سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :1

تنقيد ۽ تنقيد نگاري

(چند تنقيد ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو)

احسان بدوي

پيش لفظ

 

منهنجي تحقيقي، ۽ تنقيدي مضمونن جو هي پهريون منتخب مجموعو آهي.

هنن مضمونن ۾، جيڪي به ڳالهيون ڪيون ويون آهن، اُهي ڪي نيون ڪونه آهن. مگر ايترو چوڻ لازمي آهي، ته هنن جو وجود، ڪنهن خاص نڪتہ نظر کان ٿيو آهي. اُهو نڪتہ نظر منهنجي اڳيان، تنقيد جا سائنٽيفيڪ اُصول آهن، جن جي وضاحت ڪرڻ منهنجو تنقيد سان دلچسپيءَ جو باعث آهي؛ ۽ جن کان سواءِ، ادب جي روح کي سمجهڻ آسان نه آهي.

تنقيد زنده قومن جي ادب ۾، خاص مقام رکي ٿي. اِن جو سبب هي آهي، ته ادب زندگيءَ ۽ سماج جي رشتي کي، هڪ اِهڙيءَ منزل تي اچي ڳنڍي ٿو، جنهن جو نتيجو حسن ۽ دلڪشي آهي. اُن سونهن، ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ، تنقيد جو ڪم آهي. اِن مان مطلب هيءُ آهي، ته ادب سماجي زندگيءَ جو مکيه ڪردار آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته سماجي زندگي هر دفعي، ۽ هر گهڙيءَ بدلبي رهي ٿي. اِن ڪري ادب ۾ به تبديليءَ، ۽ ڦيري جو پيدا ٿيڻ اِنتهائي لازمي آهي. اِن تبديليءَ، ۽ ڦيري جون جي مختلف تصويرون بڻجن ۽ بگڙجن ٿيون، اُنهن جو عڪس اسان کي ادب جي آئيني ۾ ئي نظر اَچي ٿو. اُن عڪس جو جڏهن به، ۽ جيڪو به شعور اديب جي دل تي پيدا ٿئي ٿو، سوئي صحيح معنيٰ ۾، سماجي زندگيءَ جو شعور آهي؛ ۽ هن جي غور، ۽ فڪر کي پوءِ ادب جي ميدان ۾، اهميت حاصل ٿئي ٿي.

اُن اهميت کي ظاهر ڪرڻ، يا تصوير جي ڌنڌيل نقشن کي اُجاگر ڪرڻ، وري تنقيد جو ڪم آهي. تنقيد ادب کي صحيح معنيٰ ۾، ادب بڻائي ٿي، ۽ صحيح رستي تي هلائي ٿي. اِن جو ڪم اِهو نه آهي، ته صرف ادب جي نڪتہ چيني، يا اُن جي بيجا مدح ۽ تعريف ڪئي وڃي. تنقيد اِن کان گهڻو بلند آهي.سڀ کان پهريائين ته اُها رستي جي مشعل آهي، منزل جي رهبر جو ڪم ٿي ڏئي. ٻيو، اِها عوام ۾، صحيح ادبي ذوق به پيدا ڪري ٿي، ۽ اَدبي قدرن Literary Values کي پکيڙڻ به اِن جو ئي ڪم آهي. اِن کان سواءِ، تنقيد ادب لاءِ هڪ سازگار فضا به پيدا ڪري ٿي. اِن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، ته لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ٻئي، اِن جي طرف زياده توجهه ڏين ٿا. اِهو ئي سبب آهي، جو منهنجو تنقيد جي طرف زياده دلچسپيءَ جو ميلان پئي رهيو آهي.

