سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :27

 

 

*

ڀاڱو ٻيو

 

*

 

 

شيخ اياز

سنڌي شاعريءَ جو مزاج

سنڌي شاعريءَ جي پرک لاءِ بر صغير جي پوريءَ شاعريءَ جي مزاج سان آشنائي ضروري آهي. منهنجي نظر ۾ شاعريءَ جو فن پنهنجي ڪمال تي پهچي، دقيق ۾ دقيق خيال جو اظهار سليس ۾ سليس زبان ۾ ڪندو آهي. پر ان زبان جي سلامت ۽ عام فهميءَ جي تهه ۾ فڪر ۽ فن جو اهو رچاءُ هوندو آهي، جنهن ۾ صدين جي سڳنڌ سميٽجي ايندي آهي. ڪنهن به عظيم شاعر جي هڪ سوليءَ سٽ  تي تنقيد يا تبصري لاءِ، نه فقط هن جي موجوده معاشري جو جائزو ضروري آهي، نه فقط هن جي دور جي قومي ۽ بين الاقوامي تعصبات جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي رد عمل جو مطالعو ضروري آهي، نه فقط شاعر جي داخليءَ زندگيءَ جي شعوري ارتقا ۽ ان تي هن جي خارجي زندگيءَ جي اثريذيريءَ جو اندازو لڳائڻو آهي، پر هن جي تحت الشعور جي انهيءَ روشنيءَ کي به ڄاڻڻو آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا رهن ٿا. جنهن ڪٿڪليءَ جي نرت نه ڏٺي آهي، اهو ڪاليداس جي ڪويتا جي پوري هڳاءَ ۾ ويڙهجي نٿو سگهي. جنهن رگ ويد ۾ وايو پرجينا، اوشا، ارنياني، راتري جي باري ۾ گيت نه پڙهيا آهن، جنهن کي اها ڄاڻ نه آهي ته هوا، برسات، باک، جهنگل ۽ رات جي باري ۾ اڳ ڇا ڇا ڳايو ويو آهي، ان لاءِ ميگهه- دوت جي روح تائين رسائي ناممڪن آهي، ۽ جنهن ڪاليداس جي ميگهه- دوت ۾ اهو نه پڙهيو آهي ته ڪاليداس بادل کي آڏو آڻي چوي ٿو  ته:

اتي کليل کڙڪين مان واجهه- وجهندڙ، وار- سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ، تنهنجي سرير کي ڳورو ڪري وجهندي.

محل جا مور نچي نچي تنهنجو سوات ڪندا، جيڪڏهن تون ٿڪجي پوين ته رات ڦولن جي سڳنڌ ۾ ويڙهيل سراين مٿان گذارجانءِ. سرايون جن جا اڱڻ سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چڪا آهن.

جنهن ميگهه- دوت ۾ اِهو نه پڙهيو آهي، تنهن کي ڀٽائيءَ جي اڄاتي تاڃي پيٽيءَ جي ڪهڙي پروڙ پوندي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڀٽائيءَ جي سٽ سٽ ڪهڙي ڪهڙي آتڻ ۾ اُڻي وئي آهي، ان کي ڪهڙي ڄاڻ ته اهو ڪهڙي ڪهڙي جڳ جو جادو آهي، جنهن سر سارنگ سرجيو آهي. سر سارنگ جي هيءَ سٽ:

 

سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن

يا مومل راڻي مان هي سٽ:

مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن

يا سر کنڀات جي هيءَ سٽ:

سڄ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور

انهن سٽن ۾ اهو جسماني خوشبوءِ جو ڦهلاءَ آهي، انهن جي تحت الشعور ۾ جسماني شاعريءَ جي اها روايت آهي جا اُمارو، ڪاليداس ۽ ڀرتري هريءَ کان هلي آهي ۽ جا ديس ديس واسي، اچي سنڌي ادب ۾ عنبير جيئن مهڪي آهي.

شڪنتلا جي باري ۾ ڪاليداس چيو آهي:

هوءَ هڪ اهڙي ڦول وانگر آهي، جنهن کي نه سگهيو ويو آهي،

هڪ اهڙي پن وانگر آهي، جنهن کي هٿ سان نه ڇڳو ويو آهي،

هوءَ هڪ موتي آهي، جنهن کي هار ۾ نه پويو ويو آهي، هوءَ ماکي آهي،

جنهن کي اڃا تائين ڪنهن نه چکيو آهي.

۽ ڀٽائي انهيءَ تهذيب جي عطر بيزي هن سٽ ۾ آندي آهي:

 

ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ  جا.

 ۽:-

جي تڙ ڌوڙئون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪئو.
اَچن ڀوَنر ڀنڀولئا، پاڻيءَ تَهين پُون.
راول رَوتو رُن، ڪو وه لڳو واسنئين.

اها خوشبوءِ انهيءَ ول جي خوشبوءِ آهي،جا پن جهڙ ۾ مرجهائجي ويندي آهي ته به پنهنجا ٻج ڌرتيءَ تي ٽيڙي پکيڙي ويندي آهي ۽ ميگهه ملار ۾ هي ٻج ڦٽي وري ڪائي ول پيدا ڪندا آهن، جنهن جي هڳاءَ سان آس پاس واسجي ويندي آهي. هن ڌرتيءَ جي ثقافت اهو گلريز تسلسل آهي، جو ٻه صديون اڳ ڀٽائيءَ جي ڏات ۾ ڦلارجي، سنڌڙيءَ جي ڇپر ڇپر ۾ ڇاٽ ٿي آيو.

