سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيدون

باب: --

صفحو :1

تنقيدون

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

 

ناشر طرفان

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت جي تحفظ، ڦهلاءَ ۽ ترقي لاءِ مختلف ڏسن ۾ ڪم ڪري ٿو. هيءَ ادارو هڪ طرف سنڌ تي جيڪو به مواد ڪتابي صورت ۾ آهي، اهو مواد گڏ ڪري ريسرچ لئبرري ۾ نه رڳو گڏ ڪري ٿو پر سنڌ جي ڪنهن به پهلوءَ تي ريسرچ لاءِ هر قسم جي سهوليت فراهم ڪري ٿو. ٻئي پاسي سنڌ جي ثقافت جي عملي اظهار لاءِ اداري جو اشالاجيڪل سينٽر ڪم ڪري رهيو آهي ته ٽئي طرف وري سنڌ جي ثقافت کي ٽيپ رڪارڊس ۽ لائيڊس وغيرهه ۾ محفوظ ڪيو پيو وڃي.

ساڳئي طرح انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي پنهنجو پبلڪيشن جو ذيلي شعبو پڻ آهي، جيڪو سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ هر سال ڪيترائي ڪتاب شايع ڪندو آهي. اهي ڪتاب هڪ طرف سنڌي زبان جي ادب ۾ واڌارو ٿا آڻين، ٻئي طرف اعليٰ تعليم جون نصابي ضرورتون پوريون ٿا ڪن ته ٽئي طرف سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب جو ٻين زبانن ۾ تعارف ٿا ڪرائين.

انهن ٽن مقصدن جي پورائي ڪرڻ لاءِ هيءُ ادارو هيستائين ادب، تعليم، اقتصاديات، تاريخ، لسانيات، سياسيات ۽ دينيات وغيرهه جي موضوعن تي سنڌي، انگريزي، اردو، عربي ۽ پنجابي زبانن ۾ 65 ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي. هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

عملي طور تنقيد ته سنڌي ادب ۾ زباني طرح توڙي لکت ۾ ڪئي ويندي آهي، پر خود تنقيد جي عملي دائري کان واقفيت جو ڪو سنڌيءَ ۾ اهڙو ذريعو نه هو، جيڪو اسان جي نوجوان اديبن جي رهنمائي ڪري سگهي. هيءَ ڪتاب اهڙي ڪم جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو تنقيد جي فن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو.

        ڪتاب جو فاضل ليکڪ ڪنهن کان ڳجهو نه آهي، هو هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج جهڙو جامع ۽ معياري ڪتاب پڙهندڙن کي ڏيئي چڪو آهي. اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙن طرفان هن ڪتاب جي به قدر افزائي ڪئي ويندي.

 

انتساب

 

 

سال 1979ع ۾

الطاف جي

سپيءَ، سرواڻ ۽ ڪوڏ سميت،

دنيا جي اديبن جي ٻچڙن جي نالي.

 

 

مهاڳ

 

ٻه اکر؛ سنڌي ٻوليءَ جو هي هڪڙو ڪتابڙو جيڪو مون لکيو آهي، تنهن کي تمام ٿورا ماڻهو پڙهندا ۽ اڃان به تمام ٿورا ماڻهو ڪوشش اها ڪندا ته هن جو هرهڪ صفحو پڙهن. هن ڳالهه جا سبب انيڪ آهن.

