سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :4

 

قربان علي بگٽي

 

اياز جي شاعري

 

حقيقت هي آهي ته اياز جي ڊائري جو هڪ هڪ جملو قابل گرفت آهي، پر مون کي ايترو ٽائيم نه آهي. قارئين کي به زحمت ڏيڻ گوارا نٿو ڪريان. هينئر اياز جي شاعري متعلق ڪجهه معروضات پيش ڪندس. ترقي پسند حلقي اياز جي حد کان وڌيڪ پروپئگنڊا ڪئي آهي. هنن ائين به لکيو ته شيخ صاحب چوڏهين صديءَ جو شاه لطيف آهي. سبحان الله ! ”چراغ مرده کجا“ اياز به پنهنجي اجائي تعريف ٻڌي ڦونڊجي ويو آهي. اوهان مٿي پڙهي آيا آهيو ته ڪيئن نه پاڻ کي ناظم حڪمت، نذرل ۽ سرمد جهڙين شخصيتن جي قطار ۾ شامل ڪري ٿو. ٻين جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي کيس ”ثناءَ خودبخو کردن“ جي عادت پئجي وئي، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جو مهاڳ ان لاءِ ڪافي ثابتي آهي. اياز جي شاعري جي پرک لاءِ نهايت ئي ضروري آهي ته ” شاعري“ جي توصيف لاءِ انگريزي ۽ مشرقي اديبن جا ڪجهه رايا پيش ڪجن.

انگريزي شاعري

انگريزي لٽريچر پڙهڻ وارن کي معلوم آهي ته سندن شاعري فقط ڇهه سو سال پراڻي آهي. پهريون انگريز شاعر جوفري چاسر ( Chaucer) آهي جو 1340ع ۾ پئدا ٿيو ۽ 1400ع ۾ وفات ڪيائين. چاسر کان اڳ شاعري جو ڪو پتو ڪونه ٿو پئي. قدامت جي لحاظ کان شاعري جي ميدان ۾ شايد عربن جو مقابلو ڪري ئي نٿو سگهجي. عرب شاعري جو پتو اسلام جي ظهور کان به ڏيڍ سو سال اڳ ملي ٿو. پهريون عربي شاعر جنهن قصيدي جي ابتدا ڪئي اهو مهلهل بن ربيع هو، جو امراءَ القيس جو مامون ٿئي. اموي دور جو مشهور شاعر فرزدق چوي ٿو ته ”پهريون پهريون شاعر مهلهل هو و مهلهل الشعراءَ ذاک الاول“.  انگريزن جي شاعري ۽ سندن لٽريچر ڇهه سو سال قديم آهي ان ڪري ڇهن سو سالن کان سندن اڳ جي قومي تاريخ معدوم آهي. انهن وٽ سواءِ ڏند ڪٿائن ۽ ڌُڪن جي ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. ان ڪري سندن قومي تاريخ به پراڻي ۽ دلچسپ آهي. انگريزي ادب ۾ شاعري جي توصيف لاءِ مختلف اديبن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا. ان کان بعد مشرقي شاعري بابت پنهنجا خيال پيش ڪندس.

(1) جارج ايلٽ (Eliot) مشهور خاتون اديبه پنهنجي ناول (Middle March) شايع شده 1872ع شاعر متعلق چوي ٿي ته:

“To be a Poet is to have a soul….. in which knowledge passes instantaneously into feeling and feeling flashes back as a new organ of knowledge.”

(2) هربرٽ اسپينسر (Spencer) شاعري کي بيان ڪندي چوي ٿو ته:

“As a form of speech for better expression of emotional ideas”

(3) مئٿيو آرنالڊ (Arnold)  شاعري جي معنى وٺي ٿو:

“Poetry is at bottom a criticism of life”

(5) آرنالڊ جي مٿين جملي تي ٽي. ايس ايلٽ (Eliot) گرفت ڪئي آهي چوي ٿو ته:

“ Arnold might just as well have said that Christian worship is at bottom a criticism of Trinity”.

(4) ڪرسٽافر فراءِ (Fry) شاعري بابت چوي ٿو:

“Poetry is the language in which man explores his own amazement”.

۽ آخر ۾ ڪلائيو سانسم (Sansom) جي شاعري بابت جامع تعريف به نقل ڪرڻ جي لائق آهي. چوي ٿو ته:

“ Poetry is rhythmical form of words which expresses an imaginative emotional intellectual experience of the writers and expresses it such a way that it creates a similar experience in the mind of his reader.”

انگريزي شاعري بابت اوهان مٿي نامور اديبن جا رايا پڙهيا آهن. منهنجي خيال ۾ مغربي شاعري جي مشرقي شاعرن سان ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي، ڇو جو انهن جا اقدار (Values) اسان کان قطعاً مختلف آهن. هن سلسلي ۾ پنجاب يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر مرحوم حميد احمد خان جو هي جملو ناقابل فراموش ۽ حقيقت تي مبني آهي. پروفيسر حميد انگريزي زبان جو وڏو ڄاڻو ۽ انشا پرداز هو. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائيندو هو. مرحوم جي زباني آهي ته هڪڙي ڏينهن مون پنهنجي هڪ انگريز دوست کي چيو ته ”اوهان جي شاعري مون کي ايتري سمجهه ۾ نٿي اچي.“سندس انگريز رفيق حميد احمد کي برجسته جواب ڏنو ”ڇاڪاڻ ته تون عيسائي نه آهين.“

اياز به مشرق جو شاعر آهي. ان ڪري سندس شاعري جي پرک لاءِ مشرقي زبانن جي اديبن ۽ فاضلن جي راءِ کي ملحوظ رکڻ کپي، جن فن شاعري متعلق عرق ريزي ڪري نهايت ئي املهه لٽريچر فراهم ڪيو آهي. سڀ کان اڳ ۾ اچو ته پنهنجي شاعري متعلق خود اياز جي راءِ پيش ڪجي. اياز ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”گهڙي جو پاڻي ڪاڙهي وانگر ٿو لڳي. ها پر وان گوگ (Von Gogh) وانگر گرمي منهنجي فن لاءِ وڌيڪ سازگار هوندي آهي. جنهن کي منهنجي شاعريءَ جي تخليقي ڪيفيت کي سمجهڻو هجي، ان لاءِ وان گوگ جي مصوريءَ جو اڀياس ضروري آهي.“ (ص-4). مان شيخ اياز کان پڇان ٿو ته اوهان سنڌي شاعر آهيو. سنڌ مان سواءِ اوهان جي ٻئي ڪنهن وان گوگ جي مصوري جو اڀياس ڪيو آهي؟ معنيٰ ته اوهان پنهنجي شاعري ۽ ان جي تخليقي ڪيفيت رڳو پاڻ سمجهو ٿا. اهو ئي سبب آهي ته اوهان جي شاعري بابت سنڌ ۾ عام شڪايت آهي ته اها سمجهه کان ٻاهر آهي. اياز جي مقابلي ۾ شاهه لطيف جيتوڻيڪ سترهين صدي جو شاعر آهي، پر ان جو ڪلام ماڻهو سمجهن ٿا. اهو عام فهم آهي ۽ اڄ تائين جهر جهانگي به پيا جهونگارين. سبب هي آهي ته لطيف جي شاعرانه ڪيفيت لاءِ اسان کي وان گوگ جهڙن مصورن جي اڀياس ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. اياز جي شاعري عام فهم نه هئڻ ڪري عوامي نه آهي ۽ عوامي نه هجڻ ڪري انقلابي نه آهي.

اياز جي شاعري بابت جويي جي راءِ

اياز متعلق عام طرح مشهور آهي ته ذهني طور هو جويي جي پئداوار آهي. سندس بيتن جي مجموعن جا مهاڳ اڪثر جويو صاحب پاڻ لکندو آهي. اياز جي مجموعي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“  جي مهاڳ ۾ سندس شاعري بابت جويو لکي ٿو ته ”اياز پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي عوامي ٻوليءَ سان مالا مال ڪري، ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي  جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي، ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيه هاڻي کٽڻا ئي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.“ (صفحه 28)

اياز جي شاعري بابت عوامي ٻوليءَ جو هي سرٽيفڪيٽ جويي صاحب جولاءِ 1970ع ۾ ڏنو آهي. پر حيرت آهي جو ٽن سالن گذرڻ بعد جويو پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته اياز جي شاعري ساڳئي وقت ڪجهه عام ۽ مٿاڇري سمجهه کان مٿي به آهي. اياز جي بيتن جو مجموعو ”وڄون وسڻ آيون“ جو مهاڳ مسٽر جويي صاحب آگسٽ 1973ع ۾ لکيو آهي. اياز جي شاعري متعلق لکي ٿو ته : ”اياز جي شاعري پنهنجي بي ساختگيءَ ۽ ٻوليءَ جي سادگي سبب عام جي شاعري ته آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه عام ۽ مٿاڇري سمجهه کان مٿي به آهي.“ (مهاڳ وڄون وسڻ آئيون). اياز جو ڪلام سمجهه کان مٿي ان ڪري نه آهي جو ان ۾ فلسفه، منطق ۽ حڪمت جون ڳالهيون آهن، پر في الحقيقت، ان جون تشبيهون، استعاره، جملن جون ترڪيبون سڀ غلط ۽ بي بنياد آهن. 1967ع ۾ منهنجي ملاقات شيخ حفيظ سان ”شهيد ممتاز علي کوکر“ جي ڪورٽ ۾ ٿي هئي. مارڪسزم متعلق گفتگو جو آغاز ٿيو ۽ اياز جي شاعري تي ان جو اختتام ٿيو.

حفيظ مون سان گهرو ٿي ويو هو. چوڻ لڳو ته تو رجعت پسند ٿي ڪري به مارڪسزم جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي ۽ هتي اسان جي وڏن ڪامريڊن جي معلومات به ناقص هوندي آهي. حفيظ کي پياري موڊ ۾ پسي مون کانئس اياز جي شاعري متعلق سوال ڪيو. جواب ڏنائين ته اياز جي شاعري معنيٰ ”دٻي ۾ ٺڪريون“  حفيظ جو تبصره مبني برحقيقت آهي. مون سان ڪراچي جي ڪن دوستن ڳالهه ڪئي ته سنڌ جي هڪ وڏي حاڪم جي محفل ۾ اياز پنهنجي دوستن جي معرفت پهچي ويو. اتي اياز ان سياستدان کي پنهنجا انقلابي گيت ٻڌائڻ لڳو. حاڪم اياز جو ڪلام ٻڌي کيس مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”اياز! شيرل باڊاهي به چڱو شاعر آهي.“ غور ڪري ڏسبو ته هي سنڌي سياستدان اياز جي ڪلام کي سمجهي نه سگهيو ڇو ته هن وان گوگ جو مطالعو ئي ڪونه ڪيو هو. ان جي برعڪس شيرل باڊاهي ته عوامي شاعر ليکجڻ ۾ اچي ٿو. ننڍي هوندي مون هن جون ڪي ڪافيون ٻڌيون هيون جي مون کي اڃا تائين ياد آهن. جيئن ته:

پنجون پنهنجا پراوا ٿيا

ڇهون ڇڙٻ ڏين هر هر

ستون ساري زماني ۾ بدنام ٿيس گهر گهر

اٺون آگ اندر دل ۾ نائون نازڪ ويو ٻاري

ڏهون ڏکڙا به شيرل لئي الله آهن خلقيا (وغيره)

اياز جي شاعري ڪيترن ئي سببن ڪري ناقص آهي. ان جو شايد هي سبب آهي ته سندس اصلاح لاءِ ڪو ڪامل استاد يا رهبر ڪونه مليو. سائين جي ايم سيد صاحب پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سان“ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اياز پنهنجي شاعري جي اصلاح هڪ هندو شاعر فاني کئلداس کان ڪرائيندو هو. فاني هڪ اڻ سڃاتل شاعر آهي. اهڙي غير معرفو شخص جي استادي ۾ اياز ڇا پرايو هوندو! کئلداس جو سنڌي شاعري ۾ به ڪو وڏو مقام نه آهي. استاد جو پاڇو شاگرد تي پوندو آهي. سڪندر بادشاهه وڏو عالم ۽ دٻدٻي وارو حاڪم هو. جتي ڪٿي فتحون ڪري اتان ڪتاب هٿ ڪري يونان کڻي ويندو هو. ۽ ابن خلدون جي تحقيق مطابق تمام يوناني علوم ايران کان منتقل ٿي آيا هئا. علامه صاحب لکي ٿو ته ”سڪندر بادشاهه دارا کي قتل ڪري اتان ڪيترن ئي ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪري يونان ۾ کڻي آيو ۽ ان طرح يوناني علوم جو چرچو ٿيو“. سڪندر علم جو شائق ان ڪري هو جو هو ارسطو جهڙي شخص جو شاگرد هو، جنهن کي معلم اول ڪوٺجي ٿو. هوشيار، فاضل ۽ ماهر فن استادن جا شاگرد به چمڪن ٿا. شاعري جي فن ۾ اياز جو استاد فاني کئلداس جهڙو هڪ اناڙي آهي ته شاگرد تي به اهڙو اثر ٿيڻ لازمي آهي. اياز جي شاعري مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هن غير مانوس، غلط محاوره ۽ بازاري زبان استعمال ڪئي آهي ۽ محققين اهڙي شاعر کي ناقص تسليم ڪيو آهي.

شاعري متعلق ابن خلدون جي راءِ

ياد رهي ته علامه ابن خلدون پنهنجي شاهڪار ”مقدمه“ ۾ ”فنِ شعر ۽ ان جي تعليم جي طريقي بابت“ وڏو عالمانه بحث ڪيو آهي. لکي ٿو ته ”جيترو ٿي سگهي جملن ۾ ڏکين ترڪيبن کان پاڻ کي بچائجي. جملا اهڙي خوبصورتيءَ سان آڻجن جو الفاظ کان اڳ ۾ ان جي معنيٰ ذهن نشين ٿئي. هڪ شعر ۾ وڌ ۾ وڌ معاني وجهڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. ان طرح سمجهڻ ۾ هڪ قسم جي پيچيدگي پئدا ٿئي ٿي. پسنديده ۽ عمده شعر اهو آهي، جنهن جا الفاظ ان جي معنيٰ مطابق هجن، ۽ معاني جي پوريءَ طرح ترجماني ڪندي جيڪڏهن ڪنهن شعر ۾ الفاظ کان زياده معنيٰ ڀرجي ته ان جو شمار”حشو“ ۾ ٿيندو ۽ معنيٰ ڳولڻ لاءِ ذهن کي تڪليف ڏيڻي پوندي ۽ ذوق بلاغت جي ميٺاج کان محروم رهجي ويندو. شعر ان وقت آسان ٿئي ٿو، جڏهن ان جي معنيٰ ان جي الفاظ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ذهن ۾ چڙهي. شاعر کي غير مانوس الاستعمال الفاظ کان بچڻ کپي ۽ اهڙن لفظن کان به جي معنى جي صحيح ترجماني کان قاصر هجن. اهڙيءَ طرح بازاري ۽ مبتذل الفاظ کان به پرهيز ڪرڻ ضروري آهي. ان کي هرگز هرگز استعمال نه ڪري. ڇاڪاڻ ته هن قسم جا الفاظ قصيده کي بلاغت جي درجي کان ڪيرائين ٿا ۽ قصيده ۾ شريفانه حيثيت باقي نٿي رهي ۽ قريباً ان جي افادي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي.“

] مقدمه ابن خلدون حصه 2 صفحه 48547 مترجم مولانا راغب رحماني [

شاعري جي فن بابت اوهان دنيا جي هڪ عظيم ترين فاضل جي راءِ مٿي پڙهي آيا. مهرباني ڪري ابن خلدون جي جملن کي غور سان پڙهي دل ۾ هنڊايو انهن ڏسيل معيارن تي اياز جو شعر پرکي ڏسو. صاف معلوم ٿيندو ته اياز ان تمام اوصاف کان خالي آهي. اياز چوي ٿو ته:

”موت اسان جو پاڇو آهي

ڪارونجهر آ ڪاڇو آهي

منڇر آهي مياڻي آهي

سانوڻ جي سومهياڻي آهي.

