سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :13

شيخ اياز

سنڌ و فيلسوف- شاهه لطيف

 

منهنجي لاءِ ان کان وڏو اعزاز ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو توهان فلسفه ڪانگريس جي ان ميڙ جي صدارت جو شرف مون کي بخشيو آهي، جيڪو منهنجي ديس جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سڳوري نالي سان منسوب آهي.اها منهنجي خوش بختي آهي جو آءُ اڄ ان شخصيت آڏو پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪري رهيو آهيان. جيڪو منهنجي روح جو استعارو آهي. جنهن جو فلسفو شعور جي روشني ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي، ۽ رڳو هڪ مان ئي نه، سنڌ ڌرتيءَ جو ذرو ذرو ان سج جي تاب سان ٻهڪي ۽ جڳ مڳ جرڪي رهيو آهي. لاکيڻي لطيف جو آواز مهد کان لحد تائين اسان جي وجود ۾ گونجندو رهي ٿو.

ان کان اول جو مان شاهه ڀٽائي جي فيلسوفيءَ ۽ فڪر جو ذڪر ڪريان، مان منهنجي ۽ اسان سڀني جي هڪ اهڙي ڪوتاهي ۽ ڪم- نظريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري ٿو ڀانيان، جيڪا اسان جي قومي بد نصيبي برابر آهي. اسين ماڻهو تيستائين پنهنجي عظمتن ۽ بلندين جو اعتراف ڪو نه ڪندا آهيون، جيستائين غير جي نگاهه اسان کي اهو احساس نه ڏياري. اها بيقدري ۽ ناشناسي رڳو اسان وٽ ئي نه آهي پر لڳ ڀڳ سموري اوڀر ۾ آهي. اسان عمر خيام جي عالمگير عظمت کي تڏهن سڃاتو. جڏهن Fitz Garald ان آڏو ڪنڌ نوايو ڪاليداس کي تڏهن مڃيوسين. جڏهن Max Muller سندس عظمت جو اعتراف ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح شاهه لطيف ۽ ٽئگور جي اعليٰ مقام ڏانهن تڏهن اک کڻي نهاريوسين. جڏهن سورلي ۽ بيٽس (Yeats) انهن جي قدر ۽ قيمت جي جهلڪ ڏيکاري. خاص طرح شاهه لطيف کي ته ڪو عرصو مقامي حد بندين ۾ بند رکيو ويو، جڏهن ته هو جاگرافيائي حدن کان ٻاهر جو انسان هو. هن ميڙ ۾ مان اها ڳالهه ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ٻولي رڳو فڪر ۽ سوچ جو ويس هوندي آهي، ۽ ويس وڳا مٽبا رهندا آهن.

شاهه لطيف جو فڪر ۽ سوچ جنهن به ٻوليءَ ۾ پيش ٿيندا، ان ٻوليءَ کي نيون بلنديون ۽ ڪشادگيون ڏيندا. سقراط کان وٺي آئن اسٽائن تائين، هومر کان وٺي ٽي ايس ايليٽ تائين جيترا به فيلسوف ۽ اديب ٿي گذريا آهن، انهن جي فڪر ۽ سوچ سان ئي اسان جي ٻولين جو معيار مٿانهون ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان ٻولي جي دائرن کي ڪشادو نه ڪيون، ته جيڪر پنهنجو پاڻ ۾ ئي سسي سڪي وڃون، ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين ٻين جي عظمت کي سڃاڻينداسين. اولهه (يورپ) کي اسان تي اها ئي برتري حاصل آهي.

اسان سان ويڌن (Tragedy) اها آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون، هر وقت ٻين جي نظر جا محتاج رهون ٿا. شايد ان جو سبب، اُها احساس ڪمتري هجي، جيڪا صديون پراڻي غلاميءَ جو نتيجو آهي. اسان جي تهذيبي تباهيءَ جو هڪڙو ڪارڻ يا محرڪ پاڻ پرکڻ ۽ پاڻ تي ڀارڻ جي اها گهٽتائي به آهي، جيتوڻيڪ هر اتم انسان هڪ خاص انداز ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڏئي ويندو آهي.