هڪ پراڪرت گيت آهي:

رات هوءَ مسافر لاءِ پلال وڇائي ڀڻ ڀڻ ڪري رهي هئي، ۽ باک ڦٽيءَ جو انهيءَ پلال کي ڪٺو ڪري روئي رهي هئي. جوانيءَ جي انهيءَ ڪيفيت جو اظهار جو هن ننڍي کنڊ جي گيت گيت ۾ آهي، ڀٽائيءَ ساڳئي رنگ ۾ سرديسي ۾ آندو آهي:

 

مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين.
لڪون لڳن ڪوسيون ڏاڍا تپن ويهه،
وو! ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين!

اهڙا هزارين مثال آهن، جنهن ۾ هن جندڙيءَ ۽ ان جي ڏک سک، پيار ۽ پڇتاءُ، ريت ڪريٽ کي گيت ۾ سمايو ويو آهي ۽ جنهن جو پڙاڏو ڀٽائيءَ جي سٽ تي ٻڌو ويو آهي. انهيءَ يڪتاري جي تار ۾ صدين جي سنگيت جو پڙلاءُ آهي ۽ آڱرين جي ڇهاءُ ۾ ڪائي آدجڳاد آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪائي دين آهي، جا جهوليءَ جهوليءَ ورهائبي رهي آهي ۽ فقط هڪڙيءَ ڏات جو ڏاج نه آهي.

مون ڀٽائيءَ جي اُلوهيت ۾ به اهوئي آواز ٻڌو آهي. هي انسان جي روحاني مساوات جو پيغمبر اهوئي پيغام دهرائي رهيو آهي، جو نرگن واد ۽ پريم مارگ ۽ ڀڳتي تحريڪ جي شاعريءَ ۾ آهي، جنهن کي ڪبير، ميران ٻائيءَ، سورداس، ملڪ محمد جائسي، رحيم خانان پنهنجن دوهن، چوپاين ۽ گيتن جي ذريعي هن ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙيو جنهن کي سرمد ۽ دارا شڪوه پنهنجي رت سان ريٽو ڪيو.

برصغير ۾ جي به انساني مساوات جون روحاني تحريڪون پيدا ٿيون، جن انسان جي تعصب، تفرقي بازيءَ، ابن الوقتيءَ ۽ خود پرستيءَ خلاف تلقين ڪئي، جن اسان جي خمير ۾ ضمير کي سڀ کان اهم درجو ڏنو ۽ دولت ۽ اقتدار جي هوس کي هن جي روحاني ترقيءَ لاءِ رڪاوٽ سمجهيو، انهن سڀني تحريڪن جو تَتُ ڀٽائيءَ جي بيت ۽ وائيءَ ۾ سمايل آهي. شاهه جو رسالو مساوي الهام نه آهي، اهو هن ڌرتيءَ جو الهام آهي، جو هوءَ ڪيتري وقت کان سيني ۾ سانڍيندي آئي آهي ۽ جڏهن ان جو پيغمبر پيدا ٿيو، تڏهن ان جي واتان اهو پيغام گل ڦل ٿي پکڙجي ويو.

جسم ۽ روح جي شاعريءَ جي انهيءَ مڌر ميلاپ، ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي انهيءَ انوکي سنگم ۾ ئي ڀٽائيءَ جي انفراديت آهي. ڀٽائي سنڌ ۾ هد جي پيونديءَ مان اهو اسريل ميوو آهي، جنهن جي جڙ پراڻي آهي، پر ذائقو نرالو آهي.

مون ڪبير ۽ ڪجهه ٻين هندي شاعرن ۾ انسان جي عملي زندگيءَ جي چرخي سان تشبيهه پڙهي آهي، ۽ سر ڪاپائتيءَ ۾ ڏنل پيغام جو ماخذ ڳولي سگهيو آهيان، پر مون پوري برصغير جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نه پڙهيو آهي ته ازلي حقيقت کي ڏٿ سان تشبيهه ڏني ويئي هجي، يا جنهن ۾ انسان جي دائمي جستجوءَ کي ڏوٿيئڙي ۾ مجسم ڪيو ويو هجي، جيئن ڀٽائيءَ سر کاهوڙيءَ ۾ ڪيو آهي.

 

سم ڪيائون سُڃ ۾، ڏوري ڏٿ لهي.


اُنهيءَ ڌرتيءَ جي پيغمبر جي صدا آهي، جنهن انسان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن ۾ هڪ پاينده رابطو ڳولي لڌو آهي.

پر اها ڏات هن ڌرتيءَ جي دين آهي. اوهان ميين عنات جو ڪلام پڙهيو هوندو، ته اوهان ڏٺو هوندو ته عنات ۾ به اهيئي لوڪ ڪهاڻيون، تمثيلون، محاورا، روزمره جو استعمال، استعارا، علامتون، ادبي اشارا، تشبيهون، تخيل، ڪلام جي فصاحت ۽ زبان جي سلاست سڀ ساڳئي رنگ روپ، سڄ ڌڄ سان ملن ٿا، جيئن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهن. تاريخ جي ستم ظريفيءَ سنڌي ٻوليءَ جون ان کان اڳ جون تخليقون ناياب ڪري ڇڏيون آهن، نه ته انهن روايتن جو سلسلو ڳولي سگهجي ها ۽ انهن جو ناتو هزارن صدين سان جوڙي سگهجي ها پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته شاهه لطيف جو وجود ڪائي ازلي شعبده بازي نه آهي، پر هن ڌرتيءَ جي فن ۽ فڪر جي درجي بدرجي ارتقا جو حاصل آهي، ۽ جڏهن شاهه لطيف آيو، تڏهن سج جيئن ڇانئجي ويو، جنهن جا اُهاءَ ۾ ٻيا تارا، تر، تروڪڻيون ڍڪجي ويا، ۽ پنهنجي جوت ايتري جرڪائي نه سگهيا، جيتري انهن ۾  جلا هئي.