غور ڪري ڏسبو ته اياز جون تشبيهون غلط ۽ سڄو شعر معاني کان خالي ۽ ٻولي بازاري. موت ڪيئن اسان جو پاڇو، ڪارونجهر يا ڪاڇو منڇر يا مياڻي آهي؟ انهن اسمن جي موت سان ڪهڙي نسبت آهي. بيشڪ الفاظ ته آهن پر انهن جي معاني جو سراغ ڪيئن لڳائجي؟ ابن خلدون جهڙو محقق اسان کي ٻڌائي ٿو ته شعر ان وقت آسان ٿئي ٿو، جڏهن ان جي معاني الفاظ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ذهن تي چڙهي. اياز ۽ ان جا عقيدت مند خوش ٿا ٿين ته مٿين شعر ۾ هن موت جو فلسفو بيان ڪيو آهي. مان هتي اياز جي هڪ همخيال اردو شاعر چڪبست جو موت متعلق هڪ شعر نقل ڪيان ٿو. موازنه ڪري ڏسبو ته اردو شاعر جو پنهنجي فڪر جي لحاظ سان شعر ڪيڏو نه بلند ۽ معنيٰ خيز آهي چڪبست چوي ٿو ته:

”زندگي ڪيا هي عناصر مين ظهور ترتيب

موت ڪيا هي انهي اجزاءَ ڪا پريشان هونا“

اياز هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

”جي تو آ ڪوراڙ ڏٺي ڪا، هي به ڏٺو تو ان جا ليڪا

مٽيءَ تي جو وقت رهن ٿا، سڀ ساسي تن کان ڇرڪن ٿا.“

شعر تي غور ڪري ڏسبو ته اياز جي قوت مشاهده ڪمزور آهي. نانگن جي جنس مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪاريهر نانگ آهي ۽ نه ڪوراڙ نانگ، جيئن شاعر اسان کي ٻڌائي ٿو. پر جي ڪوراڙ نانگ ئي ڀوائتو آهي ته اياز وضاحت ڪري ته مٽيءَ تي رهڻ وقت انهن ڪوراڙن کان سڀ ساسي ڪيئن ڇرڪن ٿا؟ مثلاً نور به هڪ ساسي آهي، ڇا هو نانگ کان ڇرڪندو آهي؟ اياز کي خبر هئڻ کپي نور جهڙو ساسي نانگ جو ويري آهي. ڪارو نانگ نور کي ڏسندو آهي ته ساهه ڇڏي ويندو اٿس. نور جهڙو ساسي هميشه نانگ تي غالب پوندو آهي. ثابت ٿيو ته اياز جي شاعري حقائق کان هٽيل، بي ترتيب ۽ بزاري آهي. کيس علماءَ ادب ۽ فاضلن جي لکڻ موجب وڏو شاعر شمار ڪري نٿو سگهجي.

اياز چوي ٿو ته:

”هاءِ اکين وٽ ڏورا تنهنجا،

هي هي نيڻ ڪٽورا تنهنجا

جن ۾ بوند نه ڪائي، سانجهي آئي.“

 

    نيڻ جي تشبيھ ڪٽوري سان ڪيڏو نه اڻ وڻندڙ آهي ۽ سانحي آئي جي ترڪيب ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي؟ اي مخاطب تنهنجي اکين ۾ بوند نه ڪائي سانحي آئي،

ڪيڏونه بي ربطو آهي.            .

اياز ٻولي ٿو:

     ”ڪنهن سان، پريت لڳايئي پڳي

      جو اڃ راس نه آيئي پڳلي“

 جويو صاحب چوي ٿو ته اياز پنهنجي شاعري ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڏنا آهن. پڳلي سنڌي لفظ آهي؟

 

”مون جو ڀريو ٻاجهه سان، ڪالهه اڃايل ٻڪ،

ڏين ٿو وهه جو ڍڪ، ان ڪارڻ تون ڪوٽ ۾.“

اڃايل ٻڪ جو اصطلاح بي معنى آهي، توهان ان کي ٻاجهه سان ڪيئن ڀريو؟

علامه ابن خلدون شعر گوئي جي اصول ۽ فن بابت آخر ۾ ابن رشيق جو هڪ املهه نظم نقل ڪيو آهي. ان کي پڙهي اياز جي شاعري اکين اڳيان ڦري ٿي. نظم جو اطلاق سو في صدي اياز جي شاعري تي ٿيندو. ان جو ترجمو نقل ڪجي ٿو.

”الله شاعري کي غارت ڪري، جنهن جي بدولت اسان کي قسمين قسمين جاهلن سان واسطو پيو آهي. هي جاهل زودفهم ۽ آسان شعر تي مشڪل شعرن کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ناممڪن کي ٺيڪ ۽ خسيس ڪلام کي هڪ قيمتي شيءَ سمجهن ٿا. هو صحيح اشعار کان ناواقف رهن ٿا، ۽ جهالت جي ڪري پنهنجي جهالت کي سمجهن نٿا. شعر اهو آهي جو نظم ۽ مناسب هجي، جيتوڻيڪ انواع جي لحاظ کان اهو قسمين قسمين هوندو آهي. شعر اهو آهي جو مطلب جي ادائگي جي انتها کي پهچي. گويا الفاظ هن جو چهرو بڻجن ۽ انهن الفاظ تي سوار ٿيندڙ معاني هن جون اکيون هجن. اهو (شعر) مقصد ۾ آرزوئن جي مطابق هجي، جنهن جي حسن کان پڙهڻ وارا به حسين لڳن. بهترين شعر اهو آهي جنهن کي منظم ڪرڻ بعد تنقيد نگاهه سان ڏٺو وڃي. اگرچه اهو واضح ۽ روشن ڇو نه هجي. ۽ آخر ۾

فاذا قيل اطمع الناس طراً

و اذاريم اعجز المعجزينا

”جڏهن اهڙا شعر چئجن ته ماڻهو هي سمجهن ته اسان به اهڙا شعر چئي سگهون ٿا. پر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪن ته چئي نه سگهن“

(مقدمه ابن خلدون حصه 2 صفحه 548، 49)

هي آهن شعر گوئي جا اصول جي ماهرين فن بيان ڪيا آهن. اياز جو شعر پڙهي ٻڌندڙن کي اهڙي ڪا به تمنا پئدا نٿي ٿئي ته ڪاش هو به اهڙو شعر چون. لطيف جي شاعري ان معيار تي پوري ٿي اچي. ترقي پسند حلقن ۾ اياز کان علاوه ٻيا اهڙا آهن، جن جي شعر ۾ لطافت آهي. انهن جا محاوره صحيح آهن ۽ حتي الامڪان غير مانوس ۽ بازاري زبان جي استعمال کان گريز ڪندا آهن. مثلاً عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني ۽ ذوالفقار راشدي جي شاعري. ترقي پسندن وٽ انهن غريبن جي پروپئگنڊا نه آهي. اياز پئسي ڏوڪر وارو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جويي صاحب، سراج ميمڻ ۽ پير حسام الدين راشدي جو دوست آهي. ان ڪري پريس ۾ هن کي شهرت ملي ٿي. دودي سومري جي ڪهاڻي وٺو. اياز ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ۾ هي منظوم ڪهاڻي لکي آهي. هڪ ٻئي ترقي پسند شاعر جناب نياز همايوني به هيءَ آکاڻي نظم ۾ لکي آهي ۽ ”ساڻيهه جي ساک“ نالي هڪ ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي آهي، پڙهي ڏسو ته اياز جي مقالي ۾ نياز جي ڪاوش ڪيڏي نه بلند ۽ شاعريءَ جي عروج تي آهي. اياز جي شاعريءَ جي خوب پروپئگنڊا ڪئي وئي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته علامه ابن خلدون کان سوا ٻين مشاهير جا رايا نقل ڪريون. ان نموني سان ئي پڙهندڙن جا ذهن صاف ٿيندا ۽ حقيقت کي سمجهي سگهندا.

فن شاعري متعلق ڊاڪٽر گربخشاڻي جي راءِ

حضرت لاکيڻي لطيف جي رساله جو شارح ڊاڪٽر هوتچند ولد مولچند گربخشاڻي هڪ وڏو اديب ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. آنجهاني ڊاڪٽر صاحب فارسي زبان ۾ پي. ايڇ ڊي هو ۽ سن 1946ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي، سنڌي، انگريزي ٻولين تي عبور رکڻ ڪري فن شاعري متعلق به وڏي معلومات هوندي هئس. شعر متعلق هي فاضل شخص لکي ٿو ته ”شاعر ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، مگر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنهن کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي پنهنجي خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾، اهڙيءَ سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نو ويسن ۽ وزنن ۾ ۽ اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار کئچجو وڃن، ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان پئي ڦري. ازان سواءِ وزن ۽ قافيه جو هجڻ پڻ ضروري آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو ڪلام وڌيڪ لذيذ ۽ لطيف ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻ گهرجي، جو ماڻهن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر پئدا ڪري. انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾ هئڻ واجب آهي، جن جي دوران شعر جو حسن هيڪاري نڪريو نروار ٿيو پوي. اها ڪامل شاعر جي آخرين منزل آهي. اهي خاصيتون آهن: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش.

فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي، جنهن جي اُچار ڪڍڻ ۾ زبان کي ڪابه تڪليف يا هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن، مگر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو. بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا پور ۽ جذبا اٿن ٿا، ڪڏهن غم ۽ غصو، ڪڏهن کل ۽ خوشي، ڪڏهن ڳڻتي ۽ فڪر، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي، ڪڏهن عشق ۽ محبت، ڪڏهن بي تابي ۽ بيقراري وغيره وغيره. شاعر کي اهي سڀئي حالتون اهڙيءَ صفائيءَ ۽ درستيءَ سان مختصر، مگر مائيدار لفطن ۾ بيان ڪرڻ گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کپي وڃي ۽ سندس سحر نگاريءَ تي موهت ٿي پون.

سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جو روز مره ماڻهو استعمال ڪن ٿا، ۽ استعاره، تشبيهون، ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽ سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن، ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽ مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر انهيءَ کي چئبو، جو جڏهن ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻڌي، ته از خود ائين چوي ته سچ آهي، ۽ ان جي سلاست ۽ سادگيءَ کي ڏسي، دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام آءٌ پڻ چئي سگهان ٿو مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون بتال ٿي وڃنس. ابن رشيق قيرواني پنهنجي ڪتاب ”العمده“ ۾ اهڙي شعر بابت هيئن ٿو چوي:

فاذا قيل اطمع الناس طرا، واذاّ ريم اعجز المعجزينا

جدت جي هيءَ مراد آهي ته شاعر کي گهرجي، ته مضمون اهڙا علحده علحده اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن طبع آزمائي نه ڪئي هجي، يا جيڪڏهن ڪئي هجين، ته به ان کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري جو ائين معلوم نه ٿئي ته ڪنهن جو نقل يا تتبع ڪيو اٿس. ازانسواءِ پنهنجو مطلب اهڙن نون نون طريقن سان بيان ڪري، ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي وڃڻ ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي، جو پڙهندڙ جو ڌيان ٽٽي نه وڃي ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽ اثر هجي، جو ڀانئجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر مان اڌما ڏيئي نڪتا آهن.“ (شاهه جو رسالو جلد پهريون ڇاپو ٻيون صفحه 79 کان 81 تائين از: ڊاڪٽر گربخشاڻي آر- ايڇ- احمد حيدرآباد)

آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب شاعري متعلق نهايت ئي قيمتي ۽ حقيقت افروز خيالات جو اظهار ڪيو آهي. معلوم ٿو ٿئي ته هو علم شعر جو وڏو ڄاڻو ۽ پارکو آهي. اياز جي شاعري انهن لازوال اصولن ۽ معيارن تي هرگز پوري نٿي اچي. اياز وٽ شاعري جي صنعت اڻ لڀ آهي ۽ سندس ڪلام فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش کان خالي آهي. اياز جي شاعري ۾ وزن ۽ قافيه جو ڪو خيال نٿو ڪيو وڃي. اياز چوي ٿو ته:

هلو ڙي هوتا! وڙهندا هلو ويڙهه ۾

برن ۾ بوتا، متان روڪيو رات جو!“

ڪيڏو نه بي سرو ڪلام آهي. رات جو برن ۾ بوتا روڪڻ ڪيڏو نه بي معنيٰ شعر آهي. اهڙو ڪلام ڪيئن ٿو ماڻهن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر پئدا ڪري؟ اياز جو هڪ بند آهي ته ”جيسين ٻڏي اڀ ۾ وهائو تارو“ سنڌيءَ ۾ ائين ڪونه چوندا ته تارو اڀ ۾ ٻڏي ويو. چوندا آهن ته تارو لهي ويو. سج لٿو يا چنڊ غروب ٿيو. ان کي سنواري ڪونه ٿو. ياد ڪرڻ گهرجي ته شاعر ٻولي کي لفظن سان مالا مال ڪندا آهن، بگاڙيندا هرگز نه آهن. هڪ شاعر جي ڪلام مان ئي ٻولي سکبي آهي. انگريزي، اردو، سنڌي، عربي وغيره ٻوليون سکڻ چاهيو ته شيڪسپيئر، غالب، لطيف ۽ امرالقيس کي پڙهو. خود قرآن مجيد جي مفسرين عربي الفاظ جي معنائن معلوم ڪرڻ لاءِ ايام جاهليت جي وڏن وڏن شاعرن جي ڪلام کي سند طور پيش ڪيو آهي ڇو جو ٻولي شاعرن جي ڪلام مان سکبي آهي. اياز سنڌي جا غلط محاوره ۽ اصطلاح  ڪم آڻي، هن ٻوليءَ جي ستياناس ڪئي آهي. اهڙو شخص ڪيئن ٿو ڪامل شاعر ٿي سگهي؟ اياز چوي ٿو ته:

هت ڀل ته ڇني پيو مرون ماڻهوءَ ماس

آهي تنهنجي اوجهه ۾ افريقا جو قياس

سنڌي ۾ چوندا آهن ته دل ۾ قياس ڪر، اوجهه ۾ قياد ڪرڻ اهڙو محاوره آهي جو اياز ئي استعمال ڪري سگهي ٿو غرض ته:

”تون چئين مَ ڪڇان

تون چئين مَ لڇان

پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين

اعلان هزارين مان نه رڳو“

سوال آهي ”اعلان هزارين“ جو ”مان نه رڳو“ سان ڪهڙو  واسطو آهي. هيءَ طرح سنڌي زبان جي هڪ ٻئي شاعر مولانا عبدالغفور همايوني مرحوم (تخلص مفتون) پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪئي آهي جتان اياز چورائي آهي پر پاڻ غلط استعمال ڪئي اٿس. مولانا مرحوم (وفات 1968ع) فرمائي ٿو ته:

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي مهمان هزارين مان نه رڳو.

