سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :19

الهداد ٻوهيو

 

شعر جي اڀياس جا نوان طريقا

(الف- (1) مهاڳ:

شعر جي اڀياس (Study of Poetry) جي طريقن ۾ لڳاتار ڦير گهير ۽ سڌارو ٿيندو رهيو آهي. جن ڳالهين جي ڪري هي سڌارو آيو آهي، تن مان ڪي هي آهن:

(1) ٻوليءَ جي استعمال ۽ بهتر ٻوليءَ جي معيار جي باري ۾ ڪي نوان نظريا ظاهر ٿيا آهن.

(2) شاعريءَ جي ضرورت ان جي فني حيثيت ۽ ان جي ٻوليءَ جي باري ۾ به وڌيڪ مطالعي ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ڪري ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون اڳيان اڀري آيون آهن. هاڻي هنن سوالن جا جواب ته شعر ڇا آهي؟ ٻوليءَ جو ڪم ڪهڙو آهي؟ نثر ۽ نظم جي وچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ بلڪل نرالا ڏنا ٿا وڃن. هي سڄو ڪم ادب جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تور تڪ (Criticism) جي علم جي ترقيءَ جي مدد سان ٿيو آهي. ادبي تنقيد اسان جي اکين جي اڳيان اسان جي ڏسندي ڏسندي ترقي ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي اُها گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي. 1950ع ۽ ان کان پوءِ وارو دؤر، سنڌي ادب ۾ نئين سجاڳيءَ وارو آهي ۽ اهو ئي دؤر آهي جنهن ۾ ادبي تنقيد وڏي ترقي ڪئي آهي. هاڻوڪي تنقيد، ادب ۾ آرٽ جي ضرورت کي گهٽائڻ جي حق ۾ ته نه آهي، پر ان جا اصول اهڙا آهن، جو هاڻي ادب ۾ وڏي ۾ وڏي حيثيت آرٽ کي نه، پر ان جي سماجي ڪارج کي ملي رهي آهي. آرٽ کي به هاڻي ڪنهن نه ڪنهن سماجي ڪارج جي پورائيءَ جو هڪ وسيلو سمجهيو ٿو وڃي. هن جو مطلب اهو نه آهي ته خود آرٽ جي اهميت گهٽجي چڪي آهي، پر هن جو مطلب فقط اهو آهي، ته آرٽ هينئر خود مقصد نه آهي، پر ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي ۽ شعر ۾ آرٽ شعر جي مساوي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي تمام مٿاهين درجي تائين پهچائڻ جو وسيلو آهي.

شاعريءَ کي ڪجهه وقت اڳي يعني آرنولڊ جي زماني ۾ انسان ذات جو روحاني ورثو سمجهيو ويندو هو. شاعري اڄ به انسان ذات جي روحاني ورثي جهڙي آهي، پر اڄ انهيءَ روحاني ورثي کي انسان جي معاشي، معاشرتي ۽ سماجي زندگيءَ جي گهرجن پٽاندر نون طريقن سان ڏٺو ٿو وڃي.

 

(2) ڪي بنيادي ڳالهيون

شاعريءَ جو وسيلو (medium) فقط هڪڙو آهي ۽ اُهو آهي ٻولي، ٻوليءَ جي باري ۾ وڏي تبديلي ان وقت آئي، جنهن وقت اهو ڏيکاريو ويو ته ٻوليءَ جو ايڪو لفظ نه پر جملو آهي. هن ننڍڙيءَ ڳالهه، ٻوليءَ جا ڪيترائي آسماني نظريا ڊاهي وڌا. اڳي اهو سمجهيو ويندو هو ته نالا ٻوليءَ جو بنياد آهن، ۽ فعل ۽ صفتون بعد ۾ نالن جي ڪري ٺهيون آهن. هن خيال ۾ ٻوليءَ جي بياني حيثيت ۽ اظهار واري پهلوءَ کي بنيادي نه پر ثانوي حيثيت ڏني ويندي هئي. نالن يا اسمن کي ٻوليءَ جي سڄي هنر جو سر چشمو سمجهيو ويندو هو.

پر هاڻي نالي جي حيثيت ۾ وڏي ڦير گهير آئي آهي. نالو هاڻي پنهنجي جدا حيثيت ڪو نه ٿو رکي. نالو هاڻي فقط جملي جو هڪ جزو (Component) آهي، ۽ نالو هاڻي يا ته فعل آهي يا مفعول. هينئر وڏو زور صفتن، فعلن ۽ ظرفن تي آهي. ڇو ته ٻوليءَ کي هاڻي جيڪا نئين حيثيت ملي آهي. تنهن ۾ سڄو زور آهي معنيٰ تي، ۽ معنيٰ پيدا ڪرڻ ۽ معنيٰ پکيڙڻ جو ڪم اسم نه پر  صفتون، فعل ۽ ظرف ڪري رهيا آهن. ان ڪري ٻوليءَ جي هاڻوڪي حيثيت ۽ اهميت جي خيال کان وڏو زور به هنن تي ڏنو ٿو وڃي.

پر ياد رکڻ گهرجي ته هاڻوڪي وياڪرڻي نظريي پٽاندر، خود صفت، فعل ۽ ظرف به جدا جدا ڪا حيثيت ۽ اهميت نٿا رکن، ڇو ته ٻوليءَ جو ايڪو لفظ نه پر جملو آهي. ان ڪري اسمن، صفتن، فعلن ۽ ظرفن جي اهميت ۽ ڪم جو فيصلو به تڏهن ڪري ٿو سگهجي، جڏهن انهن کي جملي ۾ رکي ڏسجي. پر هيءَ تبديلي به ڪا وڏي تبديلي نه آهي. ٻوليءَ جي باري ۾ اڃا به تمام وڏيون تبديليون آيون آهن جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.

هت اهو ڏيکارڻو آهي ته ٻوليءَ جي هن نظرياتي تبديل جو، جنهن جو هت بيان اچي ويو آهي، شاعريءَ تي ڪهڙو اثر پيو آهي. هن باري ۾ عرض آ ته:

الف: جهڙيءَ ريت جدا جدا لفظن کي ڪا حيثيت ڪانهي، تهڙيءَ ريت شاعريءَ ۾ به لفظ جي معنيٰ کي ڪو مقام ڪونهي، يعني جهڙيءَ ريت اهو ڄاتو ويو آهي ته لفظ ايترو ڇنل ۽ اڪيلو آهي جو اُهو ٻوليءَ ۾ جدا رهي ڪا به معنيٰ ۽ ڪو به مطلب ڏئي نٿو سگهي. اهڙيءَ ريت اهو به مڃيو ويو آهي ته لفظي معنيٰ کي شعر جي يا شاعر جي معنيٰ چئي نٿو سگهجي.

