سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :24

مِٿِ Myth ياڳجهه ڳجهاندر

 

مِٿِ Myth

مٿ جو لفظ پهرين ارسطوءَ جي ڪتاب پوئيٽڪسPoeties ۾ ڪم آيو هو. ان وقت جيئن هو لفظ ڪم آندو ويو هو، اُن جي معنيٰ هئي: ڪهاڻي، پلاٽ، يا نصيحت ڀري آکاڻي (Fable). ان قسم جون نصيحت ڀريون آکاڻيون، جن بنيادن تي لکيون ويون آهن، سي اسان هيٺ ڏيون ٿا:

تاريخ.

سماجي رجحان.

فڪر ۽ فلسفو.

رائج الوقت آداب.

اهم ڪردارن جو اثر.

فرد جو سماجي نظريو (جنهن ۾ فرد جا سڀ پهلو شامل آهن).

خوف ۽ ڊڄ.

تمام مٿاهين طاقتن جو تصور.

سخت ترين طبعي قانون ۽ فطرت جو حسن.

مذهب ۽ عقيدو

ڪردار نگاريءَ جون تقاضائون.

داستان گوئيءَ جو فرض.

نازڪ اُڌما ۽ جذبا يا محبت جو اظهار.

غورڪبو ته معلوم ٿيندو ته گهڻو ڪري دنيا جي تمام وڏن شاعرن: هومر، ڊانٽي، تلسيداس، ملٽن، شيڪسپيئر ۽ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ لڳ ڀڳ اهي ئي ڳالهيون ملنديون. (اسان جڏهن ان ڳالهه تي پهچون ٿا، تڏهن معلوم ٿو ٿئي، ته اسان پنهنجي ادب جي تمام اهم ۽ ڪارائتن مقصدن جي ته اڃا ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ئي ناهي)!

هر قوم کي پنهنجون ڪهاڻيون ٿينديون آهن ۽ هر ڪا ڪهاڻي پنهنجيءَ قوم جي لور (Lore) سان ڪنهن نه ڪنهن ريت ڳنڍيل ٿيندي آهي. اهڙين سڀني ڪهاڻين ۾ قوم جي مجموعي ڪردار کي سموهيو  سمايو ويندو آهي. ان حساب سان هر هڪ ڪهاڻي سڄي داستان يا ڳجهه ڳجهاندار جو رڳو هڪ موڙ (Episode) هوندي آهي. يا هڪ ڪهاڻيءَ کي اسان هڪ صورتحال (Situation) سڏي ٿا سگهون. اِن حالت ۾ سڀ ڪهاڻيون ملي  هڪ سلسلو ٿيون جوڙين ۽ اُهوئي سلسلو قوم جي مابعدالطبعيات يا رمز يا ڳجهه ڳجهاندر ٿو ناهي.

ان خيال اکن مِٿ جو وڏو تعلق ايپڪ سان رهي ٿو. ڇو ته ايپڪ ئي شعر جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾ شاعر قومي صلاحيتن. لاڙن، ڳڻن، عقيدن، جذبن، داستانن ۽ تاريخي حقيقتن کي پيش ڪري ٿو سگهي. ايپڪ دنيا جي تمام اعليٰ ادب جي هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ اها دنيا جي آڳاٽي ادب جي بهترين صورت آهي. دنيا جي آڳاٽي ادب جون ڪي خصوصيتون هي آهن:

آڳاٽي ادب جا محرڪ اُهي سوال ۽ اُهي مسئلا هئا، جيڪي اسنان جي وسيلن ۽ ذهني قوتن سان حل ٿي نٿي سگهيا

هن صورتحال جو دارومدار انساني سماج ۾ وهمنن، ڀرمن ، خطرن، اميدن ۽ اعتقادن تي هو ۽ اهي ڳالهيون اڳاٽي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون.

اُن دور جي انسان جي سوچ جي اپت هڪ تصوراتي سماج هو ۽ اُهو ئي سماج هو جيڪو مٿ جي صورت ۾ آڳاٽي ادب ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. هن تصوراتي سماج جا ڪردار اهڙا هئا جهڙا هير وڊوٽس ۽ ايند) يولينج (Herodotus and Andrewlang) ٻڌايا آهن. (هير وڊوٽس عظيم تاريخ نويس ٿو ٻڌائي ته پراڻا مصري باهه کي جاندار شيءِ سمجهندا هئا ۽ هوا کي ٻارن ٻچن جي ماءُ سمجهيو ويندو هو.)

آڳاٽي ادب جي هڪ وڏي ڳالهه اها به هئي ته ان جو بنياد فن تي نه، پر سادگيءَ (Aressness) تي رکيل هو. اهو ئي سبب آهي جو اُهو ادب سچا احساس ۽ قومي جذبا پيدا ڪري ٿو.

آڳاٽي ادب جي هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته مٿ جون ڪي اهم خصوصيتون هي آهن:

ڳجهاندرن جي تاڃي پيٽو انسان ۽ سندس ماحول جي پاڻ ۾ لاڳاپي تي ٻڌل هو.

هنن ڳجهاندرن مان هر هڪ انسان جي شڪل ۽ مسئلي جو ڪو نه ڪو تصوراتي جواب ڏئي رهيو هو. ڪنهن جو واسطو دنيا جي ابتدا سان هو ته ڪنهن جو ماڻهوءَ جي ابتدا سان. ڪي ڳجهاندر انهيءَ سوال جو جواب به ڏين ٿا ته ماڻهوءَ ڪمان ڪيئن ڪم آندي، هُنَ هر ڪيئن ٺاهيو ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ ڪيئن ٺاهيا؟ يا هيئن ته ماڻهوءَ گهر ڪيئن جوڙيو؟ اهڙيءَ ريت ڪن ڳجهاندرن جو واسطو سج سان، ڪن جو چنڊ سان ۽ ڪن جو عورت سان آهي، (انهيءَ ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته ان دؤر جي عورت جا ڪٿي سسئي ته ڪٿي سهڻي ته ڪٿي ليلان هئي، سان ان دؤر جو به ايڏو وڏو سوال هئي، جيڏو شاهه عبداللطف جي دؤر ۾ هئي).

جدا جدا ڳجهاندرن  ۾ هڪ جهڙائي (Universality) موجود هئي. هن هڪ جهڙائي جو سبب ڪي ماڻهو هي ٿا ٻڌائين، ته ان وقت جي انسان ذات سڄي هڪ خاندان جهڙي هئي ان جي مخصوص ڪردارن جي تشڪيل اڃا نه ٿي هئي، ان ڪري انهن وقتن ۾ دنيا جي هڪ ئي مها ڪهاڻي هئي.

اِها ڳالهه هرو ڀرو درست ناهي. ان دؤر جو انسان هڪ جاءِ تي ڪو نه رهندو هو. هڪ قوميت، قبيلي يا گروهه ۽ ٻئي گروهه جي وچ ۾ پهاڙ، جبل، درياهه ۽ سمنڊ هئا. جدا جدا طبعي حالتن ۽ روزگار جي وسيلن توڙي اقتدار جي جدا جدا صورتن ۾ ان دؤر جي هر علائقي جا مسئلا ۽ مونجهارا جدا جدا هئا. البت ڪي تجربا ان دؤر جي انسان جا هڪ جهڙا به هئا. پهريان اوزار ۽ پهريان گهر هڪ جهڙا هئا. عورت جا مسئلا به گهڻو ڪري هڪ جهڙا هئا، ان ڪري هي ڪهاڻيون جيڪي تجربن جي آڌار تي ٺهيون آهن، تن ۾ ڪٿي ڪٿي هڪ جهڙايون اچي ويون آهن.