صديون چمڪي، اوچتو اهو سج کي وَٺُ ڪندا آهن، تڏهن سج گرهڻ ٿيندو آهي. سنڌ جي جديد شاعريءَ جڏهن اک کولي، تڏهن ان جي چوڌاري اوندهه نظر آئي. زندگيءَ جا قدر بدلجي چڪا هئا. فاشزم جا ڪوڙا پيغمبر چوٽيءَ جا شاعر ٿي سمجهيا ويا. انصاف، امن، انسان دوستيءَ جي سج کي انهن جي شاعري گرهڻ جيئن ويڙهي چڪي هئي. اسان ڏٺو ته اسان جا شاعر تصوف وارو انساني برادريءَ جو پيغام وساري چڪا آهن. تخليقي قوت کي تعصب جي ڌٻڻ ڳڙڪائي چڪي آهي، شاعري فقط لفاظي آهي، نقالي آهي، ادبي شعبده گري آهي ۽ ان ۾ پيغمبريءَ جي بوءِ به نه آهي. اسان ڏٺو ته اسان جي ثقافت جي جڙ ڪٽجي چڪي آهي، ۽ جا ثقافت اڳ واڙيءَ ڦل جيئن وڌي هئي، اها بي پاڙيءَ ول جيئن ڦهلجي رهي آهي، جا اسان جون ساريون صلاحيتون سڪائي ڇڏيندي. اسان ڏٺو ته ڀولڙا تاريخ جي مداريءَ جي هٿ ۾ نچي رهيا هئا ۽ شينهن پنجوڙ ڏسي پاسي ٿي ويا هئا.

ان وقت اسان سوچيو ته اسان جي نجات ان ۾ آهي ته ڀٽائيءَ سان پنهنجو سلسلو جوڙيون ته اهي روحاني قدر، جي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جان ها، تن کي جديد شاعريءَ جو سنگ بنياد ڪيون، ته هن ڪوڙ جي سڙاند ۾ وري اها سچ جي سڳنڌ ڦهلايون، جنهن کان هن ڌرتيءَ جي ڪن ڪڙڇ وانجهي ٿي چڪي آهي. مومل به نئين مينڌرا به نوان، پر ڪلڪ پراڻي هئي. اسان ان تي پنهنجا رنگ رتول اڏيا، ۽ مستقبل فيصلو ڪندو ته اسان جي جديد شاعريءَ تي به ڪي صديون ڀونر ڀنڀوليا ايندا يا نه!

حال جو ازلي منصف مستقبل آهي. فقط ان جي فتوا اٽل آهي، ۽ مستقبل ئي فتوا ڏيندو ته جو پيغام سنڌ جي جديد شاعريءَ ڏنو آهي، ان ۾ هن برصغير جي ڪوڙهئي ضمير جو علاج آهي يا نه، زندگي ڪوه بي ستون سهي، پر جي ڪوهڪن جي ضرب ۾ جوءِ شير جي تلاش آهي، ته تاريخ هن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي. سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پيغام هي آهي:

ته ڀٽائي عظيم آهي، پر سنڌ عظيم ترين آهي، ته ڀٽائيءَ سان اسان جو سلسلو دراصل پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان ناتو آهي.

ته ڏات سستي آهي، ۽ ضمير مهانگو آهي، ۽ ضمير جي حصول لاءِ سر جو سودو مهانگو آهي.

ته فن جيستائين زندگيءَ جو ضمير نه آهي، تيستائين اهو پاڻيءَ تي چِٽُ آهي، ان ۾ ڪائي پايندگي نه آهي.

 

(18-19 نومبر 1944ع تي سن ۾ بزم صوفيا ۽ سنڌ جي ڇهين ثقافتي ڪانفرنس جي مشاعري ۾ ڪيل صدارتي تقرير)

اي-جي-اُتم

 

 

ساميءَ تي هڪ نئين نگاهه

ساميءَ ۾ هن جي ڪوتا بابت هيل تائين جيڪا لوک ڊوک ڪئي ويئي آهي، سا گهڻو تڻو آتمڪ اَرٿ تائين محدود رهي آهي، جيڪا هن سان ۽ هن جي ڪوتا سان بي انصافي آهي. اڄ جڏهن انسان عقل، علم ۽ و گيان سان چنڊ تائين پهچي ڪيترن ايشوري ۽ آتمڪ ڳجهن کي کوليو آهي، تڏهن ته پاڻ اهو وڌيڪ ضروري آهي ته اسين پنهنجي ڪوي ساميءَ کي مادي نقطهءِ نگاهه سان ڏسي معنيٰ جا نوان موتي ڳوليهون.

ساميءَ جو جنم 1730ع ۾ شڪارپور ۾ ٿيو ۽ ديهانت 1850ع ۾. ان وقت سنڌ ۾ هند جون حالتون ڏاڍيون ڏکيون هيون. ساميءَ جي جنمم کان نوَ سال پوءِ نادرشاهه دهلي ۽ سنڌ تي ڪاهيو هو ۽ جنتا جو جنسي ڪويس ڪيو هو. اورنگزيب جي موت کان پوءِ دهليءَ ۾ اهڙو ڪوبه طاقتور بادشاهه نه هو، سنڌ ۾ به پوين ڪلهوڙن ۽ ميرن جي راڄ ۾ ملڪ ڄڻ ٽڪر ٽڪر ٿي پيو هو. سنڌ کي نادرشاهه کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ افغان بادشاهه تيمور شاهه جي ڪاهن جو قهر سهڻو پيو. حاڪم شيل شڪار ۽ پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هئا ۽ عام ماڻهو ڍلن، ڏڪارن ۽ بيمارين ڪري ڏهڪايل هئا.