ڪڏهن اسان پڙهڻ ئي نه ٿا چاهيون ته ڪڏهن  اسان صرف پنهنجيءَ پسند جي مضمون پڙهڻ جي خواهش ڪيون ٿا. ڪڏهن ته رڳو مصنف جي باري ۾ ٻڌل گفتگو يا واءُ ساءُ جي بنياد تي ان جي ڪتاب کي پڙهڻ جو جوکو کڻون ٿا، يا ان جي ڪتاب نه پڙهڻ جو قسم کڻي ٿا ڇڏيون. ڪڏهن وري مصنف جو منهن مهانڊو يا شڪل شبيهه ڏسي پوءِ سندس ڪتاب پڙهڻ ۽ نه پڙهڻ جو فيصلو ٿا ڪريون. يا ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، جو ڪتاب جي ڊسٽ ڪور يا ان جي جلد جي جاذبيت تي موهجي، پنهنجي گيدي (پاڪيٽ) تي هٿ هڻي، کڻي ٿا ڪتاب خريد ڪيون، ۽ پوءِ لاچار ان جا اڳيان صفحا پڙهڻا پئجي ٿا وڃن، جو کيسي جو خرچ ڪري ٿا ويهون.

امڪان انهيءَ ڳالهه جو به آهي ته ڪتاب يا ان جي مصنف جي باري ۾ ڪنهن ٽي وي پروگرام ۾ ڪنهن نوجوان، نثر ۾ شاعري ڪرڻ واري يا پٽاپٽي قميص ۾ ملبوس بٽڻ کولي ويهڻ واري، ڪنهن اديب يا ڪنهن بزرگ اديب يا ڪنهن وڏي اديب يا انٽليڪچوئل اديب، ڪتاب واري، جو نالو ورتو آهي چيو اٿس ته مان هن کان متاثر ٿيو آهيان. ۽ اسان ان جو نالو ذهن ۾ رکيو آهي. ۽ پوءِ ڪتاب وٺي رکيو اٿئون. انهيءَ ڳالهه کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته مصنف پاڻ ڪنهن وڏي اديب کي لکت ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو آهي، يا ان تي چٿرون ڪيون آهن. سو اسان اها راءِ قائم ڪري ٿا ويهون ته ڪجهه به هجي پر هجي ليکڪ کي جس، جو اهڙن ماڻهن کي به گاريون ڏيئي ٿو سگهي. اهڙي مڙس تان ٽيهه رپيا گهوريا. پئسن کي اسان ڪمايو آهي يا اسان کي پئسن!

انديشو اهو به آهي ته مصنف کي اسان انعام اڪرام ڏيئي، گلن جا هار پارائي، پاڻ ئي چيو هو ته اسان جي دشمنن کي جهنم رسيد ڪري ۽ جڏهن هن ائين ڪيو ۽ اسان جي دشمنن کي انسان دشمن، بداخلاقي پکيڙيندڙ ۽ جهنمي ڪوٺيائين، تڏهن اسان جو فرض ٿي پيو ته ان جو هڪ اڌ ڪتاب خريد ڪريون، يا ماڻهن کي همٿايون ته اهي اهڙا ڪتاب پڙهن، ۽ پوءِ ماڻهو واقعي پڙهڻ لڳا هجن.

بيشڪ اها راءِ به امڪان کان خارج نه آهي ته اسان سستا ڪتاب لکيا هجن يا ڪتاب سستا ڪيا هجن. سو پڙهڻ وارن جي طبقي مان ڪن اهي به خريد ڪيا هجن ۽ پوءِ هڪ اڌ ڪو ڪتاب پڙهيو به ويو هجي. ڪن ماڻهن جو ته خيال اهو به آهي ته ڪتاب جو مصنف پاڻ ڪو وڏو ماڻهو آهي، يعني ڪنهن اداري جو سربراهه يا ڪنهن عهدي وارو آهي، ته پوءِ ان جو ڪتاب چڱو ٿو وڪامي ۽ ڪي ماڻهو اهو ڪتاب به پڙهن ٿا. سو مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. وري ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪنهن بند به ڪيا ناهن.