سنڌي ادب ۾، جيتوڻيڪ تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن لکڻ جو سلسلو، هڪ عرصي کان وٺي جاري آهي: ۽ بهترين مضمونن جو اضافو پڻ ٿيل آهي. مگر اِن هوندي به، تنقيد سان دلچسپي رکڻ وارا تمام ٿورا آهن. صحيح ۽ بهتر تنقيد لکڻ وارا اڃا به گهٽ آهن، ۽ پڙهڻ وارن جو تعداد ته بنہ نه هئڻ جي برابر آهي. منهنجي ادبي مضمونن جو هي مجموعو، به خالص اِن ئي جذبي جي ماتحت آهي، ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي، ته تنقيد ادب کان جدا ٻي ڪابه چيز ڪانه آهي. اها ته خود ادب آهي. ادب جي لاءِ جي خصوصيتون لازمي، ۽ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون، اُهي سموريون اِن ۾، جلوه گر ٿين ٿيون. اِها به ادب جيان نقاد جي تاثرات جي فنّي اظهار جو نالو آهي. اِن کان سواءِ، فنّي خصوصيتون، جن جي تخليقي ادب ۾ هئڻ ضروري آهي، سي تنقيد ۾ به اسان کي ملن ٿيون. تنقيد به اُهائي بلند آهي- جنهن ۾ اِهي خاصيتون سمايل آهن. حقيقت هئن آهي، ته اِها ئي هڪ اِهڙي خاصيت آهي، جنهن جي ڪري پڙهڻ وارو، اِن سان دلچسپي رکي ٿو، ۽ زياده کان زياده اُن جي طرف ڌيان ڏِئي ٿو.

مون ادب جي، هڪ طالبب علم جي حيثيت سان، ڪوشش ڪئي آهي، ته پنهنجن تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن کي، اِنهن ئي ڳالهين جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي. منهنجي هن مجموعي ۾، جيڪي به مضمون آيل آهن، اُنهن ۾ جيتوڻيڪ ڪي به زياده اُصولي بحث ڪونه آيل آهن، مگر مضمونن جو روح، اُنهن کان خالي نه آهي. منهنجي مضمونن ۾، سڀکان پهريائين اوهان کي، ادب جي موضوع، ۽ اُن جي ماحول جي طرف توجهه نظر ايندو، جنهن ۾ اُهو تخليق ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ، اِهو به نظر ايندو، ته تخليق ڪرڻ وارو، ڪيتريءَ حد تائين، اُن ماحول کان متاثر ٿيو آهي، ۽ اُن تاثر اديب تي جو اثر وڌو آهي، اُهو صحت مند آهي، يا غير صحت مند آهي، ۽ اُن ۾ فنّڪار جي شخصيت جلوه گر ٿي آهي يا نه؟ هيءُ ئي اُهي ڳالهيون آهن، جي هڪ تنقيد نگار جي اڳيان رهڻ لازمي آهن.

هن مجموعي جا سمورا مضمون، ڇپجي چڪا آهن. هي مضمون، ڪن خاص وقتن، ۽ حالتن جي مدنظر لکيا ويا هئا. هن مجموعي ۾، اڪثر اِهڙا مضمون به آيل آهن، جن ۾ ڀڃ گهڙ، ۽ اضافي جي ڪافي گنجائش نظر ايندي.

اِن کان سواءِ، مختلف وقتن تي لکيل اِهڙن مضمونن ۾، خيالن ۽ جملن جو تڪرار به نظر ايندو. مگر مون نه ته مضمونن ۾ ترميمون آنديون آهن، ۽ نه اِنهن تڪرارن کي گهٽ ڪرڻ جي ئي ڪوشش ڪئي آهي. اِن جو سبب اِهو آهي: ته هي مضمون، منهنجي ادبي ۽ تنقيدي شعور جا پهريان نقش آهن، جنکي اصلي حالت ۾ رکڻ ئي مناسب سمجهو اٿم. مضمونن جي ترتيب ۾ به، ڪا خاص ترتيب ڪانه رکي اٿم. پر ايترو خيال ڪيو اٿم، ته هم موضوع مضمونن کي هڪ هنڌ ئي رکيو وڃي. سنڌي ادب ۾، جي لکڻ جون حالتون سازگار رهيون، ته ڪن بنيادي عنوانن تي مستقل مضمونن لکڻ جو ارادو اٿم.