آڳاٽي ادب، ڳجهاندرن جي خصوصيتن، ايپڪ جي طريقن ۽ انسان جي تصوراتي سماج جي حقيقتن جي بنيادن تي شاهه سائينءَ جو شعر بهترين آڳاٽي ادب جي هڪ صورت آهي. ساڳيءَ ڳالهه کي يورپ ۾ شيليءَ، بائرن، ڪيٽس ۽ سئائن برن توڙي يورپ به سمجهيو هو. پاڻ اووڊ ۽ هومر به انهن ڳالهين جي ڪري لافاني ٿي ويا آهن.ڊانٽي ۽ شيڪسپيئر به ڳجهاندرن جي بنياد تي عظمت حاصل ڪئي هئي. ملٽن به وڏو ماڻهو هو ۽ ڪاليداس ۽ تلسيداس به وڏا ماڻهو هئا. (شايد اُها ئي ڳالهه آهي ۽ اُها ئي وڏي ڳالهه آهي جا هن دؤر ۾ اياز ۾ ملي ٿي).

ادب هن خيال کان انفرادي نه، پر هڪ اجتماعي ڪارنامو آهي، ان ڪري ڪهاڻيون. مهاڪهاڻيون ڳجهاندر ۽ ايپڪون پنهنجو مواد فردن وٽان نه. پر هڪ گڏيل انساني سوچ (Difusion of human Sentiments) مان حاصل ڪن ٿيون. هنن مهاڪهاڻين جو اندر (Enertia) ايترو ڪشادو آهي ۽ سندن مواد ايڏو وڏو آهي. جو انهن جو مرڪزي ڪردار، جدا، مقدر، عشق ۽ انسانيت کان گهٽ حيثيت وارو ٿي نٿو سگهي، ان ڪري آڳاٽي ادب جا ڪردار به اهي ئي آهن ۽ اهي ئي ڪردار اڄ تائين هليا ٿا اچن، تمام ويجهڙائيءَ ۾ هن قسم جا ڪردار اقبال ڪم آندا آهن. اسان وٽ هن دؤر ۾ ڪردارن جي بنياد تي شاعري ڪرڻ وارو شاعر فقط اياز آهي.

آڳاٽي ادب جون اهي ڳالهيون گهڻو ڪري دنيا جي سڀني وڏن ادبن ۾ ڳولي ٿيون سگهجن. هر ادب جو پراڻ (Classies) هنن ڳالهين تي مدار رکي ٿو ۽ هر وڏي ادب جو وڏي ۾ وڏو اديب، پڳدار، وارث يا امانت دار اهڙو ئي ادب پيدا ڪندو آهي.

دنيا جي ٻن وڏن نظمن اليڊ ۽ اوڊيسيءَ جو خالق (جيئن عام طور تي مڃيو ٿو وڃي) هومر، هن قسم جي ادب جو باني ۽ تاجدار هو. هنن ٻن نظمن کي ايپڪ سمجهيو ويو آهي. قلم جا ڪي صاحب ايپڪ کي قصيدو ٿا سمجهن. اسان ڪنهن حد تائين بروئر صاحب جي لغت تي ڀروس ڪري رهيا آهيون. (Brewers Dictionary of Phrase and Fable)

ايپڪ اهو نظم آهي، جنهن جي نوعيت ناٽڪ جهڙي هجي، جنهن ۾ بيان جي رستي ڪنهن نه ڪنهن سچيءَ يا خيالي (تصوراتي) تاريخ سان واسطو ڏيکاريو ويو هجي ۽ جنهن ۾ ڪنهن ڪارنامي جي سلسلي کي بهادريءَ جي واقعن ۽ ديوتائن  جي مدد سان مڪمل ڪيو ويو هجي.

هن تعريف جي خيال کان ايپڪ جون ضروري ڳالهيون هيٺيون آهن:

نظماڻو انداز )Poetic Style(

ناٽڪاڻو بيان )Dramatic Narration(

تاريخي سچائي )Historical truth(

انساني سورهيائي )Human Valour(

واقعاتي  جوش)Episodal excitement(

انسان کان مٿي ڪنهن طاقت جو تصور )Super Natural(

ڪهاڻي )Plot(

ايپڪ کي ٻن نمونن ۾ ورهائي ٿو سگهجي:

عوامي يا قومي ايپڪ )Popular or Natural(

ادبي ايپڪ

مهاڀارت اليڊ ۽ اوڊيسي پهرئين نموني جون ايپڪون آهن ۽ ملٽن جو وڃايل بهشت (Paradise lost) ٻئي نموني جي ايپڪ آهي. سنڌيءَ ۾، جنگ نامو، ڪربلاجو واقعو، ڪيڏارو، سنڌ جو شاهنامو. دودي چنيسر جي ڳالهه، مير  چاڪر عليءَ جو قصو ۽ چانڊئي- مگسيءَ جي ويڙهه اهڙا ڪارناما آهن، جن ۾ ايپڪ جون خصوصيتون موجود آهن. هنن مان گهڻيون قومي ايپڪون آهن. ادبي ايپڪ جي لاءِ شايد ڀڳت سنگهه جي ڦاسي جي عنوان سان لکيل اياز جي ايپڪ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. پر في الحال ان جي باري ۾ فيصلو ڪري  نٿو سگهجي.

اهو تمام ضروري آهي ته ايپڪ ۾ جا ڪهاڻي ڪم آئي هجي، تنهن جي حيثيت گهٽ ۾ گهٽ مثالي ڪهاڻيءَ جهڙي هجي. مثالي ڪهاڻيءَ جي معنيٰ به اسان بروئر صاحب جي مٿي ڏيکاريل لغت جي سَندَ تي لکون ٿا. لفظي توڙي معنوي طور تي مثالي ڪهاڻي (Legend) اُها آهي، جنهن کي پڙهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته شهيدن، سورمن ۽ درويشن جي زندگيءَ جي ڪارنامن کي هرڪو ماڻهو پڙهندو آهي، ان ڪري انهن کي مثالي ڪهاڻيون چيو ويو آهي، آهستي آهستي هن قسم جا داستان وڌندا ويا ۽ انهن ۾ حيرت ۽ اچرج جهڙيون ڳالهيون ملي ويون ان ڪري هي داستان روايتي ڪهاڻيون بڻجي پيا.

اسان کي هيءَ تعريف ڪجهه کٽڪي ٿي. ادب جي مزاج ۾ ته ائين آهي ته متان ڪهاڻيون پڙهيون نه پر ڳايون وڃن. اسان جي نظر ۾ ليجينڊ جي ڳائڻ جا سبب هي آهن:

مثالي ڪهاڻي (Legend) جو تاڃي پيٽو ڪنهن نه ڪنهن مثالي شخصيت جي ڪردار تي ٻڌل رهي ٿو ۽ انهيءَ ڪردار سان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي محبت جو جذبو شامل رهي ٿو ان ڪري اُهي ماڻهو گهڻو وقت ياد رکڻ لاءِ هي ڪهاڻيون ڳائين ٿا.