ب: معنيٰ ۽ مطلب جو سوال شعر جي مقصد سان به تعلق رکي ٿو، ان ڪري شاعريءَ ۾ لفظن جي انهيءَ معنيٰ کي، جيڪا ڪنهن ٻوليءَ جي ڪوشش ۾ موجود آهي، تيستائين اهميت حاصل نه آهي، جيستائين اُها شعر جي مقصد جي خيال کان استعمال ڪرڻ جهڙي نه آهي.

ت: هن خيال کان شاعري ۽ نثر جي ٻولي به جدا جدا آهي، ڇو ته ڳالهائڻ جا لفظ جيڪو ڪم نثر ۾ ڪن ٿا، اُهو سندن نظم واري ڪم جهڙو نه آهي. نظم ۾ هر هڪ لفظ کي بنيادي معنيٰ کان مٿي هڪ مقصدي يا مددي معنيٰ  (Subsidiarymeaing) به هوندي آهي، ۽ اها ئي معنيٰ آهي. جنهن جي ڪري  ٻوليءَ کي شاعريءَ جي ٻولي چئي سهگجي ٿو. ان ڪري منهنجي اڳيان نظم ۽ نثر ۾ فرق رڳو اهو آهي ته نظم ۾ بنيادي معنيٰ کانسواءِ مٿين معنيٰ (Higher meaning) يا سڌاريل معنيٰ (Reformed meaning) به هوندي آهي، پر نثر ۾  اهڙيءَ معنيٰ جو هئڻ ضروري نه آهي.

هن وقت تائين نثر ۽ نظم جي رڳو فني حيثيت جي ڪري هن ٻنهي کي جدا جدا رکيو ۽ سمجهيو ويو آهي. منهنجو خيال آهي ته رڳو فني حيثيتن جي ڪري اسان ٻنهي جي جدا جدا حيثيت ته کڻي سمجهي سگهنداسون پر ٻنهي مان ڪنهن به هڪ لاءِ ائين  چئي سگهنداسون ته ٻوليءَ جو اُتم درجو فقط هن ۾ ئي آهي. ٻوليءَ جي خيال کان نثر ۽ نظم جي حيثيت رڳو معنيٰ جي درجي معلوم ڪرڻ سان مقرر ڪري ٿي سگهجي.

 ج: ٻوليءَ جي باري ۾ جڏهن اسان لفظ کي نه پر جملي کي بنيادي حيثيت ڏني، تڏهن اهو ضروري ٿي پيو ته نظم جي حالت ۾ ٻوليءَ جي سٽائن (Language sepies) کي معلوم ڪجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، ڇو ته لفظ کان پوءِ اهميت وڃي سٽاءَ (Series) جي جهوليءَ ۾ پئي آهي. ٻوليءَ جي سٽائن کي ٻين لفظن ۾ Poetic order يا شاعراڻي ترتيب چئبو آهي.

 

(3) علم عروض ۽ علم ترتيب

آءُ ڀايان ٿو ته اسان ترڪيب ۽ تُرتيب جو بنيادي فرق اڳ ۾ ئي ڄاڻون ٿا. ترڪيب جي اصولن پٽاندار اسان کي هر هڪ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت معلوم ڪرڻي هوندي آهي، ۽ اهڙي حيثيت جو تعلق هوندو آهي لفظ جو نثر واريءَ حيثيت سان، ۽ لفظ جي نثر واري حيثيت واري اهڙي نه آهي جهڙي لفظ جي نظم واري حيثيت. ان ڪري شاعريءَ جي اڀياس جي سڌريل اصولن ۽ طريقن ۽ ترڪيب (Parsing) يا ڇيد (Analysis) وارو طريقو شامل ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي طريقو آهي، جنهن تي علم عروض جو بنياد رکيو ويو هو. علم عروض ۾ وڏو سوال آوازن، اُچارن ۽ پدن جو هو، پر علم ترتيب ۾ وڏو سوال ٻوليءَ جي حسن، خيال جي ادائگيءَ، ۽ شاعراڻي انداز جو آهي. علم عروضن جي قاعدن پٽاندر شاعريءَ جو بنياد معنيٰ تي رکيو ويو هو، پر علم ترتيب ۾ اُهو زور آوازن ۽ لفطن جي بجاءِ لفظن جي هڪٻئي سان لاڳاپي تي آهي.

علم ترتيب اهڙي ترقي ڪئي آهي جو هاڻي ان جا اصول به مقرر ڪري ٿا سگهجن. هي علم، شاعريءَ جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. جنهن مطابق شاعريءَ جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. جنهن مطابق شاعريءَ کي حسن ڪمال (Sublimity) حاصل ڪرڻو آهي. ان ڪري اڌ درجي جو شعر (Sublime poetry) هاڻي علم ترتيب جي اصولن تي ئي لکي ٿو سگهجي ۽ علم ترڪيب جي اصولن تي. شاعراڻي ترتيب يا علم ترتيب ۾ اصل شيءِ لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو يا  Co- relation آهي. هن خيال کان علم ترتيب مطابق شعر جو واسطو سڌو سنئون هيٺين ڳالهين سان آهي:

اهڃاڻ (Symbol)

عڪس (Image)

استعارو (Metapher) يا اندروني معنيٰ، جنهن کي رمز (Myth) به چيو ويو آهي.

موسيقي يا سنگيت (Music) هنن چئن ڳالهين تي وڌيڪ بحث اڳتي ايندو)

شعر جي اڀياس جي باري ۾ انقلابي نظريا تمام آڳاٽو وجود ۾ آيا هئا. پر هڪ نمايان قدم مسٽر مئڪس ايسٽمن (Max eastman) کنيو. هن صاحب 1931ع ۾ ڇپايل پنهنجي ڪتاب The literary mind in the age science جي صفحي 65 تي ٻڌايو: بحر ۽ استعاري کي جدا جدا نه سمجهيو وڃي ۽ ان ڪري شعر جي مڃڻ جهڙي وصف فقط اها آهي جا ٻنهي کي ملائي ڇڏي. آءُ ڀايان ٿو ته ايسٽمن صاحب جو هي خيال علم ترتيب جي باري ۾ بنيادي پٿر جهڙو آهي، ڇو ته هت عروض جي اڪيلي حيثيت کي للڪاريو ويو آهي. استعاري کي عروض جي معاملن ۾ هٿ اٽڪائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ تعلق کان سواءِ جيڪو عروض ۽ استعاري جي ملڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿو، شعر جي ڪنهن به وصف ۽ تعريف کي مڃڻ جهڙو سمجهيو ئي نه ويو آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته هن باري ۾ ايسٽمن کان اڳ ۾ ۽ گهڻو اڳ ۾ ڪولرج به هن نظريي جي حمايت ڪئي هئي.