ڇا جن و ملائڪ حور و پري، دربان هزارين مان نه رڳو.

ڏسو ته ڪلام ڪيڏو نه شاعرانه خوبين سان معمور آه ۽ اياز جي هي مصرع ”تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان اعلان هزارين مان نه رڳو.“  غلط، ٻسو ۽ اڻ وڻندڙ آهي. اياز پنهنجي شعر ۾ اظهار جي آزادي لاءِ تڙپي ٿو ۽ مخاطب کي چوي ٿو ته مون کان ڪڇڻ لڇڻ جي اجازت به سلب ڪئي وئي آهي. غالب به ساڳي شڪايت ڪري ٿو. ڏسو ته اياز جي مقابلي ۾ غالب جو شعر ڪيڏو نه فصيحانه ۽ دل ۾ چڀندڙ آهي. غالب

ابنِ مريم هوا ڪرﻵ ڪوئي

ميرﻵ درد کي دوا ڪرﻵ ڪوئي

بات پر وان زبان ڪڻتي هـﻶ

وه ڪهين اور سنا ڪرﻵ ڪوئي.

فنِ شعر بابت علامه آءِ آءِ قاضي جي راءِ

سنڌ يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي جو هڪ ڪتاب (Casual Peeps at Sophia)  نالي سنڌي ادبي بورڊ وارن شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جي صفحه 63 تي علامه صاحب شاعري متعلق مڃيل معيار بيان ڪيا آهن. انهن کي پڙهي تسليم ڪرڻو پوندو ته اياز جي شاعري انهن معيارن ۽ ڏسيل ڪسوٽين تي هرگز پوري نٿي اچي.

اياز ۽ سارتري

”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جي صفحه 172 تي اياز مشهور فرينچ فلسفي ۽ ناول نويس زانپال سارتري (Jean paul Sartre) کي خطاب ڪري چوي ٿو ته:

”مان سوچان ٿو سارتري! اوچو سو انسان،

بيهي جيڪو باهه سان، ڪري پاڻ سنان،

گرو تنهنجو گيان، رڳو متيون لوڪ کي“

ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن تاريخي شخصيت کي شعر ۾ بيان ڪرڻ جي اها مراد آهي ته هن جي صحيح تصوير بمع افڪار و نظريات جي آڏو اچي. سارتري بابت اياز جا چيل شعر پڙهي پڙهندڙن کي هن جي شخصيت ۽ نظريه بابت ڪا ڄاڻ حاصل ڪانه ٿي ٿئي. اسان مان سڀني کي خبر آهي ته سارتري عهد جديد جو وڏو فلاسفر ۽ ليکڪ آهي جو جون 1905ع ۾ پئرس منجهه ڄائو هو. هن ڪيترائي ڪتاب ۽ ناول لکيا آهن، کيس 1964ع ۾ لٽريچر جو نوبل پرائيز به مليو هو، جنهن جي وٺڻ کان هن انڪار ڪيو هو. پاڻ صدر جانسن خلاف ويٽنام ٽربيونل ۾ برٽرنڊرسل سان گڏ ميمبر به هو. سارتري ”زيست جي فلسفه“ (Existentialism) جي پرچار ڪري مشهور آهي. هن ان فلسفه جي تشريح لاءِ 1943ع ۾ (Being and nothingness) هڪ ڪتاب لکيو هو. زيست جي فلسفه جو اصل پايو وجهندڙ ڊنمارڪ  جو فلسفي ڪير ڪيگارڊ (Kierkegaard)  هو، جو 1813ع ۾ پئدا ٿيو ۽ 1855ع ۾ وفات ڪيائين. ڪيرڪيگارڊ  ڪٽر مذهبي خيالن جو هو. پر بعد ۾ هن شخص مارٽن هيڊيگر (Marin Heidegger) زور وٺايو. سارتري ته پنهنجي حياتي زيست جي فلاسافي کي مقبول بنائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ ان کي دهريت ۽ الحاد جي بنيادن تي هلايائين جيتوڻيڪ اصل فلسفه جو محرڪ پڪو مذهبي ماڻهو هو.

اياز جي شعر پڙهڻ سان سارتري ۽ سندس فلاسافي بابت ماڻهو لاعلمي ۾ رهي ٿو. اياز جي مقابلي ۾ برصغير جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن شخصيتن متعلق شعر چيا آهن. انهن شعرن کي پڙهي شخصيتن ۽ سندن نظريات متعلق مڪمل تعارف حاصل ٿئي ٿو ۽ شاعر کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مثلاً علامه اقبال مرحوم ڪارل مارڪس متعلق فارسي ۾ چوي ٿو ته:

”صاحب سرمايه از نسل خليل

يعني آن پيغمبر بي جبرئيل

زانڪ حق در باطل او مضمر است

قلب او مومن دماغش ڪافر است“

 مارڪس جي متعلق ٻي هنڌ چوي ٿو ته:

”دين آن پيغمبر ناحق شناس

برمساوات شڪم دارد اساس“

انصاف ڪري ڏسو ته مارڪس جي شخصيت ۽ ان جي نظريه بابت ڪيڏي نه سچي تصوير آڏو اچي ٿي. اهڙيءَ طرح لينن ” خدا ڪي حضور“ واري شعر ۾ ڊاڪٽر اقبال روسي انقلاب جي باني وي. آءِ. لينن جي شخصيت ۽ سندس فڪر جو صحيح نقشو چٽيو آهي ۽ اياز وانگر ڌڪا ڪونه هنيا آهن. مرزا غلام احمد قادياني جي شخصيت ۽ سندس فڪر بابت مولانا ظفر علي خان مرحوم جو هڪ شعر پيش خدمت آهي ان کي پڙهي ڏسو ته مولانا مرحوم ڪيئن نه مرزا صاحب ۽ سندس فڪر کي صحيح نموني بيان ڪيو آهي. مولانا مرحوم فرمائي ٿو ته:

”قاديان پهلـﻶ تو پاپا ڪا بڙا بهائي بنا

پهر وه انگريزون ڪـﻶ گهر ڪا معتبر نائي بنا

مذهبي صرافه مين نرخ اس ڪا گرتا هي گيا

اڪ نيا ڪذاب پئدا جب هوا پنجاب مين

قاديان اس طفل ناهموار ڪا داعي بنا

اپنا اپنا هـﻶ مقدر اپنا اپنا هـﻶ نصيب

ڪوئي مسلمان بن گيا ڪوئي مرزائي بنا“

 نيز ظفر علي وڌيڪ چوي ٿو:

”پئسا تيرا ايمان هـﻶ گالي تيري پهچان هـﻶ

بهتان خدا پر باندهنا تيرﻵ نبي ڪي شان هـﻶ

جو بهي تيرا الهام هـﻶ آورده شيطان هـﻶ-

ڏسو ته مرزا صاحب جي صحيح تصوير ڪيئن نه سامهون اچي ٿي. شاعري ان کي چئبو آهي ۽ هت اسان وٽ شيخ صاحب آهي جو سارتري متعلق اهڙو شعر چيو اٿس، جنهن جي پڙهڻ سان هن جي شخصيت جي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي ۽ سندس هي شعر ته ”بيهي جيڪو باهه سان ڪري پاڻ سنان“ به مهل نظر آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ باهه سان سنان جو محاوره مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي.

اياز جي شاعري ۽ فلسفو

سڀ اديب ۽ نقاد متفق آهن ته هر وڏو شاعر فلاسافر هوندو آهي، مگر هر فلسفي وڏو شاعر نه هوندو آهي. فلسفي ڀل شاعر نه هجي فڪر نه آهي، پر هڪ وڏي شاعر لاءِ فلاسافر هئڻ لازمي آهي. هن سلسلي ۾ مشهور اديب ڪولرج (Coleridge) چوي ٿو ته:

“No man was ever a great poet, without being at the same time a profound philosopher.”

برائوننگ (Browning) ته ان کان وڌيڪ هڪ قدم اڳتي وڌي چوي ٿو ته: ”شاعري جو درجو اول آهي ۽ فلسفه جو بعد ۾، جو شاعري جو اعلى ماحصل ۽ نتيجو آهي.“

“Philosophy first, and poetry, which is its highest outcome, afterwards.”

فلسفه سان شاعري جي تعلق بابت اوڀر توڙي اولهه جا اديب ۽ نقاد يڪ راءِ آهن. مون اياز جي شاعري جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. فلسفه جي مطالعي ڪندڙن کي معلوم ٿي ويندو ته اياز جي شاعري فلاسافي کان خالي آهي ۽ ڪي به فلسفه جا نڪات پڙهندڙن کي ڪونه ٿو سمجهائي. محض ڪهاڙي جي ڳاڙهن ڳنن، لڪن ۽ اڪن جي تپش جي ذڪر سان فلسفو ڪونه سمجهائبو آهي. اياز جي سڀني شعرن پڙهڻ بعد مان ان نتيجي تي پهتس ته موصوف فلسفه جو ڪو مطالعو نه ڪيو آهي. افلاطون کان وٺي برٽرانڊرسل تائين فلسفه سمجهائڻ لاءِ بي نظير ڪتاب شايع ٿيا آهن. خود برٽرانڊرسل (Bertrand Russel)جو ڪتاب ”فلسفه جو خاڪو“   (An out-line of philosophy) موضوع مطابق بهترين ۽ لاجواب ڪتاب آهي. فلسفه جي ڄاڻ نه رکڻ ڪري اياز جو شمار وڏن شاعرن ۾ هرگز ڪري نٿو سگهجي. ان جي مقابلي ۾ هن ننڍي کنڊ ۾ ٻيا وڏا شاعر پئدا ٿيا آهن، جن جي شاعري فلسفيانه نڪات سان مزين آهي. مثلاً علامه اقبال جو مثال وٺي ڏسو. چوي ٿو ته:

”گذر جا عقل سـﻶ آگـﻶ کـه يـه نور

چراغ راهه هين منزل نهين هـﻶ.“

ڏسو شاعر ڪيڏي نه وڏي فلسفيانه ڳالهه ڪئي. سندس هن املهه شعر جو اهي حضرات قدر ڪندا جن يورپ جي بي نظير فلسفي ڪانٽ (Kant) جي ڪتاب (A critique of pure Reason) کي پڙهيو آهي.

”آپنـﻶ جو لانگاهه زير آسمان سمجها تها مين

آب و گل ڪـﻶ کهيل ڪو اپنا جهان سمجها تها مين

ڪاروان تهڪ ڪر فضا ڪـﻶ پيچ و خم مين ره گيا

مهر و ماهه و مشتري ڪو همه عنان سمجها تها مين

عشق ڪي اڪ جستجو نـﻶ ڪرديا قصه تمام

اس زمين و آسمان ڪو بيڪران سمجها تها مين.“

 

اقبال کان سوا  برصغير جا ٻيا وڏا شاعر: غالب، ٽئگور، ۽ لطيف سڀئي فلسفي شاعر آهن. انهن عظيم شاعرن جي شعرن پڙهڻ سان مون کي فلاسافي جي اهم نڪات جي تشريح ملي آهي. مرحوم مولانا علي محمد صاحب ڪاڪيپوٽو ڳڙهي ياسين وارو عربي زبان جو وڏو ماهر هو، ديوبند ۾ پڙهيو ۽ مولانا  انور شاهه ڪشميري جو شاگرد هو. پاڻ علامه اقبال کي فلسفه جا عربي ڪتاب پڙهايائين  ڊاڪٽر صاحب جو اهڙو ڏنل سرٽيفڪيٽ به پاڻ وٽ موجود هئس جو مون کي ڏيکايو هئائون. هڪ دفعي مون کي چوڻ لڳو ته تو متنبي کي پڙهيو آهي؟ مون اثبات ۾ جواب ڏنو ۽ متنبي جا شعر کيس برزبان ٻڌايا. چوڻ لڳو ته متنبي جي متعلق هڪ ڳالهه ياد ڪجانءِ، ته هو وڏو فلسفي به هو. مون کيس جواب ڏنو ته قبله سائين! محققين لکيو آهي ته هر وڏو شاعر فلسفي هوندو آهي ۽ هر فلسفي شاعر نه آهي.“ منهنجو هي جواب ٻڌي مولانا مرحوم محظوظ ٿيو. چوڻ لڳو ته اهو سو في صدي درست آهي.

بحث مان هي نتيجو نڪتو ته اياز جي شاعري ۾ فلسفو موجود نه آهي. ان سبب ڪري هو وڏن شاعرن جي لسٽ مان خارج آهي. محض جويي صاحب ۽ پير حسام الدين راشدي جي پروپئگنڊا ڪري هو عظيم شاعر شمار ٿي نٿو سگهي.