ڪردار کي پڙهڻ سان پوريءَ ريت سمجهي نٿو سگهجي ڇو ته مڪمل ڪردار لفظن ۾ موجود نه آهي پر انهن تصورن ۽ جذبن ۾ موجود هوندو آهي.جن کي آلاپن ۽ صدائن توڙي ادائن ۽ اشارن مان ئي ادا ڪرڻ ممڪن آهي.

منهنجي هنن خيالن جو ڀروسو منهنجي انهي تجربي تي آهي جيڪي مون سگهڙن يا وڏن ايپڪ جي ڳائڻن مان حاصل ڪيا آهن. ساوڻ جا بيت هڪ ادائگيءَ سان ڳايا ويندا آهن ۽ انهن ۾ آلاپ، صدائون ۽ هوڪارا به وڏو ڪم ڪن ٿا. دودي چنيسر جي ڳالهه کي به ادائن کان سواءِ آلاپن جي هڪ سرشتي کان سواءِ ڳائي نٿو سگهجي. ڪربلا جي واقعي کي ڀٽ فقير سالن جا سال ڳائيندا رهيا (گرامي صاحب جي چوڻ پٽاندر ان سلسلي ۾ حسيني فقيرن جو ٽولو مشهور آهي. جو ڌرمي طور تي هندن منجهان آهي پر داستان ڳائڻ سان هو روزي ڪمائن ٿا. ڀٽ اڃا به ڀارت ۾ جام آهن).

 

(2) مٿئين بحث مان نڪرندڙ نتيجا

مٿي اسان جن ڳالهين تي لکيو آهي اُهي هي آهن:

مٿ ڇا کي ٿو چئجي ۽ ان جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن؟

مها ڪهاڻي ڇا آهي؟

مثالي ڪهاڻي جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن؟

ڪهاڻين جو سماج جي حقيقتن سان ڪهڙو واسطو آهي؟

 آڳاٽي ادب جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن.

هنن ڳالهين تي غور ڪرڻ کان پوءِ اسان پنهنجيءَ باقي جاکوڙ جي لاءِ هنن ڳالهين جي روشني ۾ ڪي سوال مقرر ڪري رهيا آهيون ته جيئن مضمون جي باقي حصي ۾ انهن تي لکي سگهون.

سوال هي آهن:

ڇا اُها حقيقت آهي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آڳاٽي ادب جون ڪي اهم خصوصيتون موجود آهن؟

شاهه صاحب جي ڪلام کي سرن (Songs) ۾ جو ورهايو ويو آهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟

شاهه صاحب جا وڏا وڏا ۽ اهم ڪردار ڪهڙا آهن؟

ڪردارن جي وسيلي شاعري ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟

ڇا اسان شاهه صاحب جي سڄي رسالي ۾ ڪنهن به هڪ مهاڪاڻيءَ جو پتو لڳائي سگهون ٿا؟ جي هائو ته ان راهه ۾ ڪي دشواريون آهن ڇا؟

هنن سوالن جي جوابن جي باري ۾ اسان هاڻي اڳتي لکي رهيا آهيون.

 

(3) آڳاٽو ادب ۽ شاهه جو شعر

شاهه جي شعر جي مطالعي ڪرڻ وارن کي معلوم آهي ته شاهه جي سڄي شعر ۾ ڪهاڻين جو نظام موجود آهي. هي ڪهاڻيون شاهه سائين جي پس منظر ۾ آيل سماج جون ڪهاڻيون آهن ۽ انهن جا ڪردار ڪي فرضي آهن ته ڪي سچا. هنن ڪهاڻين جا ڪردار ڪن حالتن ۾ انسان نه. پر ڪي ٻيون حقيقتون آهن. هي سڀ ڪهاڻيون لوڪ ادب جي طور تي اڳي به ڳايون وينديون هيون (جيئن ڪربلا جو واقعو). شاهه به هنن کي بيان ڪرڻ لاءِ داستان گوئيءَ جي فن کان سواءِ ساز ۽ سر جو سهارو ورتو آهي. گهڻو ڪري سڀني ڪهاڻين ۾ نصيحت جا نڪتا موجود آهن. پر جن ڪهاڻين ۾ سماج جي لاءِ نصيحت موجود نه هئي. انهن کي بيان ئي اهڙي طريقي سان ڪيو ويو آهي، جو انهن مان نصيحتون ملن. سڄي شعر ۾ شاعريءَ جي فن ۽ ٻوليءَ جي حسن کان ڪم ورتو ويو آهي. سڄي شعر ۾ سنڌ جي ڪن اهم واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي. ڪردارن ۾ لکيو. مقدر ۽ ڪي ٻيا فرضي ۽ انسان کان مٿي طاقتور ڪردار به شامل آهن. ڪن حالتن ۾ داستان گوئيءَ جو فرض به ادا ڪيو ويو آهي [جيئن مومل راڻي ۽ سَرُ راءِ ڏياچ ۾]. ڪن حالتن ۾ مثالي شخصيت جو تصور به ڏنو ويو آهي [جيئن ڪارايل ۾] هي تصور مثالي ڪهاڻيءَ جي لاءِ تمام ضروري هو. وڏي ڳالهه ته هر داستان جو اُهو پس منظر به بيان ڪيو ويو آهي. جنهن جو تعلق سنڌ جي ڪلچر، جاگرافي، تاريخ، سماجي حالتن ۽ نظريءَ ۽ فڪري رجحانن سان هو.

اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي شعر مان آڳاٽي ادب جون خصوصيتون ڳوليون ته معلوم ٿيندو ته ڪي خصوصيتون هيٺيئنءَ ريٽ آهي:

مثالي ڪردار (خيالي يا حقيقي Legendry character

تاريخي سچائي

شاعراڻو انداز

ڊرامائي طريقو (جنهن ۾ ڪردار، عروجي نڪتا ۽ سماجي پس منظر شامل آهن)

بياني انداز ۽ واقعن جو ذڪر

مقدر يا فوق الانسان حيثيت جو تصور

ڳائجڻ واري خصوصيت (Lyricisn)

داستان گوئي

سو اها حقيقت آهي ته شاهه جو شعر تمام گهڻين اهڙين ڳالهين وارو شعر آهي، جنهن ۾ پراڻي ادب جي اهم ترين طاقت موجود آهي.