شاعريءَ جي نظرياتي بحث جي خيال کان شعر جي اڀياس جا اسان وٽ هاڻي رڳو ٻه طريقا آهن:

(1) حواسن جي وسيلي سمجهڻ وارو طريقو (2) اصطلاحي يا معنوي اڀياس وارو طريقو ((sensuous Interprtation and igurative interpretation). پهرئين طريقي ۾ باقي حواسن سان گڏ جمالياتي حسن کي شامل ڪيو وڃي. ان ڪري اهو طريقو جنسي ۽ جمالياتي ميلاپ وارو طريقو، يعني (senuous and Aesthetic Coninuum) وارو  نظريو سڏبو آهي. ٻئي طريقي مطابق شاعري محاورن ۽ اصطلاحن کي نرالي معنيٰ ڏئي ڪائنات جي ظاهري شين کي نرالي معنيٰ ڏئي ٿي.

(ڏسجي چارلس مورس جو ڪتاب Signs Language and behaviour جو

صفحو 143).

هنن نظرين مطابق شاعري لفظن جي هڪ اهڙي بيمثال ۽ منفرد ۽ اڻ ورجائتي (Unrepeatable) ترتيب (Order) آهي. جنهن ۾ هر لفظ پنهنجي جاءِ تي هڪ شيءِ يا حقيقت به آهي ته پنهنجي شيءِ يا حقيقت جو اهڃاڻ (Sign or symbol) به. ۽ ان ۾ هر هڪ لفظ اهڙي طريقي سان استعمال ڪيو ويو آهي جو ان لفظ جو استعمال فقط شاعريءَ ۾ ڪري ٿو سگهجي ۽ نه نثر ۾، ظاهر آهي ته شاعريءَ واري ٻولي نثر ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کان هر حالت ۾ نرالي آهي. شاعريءَ واري معنيٰ فقط شاعريءَ ۾ ئي سمائي ٿي سگهجي، ان ڪري شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو مدار ترتيب تي آهي ۽ هيءَ ترتيب نثر واري سٽا کان نرالي آهي.

ان ڪري هاڻي اسان لاءِ اهو ضروري نه آهي ته اسان شعر کي سمجهڻ لاءِ ان جو نثر (Paraphasing) ڪريون يا ان جي تقطيع (Analysis) ڪريون. هاڻي اسان جو فرض فقط ايترو آهي ته اسان شعر ۾ اُهو لاڳاپو تلاش ڪريون ۽ لفظن جو اُهو سٻنڌ ڳوليون، جنهن جي ڪري ٻوليءَ کي نظم ۽ نظاماڻي يا شاعراڻي حيثيت ملي ٿي.

(4) لفظ ۽ لفظي سرشتو ٻوليءَ جي علم ۾ لفظ اهڃاڻ معض Monosign word order)) آهي ۽ سرشتو اهڃاڻ اڪثر (Plurisign) آهي. لفظي سرشتي جي خصوصيت هيءَ آهي:

(1) هن سرشتي ۾ معلوم (The thing under refrenle) جو وجود ظاهري (spacialor existance externel) ۽ وجود باطني (Internal existance)) ٻئي شامل هوندا آهن، پر نثر ۾ ڪنهن لفظ جي محرڪ (Referent) کي وجود باطنيءَ جهڙي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪا نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ جو ڪردار انسانذات جي تاريخ ۾ اهڙو رهيو آهي، جهڙو خود انسان جي اندرين تاريخ، يا (myth of man) جو. ان ڪري آءُ سمجهان ٿو ته ٿورن لفظن ۾ شاعريءَ جي تعريف هاڻي ائين لکڻي پوندي ته شاعري انسان ذات جي اندر يا رمز جي انهيءَ رڪارڊ کي ٿو چئجي، جنهن ۾ انسان جي زندگيءَ جو ظاهري ۽ باطني پهلو پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن. ٻي ڳالهه ته ههڙي قسم جي سٽا رڳو نظم ۾ قائم رکڻي آهي، نثر ۾ هن قسم جي سٽا کي ڪا به جاءِ ملي نٿي سگهي. لفظي سرشتو هن خيال کان هڪ ٻوليائي ضابطو (Langngage Discipline) آهي، جنهن جي وجود جو دارومدار لفظن جي پاڻ ۾ لاڳاپي  تي آهي. هي خيال مانائتي ويل رائٽ جو آهي. مانائتو ويل رائٽ صاحب وڌيڪ لکي ٿو: لفظي سرشتن کي رڳو استعمال ڪرڻ ناهي، پر هڪ شاعر جي لاءِ ان کي ماڻڻ ۽ پنهنجي احساسن ۾ جڳهه ڏيڻ به ضروري آهي، ان ڪري لفظي سرشتي جي حقيقت رڳو هڪ وسيلي جهڙي نه آهي.

(ڏسو فلب ويل رائٽ (Philip wheel wright) جي ڪتاب (semantics of Poetry) 263 کان 283 تائين).

مٿي ڏنل بحث مان جيڪو نتيجو نڪري ٿو اُهو هي آهي:

شعر کي لفظ نه پر لفظي سرشتا پيدا ڪن ٿا.

هي سرشتا ٻوليءَ جا نرالا ضابطا آهن.

 هنن  جو استعمال علم عروض جي ضابطن جهڙو نه آهي.

هن باري ۾ باقي رڳو ٻه ڳالهيون سمجهاڻيون آهن.

لفظ جو باطن.

لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو.

 

لفظن جو باطن

آءُ ڀايان ٿو ته هن باري ۾ نظرياتي بحث ڏيڻ کان سواءِ ئي آءُ سڌو سنئون توهان جي اڳيان لفظن جي هڪ لسٽ رکان، جنهن ۾ لفظن جي پهرين ۽ ٻي معنيٰ ڏئي پوءِ عرض ڪريان ته ٻي معنيٰ اُها آهي جنهن کي آءُ لفظ جو باطن ٿو چوان. هاڻي پڙهندڙ مهرباني ڪري هن هيٺ ڏنل لفظن جي لسٽ تي نظر رکن.

پهرين معنيٰ

 

سڄو (اڌ نه سڄو)

جڏو (عضون کان جڏو)

سون (قيمتي ڌاتو)

ٻانهن (عضوو)

ڪارو (رنگ)

ٻي معنيٰ

 

سڄو (هنياوَن جو سڄو)

جڏو (هنياوَن جو انڌو)

سونُ (سڄو ئي سچ)

ٻانهن (عورت يا ڪنواري عورت)

ڪارو (اندر جو کوٽو)

 

نموني طور هت جيڪي ڇهه لفظ مون ڏنا آهن، انهن سان هر هڪ جون ٻه معنائون ٿيون ٿين. پهرين معنيٰ جي سري هيٺ مون جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سڀ رواجي طور تي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڪم آڻي ٿو. لفظ جي هيءَ معنيٰ، بنيادي معنيٰ ۽ رواجي معنيٰ آهي، ان ڪري هن کي اسان پهرين معنيٰ يا ظاهري معنيٰ ٿا چئون، پر هنن لفظن جي ٻي معنيٰ جون جيڪي خصوصيتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

هيءَ معنيٰ هنن لفظن جي سڌاريل يا ڪلچري يا سماجي معنيٰ آهي ڇو ته هن معنيٰ کي تيستائين سمجهي نٿو سگهجي، جيستائين سندس مخصوص معاشري ۾ پاڻ ملائي نٿو سگهجي.