هنن سڀني ڳالهين تي توهان غور ڪندا ته معلوم ٿي ويندو ته ادبي تنقيد تي اسان جي نظر اڃا سوڌو خير ڪا پيئي آهي، جو اسان پنهنجي راءِ جو بنياد عقل، دليل، علم، تجربي، وڏي نظر، اصول، حوصلي، فڪر، سائنسي ويچار، تحقيقي حقيقتن تي ڪونه ٿا رکون. هن حالت ۾ اسان جي راءِ جو بنياد، وهم، جذبو، ذاتي پسند، غير حقيقي خيال ۽ غير علمي ڪا ڳالهه ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ذاتي طور تي منهنجي لاءِ هنن سڀني راين، عملن ۽ ڪوششن ۾ جيڪا ڳالهه اهم آهي يا جيڪا ڳالهه سبق اموز آهي، سا اها آهي ته هن طرح سنڌي ادب ۾ تنقيد ته پيدا ٿي رهي آهي، پر هن طرح سنڌي ادب ۾ ادب کي ڪنهن به نظام جي بنياد، دليل جي ٽيڪ، عقلي ۽ شعوري ڪوشش، عملي جاکوڙ، محنت سان ڪيل اڀياس ۽ ڪن عالمن جي راين جي بنياد تي نه پڙهيو ٿو وڃي ۽ نه سمجهيو. ان ڪري هن صورتحال تي خاموش رهي نه ٿو سگهجي.

منهنجي هيءَ تحرير؛ پر پوءِ به سنڌيءَ ۾ لکليل منهنجي هيءَ تحرير سڀاڻي ڪير پڙهندو، تنهن باري ۾ مان آخري طور تي ڪجهه به نه ٿو چوان.

پر هن تحرير ۾ مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته ادبي تنقيد جي سوال تي مان بنيادي خيالن ۽ نظرين کي گڏ ڪريان، پاڻ سمجهان، لکان ۽ پوءِ پاڪستان جي مستقبل جي شهرين يعني سنڌ جي ٻچڙن جي حوالي سان آءٌ هيءَ تحرير شايع ڪرايان.

هن تحرير جو ٻيو محرڪ اهي دوست آهن، جن جون بي انتها تحريرون ۽ بي انداز لکڻيون، ادبي ڇنڊڇاڻ جون منتظر آهن. اهي سڀ قلم جي نظام تحت قلمي انصاف جي تقاضا ڪري رهيون آهن.

هن تحرير جو ٽيون محرڪ منهنجا اهي شاگردن آهي، جن مان گهڻا هاڻي مون کان بهتر اديب ۽ پڙهيل ماڻهو آهن.

منهنجيءَ هن تحرير جو چوٿون محرڪ سنڌ جا اهي معتبر نقاد ۽ انهن جا رايا آهن، جي مضمونن ۾ ۽ ڪتابن ۾، هيڏي هوڏي برڪت علي آزاد محترم (جيڪو هن ڪتاب کي مٿي تي کڻي وڪڻندو به.) کان وٺي طارق اشرف، قاضي خادم، قاضي مشتاق، ظفر حسن، شمس الدين عرساڻي ۽ انهن سڀني يارن جي تحريرن ۾ موجود آهن. جن مهراڻ کي وقت به وقت رايا لکي پئي موڪليا آهن.

هڪڙي اميد ته اها به اٿم ته هيءَ تحرير سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌيءَ جي شعبي ۾ تخليقي ادب جي استادن تائين به پهچي ويندي.

اوڻائي؛ ادبي تنقيد جي پس منظر ۾ اسان پئتي نهاري معلوم ڪري ٿا سگهون ته موجوده دور جي گهڻن ئي تنقيدي نظرين جو بنياد تمام آڳاٽو پئجي چڪو هو. تنقيد جي اخلاقياتي، فارمل، نفسياتي، سماجياتي، نظرياتي، مذهبي، فني، فڪري، تمدين، ڪلچري، انساني، جمالياتي ۽ اهڙن سوالن تي بحث هلندو رهيو آهي ۽ اديبن پنهنجي پنهنجي طرفان هن سوال تي غور ڪيو آهي ۽ خيال ڏنا اٿئون. اسان هن پس منظر کي ڪتاب جي منڍ ۾ ئي ڏنو آهي.