علامه اقبال چيو هو ته:

من نوائي شاعر فرد استم

غالب چيو هو ته:

لوح جهان پر حرِف مکرر نهين هون مين

مير تقي مير چيو هو ته:

افسوس تم کو مير سي صحبت نهين رهي

 

شاهه لطيف جي صحبت مان ٻه سئو سال فيض پرائڻ جي باوجود، اسان هُن جي عظمت کي سندس اشارن ڪناين مان نه سڃاتو، پر، (H.T. Sorely) جا ٿورائتا ٿياسين.

شاهه سائينءَ هڪ هنڌ پنهنجي لاءِ چيو هو ته:

جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

سندس ڪلام اڄ به معرفت جي رمزن ۽ ڄاڻ جي رازن جو آئينو آهي، رڳو ان اک جي ضرورت آهي جيڪا ان آئيني منجهه پيهي ڏسي سگهي.

شاهه صاحب جو بنيادي مسلڪ تصوف ۽  فلسفي ۾ اهو ئي لاڳاپو آهي جو دل ۽ دماغ ۾ آهي. هڪڙو حقيقت کي حاصل ڪرڻ جو وجداني عمل آهي ۽ ٻيو عقلي، پر افلاطون ۽ ارسطو کان وٺي محي الدين ابن العربي ۽ امام عزاليءَ تائين فلسفي ۽ تصوف ۾ جيڪي ٻه طرفان لاڳاپا وڌيا ويجهيا آهن، سي دل ۽ دماغ کي ساڳي ئي منزل تي رسائين ٿا، خاص ڪري اسلامي تصوف ۾ فلسفو ڪنهن الڳ شيءِ جي حيثيت ۾ باقي نٿو رهي، پر ٻئي هڪ جان ۽ هڪ قالب ٿي وڃن ٿا.

شاهه لطيف جيڪو پنهنجي دؤر جو هڪ عظيم شاعر ۽ وڏو موسيقاربه هو، تنهن پنهنجي وجد ۽ فڪر کي شاعري ۽ آواز جي آلاپ ۾ اهڙي ريت سمائي ڇڏيو، جو ٻيائي ختم ٿي وئي، ۽ تاثر جي اهڙي وحدت جنم ورتو،  جيڪا پنهنجي جڳهه تي هڪ ڪلجي حيثيت رکي ٿي.

شاهه صاحب جا صوفياڻا ۽ فيلسوفاڻا فڪر ساري جا سارا هڪ آواز ۽ هڪ ليءِ ۾ گڏجي ويا آهن. ان ليءِ ۾ سمورن رنگن جو روپ موجود آهي. سڀني جذبن جو جوش ڇوليون ٿو هڻي، مڙني احساسن جون سنوتون ظاهر آهن، پر ائين جيئن ڪيئي درياهه هڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، پاڻ هڪ اجهل ۽ اٿاهه ساگر ٿي ويندا آهن.

شاهه لطيف جي شخصيت به هڪ اهڙي ئي مڪمل شخصيت آهي. ٻن سئو سالن کان سنڌي شاعري سندس مڌ سان متوالي ۽ مست رهي آهي، وقت جا فاصلا به ساڻس اسان جا ناتا ٽوڙي ڪو نه سگهيا آهن ۽ موجوده دؤر جي زندگيءَ جي مسئلن ۽ آئيندي جي فڪر ۾ به هو مست هوا ۽ چلولي چنچل سرهاڻ جيان اسان جو همسفر آهي. ايڏو تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾، جتي ماضي جا قدر ٽڙي پکڙجي ويا آهن، شاهه لطيف جو زندگيءَ جو تصور ايترو ئي تازو توانو آهي جيترو ٻه صديون اڳ هو.

مولانا غلام رسول مهر شاهه صاحب جي ڄم جو ذڪر ڪندي پنهنجي هڪ مقالي ۾، هڪ اهم نڪتي ڏانهن اشارو ڪيو آهي:

شاهه صاحب 1101هه يعني 1689ع ۾ ڄائو، مطلب ته سندس جنم ٻارهين صدي هجري جي بلڪل شروع ۾ ٿيو. عوام جي عقيدي موجب صديءَ جي بلڪل آخر ۾ مجدد پيدا ٿيندا آهن. شاهه عبداللطيف کي ڪو ماڻهو عام اصطلاح ۾ مجدد مڃي يا نه مڃي، پر ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته هن پنهنجي شاعريءَ سان سنڌي ٻولي کي جياري ڇڏيو. سندس تعليم عرفان ۽ علم وارن جي تعليم هئي. جيڪا پنهنجي گهڻ رُخي هئڻ سبب زمان ۽ مڪان جي قيد کان آجي هوندي آهي. جنهن جا مخاطب رڳو اهي ماڻهو نه هوندا آهن. جيڪي پڙهيلن ڳڙهيلن جي اڳيان پويان نظر ايندا آهن. پر جنهن جا مخاطب هر دؤر، هر ملڪ ۽ هر قوم جا فرد هوندا آهن. سندن زبان تي جيڪي ڪجهه هوندو آهي. سو انسانيت جو سبق هوندو آهي. آفاقيت جو وعظ هوندو آهي. هو انسان ٺاهڻ جا قالب ٺاهيندا آهن ۽ انسانن کي اعليٰ انسان بڻائيندا آهن، ۽ پنهنجي پهچ آهر انهن ۾ فرض پوري ڪرڻ جو جذبو ۽ شوق پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن لاءِ خدا پيغمبر کي دنيا ۾ موڪليندو آهي.

ان حوالي جي روشنيءَ ۾ شاهه صاحب جي دؤر ۽ سندس شاعريءَ جو جائزو ورتو وڃي ته بيشڪ سندس شخصيت:

 

پيغمبري کرد و پيمبر نتوان گفت

جي چوڻي نظر اچي ٿي.

علامه اقبال هڪ هنڌ پنهنجي شاعريءَ بابت لکيو آهي:

مري نوائي پريشان کو شاعري نه سمجهه

که مين هون محرم راز درون ميخانه

 

شاهه صاحب به زندگيءَ جي رمزن ۽ ڪائنات جي رازن جو هڪ اهڙو ئي ڄاڻو هو، لطيف به حقيقت جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي وسيلو بڻايو.

مير چواڻي:

 

کيا تها شعر کو پرده سخن کا

وهي آخر کو ٺهرا فن همارا.

۽ ان فن کي هر عظيم شاعر وانگر. شاهه صاحب به پنهنجي فڪر سان مالا مال ڪري ڇڏيو.

شاهه سائين بيان ۽ اظهار جو جيڪو سليقو سنڌي شاعريءَ کي بخشيو ان جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪٿي به ڪو ڳنڍ يا جوڙ نظر نٿو اچي. هن جيڪي لفظ، جيڪي پهاڪا ۽ جيڪي استعارا استعمال ڪيا، سي سڀ هن ئي ڌرتيءَ جي جهول مان چونڊيا.هن پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ تاريخ کي پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي اندر ۾ جهاتي پاتي، انهن جي ڏکن سکن کي سهيڙيو. سندن سپنن کي پنهنجي نيڻن ۾ سانڍيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي انهن جي تعبير جو آئينو بڻائي ڇڏيو.

ان مقصد لاءِ هن اظهار جو تمثيلي انداز اختيار ڪيو ۽ جيئرن جاڳندن ڪردارن جي وسيلي پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائي. اهي ڪردار، جي هن پنهنجي دور جي لوڪ ڪهاڻين مان چونڊيا. استعارن ۽ علامتن طور سندس ڪلام ۾ ظاهر ٿيا آهن. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ کي ان ڪري ديسي رنگ ۾ رڱيو آهي. ته جيئن سندس خيالن جي فضا اوپرائپ ۽ ويڳاڻپ جي ور نه چڙهي وڃي ۽ حياتيءَ جون فلسفياڻيون حقيقتون، ڄاتل ڪيفيت ۽ محسوس ٿيندڙ انداز ۾، وڌيڪ اثرائتي نموني چٽيون ٿي سگهن. شاهه صاحب جي ڳالهه ٻولهه جيئن ته سڌو سنئون عوام سان هئي، تنهن ڪري هن لفظن جي چونڊ ۾ عوام جي ذهن ۽ عوام جي ريتن رسمن کي به اڳيان رکيو ۽ هڪ مخصوص مڌرتا ۽ ليءِ سان پنهنجي ڪلام کي ملائي ڇڏيو. ته جيئن پڙهڻ وارو وجد ۾ اچي جهونگارڻ لڳي ۽ سندس پيغام روح جو گيت بڻجي رڳ رڳ ۾ رچي وڃي.