هيءَ معنيٰ پهرين معنيٰ کان سراسر نرالي ۽ مختلف آهي.

هن معنيٰ جو تعلق شين جي ظاهري شڪل سان نه آهي.

هيءَ معنيٰ شين جو اُهڃاڻ (Symbol) يا (Sign) نشان ٻڌائي ٿي.

هاڻي اها ئي ٻي معنيٰ آهي، جنهن کي اسان لفظن جو باطن ٿا سمجهون، ۽ شاعريءَ ۾ فقط اهو باطن ئي آهي، جنهن کي ڪا اهميت ڏئي ٿي سگهجي. اها ئي معنيٰ شاعري جي آهي ۽ فقط اها ئي معنيٰ آهي جنهن کي پيدا ڪري ٿو سگهجي. ان ڪري ڪنهن به شاعر جي تخليقي قوت جي پرکڻ لاءِ اهو ئي ڏسڻو پوندو آهي ته هن معنيٰ ڪيتري پيدا ڪئي. آرٽ جو سڄو موضوع به فقط هيءَ معنيٰ آهي، ڇو ته آرٽ جو مفهوم، مقصد يا ڪارج جي خيال کان تخليقي قوت جهڙو آهي.

هاڻي ڏسڻو آهي ته لفظ جي هيءَ معنيٰ آخر پيدا ڪهڙيءَ ريت ٿي آهي. آءُ ڀايان ٿو ته هن باري ۾ ٻه ڳالهيون ته ظاهر آهن:

(1) اها ته هي لفظ جدا جدا هئڻ جي حالت ۾ ٻي معنيٰ پيدا نٿا ڪري سگهن. مثال طور لفظ سڄو جي ٻي معنيٰ تيستائين سمجهه ۾ اچي ئي نٿي سگهي، جيستائين ان کي سنڌي ٻوليءَ (جنهن جو هي پاڻ آهي) جي سٽا ۾ شامل نٿو ڪجي. هن طرح هن لفظ جي معنيٰ ڏيڻ لاءِ اسان کي پورو جملو يا اڃا به وڌيڪ لکڻو پوندو. مثال طور ايترو به سمجهي نٿو سگهي ته جهڙ ٿي ويو آهي سو هاڻي مينهن وسندو، هي ته ڪو انڌو، آهي،  ٻانهن ويهاريون ويٺو آهي، سال ٿي ويا اٿس. ڪنهن سان به ٺاهه ڪونهيس، جهڙو ٻاهرون ڪارو آهي تهڙو اندرون ڪارو آهي،

ٻي ڳالهه هيءَ معنيٰ سماج جي پيدا ڪيل آهي، ان ڪري هن معنيٰ جو استعمال هڪ سماجي ڪم آهي.

هن معنيٰ جي پوري ريت استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ جو سڀاءُ ۽ سماجي ڪردار وڌيڪ کلي ٿو ۽ شاعر پاڻ سماج جي اُپت ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو تخليقي ڪردار به ادار ڪري ٿو سگهي، ڇو ته شاعر ته سماج جي پيدا ڪيل معنيٰ جو سچو پچو امانتدار ۽ وارث  آهي.

ظاهر ٿيو ته هيءَ معنيٰ فقط ٻوليءَ جي اتم درجي ۽ روح کي سمجهڻ کان سواءِ پيدا نٿي ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو اتم درجي جي شعر لکڻ لاءِ شاعر کي ٻولي ته اتم درجي جي لکڻي پوندي آهي.

اها ڳالهه به ظاهر آهي ته شاعريءَ جي زبان فقط اُها ئي ٿي سگهي  جا تمام مٿاهين درجي واري هجي، اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن شاعر لاءِ لفظن جو باطن ڏاڍو اهم آهي. جيستائين اسان جو ڪو شاعر سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي باطن جو استعمال نٿو ڪري، ايستائين هو نه شاعر آهي ۽ نه آرٽسٽ، ڇو ته آرٽ به ته آخر انسان جي اڌ ڪارڪردگي جو ئي مظاهر آهي.

 لفظ جي باطن  جي باري ۾ هڪڙي ڳالهه ۽ پهرين ڳالهه ته اها آهي، جا خود ٻوليءَ ۾ موجود آهي. هيءَ ڳالهه آهي مٿاهين معنيٰ يا سماجي ۽ ڪلچري معنيٰ واري ۽ هن جو تعلق ٻوليءَ جي اتم ڄاڻ سان آهي، پر ڳالهه رڳو ايتري به نه آهي. شاعريءَ جي خيال کان لفظن جو باطن اڃا به هڪ ڏاڪو اڳتي آهي. شاعر معنيٰ به پيدا ڪري ٿو ۽ عام رواجي ٻوليءَ کان ٻاهر به سوچي ٿو. سڀئي وڏا شاعر ائين ڪندا آهن. جيستائين ڪو شاعر پاڻ لفظ جي باطن جو خلقيندڙ ناهي، تيستائين هو شاعر کڻي هجي نه هجي، پر عظيم شاعر ناهي. مٿي لفظ جي جنهن باطن ڏانهن اشارو ڪيو اٿم، اُهو ته شاعر جي اڳيان هيڪر حاضر رهي ٿو، هاڻي  ڏسڻو آهي ته شاعر پاڻ ڪيئن ٿو لفظ جو باطن ٺاهي. هن باري ۾ هيٺ ڏنل بيتن ۾ ٿلها لکيل لفظ غور سان ڏسجن.

 

اگهي اگهائي رنج پريان کي رسيو.
جيلهه لڳا نيڻ تي سوريائي سيڄ ٿي.
هيءُ تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾.
اڳيان اَڏن وٽ، پوين سر سنباهيا
ڪلاڙڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي
جي اٿئي سنڌ سوڪ جي.

 

ٿلهن لکيل لفظن کي جدا جدا هنڌن تي رکڻ سان ڳالهه وڌيڪ آسانيءَ سان سمجهه  ۾ اچي سگهندي.

اگهائي.

سيڄ.

ڪاتي. اَڏن.

 ڪلاڙڪي هٽ.

سرڪ.

 

ظاهر آهي ته:

(1) هنن لفظن جي معنيٰ جيڪا لطيف سائينءَ ڏني آهي اُها ٻوليءَ جي هنن لفظن جي پهرين معنيٰ به نه آهي.