اسلام ۽ شاعري

اياز جي شاعري بابت مون پنهنجا معروضات پيش ڪيا آهن ۽ هينئر ”اسلام ۽ شاعري“ جي موضوع تي به مختصر طور ڪجهه گذارش ڪندس ڇو جو ترقي پسند حلقي ڪافي بدگمانيون ڦهلايون آهن. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم لاءِ فرمائي ٿو ته ”وما علمناه الشعر و ما ينبغي له،“ اسان هن کي شعر نه سيکاريو ۽ نه هي ان جي ڪم ڪرڻ لاءِ آهي. موجوده دور جو هڪ وڏو مفسرِ قرآن پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته ”حضرت عائشه کان پڇيو ويو ته ڇا حضور جن ڪڏهن پنهنجي تقريرن ۾ شعر به استعمال فرمائيندا هئا؟ هن جواب ڏنو ته شعر کان وڌيڪ کين ڪنهن شيءِ کان نفرت نه هوندي هئي. البته ڪڏهن ڪڏهن بني قيس جي شاعر جو هڪ شعر پڙهندا هئا. حضرت ابوبڪر رضه عرض ڪندو هو ته يا رسول الله ائين نه پر هيئن، ته پاڻ فرمائيندا هئا ته مان شاعر نه آهيان ۽ نڪي شعر گوئي منهنجي ڪرڻ جو ڪم آهي.“ جنهن قسم جي مضامين سان عرب جي شاعري لبريز هئي، اهي يا ته شهوانيت يا عشق بازي جا مضامين هئا، يا شراب نوشي، يا قبائلي منافرت ۽ جنگ و جدل جا يا نسلي غرور جا. نيڪي ۽ ڀلائي جون ڳالهيون شاعري ۾ تمام ٿوريون هيون. ڪوڙ، مبالغه، بهتان، اجائي هجو، تعريف، لعن و طعن، ۽ مشرڪانه خرافات ته (عرب جي) شاعري جي رڳ رڳ ۾ ڀريل هيون. ان ڪري نبي صلي الله عليه وسلم ان شاعري متعلق چيو آهي ته ”لان يمتعى جوف احد کم قيحا خير له، ان يمتلي شعراً.“  توهان مان ڪنهن شخص جو خول پونءِ سان ڀرڻ ان کان زياده بهتر آهي جو ان کي شعر سان ڀري ڇڏجي.“ان هوندي به حضور جن جنهن شعر ۾ ڪا چڱي ڳالهه ڏسندا هئا ته پاڻ ڪريم جن ان جو داد به ڏيندا هئا ۽ سندن ارشاد آهي ته ” ان من الشعر الحڪمت“ يعني بعض اشعار حڪيمانه هوندا آهن. (هڪ شاعر) اميه بن ابي صلت جو ڪلام ٻڌي پاڻ فرمايائون ته ”آن شعره و کف قلبہ“ هن جو شعر مومن آهي پر هن جي دل ڪافر آهي. هڪ ڀيري هڪ صحابي حضور جن کي سو جي لڳ ڀڳ عمده عمده اشعار ٻڌايا ته پاڻ چوندا ويا ته ” هيہ“ يعني ”وڌيڪ ٻڌاءِ“

(تفهيم القرآن جلد ٽيون صفحه 548 ڇاپو ستون لاهور)

 تفهيم القرآن جي نقل ڪيل عبارت مان صاف ظاهر آهي ته حضور جن پاڻ عمده عمده اشعار ٻڌايا آهن ۽ ان جي ٻڌائڻ لاءِ وڌيڪ فرمائش ڪيائون. البته اخلاق سوز اشعار کان منع فرمايائون. حضرت حسان بن ثابت رضه حضور جن جو درٻاري شاعر هو. کيس پوري اجازت ڏنائون ته هو ڪفار جي مخالفت وارن شعرن جو جواب شعرن ۾ ڏي. حضرت حسان جي شعرن جو مجموعو ڇپيل شڪل ۾ موجود آهي. حقيقت هي آهي ته اسلام شاعريءَ جي اصلاح ڪئي آهي ۽ ان کي پاڪيزه بنايو آهي.

حضرت عمر رضه ۽ شاعري

حضرت عمر رضه پنهنجي خلافت دوران شاعري جا ڪيترائي عيوب مٽائي، ان کي پاڪيزه بنائي تمام اسلامي سلطنت ۾ شاعري جي تعليم ڏيارڻ لاءِ احڪامات جاري ڪيا هئا. علامه شبلي نعماني حضرت عمر متعلق لکي ٿو ته ”عرب جي اڪثر مشهور شاعرن جو ڪلام کيس گهڻي ڀاڱي ياد هو ۽ سڀني شاعرن جي ڪلام تي هن جا خاص خاص رايا هوندا هئا، اهل ادب عام طور تسليم ڪن ٿا ته پنهنجي زماني ۾ حضرت عمر کان وڌيڪ ڪوئي شخص شعر جو پارکو نه هو. علامه ابن رشيق القيرواني ”ڪتاب العمدت“ ۾ لکي ٿو ته ”و کان من انقد اهل زمانه الشعر و انقد هم فيہ معرفت“ يعني حضرت عمر پنهنجي زمانه ۾ سڀ کان وڌيڪ شعر جو نقاد ۽ ادا شناس هو. جاحظ ڪتاب ”البيان والتبيين“ ۾ لکيو آهي ته ”کان عمر بن الخطاب اعلم الناس بلشعر“ يعني عمر ابن الخطاب پنهنجي زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ شعر جو ڄاڻو هو.“ (الفاروق صفحه 53 مدينه پبلشنگ ڪمپني ڪراچي 1970ع ايڊيشن) مولانا شبلي ان کان پوءِ عرب جي وڏن شاعرن متعلق حضرت عمر رضه جي راءِ نقل ڪري ٿو. لکي ٿو ته حضرت عمر رضه جاهليت جي شاعرن مان زهير کي اشعر الشعراءَ جو لقب ڏيندو هو. علماءَ ادب چون ٿا ته ٽن شاعرن امرءَ القيس، زهير ۽ نابغه کي پڙهي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته انهن مان اشعر الشعراءَ ۽ شاعرن جو سرتاج ڪير آهي؟ پر حضرت عمر رضه زهير کي وڏو شاعر سمجهندو هو.

مولانا شبلي نعماني وڌيڪ لکي ٿو ”علماءِ ادب جو بيان آهي ته حضرت عمر جو شعر متعلق حافظي جو هي حال هو جو جڏهن ڪوئي معاملو فيصل ڪندو هو ته ضرور ڪوئي شعر پڙهندو هو. جنهن قسم جا اشعار پسند ڪندو هو، اهي فقط خودداري، آزادي، شرافت، نفس، غيرت، ۽ عبرت جي مضمونن متعلق هئا. ان ڪري فوجي آفيسرن ۽ ضلعي حاڪمن ڏانهن حڪم موڪليائين ته ماڻهن کي شعرن ياد ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو. ابو موسيٰ  اشعري ڏانهن هي فرمان موڪليائين ته ”مر من قبلک بتعلم الشعر فانه يدل على معال الاخلاق و صواب الراي و معرفت الانساب“. ماڻهن کي اشعار ياد ڪرڻ جو حڪم ڏيو ڇاڪاڻ ته اهي اخلاق جي بلند ڳالهين، صحيح راءِ، ۽ انساب ڏانهن رستو ڏيکارين ٿا. سڀني ضلعن ۾ حضرت عمر رضه هي حڪم موڪليو جنهن جا هي الفاظ هئا. ”علموا اولاد کم العوم والفوسيته ورؤ وهم ماسار من المثل و حسن من الشعر“  يعني پنهنجي اولاد کي ترڻ، ۽ گهوڙي سواري سيکايو ۽ چڱا شعر ياد ڪرايو“ (الفاروق ص 578)

عهد فاروقي ۾ شعر جي اها حيثيت هئي. هتي ايتري گنجائش نه آهي جو مان اسلامي سلطنتن ۾ علم شعر جو مڪمل جائزو وٺان. مختصراً هي عرض ڪندس ته شاعري کي هڪ پاڪيزه فن سمجهي ان کي باقي رکيو ويو. اسان جا اولياءِ، صوفياءِ ڪرام ۽ صلحاءِ امت شعر کي پسند ڪندا هئا ۽ ڪيترا ته انهن مان وڏا شاعر ٿيا آهن. بادشاهانِ وقت پنهنجي اولاد  کي شعر جي باقاعده تعليم ڏيندا هئا. ابن خلدون لکي ٿو ته بني اميه ۽ بنو عباس جي سلطنتن ۾ شاعري جو زور رهيو. حضرت علامه صاحب خليفه هارون الرشيد متعلق لکي ٿو ته ”ذوا عقد الفريد“ کي کڻي ڏسو ته شعر و شاعري متعلق هارون الرشيد ۽ مشهور اديب اصمعي جي وچ ۾ ڪيڏا نه عالمانه بحث ٿيندا هئا. هن مان صاف پتو پوي ٿو ته فن شاعري ۾ هارون الرشيد جي نظر ڪيتري نه ڳوڙهي هئي. هارون جو حافظو ڪيڏو نه زبردست هو. نه فقط ايترو پر چڱي ۽ خراب شعر جي پرکڻ لاءِ هو نقادانه طبيعت رکندو هو“ (مقدمه ابن خلدون ص 552).

اسان اها به وڌيڪ دعوى ڪري سگهون ٿا ته عورتن مان وڌ ۾ وڌ شاعره اسان ۾ پئدا ٿيون آهن. عربي ڪتاب ”شاعرات العرب ۽ بلاغات النساءِ“ پڙهي ڏسو. حيرت ٿي وٺي ته عورتون به ڪيڏيون نه فصيح ۽ بليغ هيون. هنن جو شعر پاڪيزه ۽ فڪر سان لبريز آهي. هندستان جي مغل سلطنت ۾ سندن شهزاديون بي نظيره شاعر هيون. خاص طرح شهنشاه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءَ جي شاعري مشهور آهي. سندس تخلص مخفي هو، سندس ديوان ڇپيل آهي.

اسان تي ڪوڙو الزام هنيو ٿو وڃي ته اسين شاعريءَ جا مخالف آهيون. البته اخلاق کان ڪريل ۽ خدا کان بغاوت واري شاعري بڪواس آهي، جنهن جي اجازت هرگز نه ٿي ڏئي سگهجي.

شيخ اياز ۽ ڀٽائيءَ جو اردو ۾ منظوم رسالو

سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده وائيس چانسلر جناب شيخ اياز صاحب جي ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ تي مون علمي تنقيد ڪئي هئي جا ٻن قسطن ۾ رهبر ڊائجيسٽ ۾ شايع ٿي هئي. (ملاحظه ٿئي رهبر آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1975) مون ان ۾ اياز جي ڊائري ۽ شاعري تي بحث ڪيو هو. مون ناقابل ترديد حقائق سان ثابت ڪيو ته شيخ صاحب جي اها دعويٰ غلط آهي ته سندس ڊائري جيل ۾ لکي وئي، پر اها ڪتاب شايع ڪرڻ وقت سپرد قلم ٿي. خدا جو شڪر آهي جو اهل سنڌ ۾ منهنجي هيءَ تنقيد بي حد مقبول ٿي. نه فقط ساڄيءَ ڌر وارن پر کاٻي ڌر جي اديبن ۽ ليکڪن به ان کي بيحد پسند ڪيو. اياز جي شاعري بابت به مون مختصر طور لکيو هو. مون ثابت ڪيو ته اياز جي شاعري موزون ڪلام نه آهي، ان ۾ محاوره، استعاره، تشبيهون وغيره غلط آهن ۽ سندس شعر جي الفاظ ختم ٿيڻ سان معنى ذهن نشين نه ٿي ٿئي. مون پنهنجي تائيد ۾ دنيا جي هڪ مڃيل عالم، فلاسافر ۽ مؤرخ علامه عبدالرحمان ابن خلدون جي مقدمه مان حوالا پيش ڪيا ۽ ان جي روشنيءَ ۾ شيخ اياز جي شاعري جو جائزو پيش ڪيو. الحمدلله جو مون حقير جي هيءَ ڪوشش به اهل  علم کي بي حد پسند آئي. پر مون کي نهايت ئي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خود محترم شيخ صاحب جن منهنجيءَ تنقيد مان سخت خفا ٿيا ۽ سکر ۾ منهنجي هڪ دوست جي موجودگيءَ ۾ بدشد ڳالهائڻ لڳو. پنهنجن نظرياتي مخالفن لاءِ بدڪلامي ڪرڻ اياز صاحب کي هرگز نٿي جڳائي. جي ماڻهو مون کي سڃاڻن، انهن کي خبر آهي ته مان ڪنهن کي بدشد ڳالهائڻ جو تصور به نٿو ڪيان. مان اعتراف ٿو ڪريان ته جيتوڻيڪ منهنجي تنقيد غير مهذب ڪانه هئي، پر اها ٿوري سخت ضرور هئي.

اهل علم ته هميشه تنقيد جو خير مقدم ڪندا آهن ۽ ان تي هو خوش ٿيندا آهن. تنقيد مان مراد علمي پرک آهي ۽ نه گاريون گند يا شخصي حملا. دنيا جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو جن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو، سي پڻ پنهنجي مٿان تنقيد جو خير مقدم ڪندا هئا. اهڙن ڪيترن ئي انسانن جا نالا اسان کي ملن ٿا، پر خاص طور هتي ٻن نامور سائنسدانن جي زرين مثالن کي بيان ڪندس.

تنقيد بابت آئن اسٽائن ۽ جارج گيمو جي روش

محترم شيخ اياز صاحب عظيم ترين سائنسدان آئن اسٽائن جو نالو ضرور ٻڌو هوندو، جنهن مارچ 1955ع ۾ وفات ڪئي. سندس موت تي تعزيتي بيان جاري ڪندي برٽرانڊرسل چيو هو ته ”آئن اسٽائن جي مرڻ کان پوءِ پوري سائنسي دنيا يتيم ٿي وئي.“

(The whole scientific world has been orphaned)

هندستان ۾ اخباري رپورٽرن جي اطلاع مطابق وزيراعظم جواهر لال نهرو آئن اسٽائن جي موت جي خبر ٻڌي ذري گهٽ پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو. هن عظيم سائنسدان کي خراج عقيدت پيش ڪندي، نهروءَ اهي ساڳيا الفاظ چيا، جي هن جنوري 1948ع ۾ مهاتما گانڌي جي موت تي پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي چيا هئا. يعني ته ”زندگي ختم ٿي وئي ۽ روشني وسامجي وئي.“

“The life is out, the light is out.”

تازو مسٽر رونالڊ- ڊبليو ڪلارڪ (Rownald W.Clark) آئن اسٽائن جي سوانح حيات تي ”آئن اسٽائن، سندس زندگي ۽ زمانا “Einstein, the life and times” نالي هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو. هن ڪتاب مان هڪ ٽڪرو شيخ صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو. پاڻ ان کي پڙهي حيرت زده ٿي ويندو. ڏسو ته دنيا جي هن عظيم انسان پاڻ تي تنقيد جو ڪيئن نه خنده پيشانيءَ سان خير مقدم ڪيو. مسٽر رونالڊ لکي ٿو ته:

”جرمنيءَ ۾ هڪ تنظيم پئدا ٿي هئي، جنهن نظريه اضافيت کي هڪ سامي نسل جي سازش قرار ڏيندي، ان تي جلهون ڪيون. سندن چوڻ هو ته هي نظريه محض دنيا کي بگاڙڻ لاءِ پيش ڪيو ويو. تنظيم وارن 1920ع ۾ جرمنيءَ جي فلهار مونڪ هال ۾ آئن اسٽائن ۽ سندس نظريه اضافيت خلاف هڪڙي ميٽنگ ڪوٺائي هئي جنهن ۾ هو پاڻ به شريڪ ٿيو. آئن اسٽائن هڪڙي هنڌ ويهي ظاهراً موجون ماڻيندو رهيو. لغو ۽ نامعقول ڳالهين تي آئن اسٽائن کل ۾ ويڙهجي ويو ۽ اتي هال ۾ اظهار مسرت وچان تاڙيون وڄائيندو رهيو ۽ تعريف ڪندو رهيو.“

“An organization arose in germany attacking relativity as a part of semitic plot to corrupt the world. When in 1920, it thired the Berlin Philharmonic Hall for a demonstration against both relativity and Einstein, he went to the meeting. He sat in a box, obviously enjoing himself. Al clappingabsurd statements. He could be seen bursting into laughter and his hands in applause” (P-138)

اندازو لڳايو ته هي ڪيڏو نه سبق آموز واقعو آهي. ميٽنگ به آئن اسٽائن خلاف ڪوٺائي وئي ان ۾ هي عظيم انسان پاڻ شريڪ ٿيو ۽ تاڙيون وڄائيندو رهيو ۽ تنقيد نگارن کي داد ڏيندو رهيو. عظمت ان جو نالو آهي ۽ شيخ اياز به تنقيد جي معاملي ۾ اهڙن شخصن جي نقش قدم تي هلي تاريخ ۾ نالو ڪڍرائي سگهي ٿو. باقي پنهنجن نقادن کي بدشد ڳالهائيندڙ اشخاص ڪڏهن به تاريخ ساز نه ٿيندا آهن.