شاهه صاحب جو مخاطب عوام هو، هن عوام کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته ظاهر جي حقيقت ڇا ٿيندي آهي ۽ باطن جي حقيقت ڇا آهي. شاهه سائينءَ وٽ ٻنهي حقيقتن جو ادراڪ هو، سندس نظر نه رڳو پنهنجي دؤر جي تاريخ ۽ سماج تي هئي پر انهن ڳجهن محرڪن تي به هئي جيڪي تاريخ جي وهڪري جو رخ طئي ڪندا آهن، ۽ سماج جي اجتماعي روح کي آهستي آهستي پنهنجي قالب ۾ سمائي ويندا آهن. مغل سلطنت جو زوال، نادر شاهه درانيءَ جو حملو، يورپي قومن جي مداخلت ۽ مقامي حاڪمن جون گهرو لڙايون، شاهه صاحب جي دور کي هڪ چوپاسي طوفان جي آڏو آڻي بيهاريو هو. هن کي پڪ هئي ته هاڻي اهو طوفان تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي هر روايت کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندو ۽ ايڏو پري کڻي وڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو جو وري ان جو ڪو ذرڙو به هٿ نه اچي سگهندو. ظاهري حقيقت جي اها ڀڃ ڊاهه، ٿي سگهي ٿو ته باطني حقيقت کي به ڀڃي ڀورا ڪري وجهي، شاهه ڀٽائيءَ روح جي دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ اوندهه ۾ هٿوريون هڻندو. جسمن کي تصوف جي وسيلي ڄاڻ ۽ حڪمت جي سوجهري ۾ وٺي آيو.

شاهه صاحب صوفي شاعر هو پر تصوف جي ان مسلڪ جو قائل نه هو جيڪو انسان کي تارڪ الدنيا بڻائي ڇڏي ٿو. شاهه صاحب ان جي ابتڙ زندگيءَکي ماڻڻ جي تعليم ڏني آهي. هو ترڪ جي بجاءِ طلب جو طرفدار آهي. سندس خيال ۾ طلب هڪ متحرڪ، روح افروز، ۽ محو ۽ مشغول رکندڙ عمل آهي. ڪنهن شيءِ کي ڳولڻ ۾ جيڪو انتظار، چاهه، هورا کورا ٿيندي آهي. اها ان خوشيءِ کان گهٽ پر جوش نه آهي، جا ان کي حاصل ڪرڻ تي حاصل ٿيندي آهي.

آڳاٽي زماني جا صوفي هن دنيا کي شر جو گهر سمجهندا هئا، تنهن ڪري رد عمل طور ئي انهن اهو فيصلو ڪيو هو، ته روحاني طاقت ۽ خير حاصل ڪرڻ لاءِ هن دنيا کان ڪناره ڪش رهڻ کپي، پر ابن العربي جهڙن جليل القدر مفڪرن ان رد عمل کان منهن موڙيو ۽ منطقي طور تي عام مادي ۽ روحاني رشتي کي ايترو سهڻي نموني سان جديد فلسفي جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو جو پوءِ جا مفڪر ۽ صوفي سڳورا کانئس متاثر ٿيڻ بنا نه رهي سگهيا.

شاهه لطيف، محي الدين ابن العربي وغيره جي فڪري جدت جو جيڪو اثر مثنوي جي وسيلي قبول ڪيو، ان جو ڪو به چٽو مثال نظر نٿو اچي. پر اها حقيقت آهي ته هو زندگيءَ کي هڪ اڻ کٽ سلسلو سمجهندو هو. ڀٽائيءَ جي خيال ۾ حياتي ۽ مماتي رڳو وچ جا مرحلا آهن، نه ته انساني زندگيءَ جي نه ڪا چٽي شروعات آهي نه ئي پڄاڻي.