پر تنهن هوندي به اسان هت انهيءَ ڳالهه جو اظهار به ڪرڻ گهرون ٿا ته شاهه جي ايپڪ هڪ تمام سڌريل ايپڪ آهي ۽ مها ڪهاڻيءَ توڙي مثالي ڪهاڻيءَ جي خيال کان شاهه صاحب هڪ ترقي پسند شاعر عام هو. هن پراڻ کان هئڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ فن ۽ شاعريءَ جي ڪيترن ئي مامرن ۾ هن نوان تجربا ڪيا آهن.هي ڳالهيون شاهه جي دؤر جي تقاضائن ۾ شامل آهن. شاهه جو دؤر تلسيداس ۽ هومر جو دؤر نه هو. هن دور ۾ تصوراتي ڪردارن جو تعداد گهٽ هو ڇو ته عملي طور تي انسان وڌيڪ مضبوط هو، پر ته به تصوراتي ڪردارن ۾ جيڪي وڏا ڪردار  هومر وٽ هئا (جيئن جوپيٽر ۽ زيوس) سي شاهه وٽ به آيا آهن (جيئن لکيو، قلم ۽ قضا). هومر جي لاءِ اهو ضروري هو ته هو هيلن جي وسيلي ٻن تهذيبن کي تباهه ٿيندو ڏيکاري ته جيئن مستقبل جو انسان عورت جي  باري ۾ ڪو واضع تصور رکي سگهي پر شاهه جي لاءِ اهو تمام ضروري هو ته هو عورت کي مرڪزي ڪردار جي حيثيت ڏيڻ سان گڏوگڏ ان تي ڪلچري ۽ مذهبي توڙي سماجي پابنديون رکي ته جئين عورت جي بنياد تي تهذيب کي ترقي ملڻ جو ڪم ٿئي ۽ نه تباهيءَ ملڪن جو.

هن جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهي ڪهڙا سبب آهن. جن جي ڪري ملڪ جو هڪ تمام مشهور ۽ داستان گوئي جي مقصد کان تمام اهم داستان دودي چنيسر جو داستان، شاهه پنهنجي رسالي ۾ ڪم نه آندو آهي. آءُ هن سبب تي هيٺ لکان ٿو:

ٻاگهي هيلن جيان سنڌ جي سورهيائيءَ جي دؤر ۾ سنڌ جي تمام گهڻن سورمن جي خون جي ذميوار هئي.

چنيسر جو ڪردار سنڌ جو مثالي ڪردار ٿي نٿي سگهيو.

دودي جو ڪردار اهم هو پر هن قسم جا ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ ٻيا به موجود هئا، تنهن کان سواءِ اهو ڪردار هونئن به عوامي طورتي مقبول هو.

دودي جي ڪردار ۾ اهو شڪ هو ته هن جي سورهيائي سومرا خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ کي ڌارين ۾ پرڻائڻ جي خلاف ڪم آئي يا سنڌ ڏيهه کي آزاد رکڻ جي ڪم آئي يا اڃا به پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي دشمنيءَ ۾ ڪم آئي.

ٻاگهيءَ جي ڪردار ۾ هڪ غير ذميوار ڇوڪريءَ جو اهو مزاج شامل هو جنهن ۾ هوءَ حڪومتن جي مصلحتن کان غيرواقف هئي ۽ روايتي عورت جيان طعني تنڪي ۾ قابل هئي.

شاهه جي دور ۾ شاهه سائين جنگين جي حالتن کان واقف هو ۽ ان لحاظ کان دودي جي ڪردار ۾ ايڏو وڏو ابهام موجود هو جو شاهه جي دور ۾ به عجيب ٿي لڳو.

هن داستان جي جيڪا سماجي ضرورت هئي (يعني وندر ۽ جوش جا جذبا ڏيارڻ) سان اڳ ۾ ئي پوري ٿي رهي هئي.

(پر هي سڀئي ڳالهيون رڳو تڏهن درست آهن جڏهن اها ڳالهه تحقيق جي بنيادن تي درست هجي. دودي چنيسر جي داستان جو شاعر يا شاعَر شاهه جي دور کان اڳ جا هئا ۽ شاهه جي دور ۾ اهو داستان سنڌ ۾ موجود هو.)

هومر جي زماني وارو انسان يا ڪاليداس ۽ تلسيداس جي دور وارو انسان اڃا پنهنجي ماحول کي پوريءَ ريت سمجهي نه سگهيو هو. ان ڪري هومر جي اڳيان طاقت محض تمام وڏي ڳالهه هئي، عقل ۽ کيڏ وارن طريقن جي ڪا اهميت ڪا نه هئي، پر شاهه جي زماني جو انسان ماحول کان واقف هو. هو جسماني طاقت کان سواءِ ٻين طريقن ۽ سٺن اوزارن جو استعمال ڪندو هو. ان ڪري شاهه جي ڪردارن ۾ هومر جي ڪردارن جهڙي رکائپ، هوڏ، ظالماڻي حرڪت موجود نه آهي، ٻاقي ٻيون ڳالهيون هومر ۽ شاهه ۾ هڪ جهڙيون آهن،

مثال طور:

هومر جا مثالي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن خصوصيت جا حامل آهن:

يوليسيز- سهڻ واريءَ طاقت جو

اچيليز- جذبات جي عمدگي ۽ نزاڪت جو

هيلن- حسن ۽ سادگيءَ جو

پينيسلوپ- وفاداريءَ جو

اهڙيءَ ريت شاهه جا ڪردار عمر، مارئي، سسئي، نوري، تماچي، چنيسر، ڏياچ، چارڻ، راڻو ۽ مومل به ڪنهن نه ڪنهن اهڃاڻوي ڪردارن جا حامل آهن.

هومر به ڪردار ان دور جي افرادي نمونن مان ورتا آهن ۽ شاهه به ائين ڪيو آهي.

هومر به پنهنجا ڪردارن جون اُهي ئي خصوصيتون وڌيڪ اڀاريون آهن جيڪي ان وقت جي ماڻهن جي ڀرمن، رسمن، عقيدن ۽ ويساهن پٽاندر هيون ۽ شاهه به ائين ئي ڪيو آهي.

هومر به انساني سماج ۽ خصوصي يوناني سماج جي تاريخ کي ملائڻ لاءِ ڪردارن کي ڪي انساني ۽ سماجي خصوصيتون ڏنيون آهن ته شاهه به ائين ڪيو آهي.

هومر به ٻولي عام ڳالهه ٻول واري يا عوامي اظهار واري ڪم آندي آهي ته شاهه به ائين ئي ڪيو آهي.

هومر به پنهنجي ٻوليءَ جي انهيءَ دور ۾ هو جڏهن يوناني ٻولي پنهنجي پوري اوج تي هئي ۽ اظهار جي وڏي قوت رکندي هئي ته شاهه به سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي ئي دور ۾ شعر چيو هو.

هومر به شعر چيو هو ۽ نه لکيو هو ته شاهه به شعر چيو هو ۽ نه لکيو هو.

هومر به نه ڪنهن ادبي انجمن جو سربراهه هو. نه ميمبر نه درٻاري شاعر نه شام ملهائڻ وارو ۽ پوئٽ لاريئٽ ۽ شاهه به اهڙو ئي شاعر هو.

هومر به پنهنجي دور جي ڪٿا کي شعر ۾ ڪم آندو آهي ته شاهه به ائين ڪيو آهي.

 

(4) مها ڪهاڻي ۽ مثالي ڪهاڻي

مها ڪهاڻي مثالي ڪهاڻين جي هڪ سلسلي جو نالو آهي ۽ مثالي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪردار جو تصور موجود هوندو آهي. آءٌ ڀانيان ته هن جاءِ تي اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان مثالي ڪردار جي باري ۾ وضاحت سان لکون، ڇو ته مثالي ڪردارن مثالي ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي ۽ مثالي ڪردار جو ڪو نه ڪو تصور هر شاعر يا هر آرٽسٽ جي سامهون رهي ٿو. ان ڪري مثالي مثالي ماڻهو ۽ مثالي ڪردار شاعريءَ جي اڀياس جي باري ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.