جهڙي طرح راڄنيتي ۽ آرٿڪ کيتر ۾ تهڙي طرح سماجي کيتر ۾ به ماڻهن سان جنسي جٺ هئي. هو اوچ نيچ، ذات پات، ڇوت ڇات، مذهب، نسل، ڪٽنب قبيلي، رسم رواج جي گيهري ۾ گهٽجي رهيا هئا. ان زماني ۾ مذهب ۽ ڌرم جو ايترو ته زور هو جو حاڪمن کي خود ان جي اوٽ وٺڻي ٿي پيئي. زندگي جي اڪثر هر کيتر تي به انهن جو اثر ڇانيل هو. نتيجي طور ان زماني ۾ جيڪي به اعتراض يا تقاضائون ڪيون وينديون هيون، تن کي به مجبور ٿي مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻو پوندو هو.

دنيا جي اتهاس جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته وچولي زماني ۾ نه رڳو هندستان ۾ پر ٻين ملڪن ۾ به حڪومت، مذهب يا جاگيردارن خلاف جيڪا وڏي ۾ وڏي هلچل هلي سا هئي رهسيوادين (صوفين) (Mystics) جي هلچل، رهسيواد (صوفيت) مختصر ۾، جيو آتما ۽ پرماتما جي پريم کي چئجي ٿو.

هندستان ۾ هن هلچل جا باني هئا. صوفي شاعر ۽ سنت (رهسيوادي) ڪري. هنن ڪرين جي ڪوتا ٻاهروني طرح ته ڌرمي رنگ ۾ رڱيل ٿي ڏسڻ ۾ اچي پر باريڪبينيءَ سان ڏسڻ سان ان ۾ عام جنتا جي دک درد، حاڪمن، مذهبين، تنگدلن ۽ مٿئين طبقي جي ڏاڍائي جي تصوير چٽيل نظر ايندي. هو پاکنڊ، مدي خارج رسمن، ڌرمي ڏيکاءَ تي ڪڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪن ٿا، هڪ ايشور جي ڀڳتيءَ جي سکيا ڏين ٿا. ايشور جو خلق ۾ وسي ٿو. هو گهڻن اوتارن جي ڀيٽ ۾ وحدانيت يعني هڪ ايشور جي تصوير پيش ڪن ٿا.

هنن جي ٻولي سنسڪرت بدران هندي يا جدا جدا پرانتن (صوبن) جون ٻوليون آهن. ٿوري ۾ هنن سنت ڪوين اسان جي ساهت ۽ سنسڪرتيءَ کي هڪ نئون موڙ ڏنو، عام جنتا جي ڦٽيل دلين تي مرهم جو ڪم ڏنو ۽ ڪٽرپڻيءَ ۽ ڀيد ڀاو کي پريم ۽ وشالنا جي ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

اسان جو ڪوي سامي پڻ انهن سنت ڪوين مان هڪ هو. هن جي ڪوتا ۾ هن هلچل جي تصوير ملي ٿي، جا ڏيکاري ٿي ته هن ٻين ڪوين وانگر پنهنجي يگ جو سڏ ڪنهن حد تائين ضرور اونايو هو ۽ ڌرمي رنگ ۾ اهڙو ٻيو ڪجهه به ڏنو آهي، جيڪو اسان جو سٺو ورثو آهي.

هندستان ۾ سنبت ڪوين جي هلچل 15 صديءَ جي شروعات ۾ شروع ٿي۽ 18 صديءَ تائين هلي. ان جو اڳواڻ رامانند (1470-1400 ) هو، هو جيتوڻيڪ پاڻ برهمڻ ۽ سنسڪرت جو ودوان هو ته به پنهنجي سکيا ۽ ڪوتا جنتا جي ٻوليءَ هندي ۾ چيائين. نه رڳو ايترو پر رامانند اوچ نيچ، ذات پات ۽ ڌرمي ڀيد ڀاءَ جي زبردست مخالفت ڪئي. اهو ِ سبب آهي جو هن جا جيڪي 12 شش ٿياسي جدا جدا  جاتين مان هئا. ڪو ڪوري (ڪبير) هو، ڪو ڪسان (دنو) هو، ڪو چمار (روداس) هو ته ڪو نائي (سينا) ته ڪو راجا (پيا) هو وغيره.

رامانند پاڻ نرگڻ واد (نراڪار ايشور کي مڃيندڙ) ۽ شنڪر اَچاريه جي اَدئيت واد جو (جيڪو ايشور ۽ انسان ۾ دئيت يا ڀيد نه ڏسي) حامي هو. ته به هن اهي واد پنهنجي ششن (پوئلڳن) تي نه  مڙهيا، ڇو ته هن لاءِ بقول ساميءَ سڀيئي مارگ مت، ڳالهه ڪرن ٿا هڪڙي ۽ ڀاوين اناالحق ڀوين ٻولي رام رام، رامانند جو وشواس هو ته جيڪو به رام کي سچي سڪ ۽ ڀڳتيءَ سان ڌيائيندو سو هن کي پائيندو.

وڏي وڏائي، سامي ڄاڻ ڀڳت جي،
نيچ اوچ ٿيا ڪيترا، ڪري ڪمائي،
جنين لنو لائي، سي سڀيئي سڌريا.

ساميءَ جي مٿين سٽن کي جڏهن ان زماني جي پس منظر ۾ مادي نقطهءِ نگاهه کان ڏسجي ٿو ته اهي زماني جي وڏي حقيقت ٿيون ٻڌائين ته جن کي هيلتائين نيچ سمجهي ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ کان وانجهيو ويو هو، تن جاڳي پنهنجو حق حاصل ڪيو هو ۽ اهو سِڌ ڪيو هو ته ايشور اڳيان اوچ نيچ جو ڀيد ڀاو نٿو هلي.