 

ڪراچي

30 ڊسمبر، 1958ع                   - احسان بدوي

 

----------

 

سچل جو اردو ڪلام

 

سنڌ جي زمين، پنهنجيءَ گود ۾، جن باڪمال شاعرن ۽ اديبن کي پاليو آهي، ۽ اُنهن جي ادبي ڪاوشن جي نشونما جو حصو ورتو آهي، تنهنجو ذڪر ۽ بيان ايترو ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي؛ جو اُن کي پڙهي خوشيءَ ۽ حيرت جي انتها نٿي رهي. حقيقت ۾، سنڌ جي صحرائي خطي مان، اهڙن گلن جو پيدا ٿيڻ، جي پنهنجيءَ لازوال خوشبوءِ سان، اِن کي معطر ڪندا رهيا آهن؛ پنهنجيءَ نوعيت جو اڪيلو مثال آهن. شايد اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي اِنهن خصوصيتن کان متاثر ٿي، شاه ڀٽائيءَ پنهنجي مشهور دعا واري سٽ، سنڌ لاءِ ڇڏي آهي:

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

حقيقت ۾، اسين جئن جئن سنڌ جي ادبي تاريخ جو مطالع ڪندا رهنداسين: ته اسان جي اڳيان گوناگون چيزون ظاهر ٿينديون رهنديون. اِها گهٽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه  نه آهي، ته سنڌي شاعرن، نه فقط پنهنجي طبع آزمائيءَ جا جوهر، سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ ڏيکاريا آهن، بلڪ اُنهن جا تخيلات ايترا ته وسيع آهن: جو هو سنڌ جي تنگ دائري کان نڪري، هندستان ۽ ايران جي حدن تائين پهچي چڪا آهن. آءٌ سمجهان ٿو، ته شايد اِهي فقط اسان جائي شاعر هئا، جن پنهنجيءَ مادريءَ زبان ۾ شعر چوڻ جو علاوه، عربيءَ، پارسيءَ ۽ اُردو ۾ به، اُهي ته ڪمال جا شعر لکيا آهن، جي اسان جي فخر جو سبب آهن ۽ سنڌ اِنهن تي جيترو به ناز ڪري سو ٿورو آهي.

شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لطف اللهه بدويءَ، پنهنجيءَ بي مثل تصنيف تذڪره لطفيءَ ۾، سنڌ جي مختلف پارسي گو شاعرن جي تذڪره کي قلم بند ڪري؛ هڪ طرف، سنڌ جي هن سرمايه کي زماني جي بادوباران کان محفوظ ڪيو آهي ۽ ٻي طرف، سنڌ وارن کي پنهنجي عظيم ڪارنامن کان واقف ڪيو آهي. آءٌ شايد هت، هن ڳالهه جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهان، ته اِهو ڪيترو نه بهتر ٿئي ها: جو جناب لطف الله صاحب، ان سان گڏ، جيڪڏهن انهن شاعرن جو به ذڪر ڪري ها، جن پنهنجي دل ۽ جگر جو خون ڏيئي اردو شاعريءَ جي چمنستان جي آبياري ڪئي آهي، ته سندس تصنيف زياده جامع ٿي پوي ها. هن سلسلي ۾ ڪي قدر، پير حسام الدين راشديءَ، پنهنجي هڪ مقالي ۾، سنڌ جي اُردو شاعرن جو ذڪر، اُردو زبان ۾ ڪيو آهي، جو گذريل سال اُردو رسالي جي ڪنهن اشاعت ۾ ڇپجي چڪو آهي(1). مگر هي مقالو، ڪن چيزن جي نه هجڻ ڪري ايترو جامع نه آهي، ۽ اسان جي پياس کي مٽائي نٿو سگهي. بهرحال راشدي صاحب جو اِهو ڪارنامو، تحسين جي لائق آهي، جو هن صاحب، ڪنهن حد تائين سنڌ جي اُردو شاعرن کي منظر عام تي آڻي: کين اُردو دان طبقي سان روشناس ڪيو آهي ۽ اُنهن تي اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته اسان شاعر، سنڌي زبان جي تنگ دائري ۾ ڪڏهن به رهي نه سگهيا آهن. هن مقالي ۾، آءٌ سنڌ جي بلندپايه صوفي منش شاعر، سچل سرمست جي اُردو ڪلام کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