پراڻي ادب جي خيال کان مثالي ڪردار سڀ نه سهي، پر گهڻا اهڙا هئا جو انهن ۾ بهادريءَ جو جوهر موجود هو. بهادري فرد جو هڪڙو گڻ آهي، پر انهيءَ ڳالهه تي تڪڙ ۾ اها راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي ته ڪنهن مثالي ڪردار جي لاءِ رڳو بهادر هئڻ ئي ضروري آهي يا ان جي لاءِ ڪي ٻيون ڳالهيون به ضروري  آهن. بيشڪ امير حمزي جي داستان ۽ بيوولف جهڙن داستانن ۾ بهادر هئڻ تمام ضروري هو ۽ ڪن حالتن ۾ اُهو ئي گڻ سڀني گُڻن جو مَٽ هو، پر انهيءَ هوندي به جدا جدا حالتن ۾ شاعرن ۽ ڏاهن ماڻهن مثالي ڪردارن جون جدا جدا خصوصيتون بيان ڪيون آهن. نيٽشي جهڙن عالمن وٽ مثالي ڪردار سپر مئن جهڙو آهي. اقبال وٽ اُهو شاهين يا مرد مؤمن آهي ۽ شاهه وٽ اهو هنجهه آهي. پر اها ڳالهه درست نه آهي ته تصور انهن ٽنهي جو هڪ جهڙو آهي.

ياد رکڻ گهرجي ته اهو به ضروري نه آهي ته هر ڪو مثالي مِاڻهو عظيم انسان يا فرد هوندو آهي. عظيم ماڻهو ۽ مثالي ماڻهو هرو ڀرو هڪ جهڙا ڪو نه ٿا ٿين! مثالي ماڻهوءَ ۾ جن عام خصوصيتن کي ڏسڻ پسند ڪيو ويو آهي، سي هي آهن:

سماج ۾ عزت ڀريو ۽ ڄاتل ماڻهو هجي.

ان جي حيثيت کي بحث يا تڪرار جو موضوع نه بڻايو وڃي.

هُن جي ڪردار ڪن نه ڪن ڪردارن کي متاثر ڪيو هجي.

هن ۾ سهڻ، نبرڻ يا مقابلي ڪرڻ جي وڏي قوت هجي.

هن جا نظريا ۽ عقيدا نرا روايتي نه هجن. پر هو تبديل جو اتساهه رکندڙ هجي ۽ نظرياتي توڙي فڪري بنيادن تي مضبوط هجي ۽ قربانيون ڏئي سگهي.

 هنن ڳالهين جي بنياد تي ڪنهن ماڻهوءَ جو مثالي ڪردار ٻين جي لاءِ به مثالي ڪردار ٿي ٿو سگهي، پر عظيم انسان جو تصور هرو ڀرو ڪنهن مثالي ڪردار جهڙو نٿو ٿئي، مثالي ڪردار جهڙا ڪردار هر قوم وٽ آهن. مثالي ڪردار جي لاءِ اهو ضروري نه آهي ته:

هو وڏي ۾ وڏو ڏاهو هجي.

 هو پاڪ ۽ معصوم هجي.

 هو انسانن کان مٿي ڪنهن بيءَ مخلوق جو فرد هجي.

هو نوان ۽ نرا ويچار رکندڙ هجي.

هن جي زندگيءَ کي عملي طور تي اختيار ڪري نه سگهجي.

هن قسم جا ڪردار سماج ۾ وڏي جڳهه وٺي ويندا آهن ۽ انسان جي تاريخ ٺاهڻ ۾ به  وڏو هٿ هنن ڪردارن جو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ به مثالي ڪردار جام ملن ٿا، پر اسان هت انهن جي نالن جي لسٽ لکي نٿا سگهون (اميدوارن جي قطار وڏي آهي ۽ اسان کي سڀني  جي مثالي ڪردار هئڻ ۾ شڪ آهي. تنهن کان سواءِ هن قسم جي اڀياس کي سياسي رنگ به ڏئي سگهبو).

البت تاريخي ڪردارن کان سواءِ اسان وٽ ڪي تصوراتي مثالي ڪردار به آهن، مثال طور: جمن چارڻ، گامو سچار، گامو سچار ۽ وتايو فقير. هي سڀ ڪردار هر هنڌ مثال طور ڪم اچي رهيا آهن ۽ ياد ڪيا ۽ ڳايا وڃن ٿا.

اهڙن ڪردارن جي بنياد تي ٻڌل ڪهاڻيون مثالي ڪهاڻيون ٿين ٿيون، اهي ڪهاڻيون ڳاليون ٿيون وڃن. اسان و:ٽ انهن مان گهڻيون تحرير هيٺ آيون آهن ۽ اهڙيءَ ريت مثالي ڪردار زندهه رهن ٿا، پر هنن مثالي ڪردارن جي تصور کي ڪڏهن به اٽل چئي نٿو سگهجي.

ڀٽائيءَ جا ڪيترائي مثالي ڪردار اياز به ڳايا آهن، پر نظري ۽ فڪري بنيادن تي اياز ساڳين ڪردارن جي مدد سان مختلف نتيجا ڪڍيا آهن. هيءَ ڳالهه اياز جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ وارن لاءِ شايدڪا اهميت رکندي هجي!

مثالي ڪهاڻين جي  بنياد تي مها ڪهاڻيون ٺهن ٿيون. سو هر قوم جي لاءِ ضروري آهي ته  هن وٽ ڪا نه ڪا مها ڪهاڻي هجي. انهيءَ قوم جي ادب جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪري نٿو سگهجي. جنهن وٽ پنهنجي ڪا مها ڪهاڻي ڪانهي. سنڌ جي هن دؤر ۾ ته مها ڪهاڻيءَ جو سوال سنڌ جي سطح تي اٿاري نٿو سگهجي. شاهه جي زماني واريءَ سنڌ جي صورت ۾ مها ڪهاڻيءَ جو تصور ممڪن هو، ڇو ته ان وقت جي سنڌ ڪلچري توڙي فڪري بنيادن تي هڪ نرالي زمين هئي. اُهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب ۾ هنن ئي ٻن ڳالهين جو اڀياس ڪيو آهي (ڪتاب جي منڊ ۾ هُن سنڌ جي ڪلچر تي بحث ڪيو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ هن شاهه جي شعر جي اڀياس جي مدد سان سنڌ جي فڪري ۽ نظري حيثيت کي ڏٺو آهي)، ان ڪري اهو ضروري هو ته ان ۾ شاهه جي مثالي ڪردارن جي مدد سان ڪنهن مها ڪهاڻيءَ کي هٿ ڪري سگهجي، پر هي ڪم هن حالت ۾ ۽ هن دور ۾ نٿو ڪري سگهجي. سبب ٻه آهن:

رسالي جي موجوده ترتيب مان (توڙي جو اها جدا جدا نسخن ۾ جدا جدا آهي) اسان هڪڙي ڪهاڻيءَ جي ٺاهڻ ۾ مدد وٺي نٿا سگهون. (مون اهڙي ڪوشش ڪري ڏٺي آهي)

نئين سر ترتيب ڏيڻ جي لاءِ اڃا انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکيو نه ويو آهي ته سڄي رسالي جي ڪا هڪ ڪهاڻي يا مها ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي.