ان زماني ۾ جڏهن پنڊتن ۽ ٻانڀڻن، ملن ۽ مولوين ايشور ۽ خدا کي ڀن ڀن روپن ۾ وراهي مندرن ۽ مسجدن، شاسترن ۽ ڪتابن، ورقن اشنانن ۽ روزن نمازن، نرڳ سرڳ ۽ بهشت دوزخ جي خيالي قلعن ۾ قيد رکيو هو، تڏهن سامي ان قيد کي  اجهو هينءَ پرزا پرزا ڪري ڇڏيو:

خلق وسي خالق ۾، خالق منجهه خلق،
پٿر پوڄا ڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾.
ويد پران، قرآن ڪيو، سڀني ۾ هڪ سوت،
مورک ڪين ڏسن، سامي سپرين کي.
تپ تيرٿ، ورت نَيم، جڳ، جهد ڪيو جاڳن،
غفا، بن، پهاڙ ۾، بک، اُڃ، دک سهن.
سرڳ ۽ نرڳ، عاشقن  ڄاڻن ڪين ڪي،
سرڳ کان نزديڪ، اَٿي سڄڻ اوڏڙو.

۽ ائين سامي سڄڻ کي آڪاس تان لاهي ڌرتيءَ تي آڻي، پٿرن ۽ پهاڙن، شاسترن ۽ ڪتابن جي قيد مان ڪڍي عام ماڻهن جي وچ ۾ وهاري ٿو، جيئن صدين کان سڪايل نيچ سڏيل انسان به ان جو مشاهدو ماڻي سگهن ۽ کيس پنهنجا دک سور سڻائي سگهن ته ڪيئن سندس مک مان نڪتل عيوضين خالق ۽ خلق جي وچ ۾ کاهي کوٽي ڇڏي هئي. ساڻس ملڻ جون راهون روڪي رکيون هيون. ڌرمي پوڄا کي پاکنڊ  ۽ اڊنبر کان آجو ڪري سليس بنائڻ ۽ هڪ ايشور جو ويچار ۽ هن کي پريم ۽ ڀڳتيءَ سان پائڻ جو حق عام کان وٺي ڏيڻ. ان يگ جي تقاضا هئي، جيڪا ساميءَ ڪافي هنڌ تائين پوري ڪئي. ان جي اهيمت اڄ به قائم آهي ۽ اها ايڏي ته وڏي آهي جو هاڻوڪي زماني ۾ گرديو ٽئگور کي به ان ڏانهن ڌيان ڇڪائڻو پيو. جيئان چوي ٿو:

پوڄا پاٺ ڀڄن آراڌن، سمرن کي ڪر ترڪ صفا،
کول اکيون ۽ جاچ ته ڪرڪا، ڪٿي آهي تنهنجو ڀڳوان؟
هو ته وڃي ان جاءِ رسيو، جت هاري ڌرتي کيڙي ٿو،
پهڻ مزور جتي پيو ڦوڙي، ڦوڙي ۽ گڏ ميڙي ٿو.

گرديو (ٽئگور) جو زمانو ته ساميءَ کان اڳتي وڌيل آهي. ان ۾ ڌرم ۽ مذهب جو زور ڪافي گهٽيل آهي، پر ساميءَ جي زماني ۾ ساميءَ وارا بيت چوڻ ته جرئت ڀريو قدم آهي، جو پاڻ کي پر ماتما جا پهريدار سمجهندڙ، پنڊتن ۽ مولوين کي مڃرائڻ لاءِ ڪافي هو.

اهڙن سوڙهيءَ گجيءَ وارن پهريدارن ملن ۽ پنڊتن تي ئي سامي خوب ڇوهه ڇنڊي ٿو. هنن جي ڪوڙي ڏيکاءَ ۽ پاکنڊ ۽ بهروپ کي بي نقاب ڪري ٿو. چوي ٿو:

 

لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن آگم جون،

سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا مٿو ۽ ڏاڙهي،

ڪلڪائين ڪپٽ جي ڪاتي ڪهاڙي،

پاڙ کائي ڀاڙي، وهيا وڃن وهه ۾!

ٺڳيءَ جو بيک ڌري، سامي ٿيا ساڌو.

پنن منجهه پيهي، ته حرف نه لڌو هڪڙو،

تو کي ڪل ڪيهي، قاضي ڪتابن جي؟

ملن! مٺي ماءِ، پڙهي پر جهن ڪينڪي.

پهرئين بيت ۾ ئي ساميءَ ڪيئن نه ڪوڙن مذهبن جا آنڊا گجيون ڪڍي ٻاهر ڪيا آهن. ڪهڙي نه طنزي نوع ۾ چوي ٿو ته پنڊت ۽ ملا ڪيئن نه خالق جي نالي ۾ بيک پائي، مڪر ڪري ڪوڙ جو ڪسب اختيار ڪري ويٺا آهن ۽ سڄو وقت ٺڳيءَ دولاب جون ڪاتيون ۽ ڪهاڙيون پيا تکيون ڪن ۽ حرام جي هڏيءَ تي هري ويا آهن. اهڙن انسانن جي اڄ به تر کوٽي ڪانهي.

ساميءَ پاکنڊي پنڊتن ۽ مولوين سان گڏ جاڪمن ميرن، حاجين ۽ مکين چوڌرين جي به چڱي ڇنڇري لاٿي آهي.