ٻيو وڏو مثال مشهور ارضياتي سائنسدان جارج گيمو (Gamow) جو آهي. هن جي ڪتاب ”زمين جي سوانح The biography of Earth“  تي مسٽر هولمس (Holmes) نالي هڪ شخص تنقيد ڪئي هئي، جا حق پرست گيمو کي ايتري ته پسند آئي، جو پنهنجي ڪتاب جو نالو بدلائي ان کي پنهنجي نقاد ڏانهن منسوب ڪيائين. گيمو لکي ٿو:

“And I take pleasure in dedicating this volume to professor Holmes of with whom I had a friendly correspondence following the appearance his review.” (Preface a planet called Earth by George Gamow.)

ياد رهي ته گيمو وڏن سائنسدانن مان هڪ آهي. هن کي 1956ع ۾ يونيسڪو طرفان سائنسي خدمات ڪري انعام مليو هو. گيمو وڏ ظرف ۽ اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي نقاد ڏانهن ڪتاب کي منسوب ڪيو. مون کي پنهنجي مطالعي دوران اهڙا ڪيئي مثال نظر مان گذريا آهن.  قوي اميد آهي ته محترم شيخ صاحب جن جو رويو به پنهنجن نقادن ڏانهن دوستانه ۽ مشفقانه رهندو.

شيخ اياز ۽ سندس نئون عهدو

شيخ اياز صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. سندس هن نئين عهدي تي وڏو شور مچي ويو ۽ ٻنهي طرفن کان بيان بازي شروع ٿي وئي ۽ اڃا تائين جاري آهي. خود وزيراعظم صاحب به پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي مخالفن کي جواب ڏنو. مسٽر اياز صاحب جي تقرر بابت سياسي بيان حمايت توڙي مخالفت ۾ ڪڍيا ويا آهن. منهنجو انهن سان ڪو واسطو ڪونه آهي، ڇو جو سياسي معاملات کي نبيرڻ سياستدانن جو ڪم آهي ۽ اسان لاءِ سياست شجر ممنوع جي حيثيت رکي ٿي. البت علمي معاملن بابت هتي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي. مثلاً محترم شيخ صاحب جن جي مخالفن مان اهو آواز به اٿيو ته موصوف کي تعليم کاتي جي انتظامي معاملات جي ڪابه خبر ڪانه آهي ۽ علمي صلاحيت کان به محروم آهي. شيخ صاحب جي دفاع ۾ ڪراچي مان ڊاڪٽر عاليه امام وارن مخالفن جي مٿن اعتراضن جو موزون جواب ڏنو. سندن چوڻ آهي ته جسٽس ايس. اي رحمان کي به ڪو تعليمي تجربو ڪونه هو، پر ان جي باوجود کيس پنجاب يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو. جسٽس ايس. اي رحمان ( شيخ عبدالرحمان) پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو رٽائر ٿيل چيف جسٽس آهي ۽ هو شيخ مجيب خلاف اگر تلا سازش ڪيس ۾ ٽربيونل جو هيڊ هو. شيخ عبدالرحمان هڪ علمي شخصيت جو مالڪ آهي. هن علامه اقبال رحه جي فارسي منظوم ڪتاب ”جاويد نامه“ جو انگريزي ترجمو (Pilgermage to eternity)  نالي سان ڪيو. ڏسڻ ۾ ايندو ته رحمان جسٽس کي نه فقط فارسي زبان تي وڏو عبور حاصل آهي، پر هو انگريزي زبان جو به وڏو ماهر آهي. شيخ اياز صاحب به لطيف جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪيو آهي ۽ اهو يونيورسٽي پريس مان شايع ٿيو آهي.

محترم پير حسام الدين راشدي پنهنجي تعارفي نوٽ ۾ چيو آهي ته شيخ اياز صاحب پنهنجن مصروفيتن جي باوجود وقت بچائي محبت، محنت ۽ وڏي عرق ريزي ۽ سليقي سان هن ترجمي جي مشڪل ڪم کي اختتام تي پهچايو. هتي سندس منظوم اردو ترجمي جو علمي جائزو پيش ڪندس.

لطيف، تصوف ۽ شيخ اياز

”شاهه ڪي متصوفانه نظريات اور سماجي پس منظر“ جي عنوان سان شيخ اياز صاحب لکي ٿو ته:

”ڊين انج (Dean Inge) جو چوڻ آهي ته تصوف هر مذهب جي ڪچي مواد جو هڪ حصو آهي.

(Mysticism is a part to the raw material of every religion.)

هن ڪچي مواد جو سراغ تمام الهامي ڪتابن ۾ به ملي ٿو ۽ انهن معجزن، ڪشفن ۽ ڪرامتن ۾ به جي مذهبي پيشوائن  ۽ خدا رسيده بزرگن ڏانهن منسوب آهن. شاهه جي عملي زندگي سان ڪيتريون ئي اهڙيون ڪرامتون وابسته ڪيون وڃن ٿيون جي هن جي فوق البشر هجڻ جي جواز ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون. سردست مون کي اهڙين ڪرامتن جي صحيح يا غلط هجڻ سان واسطو نه آهي. ڪي افسانا حقيقت کان زياده دلچسپ هوندا آهن. في الحال اهڙن ئي دلچسپ افسانن جي مجموعي تاثر مان مون شاهه جي متعلق هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته تصوف شاهه ۽ شاهه جي عارفانه ڪلام لاءِ فخر جو باعث نه آهي، پر شاهه ۽ ان جو ڪلام تصوف لاءِ باعث فخر آهي.“ (صفحه21).

جواب ۾ گذارش ڪندس ته تصوف  بابت  ڊين انج جي مٿي نقل ڪيل راءِ جاهلانه آهي. ڊين انج معروف شخصيت به نه آهي. سخت حيرت ٿي وٺي ته اهڙي نامعلوم مصنف جي راءِ سان شيخ اياز ڪيئن اتفاق ڪيو آهي؟ ۽ شيخ صاحب جو اهو چوڻ ته تصوف جهڙي ڪچي مواد جو سراغ سڀني الهامي ڪتابن ۾ ملي ٿو، سؤ في صدي غلط ۽ گمراه ڪن آهي. اسان جي الهامي ڪتاب قرآن مجيد ۾ ڪنهن خام يا ڪچي مواد جي هجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. صاف ظاهر آهي ته محترم اياز صاحب اسلامي تصوف جو ڪو مطالعو ئي ڪونه ڪيو آهي. تصوف جهڙي متبرڪ علم کي خام مواد سڏڻ وارا پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. اسان جي مذهب ۾ تصوف ان جو خام مواد نه آهي، پر ان جو روح آهي. پوئينءَ صديءَ ۾ خود يورپ جي عالمن ۽ اسڪالرن صوفي فڪر جو مطالعو ڪيو ۽ هو ان نتيجي تي پهتا ته تصوف جو سراغ قرآن ۽ سنت نبوي ۾ ملي ٿو. ڊين انج جهڙي هڪ مجهول شخص جي راءِ ميٽڻ لاءِ مشهور فرينچ اسڪالر مئسگنن (Massignon) جو هڪ قول تصوف بابت پروفيسر هئملٽن گب (Gibb) جي ڪتاب مان نقل ڪجي ٿو.

گب لکي ٿو ته ”پروفيسر مئسگنن پراڻي اسلامي تصوف جي سڄي فيلڊ جو عالمانه سروي ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته صوفي تحريڪ قديم مسلم زهد ۽ تقويٰ جي سڌيءَ طرح پئداوار آهي ۽ ان جو سرچشمو وري قرآن مجيد ۽ نبيءَ جو عمل آهي.“

Professor Massignon, in a brilliant survey of the whole field of early Islamic mysticism, has sought to prove that the mystical movement was the direct heir of Primitive Muslim asceticism, itself derived from the Koran and the Practice of the Prophet. (Mohammedanism. P-100, Mentor Book Publication 1955 ED).

ثابت ٿيو ته اسان جي مذهب ۾ علم تصوف هڪ خام مواد نه آهي، جيئن شيخ اياز يقين ڪري ٿو. شيخ صاحب جي وڌيڪ اڻڄاڻائي ملاحظه ڪيو جو معجزن، ڪشفن، ۽ ڪرامتن جي ظهور کي ئي تصوف سمجهي ٿو، جيئن مٿي سندس عبارت نقل ڪئي وئي. ان مان به سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن علم تصوف جو ڪو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي. علم تصوف ڇاکي چئجي ۽ ان جي تشريح ڪهڙي آهي؟ هن سوال جي جواب ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جو انهن جو لحاظ ڪرڻ به مشڪل آهي. شايد سڄي عمر ڪو شخص فقط تصوف جا ڪتاب پڙهي تڏهن به سڀ ڪتاب پڙهي نه سگهندو. هتي علم تصوف بابت مشهور  مسلمان عالم، فلاسافر ۽ تاريخدان علامه ابن خلدون جي راءِ نقل ڪجي ٿي. موصوف پنهنجي مقدمه ۾ لکي ٿو ته ”اسلام ۾ پئدا ٿيندڙ شرعي علمن مان تصوف جو علم به آهي. دراصل تصوف جي طريقي کي سلف ۾ وڏن وڏن صحابين ۽ تابعين ۾ ۽ ان کان بعد ۾ اچڻ وارن ۾ حق ۽ هدايت جو طريقو سمجهيو ويندو هو. تصوف جو بنيادي اصول عبادت کي چهٽڻ، دنيا کان ڪٽجي الله سان لنؤ لڳائڻ، دنيا جي زيب و زينت کان منهن موڙڻ ۽ عوام جن شين تي موهجي وڃن ٿا، يعني ته طرحين طرحين دنوي لذتون مال ۽ جاه کان بچڻ ۽ عبادت لاءِ دنيا کان علحده ٿي گوشه نشيني اختيار ڪرڻ آهي. هي طريقو صحابه ڪرام ۽ سلف ۾ عام طور رائج هو. ٻي صدي يا ان کان پوءِ ايندڙ  صدين ۾ عام طرح انسان پڌري پٽ دنيا جي طرف مائل ٿيڻ لڳا ۽ دنيا جي اندر گهڙي ڦاسي پيا، ته اهڙي دور ۾ عبادت ۾ مصروف رهڻ وارن کي صوفي يا متصوف ڪوٺيو ويو. امام قشيري رحه فرمائين ٿا ته عربي  زبان ۾ تصوف جي اشتقاق جو ڪو پتو ڪونه ٿو پوي ۽ نه ڪي ان معاملي ۾ قياس اسان جي مدد ڪري ٿو. ڏسڻ ۾ ته لفظ صوفي هڪ لقب معلوم ٿئي ٿو. ڪن جي چوڻ مطابق هي لفظ صفا يا صفہ مان ٺهيو آهي. پر لغوي قياس ان جي تائيد نٿو ڪري. ڪي ٿا وري چون ته اهو صوف (اُن) مان ٺهيو آهي، مگر هي پڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته فقط صوفي ئي هن لباس سان مختص ڪونه هوندا هئا. منهنجي خيال ۾ اشتقاق جي صحت جي لحاظ کان زياده هي ظاهر آهي ته هي صوف مان ئي ٺهيو آهي. ڇاڪاڻ ته صوفين مان ڪيترائي شخص خاص طرح اهوئي لباس پهريندا هئا ڇاڪاڻ ته پوشاڪ جي معاملي ۾ عوام جي مخالفت ڪندا هئا جو عوام وڏائي ۽ ٺاٺ وارا ڪپڙا زيب تن ڪندا هئا. ان سبب ڪي حضرت صوفياءَ بالڪل سادو، ٿلهو ۽ ان جي پوشاڪ استعمال ڪندا هئا. پوءِ جڏهن صوفي زهد و پارسائي، گوشه نشيني ۽ دنيا کان ڪٽجي عبادت لاءِ مخصوص ٿي ويا ته لامحاله خاص علمن جو انهن تي فيض ٿيڻ شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته انسان انسان جي حيثيت سان حيوانات کان ادراڪ ۽ سمجهه ڪري ئي مختلف آهي.“ (مقدمه ابن خلدون حصه ٻيو صفحه 422 مترجم مولانا راغب رحماني ڪراچي طبع اول)

علم تصوف جي تدوين ڪيئن ٿي؟ ان جو جواب ڏيندي علامه رحمته الله عليه جن لکن ٿا ته:

”پوءِ جڏهن علمن جي تدوين شروع ٿي ۽ انهن تي ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا ته عالمن فقهه، اصول فقهه، علم ڪلام ۽ تفسير وغيره تي ڪتاب لکيا ته صوفين به پنهنجي طريقي سان ڪتاب لکيا. ڪن زهد ۽ محاسبه نفس تي ڪتاب لکيا ته ڪهڙين ڳالهين کي ڇڏي ڏجي ۽ ڪهڙين کي وٺڻ گهرجي. جيئن قشيري رحمته الله عليه الرسالته  ۾ لکيو ۽ سهروردي مرحوم عوارف المعارف  ۽ اهڙن ٻين مصنفن ڪتاب لکيا هئا. امام غزالي رحمته الله عليه احياءَ  علوم ۽ زهد ۽ اقتداءَ ٻنهي جا احڪام جمع ڪيا ۽ صوفين  جا آداب ۽ طريقا بيان ڪيا ۽سندن ئي عبادتن مان انهن جي اصطلاحات جي وضاحت ڪئي. ان نموني اسلام ۾ تصوف جو علم ٻين علمن وانگي هڪ ڪتابي فن بڻجي ويو جڏهن ته پهريائين فقط عبادت جو طريقو هو ۽ تصوف جا احڪام سينه به سينه ملندا هئا.“ (صفحه 424).