ڪڏهن ڪڏهن شاهه لطيف زندگي ۽ موت بابت هيئن به سوچي ٿو ته ڄڻ اهي شعور ۽ لاشعور جا ملندڙ جلندڙ ٻه جدا نفسي وجود آهن. شاهه جو خيال آهي ته شعوري زندگي ماحول جي پيچيدگين کان گهٻرائيندي آهي، ان ڪري سندس سعيو يا ڪوشش عام طرح ڪنهن به نتيجي واري نه ٿي ٿئي، ان جي ابتڙ پنهنجي وجود کي پنهنجي مقصد ۾ سمائڻ سان مشڪلاتن جو ڪوبه احساس نه ٿيندو آهي. ۽ انسان ڏکي کان ڏکي وقت مان به تيزي سان نڪري ٽپي وڃي ٿو. ٻن حقيقتن جي ميلاپ سان جيڪا ايڪائي وجود ۾ اچي ٿي اها هڪ اهڙي اونهي عشق سان ٽمٽار هوندي آهي، جنهن کي جنون خفردِ جي انتها چئجي ته جيڪر غلط نه ٿيندو. ان حالت ۾ نه وقت راهه ۾ رڪاوٽ هوندو آهي نه وسعتن جو احساس- ڊگهائين ۽ ويڪراين جا مفاصلا ويڙهجي هڪ وک ٿي ويندا آهن.

شاهه سائين جي ڪلام ۾ اها بي پناهه روحاني ڪيفيت تصوف سان ڳوڙهي لاڳاپي جي صدقي آهي. مولانا رومي به انهيءَ ئي آئيني ۾ حقيقت جا ڳجهه چمڪندا ڏسي ٿو ۽ شاهه ڀٽائي به.

مولانا روميءَ سان شاهه ڀٽائيءَ جي عقيدت جو سبب به اهو ئي آهي ته ٻنهي  جو سرچشمو ساڳيو آهي. ٻئي ساڳي ساگر جو ٽوٻا آهن، ٻنهي جي شاعري سچن موتين جي ڳولا جو هڪ جذباتي عمل آهي. جنهن کي سندن شاعريءَ جي اسلوب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي. فرق رڳو ايترو آهي جو مولانا رومي هڪ نڪتي کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ سڄي ساري ڪهاڻي تخليق ڪئي ۽ شاهه ڀٽائيءَ عوام جي ڪهاڻين ۽ ان جي ڪردارن جي عمل ۾ هڪ نڪتو ڳولي هٿ ڪيو ۽ ان عمل جي ڌار ڌار پهلن کي استعارن ۽ علامتن طور پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو. اهڙي طرح مخفي حقيقتن کي بينقاب ڪيو.

شاهه سائين جي سموري شاعري ڳولا ۽ جستجو جي شاعري آهي. پنهنجي مسلڪ جي بيان لاءِ هن جيڪي به ڪردار چونڊيا آهن، ان  جي خصوصيت مان به، زندگي بابت، هن جي نقطئه نگاهه جو پتو پوي ٿو. هن جا ڪردار گهڻو نڻو زنانا آهن. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر هن عورتن جا ڪردار ئي ڇو چونڊيا آهن؟

جيئن مون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو آهي ته سندس تصوف ترڪ جو سبق نٿو ڏئي. هو طلبجو طالب آهي. ۽ طلب لاءِ عمل ۽ مسلسل عمل جي ضرورت هوندي آهي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ عورتاڻا ڪردار وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ آهن. ٻيو سبب هي آهي ته اسان جي سماج ۾ عورت جبر ۽ محروميءَ جي عالمت آهي ۽ ٽيون ۽ سڀ کان وڏو سبب هي آهي ته احساس جي شدت جي باوجود، عورت، زندگيءَ کي سمورن عذابن سميت قبول ڪرڻ جا استعارو آهي. ان جي ابتڙ انهن ڪهاڻين ۾ مرد جو ڪردار ايترو فعال، ايترو حساس ۽ ايترو ڏکويل نظر نٿو اچي. ممڪن آهي ته ان جو سبب سماج ۾ مرد جي مان مرتبي ۽ ان جي عمل ۽ رد عمل ۾ لڪل هجي. بهر حال اهو هڪ جدا بحث آهي ته هرالميه داستان (Tragic Tale)۾ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت جيئري جاڳندي حقيقت ڇو ٿي بنجي وڃي.