هن صورت حال مان جيڪي خطرا پيدا ٿيندا سي اسان هيٺ ڏيون ٿا.

اسان شاهه جي عظيم انسان جي تصور فلسفي جي باري ۾ فيصلو ڪري نه سگهنداسون.

نئن سر ترتيب ڏيڻ جي لاءِ اڃا انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکيو نه ويو آهي ته سڄي رسالي جي ڪا هڪ ڪهاڻي يا مها ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي.

اسان اهو فيصلو به ڪري نه سگهنداسون ته سڄي رسالي ۾ ڪهڙا بيت غير ضروري طور تي آندا ويا آهن ۽ ڪهڙن اڻ ڇپيل بيتن کي انهن جي جاين تي رکي ٿو سگهجي.

اسان شاهه جي شعر جو سماجي اڀياس (جيڪو آءُ هٿ ۾ کڻڻ وارو آهيان) آسانيءَ سان ڪري نه سگهنداسون.

بيشڪ شاعر پنهنجي ديوانن ۽ بياضن ۾ جدا جدا موضوع  ڏيندا آهن ۽ شاهه به اڪيچار موضوع ڏنا آهن پر عظيم شاعر جيڪي زندگين کي سڌارڻ ۽ پنهنجي جدا سماج بنائڻ لاءِ شاعري ڪندا آهن، سي پنهنجي سامهون هڪ عظيم تصور به رکندا آهن، جيڪو سندن شعر جو مقصد هوندو آهي (خبر ناهي ته شاهه جي سامهون ڪهڙا تصور هئا).

جتي عام شاعر مثالي ڪردار جو هڪ تصور رکي ٿو، اتي عظيم شاعر عظمت جو هڪ تصور. زندگيءَ جو هڪ مقصد، وقار جو هڪ نظريو ۽ مثالي يا عظيم انسان جو هڪڙو ۽ واحد تصور به رکي ٿو. اها ئي ڳالهه آهي. جنهن جي ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته سڄي رسالي جي هڪ مها ڪهاڻي مرتب ڪجي.

 

مِٿ ۽ شاعري

اسان جي دور ۾ مٿ جي بنيادي نقطي تي اتفاق ڪرڻ آسان ناهي. اها ڳالهه نٿي مڃي سگهجي ته جيڪي سچ سَر سهڻيءَ ۾ آيو آهي اهو سچ ۽ نراو سچ آهي. بيشڪ اها ڳالهه مڃي نٿي سگهجي، پر ان جو سبب هي آهي ته اسان جي دور جي مٿ ۽ ان  دور جي مٿ هڪ جهڙيون نه آهن. اسان جي دور جي سهڻي به ڪنهن نه ڪنهن ميهار جي اوسيئڙي ۾ رات جو گهر کان نڪري ٿي، پر ان جا وسيلا ڪچا نه آهن ۽ ان جي اڳيان ڪو درياءُ ڪونهي ۽ ان جا پيرا اگهاڙا ڪو نه آهن ۽  ان جو ميهار درياءَ جي ٻئي طرف جهنگ ۾ ڪو نه ٿو رهي. پر سهڻيءَ جو نعم البدل ۽ متبادل ڪردار هر حال ۾ اسان جي دور ۾ به آهي ۽ انهيءَ تي ڪردار واري مٿ اسان جي دور جي مٿ آهي. اسان ته ايترو به ڏٺو آهي ته ان دور جي سهڻيءَ جي نفسيات ۽ اڄوڪي دور جي سهڻيءَ جي نفسيات به هڪ جهڙيون هيون. ڪي اهم پهلو ٻنهي ۾ هي آهن:

گهرو رسمن ۽ قاعدن کان بيراريءَ جو احساس.

سماج جي ڪن رُکن ۽ سڪن نظرين کان نفرت.

وڏيءَ اوجهڙ ۾ وڃڻ جو عزم.

نتيجن کان بي پرواهي ۽ بي خبري.

انفرادي طور تي ڪنهن نه ڪنهن حق ۽ سچ سان وفاداريءَ جو احساس.

ڳالهه هيئن آهي ته حقيقتون سڀئي هڪ جهڙيون نه آهن. جنهن سچ ۽ جنهن حقيقت تي سهڻيءَ  جي ڪردار کي لکيو ويو آهي يا  ڳايو ويو آهي تنهن جي سچائيءَ جا دليل انسان ذات جي سچيءَ تاريخ تي ته پرکي سگهجن ٿا پر ان کي مخصوص سنڌي معاشري ۾ سمجهي نٿو سگهجي. انسان ذات جي سچي تاريخ جون حقيقتون اسان جي دور جي شاعريءَ، فن، آرٽ ۽ ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهن. سهڻي به هڪڙو اهڙو سچ ۽ اهڙي حقيقت هئي ۽ سهڻي به هڪ اهڙو سچ ۽ حقيقت آهي اهو ئي سچ ۽ حقيقت اڄڪلهه مٿ جي نالي سان مشهور آهي:

سترهين توڙي ارڙهين صدي عيسويٰ ۾ مٿ يا ڳجهاندر کي تصوراتي عمل (Fieton) سڏيو ويندو هو. بعد ۾ جرمنيءَ جي فلسفي ۽ ڪولرج جي اديباڻيءَ سوچ جي ڪري ڳجهاندر هاڻي هڪ سچ ٿو سڏجي. تاريخي حساب سان ڳجهاندر جو بنياد رسم ۽ رواج تي آهي. گهجاندر رسم جي ڳالهايل حصي جهڙو آهي يا انهيءَ ڪهاڻيءَ جهڙو آهي جا رسم ۽ رواج واري ناٽڪ جو پلاٽ آهي.

هر دور جي مٿ پنهنجي دور جي انسان جو مقدر هوندي آهي ۽ فقط انهيءَ ئي بنياد تي اهو ممڪن آهي ته ٻيجل سر ڇو گهريو ۽ راوَ سُر ڇو  ڏنو. انهن سوالن جو جواب ڏجي.

دنيا جو ڪو به ادب رمز جي سچائيءَ ۽ ڳجهاندر جي حقيقي هئڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهي. انسان پنهنجي عظيم ورثي تان هٿ ڌوئي نه ويٺو آهي. البت هر دور جي مٿ جدا ۽ نئين هوندي آهي. اسان جو اڄوڪو امداد اسان جي اڄوڪيءَ مٿ جو شاعر آهي اها مٿ پڪن رستن، رونقن، پلين، چوواٽن، باغن، دونهن، بمن، باهين، جذبات جي شدت ۽ جوانيءَ توڙي اڪيلائيءَ ۽ پيار جي مٿ آهي. پر اها مٿ هرڪو شاعر سڄي ساري ڏسي نٿو سگهي. عظيم شاعر اهو آهي جو سڄيءَ مٿ يعني پنهنجي دور جي ڪُل مٿ کي ڪم آڻي ٿو سگهي ۽ اهڙو ئي شاعر هڪڙو ڀٽائي به هو. شاعر پنهنجيءَ سڄيءَ مٿ کي به ڪم آڻي ٿو سگهي. پر ان لاءِ اهڃاڻ استعمال ڪرڻا پوندا ۽ ڀٽائيءَ ڪيا آهن.