جيئن چوي ٿو:

ڪلجڳ جا ڪوڙا، مير،  متعدي، چوڌري،
راتيون ڏينهنان لوڀ جا، گهر ٻنڌن ٻوُڙا،
ويساهي ويساهه سان، ڊوهن وسورا،
سامي مت موڙها، مرڻ نه ڄاڻن من ۾.

ساميءَ جو هي بيت به ان يگ جي سچائي ٿو ٻڌائي، جيڪا اڄ جي به سچائي آهي. سامي اڃا به اڳتي وڌي پنهنجي يڳ جي تصوير هيئن ٿو چٽي:

چوري نه ڄاڻان، مال پرائو نه ڇڏيان،
دٻيان بار اٺن جا، ڦريان نماڻا،
تنهن کون پڄاڻا، ڪريان حق حلال جون ڳالهڙيون.

ساميءَ جا ههڙا ڇپيل شعر تمام ٿورا آهن، ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به اهڙا گهڻا شعر چيا هجنس، جي گم ٿي ويا هجنس. جيئن چون ٿا ته هڪ ساڌوءَ هن جا ڪيترا شعر گم ڪري ڇڏيا.

هن بيت پڙهڻ سان اکين آڏو اهي تصويرون ڦرڻ لڳن ٿيون، جن ۾ ڪو نادر شاهه آهي، ڪو احمد شاهه ابدالي آهي ۽ ڪو قاسم خان آهي، ڪو انگريز آهي. ڪو ڏيهي حاڪم ڪلهوڙو يا مير آهي. اهي سڀ ننگا ٿي ٿا بيهن، جن الاجي ڪيترن اٻوجهن جي مال ملڪيتن تي ڌاڙو هنيو، چوري ڪئي ۽ پوءِ به هر ڌاڙيل يا چور نه سڏيا ۽ مذهب معرفت حق حلال جائي وعظ ڪيائون.

هن بيت ۾ ساميءَ رڳو انهن حاڪمن کي نه، پر سڄي سرشتي کي بي نقاب ڪيو آهي، جيڪو بيٺو ئي ڦرلٽ ۽ چوريءَ تي آهي.

سامي هڪ واپاري هو ۽ هڪ اهڙي شاهوڪار شهر ۾ جنم ورتو هئائين جنهن جي ماڻهن جي بئنڪن جي ڏيتي ليتي سڄي هندستان کان وٺي وچ ايشيا ۽ ڪئسپين سمنڊ تائين هلندي هئي. هن پنهنجي سامهون واپاري ۽ سرمائيداري طبقو وڌندو ڏٺو. جنهن سان سندس وهنوار هو. هن پنهنجي وهنوار ۽ ڦرلٽ ۽ چوري  جا اهڙا واقعا انيڪ ڏٺا هوندا جن جي بنياد تي ئي مٿيون بيت لکيو اٿس، جيئن ٻئي هنڌ چوي ٿو:

ورلو واپاري ڪو سودو ڪري سچ جو.

شايد انهن مثالن کيس هن دنيا کان دل کٽي ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ٿي ڏسجي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو مايا ۽ مايا جي مريدن جي چڱي لاک لاٿي اٿس،

هن مايا کي جنسي حرف  پٽيا آهن. چي، مايا نانگڻي، منهن ڪاري، ڏندري، ڏيوالي، ڏائڻ، بلا آهي. انهن انسانن، جن مايا سان پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ ٻين کي ان جو فائدو نٿا ڏين، تن کي اجهو هيئن ٿو ياد ڪري:

هڪ ڪڻو نه ڏئي پاڻ، ٻئي کي ڀنگ وجهي ڀائي،
مايا تنهن مورک جي آهي اجائي،
سو وڏو پاپي پڌرو، جنهن کي اهڙي عادت آئي،
تنهن انڌي آگ لائي، پنهنجن هٿين پاڻ کي.

ائين آهي ته ساميءَ ماياکي ٽن معنائن ۾ ڪم آندو آهي. هڪڙي مايا معنيٰ ڌن دولت، ٻي معنيٰ موجب مايا آهي، سنسو، ڀرم، دوکو، جيئن چوي ٿو:

مايا ڀلايو، سامي جوڙي جيءَ کي،
نانگ ڏسي نوڙيءَ ۾  ڏورؤن ڏهڪايو،
ڳڻتيءَ ليکي ڏک جي سنسي منجهه آيو،
ستگر سمجهايو، تڏهن سمجهي سرجهيو پاڻ ۾.

يعني ته هي سنسار ست ناهي، ڀرم آهي. جنهن انسان کي اهڙو ڀلايو آهي جو هو ان کي ائين ست سمجهي ويٺو آهي، جيئن نوڙيءَ کي ڏسي نانگ سمجهجي. اهو ڀرم اوديا جي ڪري آهي، جيڪو گروءَ جي گيان حاصل ڪرڻ سان دور ٿي ويندو. هيءَ شنڪر اَچاريه جو ويدانتي ويچار آهي.  جنهن ئي اها نانگ- نوڙيءَ جي تشبيهه ڏني آهي. هن جي ويدانت مت موجب رڳو برهم ست آهي ۽ برهم ۽ جيو ۾ ڪو به دئيت (ڀيد) ڪونهي. جيو، رڳو مايا (ڀرم)ڪري برهم کي پاڻ کان الڳ سمجهي سنسار کي ست سمجهي ويٺو آهي، برهم سنسار رچيو ئي ڪونهي، هن کي ادئيت واد چئبو آهي. سامي چوي ٿو:

دئيت منجهه ادئيت سنت لکاڻن سڀ کي.

ساميءَ مايا جي ٽين معنيٰ  ڏني آهي، اها برهم جي شڪتي، جنهن هي سنسار رچايو آهي. سامي چوي ٿو:

 

آهي ڇل پر ٻل مايا محبوبن جي،
جنهن اڻ هوندو جوڙو وڌو نان ڀاءِ خلل،
سامي چڙهيو سڀ کي اوديا جو عمل،
ڪو ورلو جن اچل جو رهي گرگيات سان.