شاهه صاحب ڇو ته رد ۽ قبول جي ڇڪتاڻ ۾ حياتيءَ کي ماڻڻ جو سبق ڏنو آهي. نتهن ڪري لوڪ ڪهاڻين جا عورتاڻا ڪردار ئي ان جي نقطئه نظر جي نمائندگي ڪري سگهن پيا ۽ انهن ئي ڪردارن جي نفسياتي مطالعي جي روشني ۾، هو ان حقيقت جو نالو آهي، جبر کان جان ڇڏائڻ جو نالو آهي، اُن عشق جو نالو آهي، جيڪو پنهنجي آدرش کي پنهنجي روح ۾ سمائي ڇڏڻ سان نروار ٿيندو آهي.

شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جو سڀ کان روشن رخ اهو ئي آهي جو سندس حياتيءَ جو تصور خلاف ۾ لٽڪيل نه آهي. هو حقيقت جي ڳولا ۾ روح جي وجود کان نٿو نٽائي. هو زندگيءَ کي هڪ محسوس ٿيندڙ روپ ۾ ڏسي ٿو ۽ زندگيءَ جي قدرن کي، جذبن جي گرميءَ سان هڪ قوت بنائي ڇڏي ٿو.

مارئيءَ جو ڏک سندس شاعريءَ ۾ حب الوطني جو اڏول ڀنڀٽ بڻجي ظاهر ٿئي ٿو، ته سسئي جو ڏک طلب جو هڪ بيڪران بيابان ٿي پکڙجي ٿو وڃي. ليلان جي ڳوڙهن ۾ وڃائجي ويل شيءِ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي جستجو لڇندي پڇندي نظر اچي ٿي ته نوريءَ جي روپ ۾ وفاداريءَ جو جرڪندڙ وجود جنم وٺي ٿو.

شاهه صاحب نه رڳو انهن محسوس ٿيندڙ ڪردارن جي داخلي تصور چئي آهي پر انهن جي خارجي حالتن جو تجزيو به ڪيو آهي. هوُ ڌرتيءَ سان انسان ۽ زندگيءَ جي ناتي کي ڪڏهن به وساري نٿو. هو انهن سمورن محرڪن جو به گهرو مطالعو ڪري ٿو، جي سماج جي مختلف مسئلن جو سبب آهن. انسان جي فطرت جا جيڪي به رخ ڏسي سگهجن ٿا، شاهه صاحب انهن تي به روشني وجهي ٿو ته جيئن اُهي وڌيڪ نروار  ٿي پون. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ زندگي مجرد حقيقت نه آهي. پر هڪ محسوس ٿيندڙ حقيقت بڻجي ظاهر ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائيءَ جا چشما، جتي اهڙا سوين هزارين فطري لقاءُ پنهنجي جمال ۽ جلال جي رنگينن سان رنگ چٽيندي ۽ جڳمڳائيندي نظر ايندا. اُتي مهاڻن، ملاحن، دونهي دکائي ويهندڙ جوڳين، هجرن ۾ گهاريندڙ ۽ ڪومايل چهرا به نظر ايندا، جن  جي پيشانيءَ تي وقت پنهنجي تاريخ لکي ڇڏي آهي.

شاهه صاحب ان تاريخ جو اهڙو مؤرخ نه آهي جو رڳو اڪريل اکر پڙهندو آهي ۽ انهن کي پنن تي اتاري ڇڏيندو هجي. شاهه صاحب هڪ عظيم مفڪر جيان پنهنجي دؤر جي تاريخ جو اڀياس بين السطور (Between the Lines) ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ سٽن وچ ۾ لڪل هوندي آهي.