 

انسان جي مِٿِ

اسان کي انسان جي ڪهاڻيءَ جو يا مها ڪهائيءَ جو اُهو حصو مليو آهي جنهن ۾:

ڪو به مٿاهون پٽ ڪونهي. ننڍا ننڍا جبل ۽ رکا ۽ بي رونق ٽڪر آهن. لڪ سوڙها آهن ۽ واٽن تي ڇپون آهن. رستي تي پٿر آهن. پٿر جيڪي چهنبيارا آهن. لڪ آڏا ۽ آڏا تراڇا آهن.

اسان جا ميدان بَر، ٿَر، ترايون ۽ خشڪ ٺوٺ پٽ ۽ رڻ آهن.

اسان کي مينهن اهي مليا آهن جيڪي نينهن جيان قيمتي هئا.

اسان جا ڪردار- اسان جا ماڻهو: لنگڙياريا. ڪيچي. ڏير. مارو. هوت. وريام، ڏياچ، مينڌرا، راڻا، ميهار، چنيسز، دودا، عمر. همير. پنهنجيءَ ۾ پورا، ننگا ۽ نگئا.

اسان جا ڪردار:  مارئيون، سسئيون، موملون، سهڻيون، ليلائون، اوريون ۽ ناريون. هي سڀ ڪهه اسان جي هٿ ۾ آهي.

مانائتو شيلي (J.T.Shiply) پنهنجيءَ لغت ۾ ڏئي ٿو ته مٿ جي معنيٰ آهي ڪهاڻي. (فن هن لغت ۾ آيل ڪن خيالن سان اتفاق نه هئڻ ڪري اسان هنن جو ذڪر نه ڪيو آهي.) تصوراتي  طور تي مٿ منڍ کان ئي وٺي انسان جي اندرينءَ تاريخ جي ترجماني ڪندي رهي آهي ۽ ان حيثيت سان مٿ کي سماج ۾ هڪ مڃيل ڪٿا يا ڪهاڻيءَ جيان قبول ڪيو ويو آهي. مٿ جي بنيادي خصوصيت آهي معنيٰ، ٻوليءَ جي ميدان تي مٿ جو ڪم آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ٿيو هو ۽ جناب مئڪس ميولر (Max Miller) شروع ڪيو هو. وڏي ۾ وڏو ڪم نفسيات جي عالم سي. جي. جنگ (C.G. Jug) ڪيو آهي.

ڪئسل (Cassell) وارن جي تحقيق مطابق: مٿ هڪ ڪهاڻيءَ جهڙيءَ آهي جنهن ۾ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارن ٻنهي لاءِ هڪ ڪائناتي ۽ فوق الارض مقصد موجود هوندو آهي.

(ڏسجي Vollp372  Encyclopaedia of literenture)

هن حالت ۾ تحقيق مطابق انسان جي يا سماج جي اوسر واري دور ۾ هر ملڪ ۾ اهڙيون ڪهاوتون ۽ ڪهاڻيون ٺاهيون ۽ گهڙيون وينديون آهن جن کي فقط مٿ ئي چئي ٿو سگهجي.

تاريخ جي اهڙن دورن کي ڪهاوتي شاعريءَ وارو دور (Mytho-poeticage) چيو ويو آهي. شاهه جو دور به هڪ اهڙو دور هو ۽ شاهه به اهڙو شاعر هو. هن جا ڪردار مرن ٿا پر مات ڪو نه ٿا ٿين، راهه ويندي مري کپي ٿا وڃن ۽ رستي جي سفر جون ڏکيائون ڏسن ٿا. هنن جي لاءِ ڌرتي ڦاٽي ٿي پوي. هو درياهه جي تمام تيز وهڪري ۾ به گهڙي ٿا پون. هو آواز تي پنهنجو سُرِ پاڻ لاهي پيش ٿا ڪن. هنن جي ملڪن ۾ ڪاڪ جهڙا محل آهن ۽ هو زهر گڏيل شراب پيئندا آهن. پر شاهه جي دور جي مٿ اڃا گهڻي  وڏي آهي. هر سر جي داستان ۾ ان جا ڳر موجود آهن. اها سڄي ساري مٿ هن دور جي شاعرن جو ورثو آهي پر اياز ئي فقط اهڙو شاعر آهي جو پراڻيءَ ۽ نئين مٿ جي بنيادن تي هڪ جدا مٿ قائم ڪري رهيو آهي.

7- شاهه جو سريلو شعر (The Iyrieism of his poetr)

شاهه جو شعر تمام گهڻو ڳايو ٿو وڃي. اُهو جڏهن جڙيو هو ته به ڳايو ويو هو. سو شاهه جو شعر بنيادي طور  تي اهو شعر آهي جنهن کي سريلو شعر (Lyric poetry) چيو ٿو وڃي.

سريلو شعر آلاڀ تي مراد رکي ٿو= وڏيءَ حد تائين اهو شعر راڳ جي علم تي ٻڌل آهي. ڪن حالتن ۾ اڳ جي علم جي خيال کان به هي شعر تجرباتي آهي ۽ هن ۾ سنڌ جو پنهنجو تجربو شامل آهي. سڄو سارو شعر هڪ جدا لئه ۾ ڳايو ويندو آهي. هن حالت ۾ هن کي شاهه جو راڳ چيو ٿو وڃي. پر هي سڀ ڪجهه اهو آهي جنهن کان اسان هاڻي واقف آهيون.

هن مضمون ۾ اسان کي اهو ڄاڻائڻو آهي ته شاهه جي شعر کي جو سرن (Songs) ۾ ورهايو ويو آهي. ته ان جو مطلب ڇا آهي؟

دنيا جو گهڻو ڪري سڄو آڳاٽو شعر ڳايو ويو آهي. عربي زبان جو اوائلي شعر جدي هو، اُهو به ڳايو ويندو هو= پارسيءَ جو آڳاٽو شعر شاهنامي جي صورت ۾ ڳايو ويندو  هو. انگريزيءَ جو تمام پراڻو شعر بئلڊ (Ballad) هو، اهو به ڳايو ويندو هو. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ جو به پراڻو شعر ڳايو ويندو هو. بيت، دوهي، وائيءَ جو قديم ترين صورتون راڳ جي لاءِ ڪم آيون آهن. سو پهرين ڳالهه ته پهريون ادب ٺهيو ئي هو ڳائڻ جي لاءِ، سو شاهه جو شعر به سرن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي.

پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هر ڪو اهو شعر جيڪو ڪردارن جي بنياد تي مرتب ڪيو ويو هو سو ڳايو ويندو هو. پهريان منظوم ناٽڪ به ڳايا ويندا هئا. ناٽڪ کي سُرن ۾ ادا ڪرڻ جا جيڪي مقصد  هئا تن تي اڄ سوڌو غور نه ڪيو ويو آهي. ناٽڪائي شور کي سُرن ۾ ادا ڪرڻ جا ڪي سبب اسان هيٺ ڏيون ٿا:

ڀرپور تاثر جي لاءِ سازن جو استعمال ضروري هو، سازن جي وسيلي گهربل ماحول تيار ڪيو ويندو هو.

ڪردار کي مڪمل طور تي اڀارڻ جي لاءِ ان جا اهي پهلو به ظاهر ڪرڻا هوندا هئا. جيڪي لفظن جي مدد سان ظاهر ٿي نٿي سگهيا. ان ڪري لفظن جي ادائگيءَ جي مقبول نموني يعني راڳ جي مدد ورتي ويئي هئي.