(2) هنن مان ڪو به  لفظ سماج مان پنهنجي معنيٰ جدا حاصل ڪري نه سگهيو آهي.

(3) هنن لفظن مان هر هڪ کي شاعر پنهنجي هڪ معنيٰ ڏني آهي.

(4) اُها معنيٰ جا شاعر پاڻ پيدا ڪئي آهي، سا ٻوليءَ جي رواجي معنيٰ کان گهڻو جدا ۽ تمام مٿي آهي.

(5) هيءَ معنيٰ  سماج جي انهيءَ روح منجهان حاصل ٿي  آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ سماج جي رمز (Myth) ۽ مها ڪهاڻي (Legend) ۾ موجود آهي.

ان ڪري سنڌي سماج هن معنيٰ کي يڪدم پنهنجو ڪري ورتو آهي.

 (6) ههڙي معنيٰ پيدا ڪرڻ ۾ شاعر آرٽسٽ نه پر نسورو خالق آهي ڇو ته آرٽسٽ نه فقط انهي وسيلي کي ڪري ٿو، جيڪو هن جي اڳيان موجود آهي، پر هڪ عظيم شاعر ته خود آرٽسٽ جي لاءِ وسيلا به پيدا ڪري ٿو.

هاڻي ظاهر ٿيو ته لفظن جون معنائون ڪل ٽي آهن:

پهرين معنيٰ يا ڪوش واري معنيٰ-

اضافي معنيٰ يا محاوري يا ڪلچر واري معنيٰ.

شاعريءَ واري معنيٰ يا رمز (myth)  

هاڻي اهو شاعر جو رڳو آرٽسٽ آهي سو اضافي يا ڪلچر واري معنيٰ استعمال ڪري ٿو ۽ اُهو شاعر جو خالق آهي ۽ عظيم شاعر آهي سو رمز واري معنيٰ استعمال ڪري ٿو، پر ڪو به شاعر پهرين معنيٰ استعمال ڪو نه ٿو ڪري، پهرين معنيٰ فقط نثر ۾ ڪم آڻجي ٿي. پهرين معنيٰ انهيءَ جي لائق ئي نه آهي، ته ان کي شاعريءَ ۾ استعمال ڪجي.

ٻوليءَ ۾ لفطن جي هيءَ معنيٰ فقط اُهو شاعر پيدا ڪري سگهندو، جيڪو ٻوليءَ جي حدن کان ٻاهر سوچي سگهڻ جهرو هوندو. ٻوليءَ جي اندر رهي سوچڻ وارو شاعر ان ڪري عظيم شاعر ڪڏهن به ٿي نه سگهيو آهي. (هيءَ ڳالهه اسان کي سنڌي شاعريءَ جي تقنيد لکڻ وقت وڏو ڪم ڏيندي). هن  قسم جي معنيٰ ڏيڻ وارو شاعر ٻه- ٽي ٿورا ٿو ڪري. پهريون ٿورو ٻوليءَ تي ٿو ڪري جو لفظ ڏئي ٿو، ٻيو ٿورو سماج تي ٿو ڪري جو خيال ڏئي ٿو، ۽ ٽيون ٿورو انسانذات تي ٿو ڪري جو انساني سوچ جو گهيرو ويڪرو ٿو ڪري. مثالي ۽ تمام مٿاهون شعر اُهو آهي، جنهن ۾ معنيٰ رمر واري ٿي ڪم اچي. آرٽ وارو ۽ شو شعر اهو آهي. جنهن ۾  ڪلچري معنيٰ ڪم اچي ۽ اُهو شعر ئي ناهي جيڪو رواجي ٻوليءَ ۾ چيو وڃي. (هنن اصولن تي سوچڻ سان اسان سنڌي شاعرن جو درجو مقرر ڪري سگهنداسون)

پهرين معنيٰ فقط لفظ جو مطلب يا (simple refrence) ڏئي ٿي، ٻي معنيٰ لفظ جو نشان (sign) ڏئي ٿي ۽ ٽين معنيٰ لفظ جو اهڃاڻ (symbol) ڏئي ٿي. اهڙيءَ طرح اهڃاڻ ٻوليءَ جو سڀ کان مٿاهون درجو آهي ۽ عظيم شاعر اُهو آهي جو اهڃاڻن واري ٻولي لکي. (هيءَ ڳالهه اسان کي ڀٽائيءَ جي اڀياس ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي).

هن پڄاڻا، هاڻي اچون ٿا ٻيءَ ڳالهه يعني لفظن جي پاڻ ۾ لاڳاپي واريءَ ڳالهه تي.

لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هڪڙو ته اُهو لاڳاپو آهي، جنهن جي بنياد تي ويا ڪرڻ ٺهيو آهي، يعني اهو لاڳاپو ته نالا سڀ اسم آهن. هي اسم يا فاعل آهن يا مفعول، فاعل يا مفعول سڀ پاڻ سان فعل کڻن ٿا، فعل ظرفن کان سواءِ سمجهه ۾ نٿا اچن، اهڙيءَ طرح صفتون اسمن کي وڌيڪ کولي بيان ڪن ٿيون ۽ ضمير، اسمن جي جاءِ والارين ٿا وغيره لفظن جو هن طرح جو لاڳاپو (Correlation) شاعريءَ جي ڪم جو نه آهي. هن لاڳاپي ۾ دلچسپي فقط ٻوليءَ جو شاگرد يا نثر لکڻ وارو ماڻهو وٺي ٿو سگهي. شاعر ته هن باري ۾ به مضمون لکڻ واري يا ٻوليءَ جي عالم کان مٿي آهي.

لفظن جو پاڻ  ۾ هڪ ٻيو لاڳاپو به آهي. ان لاڳاپي کي سمجهڻ لاءِ اچو ته ڪجهه مثال اڳيان رکون.

 

ڪهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ  ۾ پئه ٽپو ڏيئي.
اَڌيءَ اُڌاڻا سرتيون سک ميهار جا.
وه پئي واهڙ تري ساهڙ سيباڻو،
ڀيڄ ڀنيءَ ڀاڻو پيءَ جي پسي آڻيو.
چڪيءَ تنهن چري ڪئي ڏنيس اُن ڏهي.
ڪا جا ڪُنَ ڪرين ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.
اکيون ۾ تنهن آب کي اَڌيءَ اڪيرين.
دائم جا ديرباهه ۾ سا مڇي ڪني ڪوءِ.
ميائي سين تن جيڪر اُتي نڪران.
لهر مڙيو ئي لال، وهڻ کٿوريان وترو.
جيڪي ڏٺئه تار ۾ ڪنڌيءَ سو ڪهيج.
ڳورا ٻئي پار، هنيون حيرت ۾ پيو.
 وڃان ته واڪو ٿئي پاڙي پوءِ  پچار.
اکيون پير ڪري، وڃجي او وڃجي.
محبتي ميهار جو سور نه ڪنهن سلجي.
ڪاري رات ڪچو گهڙو نڪا سيڻهن ساڻ.
ڪاري رات ڪچو گهڙو مٿان وسي مينهن.
تون گهڙ ڪين نهار، ٻڏندن سي ٻاجهون ڪري.