شاهه صاحب جو ڪو به بيت کڻو، اهو ظاهري طرح ته هڪ ڪردارجي هڪ پل جو اظهار آهي، پر حقيقت ۾ اُهو هڪ پل سڄي دؤر کي گهيري ۾ ڪيو بيٺو آهي. ان دؤر جي هر انسان جو سانحو محسوس ٿيندو. ۽نه وري جڏهن اسين ان کي وقت جي قيد مان آزاد ڪري جاچينداسين، ته اهو هر دؤر جي هر انسان جي دل جي ڌڪ ڌڪ ۾ گونجندو ملندو، تاثر جي اها ابديت، انسان جي فطرت جي ڳوڙهي مطالعي ۽ ان جي بيان جي غير معمولي ڏات، مهارت ۽ حاصلات کانسواءِ ڪنهن به لکڻي ۾ پيدا ٿي نٿي سگهي. ان کان سواءِ ان بنيادي سچائيءَ جو ادراڪ به ان ابديت جو لازمي حصو آهي، جيڪو رڳو هڪ وڏي شاعر. هڪ وڏي اديب ۽ هڪ وڏي مفڪر کي ئي نصيب ٿيندو آهي، ان ڪري جو ان جي نظر رڳو خارجي حالتن تي نه هوندي آهي پر آڏي منظر کان ڏور. اکين کان اوجهل حقيقت تي به هوندي. ۽ جڏهن اک کان اوجهل حقيقتون محسوس جسمن جو روپ وٺي. جيئرن جاڳندن انسانن وانگر نروار ٿينديون، ته انهن انسانن کي جاگرافيائي حدبندين ۾ قيد نه ڪري سگهيو. هو پنهنجي مخصوص شڪل شبيهه، خاص لباس ۽ لفظ ۽ آواز جي نمايان حد بندين جي باوجود سموري عالمي ڀائيچاري جا ترجمان نظر ايندا.

شاهه جو شاعراڻو فڪر زمان ۽ مڪان جي قيد کان ان معنيٰ ۾ آزاد آهي ته هن هڪ پل ۾ صدين کي سهيڙيو ۽ سمايو آهي. چند ڪردارن جي ويس ۾ دنيا جي هر انسان جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو آهي. چند ڪهاڻين جو حوالو ڏئي، هر ان ڪهاڻيءَ جو تجزيو ڪري ڇڏيو آهي، جا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ زنده حقيقت طور ٻڌي ۽ ٻڌائي پئي وڃي.

مولانا غلام رسول مهر ان ئي معنيٰ ۾ ڀٽائيءَ کي مجدد جي نالي سان سڏيو آهي. هو شرع ۽ فقه جي لحاظ کان عام اصطلاح مطابق مجدد نه آهي، پر ادب جي جهان ۾ کيس اهو مقام ۽ مرتبو يقيناً حاصل هوندو آهي.

مون جڏهن به شاهه صاحب جي ڪلام تي سوچيو آهي ته مون کي ائين محسوس ٿيو آهي ته خدا ڏانهن ڪو به عام رستو نٿو وڃي، خدا ڏانهن رڳو سوڙهيون گهٽيون ئي وينديون آهن، ڀٽائيءَ جو هر ڪردار اهو چوندو نظر اچي ٿو ته:

اي آڳ، مان پنهنجيون هڏيون ڀڃي ڀورا ڪري تنهنجي ٻارڻ ۾ اڇلائي رهيو آهيان، ته جيئن تون اُجهامي نه سگهين.

شاهه سائينءَ جا سمورا ڪردار تلوار جي تيز چهنب تي نچندي نظر اچن ٿا. هرڪو پنهنجي صليب ڪلهي تي کڻيو پيو هلي. جيڪو قول يا عمل هنن کي پنهنجي تقدير جي واٽ تان هٽائڻ چاهي ٿو. ان کي هو ڪبير گناهه برابر سمجهن ٿا. جڏهن خدا انهن ڏانهن مائل ٿيندو آهي، ته انهن جا مٿا پهاڙن تي سٽيندو آهي ۽ جبلن جي چوٿين تان اڇلائي انهن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو آهي، اها ئي انهن جي آزمائش جي انتها آهي. هو جيستائين وڃي سگهندا آهن، ان کان به اڳتي هليا ويندا آهن.

شاهه صاحب جي ڪردارن کي ڏسي پڙهندڙ اهو سوچڻ لڳي ٿو ته اهو نيل پنک جنهن کي انسان جو روح چيو ويندو آهي. ان جو پيڇو ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو آهي.

هن جا ڪردار، هو نئن ته سڀئي عوام منجهان چونڊيل آهن، پر شاهه انهن کي ابدي قدرن جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي. هيلن هڪ عام زوري کنيل ڇوڪريءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه هجي ها. (جنهن جي اغوا تي ٻه ڳوٺ لڙائي ڪن ٿا) جيڪڏهن هومر جو قلم کيس پنهنجو نه ڪري ها. ۽ من موهيندڙ سونهن جي علامت نه بڻائي ڇڏي ها. ڀٽائيءَ جو هر هڪ ڪردار لاڳيتي ڳولا ۽ قربانيءَ جي جذبي جو اهڃاڻ آهي.ڄڻ هو چنڊ کي ڏسي چئي رهيو هجي.

