ ڪري شيون کارائيندو هيو، مون کي چوندو هو ته پڙهڻ ڇو ٿو وڃين. هت رهه ته کيڏندا، گهمندا رهنداسين ۽ جهنگ مان ماکيون لاهي کائينداسين، ان جي ورغلائڻ سان آءٌ  به پڙهڻ کان رڪجي ويس. هڪ ڏينهن مامون سائين اسان جي گهر آيو، مون کي ۽ منهنجي امان کي ڏاڍو سمجهايائين ۽ نصيحت ڪيائين پر مون تي تر جيترو اثر نه ٿيو، آخرڪار زبردستيءَ سان مون کي گهوڙي تي چاڙهيائين ۽ آءٌ  روئندو رهيس ۽ ڇڙهيون هڻندو رهيس، جڏهن مامي اها حالت ڏٺي ته مون کي چيائين ته ابا هل! توکي پنهنجي نياڻي پرڻايان. ته به مون تي اثر نه ٿيو. نيٺ والده ماجده مامي کي چيو ته ادا! ڇڏينس هي تو سان نه هلندو ۽ پوءِ مون کي ڇڏي ڏنائين.

ڪجهه عرصو راند روند ۽ ٻڪرين چارڻ ۾ گذريو. هڪ ڏينهن هڪ خدا پرست، صالح شخص جيڪو ڳوٺ جي قريب رهندو هو، اسان جي گهر آيو ۽ مون کي نصيحت ڪيائين ته علم حاصل ڪر، ٻڪرين چارڻ مان ڪجهه فائدو حاصل نه ٿيندو، علم دنيا ۽ آخرت جي نجات جو باعث آهي. والده ماجده کي به گهڻو سمجهايائين ته هن ٻار کي علم دين پڙهايو، گهڻي سمجهائڻ ۽ نصيحت بعد اها ڳالهه دل ۾ اچي وئي ته علم حاصل ڪرڻ گهرجي. چنانچه ڪجهه ڏينهن بعد آءٌ  ۽ منهنجو سوٽ ميان گل محمد علم جي حصول لاءِ ميان امان الله صاحب جي ڳوٺ روانا ٿياسون، جتي مولانا قمر الدين صاحب جن پڙهائيندا هئا. پر اتي به پڙهڻ جو ارادو نه ٿيو اتان وري رستم مدرسي ڏانهن روانا ٿياسون، ان مدرسي ۾ توڙي جو طلباءِ جو تعداد گهڻو هيو ۽ خوراڪ جي ڪمي هئي تنهن هوندي به اتي رهڻ جو ارادو ٿيو، پر داخلا نه ملي. جنهن ڪري بعد ۾ سومراڻي شريف وڃڻ لاءِ خيال ٿيو، ليڪن طالبن کان معلوم ٿيو ته اتي به داخلا مشڪل آهي ڇو ته اتي به طلباءِ جي ڪثرت آهي.

ان ڪري طالبن مشورو ڏنو ته ابراهيم ڳوٺ جتي مولانا محمد واصل صاحب بروهي رحمة الله عليہ جن تعليم ڏين ٿا، اتي وڃڻ گهرجي. داخلا به ممڪن آهي ۽ تعليم ۾ به موصوف ڏاڍا محنتي آهن. اوڏانهن روانو ٿيس، جتي مولانا محمد صادق صاحب رحمة الله عليہ جيڪي اسان جي رشتيدارن مان هئا پڻ اتي موجود هئا. اتي داخلا ملي وئي ۽ تحصيل علم ۾ مصروف ٿيس. تجليات شيخ هاليجوي جي مصنف مولانا ڌڻي بخش صاحب جو بيان آهي ته مون حضرت صاحب جن کي عرض ڪيم ته سائين اوهان کي ان وقت ڪهڙا ڪتاب زير تعليم هيا، پاڻ فرمايائون ته نحو مير پڙهي رهيو هوس.

عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب مولانا نور محمد صاحب عادلپوري رحمة الله عليہ ۽ مولانا علي شير صاحب لڪ پوري رحمة الله عليہ وٽ پهنواري ۾ به پڙهيائون.

عربيءَ تعليم جي حصول لاءِ ڏورانهين سفر جي ضرورت نه پئي، سندن قوم جو هڪ علامه سندن ڀر ۾ موجود هو، جنهن جو نالو مولانا قمر الدين انڍڙ صاحب هو جنهن کي استاد العلماءَ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو، انهن وٽ جامع مسجد گهوٽڪيءَ ۾ درس نظاميءَ تائين ڪتاب مڪمل ڪري، فراغت حاصل ڪيائون ۽ دستاربندي ٿي.