 

مٿي لکيل ٿلها لفظ نه پر لفظن جا سرشتا آهن، جيڪي هڪ خاص بندوبست ۽ بندش تحت، شعر جي پوريءَ معنيٰ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هنن مان ڪو به پوري جملي جهڙو نه آهي ۽ هنن سان ڪو به اهڙو نه آهي. جنهن کي سندس ٻوليءَ وارا پنهنجو نه سمجهندا هجن. توڙي جو هنن مان هرڪو ٻوليءَ جي رواجي معنيٰ کان تمام مٿي هڪ جدا معنيٰ ڏئي ٿو.

هاڻي ڏسڻو آهي ته لفظن جي هنن سرشتن ۾ اُهو ڪهڙو (Co-reletion) لاڳاپو (word-order) آهي، جيڪو هنن ٻوليءَ توڙي مواد جي لحاظ کان تمام مٿانهون ڪري ٿو ڇڏي.

هنن مان ڪو به سرشتو اهڙو نه آهي، جنهن جي لفظن کي جدا جدا ڪري ۽ سمجهي سگهجي گهڙيا ۽ چڙهيا لاڳاپي وارا لفظ آهن ۽ شعر ۾ انهن جي بندش اهڙي ڪئي وئي آهي جو نه لفظ گهڙيا لفظ چڙهيا کان سواءِ سمجهه ۾ ايندو  ۽ نه لفظ چڙهيا لفظ گهڙيا، کان سواءِ، گهڙيا ۽ چڙهيا جي بندش ان ڪري اٽوٽ آهي، ايترو اٽوٽ جو هي ٽيئي لفظ ڄاڻايل سٽ ۾ هڪ ئي لفظ جيان موجود رهندا. ساڳيءَ ريت ڪنڌيءَ جو ڪهيج ۽ پاڙي پوءِ پچار ۽ ٻيا سڀ سرشتا (series) به اٽوٽ آهن.

هنن مان هر هڪ سرشتو پنهنجي اڳيان يا پويان آيل لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، ۽ انهن کي شاعريءَ جي پوري سٽا ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. مثال طور جا ڏنئ اُن ڏهي واري لفظن جي ميڙ کي تيستائين سڄي بيت ۾ جاءِ وٺڻ جي سگهه ڪانه ٿيندي جيستائين چڪيءَ تنهن چري ڪئي وارو سرشتو، ان جي اڳيان يا پويان نه اچي. هن ريت هي سڀ سرشتا رواجي ٻوليءَ کي به شاعراڻي ٻولي بڻائي ٿا ڇڏين ۽ هن طرح هڪڙي شاعر جو گهڻو پورهيو بچي ٿو پوي.

هنن سرشتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو لفظ هر هڪ ۾ اهڙو آهي، جو هن سرشتي جي مرڪز جهڙو آهي ۽ هي لفظ اُهو آهي جنهن کي ٻوليءَ ۾ هڃاڻ جي حيثيت حاصل آهي. مثال طور آڌي، وه، واهڙ، ڀيڄ، چُڪي، ڀني، درياهه، ڪنڌي، پاڙي، اکيون، سور، ڪاري، ڪچو، سيڻهه ۽ مينهن اڪابر ۽ سنڌي شاعريءَ جا پارکو ڄاڻن ٿا ته شاهه سائينءَ هنن لفظن مان هر هڪ کي اهڃاڻ وانگر رسالي ۾ هر جاءِ تي ڪم آندو آهي.

هنن مان ڪوبه سرشتو اهڙو نه آهي جيڪو رڳو گرامر يا وياڪرڻ جي قانونن تي ٺهيو هجي. هنن سرشتن جو بنياد قانونن تي نه، پر ٻوليءَ جي اندر ضمير يا روح تي رکيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن قسم جا سرشتا فقط شاعر ئي استعمال ڪري ٿو سگهي. وياڪرڻ جي خيال کان ته هنن سرشتن مان هر هڪ اڻپورو آهي. ثابت ٿو ٿئي ته ٻوليءَ جي ڪمال ۽ حسن ۾ وياڪرڻ جو هٿ ڪو گهڻو ڪونه آهي.

هنن سرشتن مان هر هڪ شعر جي انهيءَ حسن کي ظاهر ڪري رهيو آهي، جنهن کي سمجهي ته سگهجي ٿو پر سمجهائي نٿو سگهجي، هن حسن جو واسطو وجودن سان نه پر ڪيفيتن سان آهي، شهودن سان نه پر معرفتن سان آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته ڪيفيتون ۽ معرفتون ٻوليءَ کان ٻاهر جون ڳالهيون آهن، ڪوبه تنقيد لکڻ وارو هنن کي لفظن ۾ آڻي نه سگهندو. تنقيد جي علم ۾ خود لفظ اعظم ادبي تنقيد جي اصولن تي سمجهي نٿو سگهجي. هن مان ظاهر ٿيو ته هن قسم جون بندشون فقط اهو شاعر آڻي سگهندو، جيڪو شعر جي رمز واري علم جو ڄاڻو هوندو. هن رتبي وارا شاعر، ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ ڪي ٻيا به هجن. پر منهنجي مطالعي ۾ هڪڙو شاعر فقط هڪڙو آيو آهي ۽ ظاهر آهي اهو شاعر اسان جي من جي ڪهاڻيءَ جو ڄاڻو ۽ ڪيفيتن ۽ معرفتن جي ٻوليءَ جو عالم آهي.

لفظن جي هن قسم جي لاڳاپي کي اسان اهڙي بندوبست يا بندش (Agraugenent) ترتيب يا سلسلو (Order and continunm) لاڳاپو يا سٻنڌ (Corelation) سڏينداسون جيڪي (1) اٽوٽ هجي، (2) پاڻ سان گڏ آيل لفظن جي صلاحيت وڌائي، (3) اهڃاڻ کي پاڻ ۾ سمائي، (4) وياڪرڻ جي بدران ٻوليءَ جي روح سان ڳنڍيل هجي ۽ (5) شعر ۾ حسن، مهميز ۽ رمز کي پوئي ۽ پيدا ڪري.

شاعريءَ جي تنقيد ۾ هن قسم جي لفظي سرشتن کي ڪٿي عڪس (Image) سڏيو ويو آهي ته ڪٿي اهڃاڻ (Symbol). اهڃاڻ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه هت نه اچي ويو، پر ته به عڪس ۽ باقي اهڃاڻ تي تفصيلي بحث ٻين مضمونن ۾ ڪندس.