اُن کان اڳ، جو آءٌ سرمست سچل جي اُردو شاعريءَ جو بيان ڪيان ۽ اُن جي ڪلام جي مختلف خصوصيتن کي واضح طور تي ظاهر ڪيان، بهتر ائين آهي؛ ته آءٌ اُن زماني جي ادبي ۽ تاريخي پس منظر جو جائزو وٺان. سچل جنهن دور جو پيداوار آهي، اُهو ميرن جي صاحبيءَ جو عهد هو. تاريخي نڪته نگاه کان، ميرن جي صاحبي، جيتوڻيڪ سنڌ لاءِ ڪو يادگار نه ڇڏيو آهي، تاهم هو پنهنجي حڪمت عمليءَ ۽ دور انديشيءَ کان نهايت ئي قابل ذڪر ٿي گذريا آهن. مير صاحب، جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ ۾ ڪن سياسي چالبازين جي ڪري، سنڌ کي ڳچ وقت لاءِ غلاميءَ جو طوق پهرائي ويا، مگر اِن هوندي به، هو رعيت جا گهڻگهرا هئا ۽ امن امان جا ڪوڏيا هئا. نه فقط مير صاحب حڪمران هئا، مگر اُنهن جي درٻار هميشہ شاعرن ۽ اديبن جو مسڪن به هئي. جيتوڻيڪ اسين هن عهد کي، بقول مصنف تذڪره لطفي، سنڌي شاعريءَ جو سونهرو دور چئي سگهون ٿا؛ مگر اِن سان گڏ، پارسي زبان کي، نه فقط درٻار جي قربت حاصل هئي، مگر ڪيترائي ٽالپر حڪمران پارسي زبان جا نهايت ئي بلند پايه شاعر به هئا، جن پنهنجي ڪلام جا مڪمل ديوان يادگار ڇڏيا آهن. ظاهر آهي، ته اهڙي ماحول ۾، جتي حڪمران طبقي جا فرد شعر و شاعريءَ جي محفل ۾ شمع بڻجي اَچن، اُتي جي رعيت جا ڪي فرد، پروانا ٿي پچڻ اچن، ته ڪا تعجب جي ڳالهه ڪانه آهي.