اهي خيال جنهن به شڪل ۾ اڄ اسان وٽ ۽ ادب جي دنيا ۾ موجود آهن، تن جو مطالعو نه رڳو اهميت جو حامل آهي پر دلچسپ ۽ مفيد به آهي. پر هي سڄو اڀياس هڪ هنڌ ڏيڻ جو ڪم ڪو اهڙو ڪم نه آهي، جو اسان مان ڪوبه هڪ ماڻهو قلم کڻي ويهي ته سڄي بحث کي سموهي کڻي رکي. ان ڪري هي ڪم توهان کي اوڻو، پوويندڙو ۽ ڪسڪ ڏسڻ ۾ ايندو. تمام گهڻو سڌريل ادارن ۽ ملڪن ۾ ته اهڙا ڪم ادارا ۽ بورڊ يا ڪاميٽيون ڪنديون آهن، جن تي ماهر گڏجي ويهندا آهن ۽ وقت ۽ پئسي جي خرچ سان ڪم ڪندا رهندا آهن. پر اسان جي ملڪ ۽ سماج جي مزاج مطابق هي ڪم رڳو هڪڙي ئي ماڻهو جي مٿان مڙهيو ٿو وڃي. اهو ئي ڪم اسان هاڻي اڳتي ايندڙ صفحن ۾ ڪري رهيا آهيون.

ڪتاب جي پوئين هڪڙي حصي ۾ اسان نئين تنقيد جو جيڪو سوال هٿ ۾ کنيو آهي، ان جو تعلق ڪنهن به هڪ نظريي سان نه پر انهن سوالن سان آهي، جيڪي اسان جي اڳيان پنهنجا جواب طلب ڪن ٿا، ۽ هن وقت اسان جي اڳيان موجود آهن.

اسان جواب ڏنا آهن، پر پوءِ به ڪيترائي سوال رهجي ويا آهن. جيئن منڍ ۾ اسان ڪرچي، ڪاڊويل، يا اڃا به، ٽالسٽاءِ تي ڪجهه به نه کيو آهي.

اسان ڪوشش ڪري رهياآهيون ته هن ڪتاب جي ٻئي جلد لاءِ ڪن ملڪن جي مخصوص تنقيدي فڪر کي ۽ خاص ڪري مشرقي طرز تنقيد کي عربي، پارسي توڙي هندستاني ادبن ۽ نظرين جي خيال کان ڪتاب ۾ يا ڪنهن مضمون ۾ آڻيون. في الحال اڳتي تنقيد جي مروج نظرين تي ئي پڙهي سگهبو.

گذارش؛ هن ڪتاب کي ڪيئن ڪم آندو ويندو، اهو سوال ته ماهر پاڻ ئي حل ڪندا، پر صلاح منهنجي پنهنجي اها آهي ته هن ڪتاب کي اڳ ۾ پڙهيو وڃي. پوءِ ڪنهن به هڪ اديب يا ادب جي سوال تي، ڪتاب ۾ آيل نظرين جي آڌار کان، پروفيشنل (PROFESSIONAL) قسم جي تنقيد جو ڪم هٿ ۾کنيو وڃي، هي ڪم هڪ ئي وقت ڪيئي ماڻهو ڪري سگهندا. جو هڪ ئي وقت تي اسان جي اڳيان تنقيد جا ڪيئي نڪتا ۽ نظريا يا طريقا موجود هوندا. هن طرح هي ڪتاب انتهائي مفيد به ثابت ٿي سگهي ٿو.

اديبن، عالمن ۽ دوستن کي گذارش آهي ته هو جيئن تيئن ڪري هي ڪتاب پڙهي وڃن ۽ پوءِ جي وقت ڪڍي سگهن ته مشورا ڏين يا ٽيڪاٽپڻي ڪن. پر رڳو اهو خيال رکن ۽ مهرباني ڪن ته ادبي سوال جو جواب ادبي زبان ۾ ۽ ادبي طريقن سان ئي ڏنو وڃي ته چڱو.