علم حديث جي حصول لاءِ پاڻ پير جهنڊي طرف سفر اختيار ڪيائون جتي مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جن مدرس هئا ۽ استاد الکل مولانا محمد صاحب لغاري کان علم حديث جي تڪميل بعد سنَد حاصل ڪيائون.

تدريس:

 تڪميل ظاهري علم بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪيائون ۽ درس ڏيڻ شروع ڪيائون اهو سلسلو ايستائين هلندو رهيو، جڏهن قاضي عبدالله صاحب ٺيڙهي وارن پنهنجي ڳوٺ ٺيڙهيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ درخواست ڪئي ته پاڻ اها پيشڪش خوشي قبول فرمايائون ۽ تدريس جي ابتدا واهڻ واري مسجد شريف ۾ ڪيائون ۽ بعد ۾ پراڻي مدرسي ۾ تعليم جو سلسلو شروع فرمايائون.

سندس خاص شاگردن مان مولانا حبيب الله صاحب رح ۽ مولانا عزيز الله صاحب رح جن هئا، سائين جن اڳتي هلي تعليم جوسلسلو هن طرح جاري فرمايو جو گرميءَ جي موسم ۾ ٺيڙهيءَ ۾ سرديءَ جي موسم ۾ هاليجي شريف پڙهائيندا هئا. تان ته ڪيترن ئي طلباءِ ڪرام علوم دينيه کان فراغت حاصل ڪئي. مولانا حبيب الله صاحب جيڪي اڳتي هلي ڪري مدرسه جامع دارالهديٰ ٺيڙهي جا مهتمم بڻيا، ۽ مولانا عزيز الله صاحب جامعہ دارالهديٰ جا صدر مدرس مقرر ٿيا. هي ادارو جامعہ دارالهديٰ ٺيڙهي خاص طرح قبله حضرت سيد تاج محمود امروٽي رحمة الله عليہ ۽ حضرت هاليجوي رحمة الله عليہ جي خاص دعائن ۽ توجه جو مرڪز بڻيو جنهن جو فيض اڃان تائين جاري آهي ۽ انشاءَ الله تعاليٰ  تاقيامت جاري رهندو آمين.

بيعت:

حاجي گلاب الدين سومرو صاحب جن نقل ڪن ٿا ته حضرت صاحب جن فرمائيندا هئا ته هڪ فقير نالي عبدالغني پلهه قوم جا، لڳ ٺيڙهي، حضرت صاحب امروٽي رح جي خاص مريدن مان هئا، جڏهن آءٌ  ٺيڙهي ۾ مدرس هوس ته مذڪور فقير عبدالغني صاحب ٺيڙهي ۾ مون وٽ ڪثرت سان ايندو هو ۽ امروٽ شريف هلڻ لاءِ دعوت ڏيندو هو، تان ته حضرت امروٽي صاحب رحه جي زيارت کان مشرف ٿيان. مگر آءٌ  ان کي هي جواب ڏيندو هوس ته حضرت امروٽي صرف عالم آهي نه پير! آءٌ  ان ڏانهن نه هلندس ليڪن مذڪوره شخص بار بار هلڻ لاءِ اصرار ڪندو رهيو. آخرڪار موصوف فقير هڪ دفعي رمضان المبارڪ جي 26 تاريخ  مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اڄ مون سان امروٽ شريف هلو، الله تعاليٰ  مون کي به توفيق ڏني ۽ چيومانس ته ٺيڪ آ، آءٌ  به توهان سان گڏ هلان ٿو، چنانچه ٺيڙهي کان روانا ٿياسين، 27 رمضان المبارڪ جي رات عشا جي نماز ۽ تراويحون سکر ۾ پڙهيون سين، نماز کان فارغ ٿي ريل ذريعي روانا ٿياسون! رڪ اسٽيشن تي لٿاسين ۽ امروٽ شريف جو رستو اختيار ڪيوسين، رات اونداهي واري هئي ان ڪري هٿ هٿ ۾ ملائي هلون پيا. رستي ۾ هڪ هنڌ ٻٻر جا تمام گهڻا وڻ هيا، جڏهن انهن وٽ پهتاسين ته روشني معلوم ٿي ۽ وڻن کي سجدي ۾ ڪريل ڏٺم، آءٌ  اهو نظارو ڏسي سنگتيءَ کان معلوم ڪيو ته اوهان کي ڪجهه نظر اچي ٿو، رفيق چيو ته آءٌ  ته ڪجهه ڪو نه ٿو ڏسان، سمجهي ويم ته هيءَ ليلة القدر جي رات آهي، پوءِ جنهن وقت اسان جو امروٽ شريف درگاه تي پهچڻ ٿيو ته ان وقت حضرت امروٽي رحمة الله عليہ مسجد شريف جي دروازي کان ٻاهر نڪري رهيا هئا، سرديءَ جي موسم هئي پوستين مبارڪ پهريل هين پوءِ مون کي ڀاڪر ۾ ورتائون پوري طرح زور ڏيندي فرمايائون مرحبا يا مولوي صاحب، ڀاڪر جي دوران منهنجي طبيعت ۾ تغير پيدا ٿي ويو حالت بدلجي وئي، ان وقت مون کين نه سڃاتو مگر جڏهن منهنجو رفيق فقير عبدالغني  حضرت سائين جا الفاظ چئي ساڻن مليو ته پوءِ آءٌ  سمجهي ويس ته حضرت امروٽي اهي ئي آهن، پوءِ اتي رهي پياسون، عيد جو چنڊ 29 جو نظر آيو. پاڻ حضرت امروٽي جن مون کي مخاطب ٿي فرمايو ته مولوي صاحب اوهان کي گهر جي محبت ايتري قدر آهي جو چنڊ بجاءِ 30 جي 29 تاريخ نظر آيو، صبح جو عيد نماز ادا ڪئي وئي ۽ عيد واري ڏينهن شام جي وقت حضرت امروٽي رح منهنجي مٿي تي دستار ٻڌي ٻي شوال جي رات جو حضرت امروٽي رحمة الله جن هڪ کٽوليءَ تي آرام فرمايو ۽ مون حضرت صاحب جن جي کٽوليءَ جي سامهون ويهي رهيس، اسر ويل جماعت اجازت وٺڻ لاءِ حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿي ته پاڻ جاڳي پيا، حضرت صاحب جن مون کي ڏسي فرمايو مولوي صاحب! اوهين هن مهل تائين انهيءَ جڳهه تي ويٺا آهيو! ان بعد جماعت کي اجازت ڏنائون منهنجي سنگتيءَ فقير عبدالغني به اجازت گهري حضرت صاحب جن فقير عبدالغني صاحب کي فرمايو، مولوي صاحب کي جو ڪجهه پڙهائڻو هو، ڏيڻو هو، ڏئي ڇڏيو آهي. حالانڪ ظاهري طرح حضرت صاحب جن مون کي ڪجهه به نه فرمايو ۽ مون کي به وڃڻ جي اجازت ڏيڻ فرمايائون ۽ هي به فرمايائون ته چاليهن ڏينهن بعد وري اچجو. چنانچه  چاليهن  کان بعد حاضر ٿيس. پوءِ مون کي آيت الڪرسي جو منڍ يعني الله لا الہ الا هو الحي القيوم تائين ۽ درود شريف جي تعليم فرمايائون ۽ موڪلائڻ جي مهل تي اسر جي وقت اجازت ڏنائون ۽ جماعت جي ڪجهه ٻين فقيرن کي به اجازت ڏنائون، صبح جو نماز هڪ واه تي جماعت سان ادا ڪئي وئي اهو واه رستي تي هو. بنده ان ۾ امام ٿيو، نماز جي پوئين سجده ۾ جڏهن ويس ته رب تعاليٰ  کي جا مهرباني ڪرڻي هئي سا ڪري ڇڏيائين.

مٽن ۽ مائٽن جي مخالفت:

حضرت صاحب جن فرمايو ته جڏهن آءٌ  حضرت امروٽي سان بيعت ڪيم. ان وقت منهنجي قوم جا اڪثر ماڻهو ۽ عزيز قريب بدعتي هئا، ان ڪري مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته وهابيءَ جو تون مريد ڇو ٿيو آهين؟

خصوصاً مولوي قمر الدين صاحب جيڪو منهنجو به استاد هو ڏاڍو تنگ ڪيائين ته امروٽيءَ کان بيعت ٽوڙ ليڪن الحمدلله منهنجي عقيدت مضبوط ٿي چڪي هئي ان ڪري مون تي ڪجهه به اثر نه ٿيو، مگر ماڻهن جڏهن ڏاڍو تنگ ڪيو ته فڪرمند ٿيس ته ڇا ڪريان ۽ ماڻهن جي مخالفت کان ڪيئن جند ڇڏايان. تان ته مون حضرت امروٽي رح جن کي دعوت ڪئي، حضرت صاحب جن هاليجي شريف منهنجي غريب خاني تي تشريف فرما ٿيا غالباً هڪ ڏينهن هڪ رات اتي ٽڪيا پوءِ واپس وريا ان بعد مائٽ عزيز ۽ استاد صاحب جن مايوس ٿي ويا ۽ سمجهي ويا ته حضرت امروٽيءَ رح کان جند ڇڏائڻ ناممڪن آهي پوءِ مون کي منهنجي حالت تي ڇڏي ڏنائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com