حقيقت هي آهي ته پهريون ڪتاب جو علم تصوف بابت عربي زبان ۾ لکيو ويو هو شيخ ابو نصر سراج جو ”ڪتاب اللمع“ آهي جو ٽين صدي هجري جي آخر ۾ مصنيف ٿيو. مصنف جو سڄو نالو عبدالله بن علي بن محمد بن يحيٰ  ابو نصر سراج هو. اڄ کان پنجاهه سال اڳ دنيا فقط هن ڪتاب جي نالي کان آشنا هئي ۽ ان کي پروفيسر نڪلسن صاحب 1914ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. شيخ سراج جو وطن طوس هو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. تصوف جي علم بابت عربي زبان ۾ ٻئي نمبر تي پراڻو ڪتاب قشيري جو ”رسالته القشيريه في علم التصوف“ آهي جو 437 هجري ۾ لکيو ويو. مصنف جو پورو نالو امام ابو القاسم عبدالڪريم بن هوازن القشيري جو 376 هجري ۾ خراسان ۾ ڄائو ۽ 465هجري ۾ نيشاپور منجهه وفات ڪيائين. فارسي زبان ۾ تصوف جو قديم ترين موجود ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ آهي جو 450 هجري ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جي مصنف جو سڄو نالو شيخ علي بن عثمان هجويري آهي جنهن کي عام طرح داتا گنج بخش به ڪوٺين ٿا. سندن اصل وطن غزني (افغانستان) هو ۽ اتان جي ٻن ڳوٺن هجوير ۽ جلاب ۾ رهيا. آخري عمر ۾ اچي لاهور ۾ رهيا، جتي وفات ڪيائين ۽ اڄ تائين پري پري کان زائرين ڪهي اچي سندس مقبري تي حاضري ڏيندا آهن. پاڻ حسني سيد هو ۽ 465هجري ڌاران رحلت ڪيائين. ڪشف المحجوب جو انگريزي ترجمو پروفيسر نڪلسن صاحب گب مموريل سيريز ۾ شايع ڪيو آهي.

 تصوف جي هن مختصر تشريح مان قارئين کي پتو پيو ته هن علم جو چرچو صحابه ڪرام، تابعين ۽ تبع تابعين ۾ رهيو. هن جو اصل مقصد آهي ته عبادت تي ڄمي رهڻ لذات ۽ زخرف- دنيا کان منهن موڙڻ ۽ عبادت لاءِ دنيا کان علحده ٿي گوشه نشيني اختيار ڪرڻ وغيره. محترم شيخ اياز صاحب تصوف کي خام مال سڏي اسان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حضرت لطيف بابت وڌيڪ لکي ٿو ته :”مون شاهه جي متعلق هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته تصوف شاهه ۽ شاهه جي عارفانه ڪلام لاءِ فخر جو باعث نه آهي، پر شاهه ۽ ان جو ڪلام تصوف لاءِ باعث فخر آهي.“ شاهه جي متعلق شيخ اياز صاحب جي هيءَ راءِ غلط، ناانصافي  ۽ تصوف بابت عدم معلومات تي مبني آهي. مان وڌيڪ عرض ڪندس ته شاهه جو ڪلام عارفانه ئي تصوف ڪري آهي.

شاهه جو شعر، تصوف ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي

تصوف ۽ شاهه جي ڪلام بابت محترم شيخ اياز جي راءِ تي مٿي تبصرو ڪيو ويو. پنهنجي دليل جي اثبات ۾ شاهه جي رسالي جي وڏي شارح ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي راءِ نقل ڪجي ٿي. سنڌ جو نامور اديب، عالم ۽ محقق مرحوم مولانا دين محمد وفائي به ڊاڪٽر گربخشاڻي جي علم ۽ محنت جي تعريف ڪئي آهي. مولانا لکي ٿو ته ”رسالي جو مقدمو يا مهاڳ ايڏو ته عالمانه انداز جو لکيائين جو سندس قابليت جو قدر ٿيڻ لڳو ۽ پهريون جلد هٿ و هٿ کڄڻ لڳو.“ (شاهه جي رسالي جو مطالعو از مولانا وفائي ڇاپو ٻيو صفحو 168 وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي)  ڊاڪٽر گربخشاڻي جو مقدمو بيشڪ تعريف جي مستحق آهي، شاهه جي ڪلام ۾ تصوف بابت آنجهاني ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: تصوف شاهه جي شعر جي گويا تانڃي ۽ پيٽو آهي، يا جيڪر تصوف، شاهه جي شاعراڻي عمارت جو مکيه پايو ڪري چئجي. جيتوڻيڪ سندس شعر جا مضمون علحده علحده آهن، تڏهن به تصوف هڪ سر وانگر آهي، جنهن تي اهي مضمون موتين جيان مڙهيل آهن. اهڙي صنعت ۽ جدت سان شعر جي پلٽ ڪئي اٿس، جو ظاهريءَ طرح مضمون جي ڪثرت پئي معلوم ٿئي، مگر اندروني طرح مڙئي وحدت سندس صوفيائي خيال جو نتيجو آهي. ڪن ڪن سرن ۽ بيتن ۾ تصوف دونهين جيان دٻيو پيو آهي، پر ڪن ڪن ۾ ته ڀڙڪو ڏيو ڀنڀٽ ڪيو وجهي.“ (شاهه جو رسالو مقدمه از ڊاڪٽر گربخشاڻي اداره آواز ادب حيدرآباد ڇاپو ٻيو 1967ع ايڊيشن صفحو 84)

اڳتي هلي ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته”صوفياڻو شعر رسالي ۾ جا بجا ٽڙيو پکيڙيو پيو آهي. اهو ڪو سر نه آهي، جنهن ۾ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح، ظاهري باطني نموني ۾ منظوم ٿيل نه آهي.“ (صفحه 87)

ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙي هڪ فاضل شخص جي بيان مان ظاهر آهي ته تصوف شاهه جي ڪلام ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جو روح آهي.  تصوف ڪري ئي شاهه جو ڪلام عارفانه آهي. ان ڪري شيخ اياز صاحب جو شاهه جي شعر بنسبت مٿي نقل ڪيل رمارڪ غلط ۽ خلاف حقيقت آهي. اها شاھ جي ڪلام جي اهميت کي گهٽائڻ جي هڪ ڪوشش آهي جا محترم شيخ صاحب جن کي هرگز نه جڳائي.

شيخ اياز ۽ ڊين انج (Dean Inge) جو غلط حوالو

جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته تصوف بابت مسٽر شيخ اياز ڊين انج جو هي انگريزي جملو نقل ڪيو آهي ته:

“Mysticism is a part to the raw material of every religion.”

پاڻ ان جو ترجمو اردو الفاظ ۾ هن ريت ڪري ٿو ته ”ڊين انج کا کهنا هـﻶ کـﻶ تصوف هر مذهب کـﻶ خام مواد کا ايک حصه هـﻶ.“(صفحه 21)

منهنجو پهريون اعتراض آهي ته محترم اياز صاحب ڊين انج جي ڪتاب جو ڪو حوالو ڪونه ڏنو آهي، جنهن تان ڀيٽائي خاطري ڪجي ته اقتباس صحيح آهي يا غلط.  هن تنقيدي مضمون لکڻ وقت مون کي خيال آيو ته ڊين انج هڪ غير معروف اهل قلم ته ضروري آهي، پر مون ڪنهن ڪتاب ۾ ان جو نالو ضرور پڙهيو آهي. حافظي تي زور ڏيڻ سان مون کي ان جو سراغ ملي ويو. ياد پيم ته ڊاڪٽر سورلي صاحب پنهنجي انگريزي ڪتاب ”ڀٽ جو شاهه عبداللطيف“ (Shah Abdulatif of Bhit)  ۾ ڊين انج جي ڪنهن ڪتاب مان حوالا ڏنا آهن. پڪي خاطري ڪرڻ واسطي ڊاڪٽر صاحب جو اصل ڪتاب ڏٺم. حيراني وٺي ويم ۽ افسوس به ٿيم ته شيخ اياز ڊين انج جي لفظن کي حذف ڪري پنهنجا لفظ شامل ڪري مٿيون انگريزي جملو گهڙيو آهي. جن سڄڻن وٽ ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب موجود هجي اهي پاڻ ڀيٽائي پڪ ڪري سگهن ٿا. ڊين انج جو مٿيون حوالو سورلي هيٺينءَ ريت نقل ڪري ٿو:

“ To quote Dean Inge once again:” “The Phase of thought or feeling which we call mysticism has its origin in that which is the raw material of all religion.”

(P.237, Oxford University Press Pakistani Branch 1966 ED.)

واضح هجي ته راقم الحروف وٽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب جي 1966ع واري ايڊيشن موجود آهي. مٿيون حوالو صفحه 237 تي باب پنجون بعنوان (The mystic vision) مان نقل ڪيو ويو آهي.

هاڻي اسين شيخ صاحب کان پڇڻ جو حق رکون ٿا ته ڊين انج جي اوهان جي نقل ڪيل انگريزي عبارت. سندس اصل عبارت کان روپيه مان پندرهن آنه مختلف ڇو آهي؟ اڃا حوالو اڳتي به هلي ٿو جيئن ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب مان ظاهر آهي. شيخ اياز پهريون غضب هي ڪيو جو ڊين انج جو سڄو حوالو نه ڏنو، پاڻ جو ڪجهه نقل ڪيو اٿس اوهان ڏٺو ته اهو اصل کان ڪلي طور مختلف آهي. ڊاڪٽر سورلي صاحب مٿيون حوالو ڊين انج جي ڪتاب ”مسيحي تصوف“ (Crystian mysticism) جي صفحي پنجين تان ڪوريو آهي. ظاهر آهي ته انج مذهب مان مراد عيسائي مذهب وٺي ٿو ۽ نه هر مذهب (Every Religion) جو.

هاڻي ڊاڪٽر سورلي صاحب جي ڪتاب مان ڊين انج جي نقل ڪيل عبارت جو سنڌي ترجمو هن طرح ٿيندو ته:

”ادراڪ يا احساس جي حالت، جنهن کي اسين تصوف ڪوٺيون ٿا، ان جي اصليت سموري مذهب جي خام مواد ۾ آهي.“

ان جو وري اردو ترجمو هي آهي ته:

”ادراک يا احساس کي حالت جسـﻶ هم تصوف کهتـﻶ هين، اس کـي اصليت پوري مذهب کـﻶ خام مواد مين هـﻶ.“

پاڻ انصاف ڪيو ته محترم شيخ صاحب جن جي انگريزي عبارت (ڊين انج جا الفاظ) ۽ ان جو اردو ترجمو ڊين انج جي اصل انگريزي عبارت ۽ ان جي مٿي نقل ڪيل اردو ترجمي کان ڪيترو نه مختلف آهي. ڊين انج اهي لفظ به عيسائي مذهب لاءِ چيا ۽ نه سڀني مذهبن لاءِ. شيخ صاحب مون کي معاف ڪري، هي صريحاً علمي بدديانتي آهي. مون کي اهو به پتو آهي ته هو هن قسم جي جائز تنقيد تي به چڙندو آهي. پر  مان به سچ چوڻ تي مجبور آهيان ۽ پنهنجو مسلڪ اهو آهي، جو علامه اقبال مرحوم بيان ڪيو آهي ته:

اپنـﻶ بهي خفا مجهه سـﻶ هين، بيگانـﻶ بهي ناخوش،

مين زهر هلاهل ڪو ڪبهي ڪهه نه سڪا قند.

مسٽر شيخ اياز سنڌ جي پوڙهي جهور سياستدان محترم جي. ايم. سيد جي شان ۾ ڪيترائي قصيده چيا آهن. کيس گهرجي ته هو سيد جي عملي زندگيءَ مان به سبق پرائي.سيد ته پنهنجي نقادن کي اف به نه چوندو آهي ۽ انهن جي تعميري تنقيد تي خوش به ٿيندو آهي. سيد صاحب کي پنهنجن نقادن لاءِ نيڪ تمنائون هونديون آهن ۽ اياز صاحب وانگي انهن کي بدشد ڪونه ڳالهائيندو آهي. علمي تنقيد جو جواب علمي دليلن سان ئي ڏبو آهي. بدشد ڳالهائڻ مان اها مراد وٺبي ته اوهان علمي جنگ هارائي آهي. شيخ صاحب يونيورسٽيءَ ۾ چارج وٺڻ شرط هڪ پريس بيان جاري ڪيو ته هو بنيادي طور شاعر آهي ۽ هڪ شاعر انسان دوستي کان سواءِ ٻي ڪا تمنا يا جذبو نٿو رکي. اها به انسان دوستي آهي ته ٻئي جي عزت ۽ احترام ڪجي ۽ ڪنهن کي به روبرو يا پرپٺ گهٽ وڌ نه ڳالهائجي. اهو به اخلافي مسئلو آهي ته آيا شاعر انسان دوست ٿيندا آهن يا نه. تاريخ ۾ اسان کي ڪيترائي شاعر ملن ٿا، جن قبيلن کي قبيلن سان ۽ قومن کي قومن سان ويڙهايو آهي. جولاءِ 1972ع جي ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ ڪراچي جي هڪ اردو شاعر پنهنجي شعر ”اردو کا جنازه هـﻶ ذرا دهوم سـﻶ نکلـﻶ“چوڻ سان ڪيترن ئي انساني جنازن کي ڪڍرايو. خود شيخ اياز جي پنهنجي ڪلام ۾ مون تشدد ۽ نفرت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو. اياز پاڻ هڪڙي قوم کي ٻيءَ قوم سان ويڙهائي ٿو. ” مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ڇا ڇا مائيءَ لعل ڏٺا“ ”ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا.“ ”جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار.“

اياز  پنهنجن شعرن ۾ ڪٿي به اهڙي تلقين نه ڪئي ته اسين آدم جي اولاد، انسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۽ هڪ ٻئي جو احترام ۽ عزت ڪيون. محترم شيخ اياز صاحب ۽ سندس ٽولو علامه اقبال کي تشدد پسند ۽ انسان دشمن قرار ڏيندا آهن. ڇا اياز به ڪڏهن اقبال وانگي انسان دوستيءَ  لاءِ هن قسم جا شعر چيا آهن ته:

”آدميت احترام آدمي،

باخبر سؤ از مقام آدمي“

اقبال ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:

”اس دور مين اقوام کـﻶ صحبت بهي هين عام،

پوشيده نگاهون سـﻶ هين عظمت آدم.