هونئن هيءَ تحرير اسان سڀني جي انهيءَ اميد پوري ڪرڻ لاءِ آندي ويئي آهي ته انهيءَ ڳالهه کان اڳ ۾ به اسان مان هر هڪ پرلوڪ پڌاري يا اسان کي ڪو ان ڪري ڇڏي. يا اسان سان اهڙي ڪار ٿئي جهڙي اٺ سان ٿئي پتڻ تي، يا اسان سڀ مفلوج ۽ هيڻان ٿي وڃون، يا اسان جي درن تي نشان لڳايا وڃن، يا اسان جو ٻوٿ ٻڌي اسان کي ڪڪڙ ڪري بيهاريو وڃي، اسان پاڻ سان پاڻ انصاف ڪرڻ جا جتن ڪريون.

مڃوتي؛ آءٌ انهن سڀني عالمن، اديبن، شاعرن، ادارن، ڇاپخانن، نقادن، مصنفن ۽ مهربان دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ڪتابن ۽ مضمونن مان سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح ترجمي، حوالي يا ڪنهن ٻيءَ طرح سان مون ڪو مواد ورتو آهي ۽ ڪم آندو آهي، پر تحريري طور تي اهڙي اجازت اڳواٽ وٺي نه سگهيو آهيان.

مان خاص طور تي وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي، محترم جناب شيخ مبارڪ علي اياز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌالاجي، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جو شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني، سڄي ڪم ۾ مدد ڪئي ۽ جن ان کي مان ڏيئي، ٺاهي سينگاري ڇپائي پيش ڪيو.

آءٌ پنهنجي دوست مڪرم، محمد ابراهيم جويي، جو به دليان ٿورائتو آهيان، جنهن مسودي کي نظر مان ڪڍيو ۽ ان جا پروف پڙهيا.

آءٌ پنهنجي کاتي جي رفيق، فقير امام بخش هيسباڻي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن ڪتاب جي نقل ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پڻ نوجوان محمد اسماعيل آصف ميمڻ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن فقير سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب جو وڏو حصو اتاري ڏنائين.

 

سانگهڙ (سنڌ)                                  الهداد ٻوهيو

تاريخ پهرين اپريل، سن 1979ع

 


 

 

 

امن دوست انسانن جي سنگت ڏانهن؛

 