او چنڊ! مان تو کي ڪيئن حاصل ڪريان؟

چنڊ چوي ٿو:

جبل جي چوٽيءَ تان ٽپو ڏي. مان تو سان هيٺ چشمي ۾ ملندس.

هر هڪ ڪردار پنهنجي جنت ۾ وڃڻ لاءِ ڪهاڙيءَ سان ان جا بند در ڀڃي رهيو آهي ۽ سندس ٻانهون ساڻيون ٿي پيون آهن ۽ هٿ رتو رت ٿيل آهن. ان لاڳيتي جيءَ جي جوکي، مسلسل جستجو جي حالت ۾ ڪٿي به مايوسيءَ جو پاڇو نه ٿو پئي. ڄڻ هن جو هر ڪردار عذابن جي ٻوڏ ۾ ٻڏي چوندو هجي ته هن ڌرتيءَ تي جيستائين گل ٽڙيل آهن، ٻار آهن، پکي آهن، ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندو. شاهه صاحب ۾ اها رجائيت اوچي ۽ اتم حد تائين ملي ٿي، ۽ ان رجائيت جي يبان لاءِ هن وٽ هڪ رچي راس ٿيل ٻولي آهي. جنهن ۾ قديم زماني جي لفظن جو پڙاڏو ٻڌجي ٿو. هن جي هر لفظ کي هڪ روح آهي. جيڪو صدين جي لاڳيتي ارتقاءَ مان لنگهيو آهي. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته عوامي ٻولي جو ڪو به لفظ ڳرو نه ٿيندو آهي. ظاهري طرح ڳري يا ڏکي لفظ تي دم عيسيٰ ڦوڪارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر ان کان سواءِ شاعري پيغمبريءَ جي هام به هڻي نٿي سگهي. شاهه صاحب ڳوٺاڻي ٻوليءَ جي هر لفظ کي جبرائيل جا پر ڏئي ڇڏيا آهن. هن ان ٻوليءَ کي جادو ئي ترنم سان به نوازيو آهي. اهڙو ترنم جو ڪنهن ڳائڻي يا ساز- نواز جي فني احسان جو محتاج نه آهي. رنگ ۽ خوشبو جو ترنم سان ابدي رشتو ٿيندو آهي. رنگ ۽ سرهاڻ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. اهو ناممڪن نه آهي ته ريگستاني ڦول مان مڱتي جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ۽ هڪ سنڌي وائيءَ مان ٺٽي جي موتين جي مهڪ اچي. منهنجي خيال ۾ ڀٽائيءَ جي لفظن مان ڪڏهن ڪڏهن اڇي مکڙي ٽڙڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي بيتن ۾ هڪ جلال جي ڪيفيت ڇرڪائي ڇڏي ٿي، ڄڻ هن جو نَڙُ چوندو هجي ته:

هائو مون ۾ منهنجو ساهه ڦوڪي ڇڏ. پنهنجو ساهه ڦوڪي ڇڏ، جئين هڪ شينهن پنهنجي تازي ڄايل ٻچڙي جي وات ۾ ساهه ڦوڪيندو آهي.

جيئن مون اڳ به عرض ڪيو آهي. شاهه ڀٽائي عام سوچ ۽ سمجهه موجب فلسفي نه هو، هو هڪ صوفي هو ۽ تصوف جون پاڙون فلسفي ۾ آهن. پر هن جو تصوف هن ڌرتيءَ مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو هو. مان سمجهان ٿو ته هاڻي به هو طوبيٰ جي پاڇي مان اٿي جنت جي ڳڙ کيءَ مان جهاتيون پائيندو هوندو ۽ پنهنجي خاص مريد کي چوندو هوندو:

ڪاش! اسين سنڌ جي وارياسي ۾ هڪ جهومندڙ سائو پن ڏسي سگهون.

(31-30 مئي 1979ع تي قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد جي سهاري هيٺ، 20 آل پاڪستان فلاسافي ڪانگريس ۾ شاهه عبداللطيف اجلاس جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com