مکه نـﻶ ديا خاک جنيوا کو يـﻶ پيغام

جمعيت اقوام يا جمعيت آدم.“

حقيقت هي آهي ته هڪ قوم پرست شاعر ڪڏهن به انسان دوست ٿي نه ٿو سگهي. يورپ ۾ قوم پرستي جي فلاسافي پيش ڪرڻ وارو پهريون شخص اٽليءَ جو سياسي مفڪر مئڪاولي آهي. ارڙهين صديءَ ۾ اٽلي جي هڪ ٻئي مفڪر مئزني (Mazzni) ان کي بام عروج تي پهچايو. نسل پرستي ۽ رنگ پرستي، قوم پرستي جي انتهائي شڪل آهي. جنهن کي نازي جرمنيءَ ۾ هٽلر خدا جي حيثيت ڏني. پنهنجي ڪتاب ”مين ڪئمف“ ۾ هٽلر آريائي نسل جي برتري (Supermacy of Aryan Race) لاءِ ڊاڙون هڻي ٿو ۽ آريه لوڪن کان سواءِ ٻين نسلن جي مذمت ڪري ٿو. مشهور سائنسدان آئن اسٽائن جنهن جو ذڪر اوهان مٿي پڙهيو، ان کي جرمني مان جلاوطن ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان دنيا جو هي عظيم ترين فاضل شخص آريه نسل سان تعلق نه رکندو هو. پنهنجي ملڪ جرمنيءَ کي نجات ڏيڻ لاءِ قوم پرست هٽلر هر بري طريقي کي جائز سمجهي ٿو، جهڙوڪ ظلم و تشدد، غلطي جو ارتڪاب ۽ بداخلاقي آڪسفورڊ جي هڪ دانشور جي پڇيل سوال جي جواب ۾ هٽلر چوي ٿو ته:

“ Let us be in human! If we rescue Germany we have done the greatest deed in the world. Let us do wrong! If we rescue Germany we have sept away the greatest wrong in the world. Let us be immoral. If our people is rescued we have opened a way for the return of morality.”

(The deeper causes of war by murray. P. 43, 1940 ED)

بعد ۾ سڀ ڪنهن ڏٺو ته هن انڌيءَ ”قوم پرستيءَ“ جي جنگ  جرمنيءَ کي نجات بدران مڪمل تباهه ۽ برباد ڪيو. بنگالي به قوم پرستي جي چڪر ۾ آيا، پر هينئر کين معلوم ٿيو ته نام نهاد بنگله ديش دائمي غلامي ۽ ذلت ۾ آهي. اهڙيءَ طرح اياز جي قوم پرستيءَ مان به تباهه ڪن نتيجا نڪري سگهن ٿا ڇو جو تاريخ جي فيصلي کي ڪوئي بدلائي نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي، ته نظرياتي نظامن اسلام توڙي مارڪسزم ۾ قوم پرستي جي مذمت ڪيل آهي. اسلام چوي ٿو ته سڀ ڪلمي گو پاڻ ۾ ڀائر آهن. لينن چوي ٿو ته سڀ مزور اسان جا ڀائر ۽ سڀ سرمائيدار اسان جا دشمن. مارڪس سڀني دنيا جي مزدورن جي ٻڌي لاءِ پڪاري ٿو يعني ته:

Working men of all the countries unite!

نظرياتي طرح ته مارڪسزم جي اها دعويٰ آهي پر عملي طور روس ۽ چين مخالف طرفن ڏانهن وڃي رهيا آهن.

اياز ۽ رسالي جو غلط منظوم ترجمو

محترم اياز صاحب لطيف جي رسالي جي ڪن سرن جو منظوم اردو ترجمو ڪيو آهي، جو سنڌ يونيورسٽيءَ شايع ڪيو آهي. غالباً هن ئي ڪتاب تي موصوف کي رائٽرس گلڊ طرفان انعام پڻ مليو آهي. مون اياز جو هيءَ منظوم ترجمو شاهه جي اصل سنڌي بيتن سان ملائي، ڀيٽائي پڙهيو آهي. منهنجي خيال ۾ شيخ صاحب لطيف جو غلط ۽ مشڪوڪ ترجمو ڪيو آهي. سندس ترجمي مان لطيف جي اصل مدعا جو پتو ڪونه ٿو پوي. جيڪڏهن هڪ هڪ بيت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته سڄو سال بحث جاري رهي سگهي ٿو. سردست شاهه جي سر ڪلياڻ مان ٻه ٽي بيت منتخب ڪجن ٿا. حضرت لطيف جو اصل سنڌي شعر آهي ته:

”اول، الله، عليم، اعلى، عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،

والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم،

سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.“

(ڏسو گربخشاڻي صفحو 175)

انهن بيتن جو منظوم اردو ترجمو شيخ اياز هيٺينءَ طرح ڪيو آهي.

”تيري هي ذات اول آخر تو هي قائم هـﻶ اور تو هي قديم،

تجهه سـﻶ وابسته هر تمنا هـﻶ تيرا هي آسرا هين رب کريم،

کم هـﻶ جتني کرين تر ي توصيف توهي اعلى هين اور تو هي عليم،

والي شش جهت واحد ذات رازق کائنات رب کريم.“

ڏسو ته ترجمي ۾ ڪيتريون نه فاش غلطيون آهن. لطيف جون مٿيون ٽي سٽون ضمير غائب ۾ سولائي سان اردو ۾ ترجمو ٿي سگهن ٿيون. ڇو جو انهن ۾ استعمال ٿيل عربي اکر انهيءَ ساڳي معنى ۾ اردو ٻوليءَ ۾ به استعمال ٿين ٿا. مان ته اياز وانگر شاعر نه آهيان. ڇا لطيف جون سنڌيءَ ۾ اهي ٽي سٽون هيٺينءَ اردوءَ ۾ ترجمو ٿي نٿيون سگهن:

اول، الله، عليم، اعلى عالم کا دهني

قادر اپني قدرت سـﻶ قائم هين قديم،

والي، واحد، وحده، رازق، رب رحيم.

اياز لفظ بدلايا آهن ۽ نوان جملا پنهنجي طرفان لکي لطيف ڏانهن منسوب ڪيا آهن. مثلاً مٿي اياز ٿو چوي ته:

”تجهه سـﻶ وابسته هر تمنا هين

تيرا هي آسرا هـﻶ رب کريم.“

اهي جملا لطيف جا چيل ڪونه آهن. والي شش جهت وغيره الفاظ لکڻ جي ضرورت ئي ڪانهي، جي غلط آهن. اصل عربي الفاظ اردو ۾ به ائين لکي سگهجن ٿا ته ”والي، واحد، وحده رازق رب رحيم. اياز جي ٽين وڏي غلطي هيءَ آهي ته لطيف جي آخري شعر

”ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي“

جو ترجمو ڪونه لکيو آهي. سر ڪلياڻ ۾ لطيف جو ٻيو نمبر بيت هن طرح آهي:

”وحده لا شريڪ لہ، جان ٿو چئين اي،

تان مڃ محمد ڪارڻي، نر تون منجهان نينهن،

تان تون وڃئو ڪيئن، نائين سر ٻئن کي.“

(گربخشاڻي صفحه 175)

مٿئين بيت جو اردو ترجمو شيخ اياز صاحب هينئن ٿو ڪري:

”اگر الله پر رکهتـﻶ هو ايمان،

رسول الله سـﻶ بهي لو لگاؤ

سمائي جس مين ان دونون کان سودا

کسي در پر نه اس سر کو جهکاؤ.

شيخ اياز صاحب ٻڌائي  ته هن وحده لاشريڪ لہ جو ترجمو الله تي ايمان آڻڻ ڪيئن ڪيو؟ مثلاً سندس ئي ترجمي جو جملو ”اگر الله پر رکهتي هو ايمان“ جو عربي جملو ٿيندو ” ان تؤمن بالله ۽ نه وحده لاشريڪ لہ جنهن جي معنى ٿيندي ته الله جل شانہ هڪڙو آهي ۽ ان جو ڪو شريڪ نه آهي. اهي عربي الفاظ اردو ترجمي ۾ به نقل ٿيندا يعني وحده لاشريڪ لہ. شاه لطيف جي جملي ”تان مڃ محمد ڪارڻي نرتون منجهان نينهن“  جو اردو ترجمو ڪيو آهي. ”رسول الله سـﻶ بهي لو لگاؤ“ جا معنى غلط آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪارڻي لفظ جي تشريح ۽ معنى بابت لکي ٿو ته ”ڪارڻي“ (سن ڪارڻڪ) جو ڪنهن ڳالهه جو ڪارڻ يا سبب بڻجي. حضرت محمد صلعم کي ”ڪارڻي“ انهيءَ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو جو (1) پاڻ ئي دنيا جي پئدا ٿيڻ جو ڪارڻ هئا، جيئن حديث ۾ ڄاڻايل آهي ته لولاڪ لما خلقت لا فلاڪ يعني اي محمد صلعم جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪڏهن نه خلقيان ها هي آسمان. (2) حضرت محمد صلعم قيامت جي ڏينهن گنهگارن جي شفاعت جو ڪارڻ ٿيندا. (3) حضرت محمد صلعم خدا جي سچيءَ وحدانيت ڦهلائڻ جو ڪارڻ هو!“ (صفحه 327)

ظاهر آهي ته اياز سڄي شعر جو ترجمو غلط ڪيو آهي. اياز جي وڏي مشڪل ڳالهه اها آهي ته هن توحيد ۽ رسالت جي مفهوم کي سمجهيو ئي ڪونهي. اياز کي انهن لفظن سمجهڻ ۾ ته ڏکيائي نه ٿيڻ کپي. پاڻ تازو خوشگوار اعلان ڪيائين ته ” مان پئدائشي طور مسلمان آهيان.“ ڊاڪٽر گربخشاڻي غير مسلم ٿي ڪري به توحيد ۽ رسالت جي مفهوم کي سمجهي ويو. هو هندو مذهب جو پوئلڳ هو ۽ هندو مذهب ۾ توحيد يا وحدانيت جو تصور به موجود نه آهي، ڇو جو بقول ڀيرو مل مهر چند ” هندو مت ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتائن ۽ خدائن جو مذهب آهي.“ ان جي باوجود ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ٺوڪرون ڪونه کاڌيون ڇو جو هن جو مطالعو وسيع هو، پر افسوس جو مسلمان گهراڻي ۾ پئدا ٿيندڙ شيخ اياز صاحب کي توحيد ۽ رسالت جي ڪا پروڙ ڪانه آهي. هو وحده لاشريڪ لہ جي معنى ٿو ڪري الله تي ايمان آڻڻ.

ڊاڪٽر سورلي جي انگريزي معنيٰ

 ڊاڪٽر گربخشاڻي کان علاوه هڪ ٻئي غير مسلم ڊاڪٽر ٽي. ايڇ سورلي (T.H. Sorely) صاحب به لطيف جي مٿين ٻن بيتن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ صحيح منظوم ترجمو ڪيو آهي. هو عيسائي مذهب جو مڃيندڙ هو. عيسائين ۾ به وحده لا شريڪ لہ جو ڪو تصور ڪونه آهي. پر سورلي صاحب عالم شخص آهي ۽ ترجمي ۾ شيخ اياز وانگر فاش غلطيون ڪونه ٿو ڪري. هي عيسائي مصنف لطيف جي سر ڪلياڻ جي مٿين ٻن بيتن جو هن طرح منظوم ترجمو ڪري ٿو:

“In the beging Allah is, who knoweth all, whosits a loft, the lord of all the World that be, he is the Mighty, old of days, of his own power established. He is the lord only one, sustainer and compassionate. Sing ye the praise of Him. He is the one who has nopeer. Confess ye this. In heart of heart acknowledge ye the praisedone, who the causer of the causes is, why go ye then and bow yourselves In front of other, why go ye. (P-312(

 ڏسو ته ڊاڪٽر سورلي صاحب حتي الامڪان ڪيڏو نه صحيح ترجمو ڪيو آهي. فقط هڪڙي هنڌ غلطي ڪئي اٿس جو رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي نالي ”محمد“ جو لفظي ترجمو ڪيائين يعني ته (The praisedone) ”ساراهيل“.

ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته عربي ٻوليءَ ۾ ”محمد“ لفظ جي لغوي معنيٰ ٿيندي ساراهيل ۽ انگريزيءَ ۾ ”پريسڊون“ جيئن حضور جن جو درٻاري شاعر حضرت حسان بن ثابت رضه چوي ٿو ته ”حضور جن جي اسم مبارڪ کي پاڻ کان اشتقاق محض بلند ڪرڻ لاءِ (خدا) ڏنائين ۽ عرش وارو ته محمود آهي ۽ هي محمد.“

فشق لہ من اسمہ ليجلہ

فذ والعرش محمود و هذا محمد

پر ڊاڪٽر سورلي صاحب کي ترجمي ڪرڻ وقت محمد جو اسم خاص لکڻ کپندو هو. باقي سندس ترجمو صحيح آهي سورلي عيسائي هجڻ سان گڏ غير سنڌي به هو. افسوس جو اهڙي شخص جو منظوم انگريزي ترجمو صحيح آهي ۽ هت اسان وٽ محترم شيخ اياز صاحب سنڌي زبان جي شاعر هوندي به اردو جهڙيءَ عام فهم ٻوليءَ ۾ به صحيح ترجمي ڪرڻ کان قاصر رهيو. اياز جي ترجمي ۾ بي شمار غلطيون آهن، جن جي اپٽار ڪبي ته سوين صفحا ڪارا ڪري سگهجن ٿا. مٿي نموني طور ڪن بيتن جي معنيٰ ۽ انهن جي مفهوم تي بحث ڪيو ويو.

شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ بابت به اياز  اسان کي ڪا نئين ڳالهه ڪانه ٻڌائي آهي. سمورو مواد گربخشاڻيءَ يا سورلي کان اڌارو ورتو اٿس. ڪتاب جي مطالع ڪرڻ سان آس رکيم ته اياز جي تحقيق شاه بابت ڪهڙي آهي.بس شيخ اياز  پنهنجي طرفان اها ڳالهه لکي ته تصوف هر مذهب جو خام مواد آهي جنهن جو سراغ تمام الهامي ڪتابن ۾ ملي ٿو ۽ لطيف جو ڪلام تصوف لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ نه تصوف لطيف جي ڪلام لاءِ. سندس هن غلط خيال کي مٽائڻ لاءِ مون تصوف جي مختصر تشريح ۽ تاريخ لکي. هي ايڏو ته وڏو موضوع آهي جو ان تي سوين صفحا لکي سگهجن ٿا. اياز الهامي ڪتابن کي به ڪونه پڙهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر شايد لطيف جو ڪلام به صحيح طرح سمجهي نه سگهيو جو ان لاءِ راءِ رکي ٿو ته اهو تصوف لاءِ باعث فخر آهي ۽ نه تصوف لطيف لاءِ. ڀلا جن کي شاه جو ثاني ڪوٺجي، اهي شاه جي ڪلام جي اهميت کي ڇو نه گهٽائيندا؟”ڀڄ ڀٽائي گهوٽ جو ثاني آيئي سنڌ ۾“

شيخ اياز ۽ سندس علمي مطالعو

اسان جي ڪمپنيءَ ۾ محترم شيخ صاحب جن جي شخصيت بابت اڪثر ذڪر ٿيندو آهي. منهنجو هڪ پراڻو دوست شيخ اياز سان گهري عقيدت رکي ٿو. ساڳي وقت منهنجو هڪ شفيق استاد ( ۽ هينئر وڏو وڪيل) به مسٽر اياز جو پڳ مٽيو يار آهي. هڪ ڀيري منهنجي دوست مون کان سوال ڪيو ته ” اياز جي علمي مطالعي بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ مون کيس جواب ۾ ٻڌايو ته اياز جا سڀ شعرن جا مجموعا مون پڙهيا آهن، مطلب ته نظم توڙي نثر ۾ شيخ صاحب جن جو ڪجهه لکيو، مون ان کي پڙهيو آهي. اياز جي مطالعي بابت هيءَ سوچيل سمجهيل راءِ قائم ڪئي اٿم ته موصوف فقط شاعري، ناول ۽ افسانن بابت لٽريچر پڙهيو آهي. هن ٻين علمن، جهروڪ سائنس، فلسفه، تاريخ، سياست، معاشيات، نفسيات ۽ مذهبيات وغيره کي پڙهيو ئي نه آهي. مذڪوره علمن بابت اياز صاحب جي معلومات محدود ۽ نه هجڻ جي برابر آهي. هن موجوده دور جي عالمي تحريڪ مارڪسزم جو به گهرو مطالعو ڪونه ڪيو آهي. منهنجو دوست هي ٻڌي کلي ويهي رهيو. چوڻ لڳو ته مان مڃان ٿو ته تو اياز کي اسان سڀني کان وڌيڪ پڙهيو آهي. پر هن جي علمي مطالعي بابت مان اوهان جي راءِ سان اتفاق نٿو ڪريان.