پٺتي پيل لوڪن ۽ قومن جي ٻارڙن،ڪارن ۽ سانورن، توڙي منهنجن ننڍڙن ٻارن، ڏٻرن نراس ٻارن مان هر هڪ کي رت جو هڪڙو هڪڙو ٽيپو گهرجي. پر دربدريءَ ۽ بدحالي توڙي ڏاکڙن جي هڪڙي سفر، جنهن کي پنهنجيءَ حالت ۾جيڪر آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي نالي سان سڏيان، منهنجي لاءِ انهيءَ کان سواءِ ڀلا ٻيو رستو ئي ڪهڙو ڇڏيو آهي، ته مان لکندو رهان! لکڻ جي رستي آءٌ خوشحال، ٿانيڪو ۽ سکيو ته ٿي نه ٿو سگهان، پر مان توهان جو ملڻ وارن خوشحال توڙي پاڻ جهڙن ڏتڙيل ماڻهن، آسودن، سکين توڙي بدحال ماڻهن جو. توجهه ڇڪائي ٿو سگهان. پاڻ ڏي! نه، ته ڪنهن ڏانهن؟ انهن حالتن، واقعن ۽ انهن وقتن ڏانهن جن ۾رهي آءٌ ۽ منهنجا ساٿي ويچارا، مسڪن، نماڻا، منڪسر، معتوب ۽ مغضوب دوست يا بزرگ، کلندي کلندي ۽ ڌڪا کائيندي، گاريون جهليندي، بکون ڪاٽيندي، جيل ڀوڳيندي، بيماريون ڪاٽيندي، علاج لاءِ سڪندي، تعليم جي ادارن ڏانهن ويچارائپ سان ڏسندي، ٻاهرينءَ دنيا جون تصويرون ڏسي روئيندي، آرنولڊ ۽ ايليٽ جي سماجي رتبي تي غور ڪندي. انعام حاصل ڪرڻ وارن اردو اديبن جي نالن جي Spelling يعني هجي يا ڪندي، ۽ دهرائيندي، اردوءَ جي اديبن جي شاندار بنگلن جا ڪٽهڙا واجهائيندي، بندر روڊ تي بيهي ڇولا کائيندي، سنڌي وڏيرن جي ٺٺ ۽ ٺانگر کي خدا جو فضل سمجهندي، نيلامي ڪوٽ جي ڪالرن کي سنواريندي، سگريٽن جي پاڪيٽن تي شعر لکندي، ڊاڪٽر تنوير کان مفت ۾ علاج ڪرائيندي، مسواڙي ۽ واحد ڪمري ۾ ٻارن ٻچن سوڌو اڌ صديءَ جو عرصو ڪاٽيندي، ڊگرين جا تعويذ پاڻ تي دم ڪندي، ٻارن ٻچن کي خدا جي حوالي ڪري مرندي، سرڪيءَ، پليجي ۽ انڙ جي وڪالتن ۽ ڀلاين کي ياد ڪندي، ٽي ويءَ جي خدائي حقن وارن متي تي سوچيندي ۽ ماتم ڪندي، قومي ڪتاب فائونڊيشن جي انصاف واري نظريي تي ويچاريندي، روئندي روئندي، شڪر ڪندي، صبر ڪندي، ڪلمو ڀريندي، خدا کي ياد ڪندي، رضا تي راضي رهندي، پنهنجن ڏوهن تي شرمسار ٿيندي، خدا کان مغفرت جي دعا گهرندي يا دعا گهري پوءِ خودڪشي ڪندي، ۽ ٻه اکر لکندي، جاڳندي جاڳندي، زندگي گذاريندا رهيا آهيون.

اهي سڀ حالتون، اهي سڀ واقعا، توهان ماڻهو ۽ اسان ماڻهو، انصاف، بين القوامي حقن جو متو، علم جي فضيلت جو تصور، انسانيت، تاريخ، پورهيو، اجرت، ماڻهپو، ڀلا تحرير جو حق! ڀلا زندگيءَ جي زندهه رهڻ جو حق، پنهنجو نه سهي پنهنجن ٻارڙن جو حق، ڀلا اديب جي زندگي ۽ انجي ٻچن جي زندگي جو حق.

آءٌ توهان جو توجهه پاڻ ڏانهن نه پر پنهنجن معصوم ۽ مستقبل جي پاڪستان جي معزز شهرين يعني اديبن جي ٻچڙن ۽ حيا ناصره، سنڌيا ۽ محمد عليءَ جي انهن واقعن ۽ حالتن ڏانهن ڇڪائڻ ٿو گهران. جن سڀني کي هڪجهڙيون حالتون ۽ هڪ جهڙو مستقبل ورثي ۾ مليو آهي.

شل انهن جو مسقتبل خطري ۾ نه پوي ۽ هنن کي هڪ آزاد، منصف مزاج، امن پسند، اعتدال پسند، زندگيءَ جي حق جي ضمانت ڏيڻ وارو ڪو سماج، ڪو معاشرو ملي، جنهن ۾ هو هڪڙي اديب جي گناهن جي ڪري معتوب نه ٿين، پر هڪ انسان جي ٻار جي حيثيت ۾ زندگي بسر ڪري سگهن.