 

ڀٽائيءَ جو فن

عڪس (Image):

وليم (William) ۽ اسٽين من (Stein mann) پنهنجي ڪتاب لکڻ لاءِ ادب (Literature for writing) جي صفحي 675 تي عڪس جي معنيٰ هيءَ ٿا ڏين: عڪس هڪ صنعت آهي، جنهن کي گهڻو ڪري ٽروپ چئبو آهي. ٻئي هنڌ ساڳيائي صاحب لکن ٿا ته عڪس هڪ اهڙو اظهار آهي، جنهن سان پڙهندڙ جي دل ۾ هڪ ذهني خاڪو پيدا ڪري ٿو سگهي.

مسٽر آئيڪس (Isacs) پنهنجي ڪتاب هاڻوڪي شاعريءَ جو پس منظر (The back ground of modern Poetry) جي صفحي 34 تي هيئن ٿو لکي عڪس اُها شيءِ آهي جا ذهني ۽ جذباتي (Intellectual and emotional) احساس (Complex) کي ڪنهن خاص ۽ مقرر ڪيل وقت ۾ پيش ڪري.

ساڳيو ئي صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 39 تي لکي ٿو عڪسيت (Imagery) عڪسن جي آسان ۽ ٺهيل ٺڪيل ادائگيءَ کي نه چئبو آهي. حقيقت ۾ عڪسيت پختي، صاف ۽ وڻندڙ اظهار کي چئبو آهي، پوءِ اُهو اظهار استعاري جي مدد سان ٿئي يا نه ٿئي. اڳتي لکي ٿو: عڪس اهڙن لفظن ۾ ڏجي جيڪي چونڊيل ۽ بلڪل موزون هجن. لفظ ڪهڙا موزون آهن ۽ ڪهڙا موزون نه آهن، هن سوال جو جواب مسٽر آلڊ نگٽن (Aldinagton) ڏنو آهي. چوي ٿو موزون لفظ هروڀرو اُهي لفظ نه آهن جيڪي ڪنهن شيءِ جو هوبهو ۽ سچو پچو اظهار ڪن، يعني اُهو تاثر ڏين جيڪو خود شاعر ان وقت پاڻ محسوس ڪيو هو، جنهن وقت نظم لکي رهيو هو.

عڪس جي باري ۾ مشهور شاعر ازرا پائونڊ جو خيال هي آهي ته عڪس هڪ اهڙي لفظي سرشتي جو نالو آهي، جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري.

پائونڊ جو خيال آهي ته اسان جو ويساهه آهي ته شعر جو ڪم ڪل کي نه پر جز کي هوبهو بيان ڪرڻ وارو آهي، توڙي جو ڪل تمام وڏي حيثيت ۽ چٽي حقيقت جيان چٽو چپاٽو وجود رکي ٿو ۽ بيان ڪرڻ ۾ وڌيڪ آسان آهي.

پر اليٽ، جو هڪ برک پارکو ۽ جڳ مشهور اديب آهي، اُهو سو انهيءَ ڳالهه جو اقرار ٿو ڪري ته عڪس ڪلياتي حقيقتن جو اظهار به ڪن ٿا. هن صاحب مشهور شاعر ملٽن جي شعر مان مثال ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته ڌنار، هاري ۽ ڀاڳياڻي (Milk maid)، جن جو ذڪر ملٽن پنهنجي نظمن ۾ ڪيو آهي، سي سڀ ڇڙوڇڙ ۽ جدا جدا حقيقتون نه پر ڪلياتي حقيقتون آهن.

پو (Poe)، جو هڪ مشهور آمريڪي نقاد ۽ اديب آهي، تنهن جي خيال ۾ عڪس نالو آهي خصوصيتن (Properties) جي هڪ سٽاءَ (System arrangement) جو هن خيال کي برونٽي به ٽيڪو ڏنو آهي.

مانائتو شپلي (J.T shipley) پنهنجي ڪتاب ادبي اصطلاحن جو ڪوش ۾ عڪس کي هن طرح ٿو سمجهائي:

عڪس هڪ ادبي صنعت آهي.

هن صنعت جو دارومدار گهڻو ڪري ڏسڻ جي وسيلي سان حاصل ڪيل تجربي تي آهي.

عڪس اظهار جو هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جي حسي تاثر (sensual Appeal) کي شامل ڪيو ويندو آهي.

عڪس جو ڪم آهي ڪنهن شيءِ جي اظهار کي مؤثر، موزون ۽ مختصر بڻائڻ جو، شپليءَ جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته: عڪس ڪنهن شيءِ جي ٻاهرين مشاهدي (sensual experience) کي اصل ذهني ڪيفيت (sign) يا لفظ جي باطن جي ويجهو وٺي ٿو وڃي.

عڪس ٻن قسمن جا هوندا آهن:

الف: معنوي (Figuative)

ب: ظاهري يا لفظي (Director Literal)

هنن سڀني راين ۽ خيالن کي گڏي رکڻ کان پوءِ عڪس جي باري ۾ جو ڪجهه به چئي ٿو سگهجي، اُهو هي آهي:

عڪس هڪ لفظي سرشتو آهي. (2) سرشتو بهتر، موزون، مختصر ۽ مؤثر اظهار جي لاءِ ڪم اچي ٿو. (3) هي اظهار ڪنهن مقرر شيءِ جي باري ۾ ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت تي ڪيو ٿو وڃي.

عڪس ۽ عڪسيت جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ هي ٻه ڪتاب پڙهڻ گهرجن.

F. E spurgeon- Shakespeare`s imagery.

Hornstein-Analysis of imagery.

ادب ۽ عڪسيت

ادبي لحاظ کان عڪسيت برطانوي ۽ آمريڪي شاعرن جو ادبي طريقو آهي. پاڻ هنن گهڻو ڪري بصري عڪس (Visual imagery) جو استعمال ڪيو آهي. هن تحريڪ جو ذهني ۽ عقلي بنياد هلمي (T.H. Hulme) وڌو هو، جنهن جا نظم عڪسيت جا سٺا ۽ چٽا مثال آهن.

(عڪس جي قسمن ۽ انهن جي تفصيلن لاءِ وڌيڪ ڏسجي ڪتاب:

History of Experimental psychology by E.G. boring.)

هاڻوڪن ادب جي پارکن مان رچرڊس (Richards) به عڪس جي معاملي تي راءِ ڏني آهي. چوي ٿو عڪس جي حواسياتي خصوصيت جي طرف حد کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، جا شيءِ عڪس کي اثرائتو ڪري ٿي، اها آهي عڪس جي ذهني حيثيت ۽ نه عڪس جي عڪسي حيثيت،. توڙي جو عڪسي حيثيت سان به ذهن جو واسطو آهي. مانائتي رچرڊس جي خيال ۾ عڪس هڪ اظهار آهي، جنهن جو بڻياد آهي حسي تجربو. هن ظاهر ڪيو آهي ته عڪس حسي تجربي (Sensual experience) جو هڪ اهم وسيلو آهي.