تازو 12 فيبروري 1976ع تي هي دوست مون وٽ آيو. هٿ ۾ هلال پاڪستان اخبار هيس. مون کي 11 فيبروري جي هلال اخبار ڏيکاريندي چيائين ته هن ۾ ”انساني زندگي ۾ ڪتابن جي اهميت بابت“ شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل تقرير جو پورو متن شايع ٿيو آهي. ان کي پڙهي مان اوهان جي راءِ سان متفق ٿيس ته اياز جو مطالعو فقط شاعري، ناول ۽ افسانن تائين محدود آهي. اڳي توهان مون کي ائين ٻڌايو هو، هاڻي ته اياز صاحب پاڻ اعتراف ڪيو آهي.

منهنجي دوست هن عبارت ڏانهن منهنجو توجهه ڇڪايو.

آمريڪي، روسي ۽ ايراني ڪتابن بابت اياز تقرير ڪندي چيو ته ” آءٌ پاڻ انهن ٽن ملڪن طرفان پيش ڪيل علم ۽ ادب جو سرگرم شاگرد آهيان. مون پشڪن کان وٺي ماياڪووسڪي توڙي ان جي همعصر روسي شاعرن جهڙوڪ ووزنيسنسڪي ۽ ٻين جي شعرن جا مجموعا پڙهيا آهن. مون والٽ وٽمئن کان رابرٽ فراسٽ تائين آمريڪا جي عظيم شاعرن ۽ نوجوان همعصر شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي جيڪي شاعري جي لئي ۽ عبارت ۾ عجيب ۽ حيرت انگيز تجربا ڪري رهيا آهن. آءٌ پنهنجي نوجواني جي ڏينهن کان وٺي ايران جي ڪلاسيڪل شاعري کان واقف آهيان. عظيم شاعرن، فردوسي، سعدي ۽ حافظ جون دنيا جي شاعرانه ادب جي ميدان ۾ خدمتون عظيم ترين آهن. ٽالسٽائي، برجنيف، چيخوف کان وٺي شولو خوف تائين روسي اديبن جون نثر ۾ لکڻيون پڻ منهنجون پسنديده پڙهڻيون آهن. اهڙيءَ طرح مون عظيم آمريڪي ناول نگارن جهڙوڪ مارڪٽوين، هيمنگوي، فاڪس، هاورڊ فاسٽ، رچرڊ رائيٽ ۽ ٻين همعصر ناول نگارن جو گهريءَ دلچسپي سان مطالعو ڪيو آهي. آمريڪي، روسي ۽ ايراني ادب جا بهترين ڪتاب، جيڪي سڀ کان زياده وڪامندا آهن ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي ذاتي لائبرريءَ ۾ پهچي ويندا آهن.“

(روزاني هلال پاڪستان مؤرخ 11 – فبروري 1976ع صفحه 4 ڪالم 5)

شيخ اياز صاحب جي تقرير مان مٿيون ٽڪر پڙهندي منهنجو دوست چوڻ لڳو ته اوهان اسان کي هميشه ٻڌائيندا آهيو ته اياز فقط شاعري، ناول نويسي ۽ افسانه نگاري جو مطالعو ڪيو آهي. اسين اها ڳالهه تسليم نه ڪندا هئاسون پر هينئر خود شيخ صاحب جن جي پنهنجي زباني مان اوهان جي راءِ جي تصديق ٿئي ٿي. ڇو جو محترم اياز صاحب پنهنجي پسنديده اهڙن آمريڪي، روسي ۽ ايراني مصنفن جا نالا ٻڌايا، جي رڳو شاعر، ناول نويس يا افسانه نگار آهن. شيخ صاحب انهن ٽنهي ملڪن جي ڪنهن به اهڙي مصنف جو نالو نه کنيو، جو فلسفي، سائنسدان، ماهر معاشيات و سياست، نفسياتي علوم، تاريخ يا مذهبيات جهڙن علمن ۾ يدطولى رکندو هجي. صاف ظاهر آهي ته هن فڪري لٽريچر جو ڪو مطالعو نه ڪيو آهي. اها به حقيقت آهي ته مسٽر اياز کي موجوده دور جي عالمگير مارڪسزم جي ادب جو مطالعو به نه آهي. ڇو جو پسنديده روسي ڪتابن مان هن مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن وغيره جهڙن عظيم مصنفن جو نالو نه ورتو. مون پنهنجي دوست کي جواب ڏنو ته اياز صاحب جي مٿي نقل ڪيل عبارت تي اوهان پنهنجي طرفان صحيح تبصره ڪيو. مان ان بابت وڌيڪ ڇا عرض ڪيان؟ في الحقيقت اوهان پاران مخلص ۽ جذباتي عقيدت مندن جي هي وڏي ڪمزوري آهي جو اوهان پنهنجي ممدوحن کي هڪدم ديو تصور ڪندا آهيو. پر ياد رکو ته دنيا ۾ ڪيترائي علمي ڄامڙا ديو ٿا سڏائن ۽ ڪيترائي علمي ديو هوندا آهن، جي عوام آڏو ڄامڙا سمجهيا ويندا آهن. ائين دنيا ۾ ڇو پيو ٿئي؟ ابن خلدون ان سوال جو جواب ڏيندي لکيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه پروپئگنڊا تي منحصر آهي.

ڪتابن جي اهميت بابت شيخ اياز صاحب جي هيءَ تقرير پڙهي مون کي هڪ هزار سال جو مشهور عرب شاعر ابو طيب متنبي ياد آيو. ڪتابن بابت متنبي جو هڪ شعر محترم شيخ اياز صاحب جن جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو. اهو هڪڙو شعر ئي ڪتابن جي اهميت واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اياز پاڻ ايٽمي دور جو شاعر آهي، پر هن ڪتابن جي اهميت بابت ڪو اهڙو شعر نه چيو آهي. سندس ڪيل تقرير به جامع نه آهي. متنبي چوي ٿو ته ” دنيا اندر وڌ ۾ وڌ عزت واري جاءِ تيز رفتار گهوڙي جي زين آهي، ۽ دنيا منجهه بهترين ساٿي ڪتاب ئي آهي.“

”اعز مڪان في دلدنيا سرج سابح

و خير جليس في الزمان ڪتاب“

 دنيا ۾ اهل سيف به پئدا ٿين ٿا ۽ اهل قلم به، پر اهل قلم کي صاحب تلوار مٿان فضيلت آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ به چوڻي آهي” قلم تلوار کان وڌيڪ طاقت ور آهي.“ (Pen is mighter than the sword) يونان جو سڪندر بادشاهه تلوار جو مالڪ هو ۽ سندس همعصر مشهور دانشور ارسطو اهل قلم هو. ارسطو سڪندر بادشاه کي هڪ ڀيري چيو ته ” مان هڪ ارسطو تو پارا هزار سڪندر ٺاهي ٿو سگهان، پر تو جهڙا هزار سڪندر گڏجن ته به هڪ ارسطو پئدا ڪري نه سگهندا.“ سڪندر دنيا جو وڏو بادشاه هو. پر هينئر کيس ڪو پڇي به ڪونه، پر ارسطو جي لکيل ڪتابن مان اڄ به علم پرائجي ٿو. اها آهي ڪتاب يا ٻين لفظن ۾ قلم جي عظمت. تيمور لنگ پنهنجي زماني جو وڏو فاتح ٿي گذريو آهي. هن 1398ع سن ۾ دمشق شهر جو گهيرو ڪري ان کي فتح ڪيو ۽ شهرين کي جنگي قيدي بڻايو، انهن بدنصيب قيدين مان دنيا جو وڏو مصنف ابن خلدون به هو. تيمور کي خبر پئي ته هتي دمشق شهر ۾ مشرق جو هڪ وڏي ۾ وڏو دانشور به گرفتار ٿيل آهي. تيمور ابن خلدون کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ اتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي اهل سيف جي هڪ وڏي اهل قلم سان مختلف موضوعات بابت گفتگو ٿي. بحث جي اختتام تي ابن خلدون تيمور کان موڪلايو. تيمور لنگڙو هو ۽ پنهنجن درٻارين کي حڪم ڪيائين ته مون کي اٿاريو، کيس اٿاريو ويو ۽ هن نهايت ئي عزت ۽ وقار سان ابن خلدون کي رخصت ڪيو. سندس درٻاري تيمور جهڙي فاتح جو هڪ قيدي سان هي سلوڪ ڏسي حيران ٿي ويا. تيمور کين ٻڌايو ته اوهان کي ڪهڙي خبر. مان دنيا جو فاتح آهيان پر خدا جو قسم هي شخص (ابن خلدون) مون کان وڏو ماڻهو آهي. اڄ دنيا تيمور کي کنگهي به ڪونه پر ابن خلدون جو ڪتاب ”مقدمه“ دنيا جو بهترين سرمايو آهي. اها آهي ڪتاب جي فضيلت ۽ عظمت.

شيخ اياز صاحب يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. کيس گذارش ڪندس ته علم ۽ ڪتاب سان اشتياق استاد ڏياريندا آهن. اڄ اهڙا استاد ڪٿي آهن. علامه اقبال اهڙن استادن کان شڪايت ڪندي هڪ هنڌ چيو آهي ته:

شڪايت هين مجهـﻶيا رب خداوندانه مڪتب سـﻶ

سبق شاهين بچون کو دﻵ رهين هين خاڪبازي کا

محترم شيخ صاحب جن اسان جي ٻچڙن کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ رومي جي الفاظ ۾ تلقين ڪن ته تن زني لاءِ علم نانگ آهي ۽ دلزني لاءِعلم دوست.

”علم را برتن زني ماري بود

علم را بردل زني ياري بود“

محترم شيخ صاحب جن جو توجهه هڪ خاص امر ڏانهن ڇڪايون ٿا. اڄوڪن شاگردن جو اخلاق تباهه ٿي ويو. شيخ صاحب کي ان جي اصلاح لاءِ پڻ ڌيان ڏيڻ کپي. پنهنجي تقرير ۾ چوي ٿو ته ” تنهن ڏينهن منهنجي هڪ شاگرد دوست مون کان بالڪل هڪ شاگرد وانگر ۽ محبت جي جذبي سان پڇيو هو ته اوهان اڄ جي نوجوان کي ڪهڙي صلاح ڏيڻ پسند ڪندا، مون جواب ڏنو ته کين پڙهڻ گهرجي. منهنجو نوجوان شايد مايوس ٿي ويو.

(هلال پاڪستان 11- فبروري 1976ع)

شيخ صاحب سائل شاگرد کي چڱو جواب ڏنو ته کين پڙهڻ گهرجي. پر مان اياز صاحب جي جواب ۾ هڪ لفظ جو اضافو ڪندس ته ”۽ اخلاق سڌارجي.“ اڄوڪن نوجوانن لاءِ فقط ٻه نصيحتون ٿي سگهن ٿيون پڙهو ۽ اخلاق درست رکو. جيڪڏهن پڙهڻ لاءِ فقط ڌيان ڏبو ۽ اخلاق کي اهميت نه ڏبي ته سنڌي ڪهاوت مطابق اهڙو شخص پڙهيو ته سهي پر ڪڙهيو ڪونه.

سنڌ يونيورسٽي هر هڪ سنڌيءَ جي ملڪيت آهي ۽ اسان مان هر هڪ کي ان جي ترقيءَ لاءِ فڪر ڪرڻ کپي. ائين نه ٿئي جو اسان جي غفلت ڪري هي عظيم دانش گاهه تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي. شيخ اياز صاحب جي وڏي ذميداري آهي. اسان جي يونيورسٽيءَ مان پڙهيل ۽ اخلاق وارا شاگرد نڪتا ته اسان جو شمار دنيا جي وڏن ۽ مهذب قومن مان ٿيندو ۽ جي علم جا ڪورا ۽ بداخلاق پئا ٿيا ته اسان پست ۽ غلام ٿي وينداسون ۽ ابن خلدون  جي نظريه مطابق غلام قوم دنيا مان جلد رفو چڪر ٿي ويندي آهي. قومن جي عروج ۽ زوال ۾ اخلاق جو وڏو هٿ آهي. عربن دنيا ۾ فتحون، مسٽر ايم اين راءِ (M.N. Roy) جي چوڻ مطابق، عمدي اخلاق (Nobility of Character) ڪري ڪيون. رومين هڪ هزار سالن تائين حڪومت ڪئي هئي. مشهور انگريز مؤرخ گبن (Gibbon) صاحب رومن امپائر جي زوال جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا آهن. انهن مان هڪڙو مکيه سبب سندن عيش پسندي ۽ بداخلاقي به هئي. آمريڪا جو سابق آنجهاني آئز نهاور اٺ سال صدر ٿي رهيو. آمريڪا جي علمي رسالي ؟ريڊرس ڊائجيسٽ“ (Reader’s Digest) ۾ سندس هڪ مضمون بعنوان”پريزيڊنسي ۾ منهنجا اٺ سال“ (My eight years In presidency)  اڄ کان ڏهه سال اڳ ڇپيو هو. آئزنهاور فرد جي اخلاق تي زور ڏيندي لکيو ته ”هڪ بداخلاق قوم پنهنجي تباهي پاڻ آڻيندي آهي.“

“An Immoral nation brings Its Own ruin”

مون کي قوي اميد آهي ته نئون وائيس چانسلر محترم شيخ اياز صاحب جن پنهنجون سموريون صلاحيتون شاگردن ۽ يونيورسٽي جي ڀلائيءَ لاءِ صرف ڪندو ۽ هن عظيم دانشگاهه مان علمي ۽ چڱي اخلاق وارا شاگرد پئدا ٿي اسان جي قوم لاءِ فخر جو باعث بڻبا.

”اين دعا از من و از جمله جهان آمين باد“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com