اهو ئي سبب هو، جو مون سنڌالاجي کي گذارش ٿي ڪئي ته اهو ادارو منهنجيءَ هن تحرير کي ٻارن جي عالمي سال جي دوران شايع ڪري. (مان ان اداري جو پوري دل سان شڪريو ادار ٿو ڪريان جو اهو هن تحرير کي ٻئي ئي سال 1980ع ۾ شايع ڪري رهيو آهي.)

 


 

 

هڪڙو محرڪ

 

مون کي ياد ناهي ته اهو ڪهڙو ڏينهن ۽ ڪهڙي تاريخ هئي.

        ڪراچي کان حيدرآباد ٿي آياسون. تون به عجيب قسم جو جوڪ (Joke) آهين. توکي چيوسون ته تون ناٽڪ سٺو ٿو لکين ته تو ناٽڪ لکڻ بند ڪري ڇڏيو. توکي چيوسون ته تون تنقيد جي سوال تي مفيد ڪم ٿو ڪري سگهين ته تو هڪڙو مضمون لکي ڪتاب ويڙهي رکي ڇڏيا. ڄڻ تنقيد جو سڄو بار تو تنوير تي هڪڙو مضمون لکڻ سان     ] [*لاهي ڦٽو ڪيو هو! مون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، جيئن ويٺو هوس تيئن ويٺو رهيس. هاڻي توکي پئجي ته حيدرآباد کان اڳ ۾ متان لٿو آهين، ته تون چوندين ته گاڏي جهل، مون کي هن ٽڪريءَ تي ضرور چڙهڻو آهي.

        مان هڪڙو ٻه منٽ خاموش رهيس مگر متوجهه ٿيڻ لڳس. مون چيو؛ چئبو ته هاڻي يا پيٽرول ختم ٿيو آهي يا توکي پاڻ ئي ڪو تفريح جو خيال ٿيو آهي. اڄ نه.. ڇو؟. اڄ ڪم آهي حيدرآباد ۾ ۽ وري موٽڻو به اٿم. توکي روانو ڪري ڇڏيندس. تفريح ڪنهن ٻئي دفعي.... ڪيئن!

        اسان ٻيئي ڪڏهن ڪڏهن رات جو ٽڪرن تي به رلندا وتندا هئاسون.

        گاڏي دونهان ڇڏيندي ٿي هلي. پراڻي ڪار اصل جڏي گاڏي آهي! ٻيلي ڪا چڱي گاڏي وٺ! ٺيڪ آهي، وقت نڪري ٿو. ايڏو ڪو وڏو سفر به ڪرڻو نه ٿو پوي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد، حيدرآباد کان خيرپور، خيرپور کان ڪڏهن ڪڏهن ساهرين ۽ سوڀي ديري ٻيو ڇا...... پر تون منهنجي ڳالهه جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪر.... شايد تون ڊڄين ٿو. ڪيئن! خيال اهو به آهي ته تنقيد نگار ثانوي حيثيت جو اديب هوندو آهي. هو تخليق ڪارن جون آهلون ٿو ڪري. يا پنهنجن ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ بنهه تخليق جي واٽ ڇڏي تنقيد جو رستو اختيار ٿو ڪري.

        تو پراڻو هٿيار هڪ دفعو وري به آزمايو آهي..... اصل ڳالهه اها آهي ته تنقيد هڪڙو مشڪل ۽ طويل يا ڊگهو علمي معاملو آهي. پر توهان چاهيو ٿا ته ..... پر جي اهو ڊگهو معاملو تنهنجيءَ يا منهنجيءَ حياتيءَ کان ڊگهو ٿي وڃي ته پوءِ ..... لکيو ته پوءِ به ويندو. تون لکين، آءٌ لکان يا ڪو ٻيو لکي... پر.... حيدرآباد!....... رستي جو خيال ڪر!..... ٽريفڪ جو خيال ڪر، شهر آهي!.... بريڪ! بريڪ!!.....


 


*  (تنوير عباسي ۽ ورڊس ورٿ نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن آڪٽوبر 1972ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com