سچل سرمست به اِن دور جو پيداوار آهي ۽ مٿس به پارسي شعر و شاعريءَ جي خد و خال جو اثر پوڻ لڳو ۽ هن پنهنجو مڪمل پارسي ڪلام، ديوان آشڪارا ۾ ڇڏيو آهي. مگر هي منهنجي مقالي جو موضوع نه آهي. ان ڪري، آءٌ پنهنجي مقصد ڏانهن وڌان ٿو. جيتري قدر سنڌ جي ادبيات جو مطالع، منهنجي رهنمائي ڪري ٿو، ته اِهو معلوم ٿي رهيو آهي، ته سرمست سچل کان اڳ به ڪن سنڌي شاعرن، اُردو زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. مگر جيترو سچل جو ڪلام مڪمل ۽ جامع آهي، ايترو شايد ٻي ڪنهن شاعر جو نه آهي. سچل کان پوءِ، فقير قادر بخش بيدل پنهنجي اُردو ڪلام جو مڪمل ديوان ڇڏو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تخيل جون جي جولانيون ڏيکاريون آهن، اُهي ڪنهن به طرح اُردو جي اُستاد شاعرن کان گهٽ نه آهن. بهرحال، سچل سرمست به پنهنجي دور جو هڪ خاصو شاعر ٿي گذريو آهي. هن زماني ۾، سنڌ جي حدن کان ٿورو اڳتي، هندستان جي سر زمين تي، اُردو جا باڪمال شاعر، جهڙوڪ: انشا، مصحفي، نظير، رنگين ۽ نصير رهيا ٿي ۽ جن پنهنجي ڪلام کي هر پهلوءَ کان مڪمل ڪري ورتو هو. سچل به ريخته جو مالڪ آهي. ان وقت اُنهن شاعرن، جنهن نموني جو شعر چيو ٿي، تنهن سان جيتوڻيڪ سندس ڪلام جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، تاهم هن جو ڌاريءَ زبان ۾ طبع آزمائي ڪرڻ ۽ اُن ۾ نفيس خيالن جو نڀائڻ، تحسين جوڳو آهي.

سچل جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان، اسان جيءَ دل تي، جا پهرين پهرين چيز اثر ڪري ٿي: سا آهي سندس زبان داني. سچل جي اُردو ڪلام جي زبان، جيتوڻيڪ ايتري پختي ۽ مڪمل نه آهي، پر اِها زبان ڪنهن به طرح قديم دکني زبان کان گهٽ نه آهي. آءٌ هن سلسلي ۾، سچل سرمست جا ڪي اشعار هيٺ نقل ڪري، ڪن دکني شاعرن سان مقابلو ڪريان ٿو:

 

بيمار هون تيرﻵ بره کا چهوڻن ميرا مشکل هوا

يه درد ميرا ديکهه کر افلاطون لايعقل هوا

اﻵ يار تم آتا نهين مجهه پر شفا بخشي کرو

اِس درد ميرﻵ کي دوا آنا تيرا اک پل هوا

 

منهنجي اڳيان، قطب شاهي سلاطين مان، سلطان عبدالله قطب شاه جو ڪلام آهي؛ آءٌ ان مان چند شعر پيش ڪيان ٿو:

 

گلشن هـﻶ تو پياري بلبل هـﻶ دل همارا

رنگ بانس دونون تجهه مين پهل هون پهليا نظارا

---------

تيرﻵ درشن کون اﻵ محبوب آتـﻶ هين حبيبان سب

دکها درشن جو هووين راکهه جل رشکون رقيبان سب

ولي دکني جنهن کي ڪن حلقن ۾ اُردو غزل جو مؤجد ليکيو وڃي ٿو، ان جي زبان به ڏسو:

دل بيتاب کي اک آن نهين اُسکو قرار

زلف دلدار سون همسر هـﻶ پريشاني مين

مدت هوئي سجن نـﻶ دکهايا نهين جمال

دکهلا کـﻶ اپنـﻶ قدکون کيا نہين نہال

مٿين چند مثالن کي پڙهڻ کانپوءِ، شايد هيءَ حقيقت واضح ٿئي، ته سچل جي ڪلام کي پڙهندي، هڪ منٽ لاءِ به اِهو شڪ نٿو رهي؛ ته ڪو اسان هي اُردو ڪلام سنڌي نرﱞاد شاعر جي زبان کان ٻڌي رهيا آهيون.

 سچل پنهنجي زماني جو هڪ صوفي منش شاعر ٿي گذريو آهي. ان ڪري ظاهر آهي، ته سندس ني مان جي نغما نڪتا هوندا، سي به اِن ئي رنگ ۾ رنڱيل هوندا.