ساميءِ مٿئين بيت ۾ وري رامانج جا ويدانتي ويچار ڏنا آهن. هن جي ويچار موجب برهم به ست آهي ته جڳت به ست آهي. برهم ئي هن سرشٽيءَ جو خالق آهي. هن ڪوريئڙي جي ڄار وانگر پاڻ مان ئي هي جهان خليقو آهي. يعني ان جو ڪارڻ ۽ ڪاريه پاڻ آهي.  جيئن سامي چوي ٿو:

ڪاريه ڪارڻ پاڻ، پرتک پورن آتما،
اُپجي نپجي لينن ٿئي، جنهن ۾ سڀ جهان.

هرڪو جيو، جڙ ۽ چيتن (آتما) جو ميلاپ آهي. اهي ٻئي چيزون برهم ۾ ئي سمايل آهن- آتما اَمر آهي. اها رڳو اڳين ڪرمن ڪري، جيو جي جڙ سان، ٻنڌن ۾ جڪڙجي ٿي. ٻنڌن جو ڪارڻ اوديا مان پيدا ٿئي ٿو. آتما تيستائين جنم وٺندي رهندي، جيستائين ان مڪتي حاصل نه ڪئي آهي، جيڪا رڳو  گيان وٺڻ سان نه، جيئن شنڪر اَچاريه چيو، پر ڀڳتيءَ  سان پڻ ملندي. رامانج جي ويدانت مت کي وششٽادئيت واد چون ٿا.هيءَ مت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ بهتر آهي، جو اها سنسار کي سچ سمجهي ٿي ۽ نه مايا سپنو.

ساميءَ جي بيتن ۾ نه فقط شنڪر اَچاريه ۽ رامانج جا ويدانتي ويچار سمايل آهن، پر اُپنشيد ۽ گيتا جي ويدانت جا ويچار پڻ ڏنل آهن، جن بابت اسان جي ٻين ٽڪاڪارن گهڻو ئي لکيو آهي. جڏهن ويدانت مت جا جدا جدا  ويچارڪ ( گيان مارگي، ڪرم مارگي، ڀڳتي مارگي) هڪ ٻئي ۾ واد و واد ڪندي گهٽ  وڌ ڳالهائڻ لڳا، تڏهن ساميءَ ان واد و واد ۾ نه ڦاسي سڀني مان جيڪا جيڪا سٺي چيز لڳي سا گرهڻ ڪئي. چوي ٿو:

ڪرم اپاسنا، گيان، ڳالهه چون ٿا هڪڙي.

مطلب ته سامي ويدانت جي ٽنهي مارگن مان خوبيون جهٽيون آهن. هر ڪنهن مان خوبي کڻڻ، اسان سنڌين جي ته خاص خصوصيت آهي، ان لحاظ کان سامي هڪ عيوضي سنڌي ڪردار آهي. جو اصولي کان وڌيڪ عملي ٿيندو آهي. ان ڪري ئي ساميءَ جي ويدانتي ويچارن ۾  تضاد ملي ٿو. اتي ئي چوي ٿو ته، هي جڳت است آهي، سپنو آهي، پرم آهي. ته اتيئي چوي ٿو ته، هي جڳت برهم خلقيو آهي جو خلق ۾ موجود آهي. يعني جڳت ست آهي. هيءَ ڪا ساميءَ جي پنهنجي فيلسوفي ڪانهي، ڪوي آهي، جنهن جي ڪوتا ۽ ويچارن ۾ جيڪو تضاد آهي، سو ان يگ جو تضاد آهي، يگ جو چتر آهي. اهو تضاد تڏهن دور ٿي ويندو. جڏهن اسين هن دنياکي مادي يعني و گيانڪ نقطهءِ نظر سان ڏسنداسين، جنهن موجب هي جڳت ست آهي ۽ جڙ پدارٿ (مادي) جي پيدائش آهي ۽ نه برهم جي يا چپتن جي پيدائش آهي، جيئن آدرشوادي نقطهءِ نگاهه چوي ٿي.

ويدانت مت، جيڪا ساميءَ جي جيون مت آهي، سا آدرشوادي هوندي  به هڪ لحاظ کان سماج لاءِ لاڀدائڪ ثابت ٿي آهي. ان مت جي وحدانيت جي تصور (هڪ برهم يا ايشور جو ويچار) نه رڳو وچولي زماني ۾، جڏهن جدا جدا ديوتائن لاءِ هون ڪيا ويندا هئا ۽ ٻليون چاڙهيون وينديون هيون ۽ پوڄا پشٽا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻوڪي زماني ۾ به جدا جدا ڌرمن، ذاتين، رنگ روپ ۽ اوچ نيچ جي ڀيد کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ان مت ۾ سمتا (هڪ جهڙائي، پروگيانڪ هڪ جهڙائي  نه) تي زور ڏنو ويو آهي. جنهن کي اڄ به سماج جي بهتريءَ لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو. ساميءَ به اسان کي سمتا جو هٿيار ڏنو آهي. ان بابت ڪيترائي بيت ڏنا اٿس. پر هتي جنس طور مٺ ڪافي ٿيندي.

چوي ٿو:

اوديا انڌاري، مٽي نه سورج سم ري

رولو و ڌورن، جدائيءَ جو جڳ ۾،

سوٽو هنيس سم جو ڪنهن جاڳي ساڌو جن.

دئيت  سڀ دکي ڪيا، جيءَ جهان جا،

سدا رهن سامي چئي، سمتاوان سکي.