مثالي ڪردار جي تصور کي قائم رکڻ ۽ ان کي سانڍي رکڻ جي لاءِ راڳ جو وسيلو ڪار آمد وسيلو هو.

داستان گوئيءَ جي لاءِ به راڳ کي اختيار ڪيو پئي ويو آهي.

 شاعر پاڻ کي اجتماعيت جي حيثيت ڏيڻ لاءِ راڳ جي محفل به همٿائيندا هئا. هن طرح ڀٽائي به پرچار جو مرڪز بڻجي ويو هو.

 راڳ جي وسيلي اظهار  جو وسيلو حڪومتن وٽ اعتراض جوڳو سمجهيو نٿي ويو.

 ڀٽائيءَ جي حالت ۾ نازڪ جذبا ۽ دل جون ڪيفيتون به تقاضا ڪري رهيون هيون ته شاعر ساز ۽ سوز جي مجلس ۾ ويهي. ڳائي ۽ ٻڌي.

هن طرح شاهه جو شعر سرن جي خيال کان  ڏاڍو اهم آهي. هن طرح اسان هن ڳالهه تائين پهچي ٿا سگهون ته شاهه جي شعر ۾  ناٽڪاڻو انداز ڳولي سگهجي ٿو. ناٽڪاڻي انداز جون وڏيون وڏيون ڳالهيون نه اسان ڏسي چڪا آهيون= راڳ، ڪردار ۽ ڳجهاندر کي هلائڻ (Manipulation) جو مخصوص انداز جيڪو شاهه جي شهر ۾ موجود آهي. سي ڳالهيون شاهه جي شعر کي ناٽڪاڻو انداز ڏين ٿيون.

پر ياد رکڻ گهرجي ته موجود دور جي ناٽڪ جون ڪي فني ڳالهيون اهڙيون آهن جو شاهه جو شعر انهن جي لحاظ کان ناٽڪاڻو چئي نٿو سگهجي.

پر هي سوال هڪڙو فني سوال آهي.

هاڻوڪو ناٽڪ فني طور ي اداڪاريءَ. اسٽيج جي تڪنيڪ. پلاٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي فني خوبين ۽ سماجي ڪارج جي خيال کان هڪ تمام وڏي ٽيڪنيڪل ڳالهه آهي، پر اسان هرو ڀرو ناٽڪ جي جديد ترين صورت کي شاهه ۾ ڇو ڳولينداسون.

شاهه جي ناٽڪاڻي شعر ۾ وڏي ڳالهه پلاٽ جي آهي. هنن پلاٽن ۾ عروجي نقطا (Episodes) ٿين ٿا. هنن پلاٽن ۾ ابتدا ۽ انتها ٿئي ٿي. هي پلاٽ انتهائي عروجي نقطو (Cricis) به ڏين ٿا. هنن پلاٽن جو ڪو نه ڪو سماجي پس منظر به ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ هي پلاٽ اميد، خوف خطري ۽ نازڪ جذبن جي مدد سان به ٺاهيا ويا آهن. ان ڪري هر لحاظ کان هي پلاٽ ناٽڪ جي پلاٽن جهڙا آهن ۽ اسان انهن جي بنياد تي سهڻا ۽ سٺا ناٽڪ لکي ٿا سگهون.

دنيا جي ڪيترن ئي ناولن جي بنياد تي ناٽڪ لکيا وڃن. سو اسان به هنن سرن جي بنياد تي ناٽڪ لکي ٿا سگهون. هن طرح اسان شاهه جي شعر کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ ويڪرو ميدان تيار ڪري سگهنداسون ۽ ان ۾ نئين دلچسپي پيدا ڪري سگهنداسون. جڏهن صورتحال اها آهي جو اسان جو جوانن جو نسل رسالو ڏکيو ٿو سمجهي ۽ نٿو پڙهي ۽ اسان وٽ ان کي نون طريقن سان پيش ڪرڻ جو ڪو پروگرام به ڪونهي ته پوءِ آخر ٻيو ڪهڙو طريقو آهي رسالي کي محفوظ ڪرڻ جو (خبر نه آهي ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن وٽ پروگرام ڪهڙو آهي؟)

 

8-  شاهه جا ڪردار

شاهه جي ڪردارن تي مفصل ۽ تڪنيڪي بحث هن جاءِ تي ڪري نٿو سگهجي. ڇو ته هتي اسان جو موضوع ڳجهاندر ۽ ان جي شاعراڻي حيثيت آهي نه ناٽڪ، پر  ڇاڪاڻ ته سڀ ڳجهاندر ڪردارن جي بنيا تي ٺهيا آهن، اسان شاهه جي حالت ۾ به ڪردارن تي به ڪجهه نه ڪجهه لکي رهيا آهيون.

اهم ترين ڪردار اُهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي خالق جي ذهن ۽ صلاحيت جو مظهر هجي ۽ ان جي ذانيات تي دلالت ڪندو هجي. اهڙي ڪردار جون ٻيون خصوصيتون هي آهن:

هي ڪردار سماجي ٽڪر ۽ ڇڪتاڻ مان پيدا ٿيندو آهي.

هي ڪردار پنهنجي خالق جي انهيءَ تصور جو حامل هوندو آهي جيڪو هو مثالي ماڻهوءَ جي باري ۾ رکندو آهي.

هي ڪردار ناٽڪ جي سماجي دنيا انساني لاڳاپن جي هڪ مخصوص طرز کي ادا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هنن حالتن ۾ شاهه جي ڪردارن جو اڀياس اسان کي اها ڳالهه سمجهائيندو ته سنڌي ادب ۾ مثالي ماڻهوءَ جو  تصور ڪهڙو آهي ۽ ان مان ئي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته اسان جو شاهه جي دور جو فڪر ۽ فلسفو پاڻ به اسان جي رهبري ڪري ٿو يا سماجي طور تي هاڻي مدي خارج آهي.

 

آخري عرض

هن وقت تائين اسان شاهه جي شعر جي انهيءَ پهلوءَ جو جائزو ورتو آهي جنهن ۾ شاهه جي شعر جو ۽ دور جو  ڳجهاندر شامل آهي. اسان ڳجهاندر جي جن ڳالهين تي لکي آيا آهيون سي هيٺ اختصار سان ڏيون ٿا:

ڪهاڻي ۽ مها ڪهاڻي.

مثالي ڪهاڻي.

ڪردار ۽ انهن جي ادائگي.

ڳجهاندر جي زمين جون طبعي حالتون.

ايپڪ ۽ ان جون خصوصيتون.

 ڳجهاندر واري شعر ۾ سر ۽ آلاپ جو حصو.

شاهه جو شعر ۾ ڳجهاندر جا ڪي مثال.

شاهه ۽ هومر ۾ هڪجهڙايون.

آڳاٽي ادب جون ڪي اهم خصوصيتون ۽ ڪي ٻيون اهم ڳالهيون.

        هن کان پوءِ اسان شاهه صاحب جي نظري جي فڪري صلاحيت کي سمجهڻ جي لاءِ ڪن ڪردارن جو اڀياس ڪنداسون.

 

(ٽه ماهي مهراڻ، 1978-2ع تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com