 

عڪس ۽ شاعريءَ جو اڀياس:

شاعريءَ ۾ سوچڻ جو مطلب آهي عڪس پيدا ڪرڻ.

عڪس ئي اهي وسيلا آهن جيڪي شاعراڻي معنيٰ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

عڪس هڪ ذهني صورت يا خاڪي جو نالو آهي اها صورت لفظن جو روپ وٺي نروار ٿئي ٿي، پر ان جو اصل خاڪو لفظن جي پويان ذهني ڪيفيت ۾ لڪل ٿو رهي.

بهتر شعر اُهو آهي، جنهن ۾ تجربو عڪسن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي.

ڇاڪاڻ ته چٽا ۽ پختا عڪس رڳو وانداڪائيءَ جي وقت ۾ سوچڻ سان ٺهن ٿا، ان ڪري شاعريءَ لاءِ وقت ۽ فرصت جي ضرورت ٿئي ٿي.

ڇاڪاڻ ته عڪس جي نوعيت انسان جي سوچ تي مدار رکي ٿي، ان ڪري اسان ڪنهن شاعر جي شاعريءَ مان ان جي سوچ جو طريقو ۽ ان جون ذهني ڪيفيتون معلوم ڪري ٿا سگهون.

ڪنهن به نظم، بيت ۽ غزل جو سچو اڀياس رڳو تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن اهو معلوم ٿي ويندو ته شاعر پنهنجي اکين کان سواءِ ٻين ڪهڙن حواسن کي ڪم آندو آهي. هيءَ ڳالهه جدا جدا عڪس ڳولڻ سان معلوم ڪري سگهبي، ڇو ته جدا جدا عڪسن جي ٺاهڻ لاءِ جدا جدا حواسياتي مشاهدي جي ضرورت آهي.

هن تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو علمبردار ازرا پائونڊ هو. هن کان پوءِ تحريڪ جي اڳواڻي المي لوول (Amy lowell) ڪئي. هن تحريڪ ۾ هڪ وڏو نالو فلنٽ (F. S Flint) جو پڻ اچي ٿو. پلنٽ پنهنجي ڪتاب شعر (Poetry) ۾ عڪسيت جا ٽي قسم ڏنا آهن.

 

عڪسيت جي نفسياتي حيثيت:

نفسيات جي خيال کان خود سوچ سمجهه جا سڀ وسيلا، جن ۾ حواس به شامل آهن، سوچڻ واري جي لاءِ ويجهي ۾ ويجها عڪس آهن. هن جو مطلب اهو آهي ته عڪسيت جو واسطو ماڻهوءَ جي انهيءَ عمل سان آهي، جنهن سان هو پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا پاڻ ئي محسوس ڪري ٿو. مانوارو ڊاشيل صاحب (Dashiel) هن حقيقت کي هن طرح ٿو سمجهائي: ماڻهو چرچ ۾ عبادت ڪندي به گرين لينڊ جا برفاني پهاڙ ۽ هندستان جا ڏنگا ڦڏا پيچرا ڏسي ٿو سگهي. ماڻهو ٽائيپ ڪندي خود پنهنجا هٿ، آڱريون ۽ پٺا محسوس ڪري ٿو سگهي.هن طرح جو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ عام آهي.(Fundamentals of Sen: Psychology Page 581) عڪس جي نفسياتي حيثيت تي وڌيڪ بحث گالٽن کان سواءِ فورس من ۽ فلائڊ (Forse man and Floyed) پنهنجي ڪتاب زندگي ۽ من وديا جي صفحي 611 تي ڪيو آهي.)

 

ادب ۽ عڪسي مشاهدو:

عڪسي تجربي جو سوال جديد شاعريءَ جو هڪ اهم  سوال آهي. بنيادي طور تي عڪسي تجربو نفسيات جو سوال هو، پر جڏهن نفسيات ۽ ادب پاڻ ۾ گڏجي ويا، تڏهن ٻنهي اهو معلوم ڪري ورتو ته ادب نفسيات جي مدد کان سواءِ سمجهي نه سگهيو ۽ نفسيات ۾ ادب کان پري رهي اهميت اختيار ڪري نه سگهندي. هن دؤر ۾ هرڪا ادبي تحرير نفسيات جي هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي ۽ دنيا جا گهڻو ڪري سڀ وڏا پارکو تنقيد ۾ نفسيات جي اصولن جو لحاظ رکن ٿا.

عڪسي مشاهدي جون جيڪي عام صورتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

بصري مشاهدو (Visual imagery)

غير متحرڪ مشاهدو (Static imagry)

محترڪ مشاهدو (Kinetic imagery)

رنگين عڪسي مشاهدو (Colour imagery)

انتقالي معڪسي مشاهدو (Synaesthetic imagery)

ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس (Audlitory imagery)

هن پڄاڻا آءُ سنڌي شاعريءَ مان جدا جدا عڪس ڏئي انهن جي نوعيت، افاديت ۽ ادبي حيثيت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس.

هيٺ ڏنل سٽن ۾ ڪاما جي اندر آيل جوڙ لفظن جا عڪس آهن:

آگميو آهي لڳهه پس لطيف چوي.

پلر جي پالوٽ سين پٽن جهليا پاه،

واحد وڏائي ڪيا مٿي گسن گاه

ابون ڪڪر ڪڍڙيون اتر ڏي آهين.

اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪر ٿو ڪري.

اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ  جا ويس ڪيا

اڄ پڻ اتر پار ڏيڪڪر ڪئي چوٽي.

اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيس.

وڄون وسڻ ائيون ڪري لال لبيس.

پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا

سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون.

جهڙ نيڻو نه لهي، ڪڪر هون نه هون.

ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون.

.سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.

اڱڻ تازي، ٻاهرين ڪنڍيون، پکا پٽ سهن،

(16)سڙهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن.

(17) آڙيون آبر آسري، تاڙا تنوارين.

(18) سارنگ کي سعيو، تو کي سعيو نه ٿئي.

(19) گڙي ٿو گمان ۾ آيو ڪي آيو.

(20) سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي.

(21)اي سي اُٻُنِ انگيا،، جئن سي چنيءَ چٽ.

(22) ملڪاڻيءَ تا موٽيو، ڪري پٻ پاسو.

(23) اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين.

(24) مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي.

(25)بادل ٿي بيهان جي، آگم اچڻ جا ڪرين.

(26) تنگ ڀڄن،، ترڪش پس، سڄڻ چت پون.

(27)ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪئو، جهڙ پسو جهڻڪن.

(28) سڻيو رڙ رعد جي ڪليون ٿيون ڪنبن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com