جڳت ڏٺو جانيءَ، ۾ جانيءَ منجهه جڳت،

سمتا سلوڪت، مک رکي موجان ڪري.

هر جن ڪڍي هٽ، ويٺا سودي سار جو،

سم رکيائون ساهمي، سم رکيائون وٽ.

مٿي بيتن ۾ سامي جو مطلب آهي ته اڳيان، برهم ۽ منک جي وچ ۾ جيڪو ڀيد پيدا ڪيو آهي، سو سمتا  سان دور ٿئي ٿو. پر اڄ جي و گيانڪ دنيا ۾ برهم ۽ منک جي ڀيد جو مسئلو ڄڻ آهي ئي ڪو نه. اڄ آهي منک منک جي وچ ۾ ڀيد، جنهن جو بنياد آهي ناڻي جي اڻپوري وراهپ. ان ڀيد کي ختم ڪرڻ لاءِ به چؤگرد سمتا (سوشلزم)جو سنگيت ڦهلجي رهيو آهي. ڪيئن چئجي ته اڄ جيڪر سامي پيدا ٿئي ها ته هو به پنهنجو سر ان سنگيت ۾ نه گڏي ها.

هر ڪنهن يگ جي پنهنجي سچائي آهي. اڄ جيڪڏهن ڪو ڪوي سامي بڻجڻ چاهيندو ته پڪ ڪامياب نه ويندو، ڇو ته اڄ جي سچائي ڦريل آهي. اڄ ساميءَ جي آتمڪ ويچار آترين تي ڳڻڻ جيترن هندستاني شاعرن ۾ به مشڪل ملندا، پر اهي ساڳيا ويچار سندس دور جي سڀني سنت ڪوين ۽ صوفي شاعرن ۾ ملن ٿا. پوءِ اهو ڪبير، تلسي، سورداس، شاهه، سچل. جائسي هجي يا ٻيو ڪو هجي. فرق اهو آهي ته ساميءَ جا انهن ويچارن تي شعر جلن تان تان سرس آهن، ان ڪري سندس ڪوتا هڪ رنگي ٿي لڳي. ڄڻ رڳو روحاني رازن ٻڌائڻ لاءِ ئي ڪوتا رچي اٿس. ان اثر لاءِ ڪنهن حد تائين اسان جا ڪي ٽيڪاڪار پڻ جوابدار آهن، جن وري اها ڳالهه سڌ ڪرڻ جي ڪوشش به پئي ڪئي آهي.

ڪن ٻين نقادن وري سندس بيتن ۾ سمايل سماجڪ ۽ اتهاسڪ اهميت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سندس 4300 سلوڪ پڙهي ميزان سان جائزو وٺبو ته آتمڪ ساميءَ سان گڏ دنيوي سامي به نظر  ايندو، سنت ساميءَ سان گڏ ڪوي سامي به نظر ايندو، ويدانتي اصول واري ساميءَ سان گڏ واپاري عمل وارو سامي به نظر ايندو.

سامي جيڪڏهن رڳو سنت ٿي رهڻ چاهي ها ته پنهنجو پنٿ کولي ها ۽ ڪوتا رچڻ بدران گرهست تياڳي بيراڳي بڻجي ها.پر هن نه فقط پاڻ گرهست نه تياڳي پر ٻين کي به اهڙو وعظ نه ڪيائين.ها هن پنجن وڪارن- ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه ۽ آهنڪار کي دٻائڻ جي سکيا ضرور ڏني. پر اهو ائين ڪو نه ٿو چوي ته، اهي وڪار ماري ڪجهه ڪرم ئي نه ڪريو ۽ تقدير تي ڀاڙي وهو. هو اُدم ۽ پرشارٿ کي سڀ کان مٿي ٿو سمجهي. چوي ٿو:

سامي سڀ جو ديو آهي پرشارٿ پنهنجو.

ڪنهن به مقصد لاءِ رڳو اُدم ڪافي ڪونهي، ان سان گڏ اورچائي ۽ بي ڊپائي به کپي. سامي چوي ٿو:

ورچي منڌ ۾ ويهه، ڪاهه ته ڪيچين کي ملين.

سورا سي چئجن جي جهونجهن منجهه ميدان ۾.

جيئڻ ۽ مرڻ جو سامي سوچ نه ڪن.

اورچائي ۽ بي ڊپائي تڏهن ايندي، جڏهن سچي سڪ هوندي:

بنا سڪ سڄڻ ڪنهن پاتو ڪين ڪي.

ليڪن سڪ، بي سمجهه نه هجي، عشق انڌو نه هجي.

جيئن سامي چوي ٿو:

 

عشق ۽ عقل پئي پر پکيءَ جا.

ساميءَ عشق لاءِ عقل کي ضروري سمجهي، ان زماني جي روايت پرستيءَ کي ڌڪ هنيو آهي ۽ نئين زماني جو نياپو ڏنو آهي. سچ ته هن جي ڪوتا ۾ اهڙيون روايت پرستيءَ کي ٺوڪر هڻندڙ ٻيون به چيزون آهن، جيڪي مذهبي لحاظ کان ڄڻ ڪفر ٿيون لڳن. جيئن هيٺيان بيت ڏسو:

ميخاني مسجد ۾ ڄاڻي  ڪو نه فرق

جات ورن ڪل ڪرم ڏي سامي ڪين ڏسن

ويدن بگاڙي، ڪوڙين ڇڏيا ڪيترا

رهي نيارو سڀ جلن، ڪو ساڌو جن سيلي

جيئن مجنو ليليٰ، لنو سان لال گلال ٿيو.

 

[ساهت ۽ ساهتڪار: ادبي ۽ تنقيدي مضمون تان ورتل]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com