سندس شعر ۾ مقامات تصوف جو سمورو احوال ملي ٿو. صوفيانه شاعريءَ جي جدا جدا عنوانن تي، هُن نهايت ئي صفائي سان بحث ڪيو آهي. صوفي بزرگن وٽ يقين هڪ نهايت ئي اهم ڳالهه آهي. معرفت کي سمجهڻ لاءِ اِهو ضروري آهي، ته پهريائين هنن وٽ يقين هئڻ گهرجي. سچل هن مسئلي کي ڪهڙي نه آسان طريقي سان نڀايو آهي:

اگر اِثبات کر جانو نه هرگز تم گدا هوگا

يقين کرنا گدا گرهـﻶ و ليکن خود خدا هوگا

وحدة الوجود جو مسئلو، اسلامي تصوف جو تاڃو پيٽو آهي، ۽ انتي تصوف جي ساري عمارت کڙي ڪيل آهي. اِن همہ اوست جي باريڪ نڪتن کي ڪهڙي نه عمدي نموني نڀايو اٿس:

نہين ديدار کوئي دوجہان نه جائـﻶ ديکہن کي

نظر کي جائي تمہاري هـﻶ ببين تا خود لقا هوگا

زمين پر کيا فلک پر کيا، کيا پر عرش کرسي پر

درون بيرون همه اندر که هر جا بجا هوگا

 

هوالاول، هوالاخر، هوالظاهر، هوالباطن

اِدهر وهي اُدهر وهي سچو کہہ تم کجا هوگا

اِهڙي نموني، سچل جو اُردو ڪلام، تصوف جي باريڪ مسئلن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾: نفي ۽ اِثبات، فنا ۽ بقا، ذڪر ۽ فڪر، حال ۽ قال، همہ اوست ۽ وحدة الوجود جهڙا دقيق مسئلا؛ نهايت ئي آسان نموني سمجهايل آهن.

هنن ڳالهين کان سواءِ، سندس اُردو ڪلام ۾، حسن و عشق جو بيان، هجر ۽ وصال جو ذڪر، درد ۽ محبت جون ڳالهيون وغيره به سمايل آهن. نه فقط ايترو، پر هن پنهنجي شعر ۾، محبوب جي بي اعتناين ۽ عاشق جي حال زار جو داستان به دلگداز انداز ۾ ڳايو آهي.

هڪ هنڌ پنهنجي درد انگير ڪيفيت جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:

کس نون مين کہه سنائون ميرا يار هـﻶ خيالي

ميرا حال پوچہتا نہين هـﻶ اصل لا اُبالي

ڪهڙُ نه درد ڀريو داستان! عاشق، پنهنجي درد جو احوال دلبر سان اورڻ گهري ٿو، مگر هو ايترو ته بي پرواه آهي، جو ڏانهس خيال به نٿو ڪري. لا اُبالي لفظ ۾، ڪيترو نه زور آهي ۽ منجهس ڪيتري قدر نه محبوب جي طريقهءِ ڪار جو نقش چٽيل آهي. وري ٻي هنڌ، ساڳي ئي رقت خيز انداز سان، درد جو احوال اوريو اَٿس:

تيرﻵ درد مجهه کو جانا اب بـﻶ خبر کيا هـﻶ

مجروح ميري دل کو اُس اِک نظر کيا هـﻶ

سچل صرف ايستائين نٿو وڃي، بلڪ اِن کان به ڪجهه اڳڀرو وڃي، معشوق جي شڪايت ۽ پنهنجي جذبات جي ترجماني ڪري ٿو؛ چوي ٿو:

تيرﻵ هجر مين پيارا روتا هون زار زار

وعده نـﻶ تيرﻵ هم کو اب منتظر کيا هـﻶ

محبوب جي جدائي جو ذڪر ۽ اُن جي شڪايت ته شاعر ڪئي آهي، مگر سچل هنن سٽن ۾ وعدي تي منتظر رهڻ جا الفاظ آڻي؛ هجر ۽ فراق جي ڪيفيت کي نهايت ئي دلگداز بڻائي ڇڏيو آهي ۽ شعر ۾ جان پيدا ڪئي آهي. محبوب جي بي اعتنائي جو بيان، ته هر شاعر نهايت ئي درد خيز طريقي تي ڪيو؛ مگر محبوب کي اُن جي بي اعتنائي ياد ڏياريندي، اِئين چوڻ ته تو به ڪڏهن اسان جي ڳليءَ مان گذر ڪيو آهي، سو سچل جو ئي ڪم آهي:

 

اِتني يه بـﻶ نيازي دلبر نه کر سچل سـﻶ

اُسکي گلي سـﻶ تم نـﻶ اک دن گذر کيا هـﻶ

محبوب جي بي پرواهيءَ، بي نيازيءَ ۽ لا اُباليءَ هوندي به، سچل سندس حسن جو شيدائي آهي. سندس حسن تي، فقط هو مفتون نه آهي، بلڪه جنهن جي به مٿس نظر پوي ٿي، سو سندس لازوال حسن تي حيران ۽ مستان آهي:

بيچاره ايک نہين مين آشفته اُس صنم کا

کتنـﻶ هوئـﻶ هين حيران ديکهه حسن لايزالي

سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾، نه فقط محبوب جي صفت ڪئي آهي، بلڪ سندس اڳيان اُها زندگي پٿر کان به پري آهي، جنهن ۾ عشق جو واسو نه آهي. ڪهڙي نه عمدي نموني هن خاصيت کي ظاهر ڪيو اٿس:

پهتر هـﻶ ايسي زندگي، بن عشق هـﻶ شرمندگي

جسکو سجن کا درد هـﻶ رويت اُسکي زرد هـﻶ

اڳتي هلي عاشق جي خاصيت کي اڃا به وڌيڪ واضح طريقي تي بيان ڪيو اَٿائين:

عاشق وهي جس غم هوا دونون جگت اک دم هوا

دن رات اُس ماتم هوا اکہيان کا اَب آگم هوا

سچل، جيئن ته هڪ اهل دل ۽ سوز گداز جي مڪمل تصوير هو، اِن ڪري مٿس عشق جا ڪشف و ڪرامات ۽ اُن جا واردات وقت بوقت ظاهر ٿيندا پئي رهيا. هن ڪيفيت جو هڪ هنڌ هئن ٿو ذڪر ڪري:

عشق عجب آفات هـﻶ ناکشف کرامات هـﻶ

تقويٰ نه کوئي طاعات هـﻶ تن مين نه مرجوعات هـﻶ

سر مست سچل جو اُردو ڪلام، اهڙيءَ طرح حسن و عشق جي ڳالهين ۽ سوزو گداز جي جذبات سان پُر آهي؛ جنهن کي پڙهندي: دل ۽ دماغ تي هڪ ڪيف ڇانئجي وڃي ٿو ۽ شاعر جي جذبات جي صحيح تصوير اکين اڳيان ڦري وڃي ٿي. اُن کان اڳ، جو مان پنهنجي مضمون کي ختم ڪريان، اِهو ضروري سمجهان ٿو ته، هن ڳالهه جو به هت ذڪر ڪري ڇڏيان، ته سنڌ جي ڪنهن به اديب، اڄ تائين سچل جي اُردو ڪلام ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي؛ حتيٰ ڪ مرحوم آغا صوفي جو پوئين دور جي اديبن مان، سچل سرميت جي ڪلام جو جامع ۽ شارح آهي؛ ان به پنهنجي ضخيم تصنيف ۾ صرف چئن غزلن تي اڪتفا ڪئي آهي. هينئر وقت آيو آهي ته سچل جي اُردو ڪلام کي، جو ٽڙيل پکڙيل آهي، تنهن کي گڏ ڪري مٿس بصيرت افروز مقدمو لکي، منظر عام تي آندو وڃي.

-----------


(1)  ڏسو رسالو اُردو ڪراچي جولاءِ ۽ آڪٽوبر 1951ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com