سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :41

 

اسان ڪارن لوڪن جون قومون،

آفريڪا لاءِ لُڙڪ لاڙيون ٿيون،

جا اسان جي وڏڙن کان کَسي وئي هئي،

جڏهن اهي اوندهه ۾ هئا

موٽي اچو، موٽي اچو،

موٽي اچو، آفريڪا.

جيڪا انگريزن کسي ورتي هئي،

جڏهن اسان اڃان اوندهه ۾ هُياسين.

موٽي اچو، موٽي اچو،

موٽي اچو آفريڪا.

جنهن کي ڊچ قوم ان وقت غلام بڻايو هو،

جنهن وقت اسان اوندهه ۾ هياسين.

موٽي اچو  موٽي اچو

موٽي اچو آفريڪا

جنهن کي ان وقت غدارن وڪيو هو

جنهن وقت اسان اڃا اوندهه ۾ هُياسين.

موٽي اچو، موٽي اچو،

موٽِي اچو آفريڪا.

هر اجازت تي لعنت وجهو،

اسان آزادي وٺي رهنداسين.

 

اهو آفريڪا جي نوجوانن جو ترانو هو، جو موراڪو کان آرلنڊو تائين ملبي. ۽ ڪڪريءَ سان ڀريل گهٽين ۾ هشامن ڳاتو ٿي.

موٽي آءٌ آفريڪا هِڪ پيڙا ۽ هيکلائي جي سُوراٽيل رَڙ هئي. اها پنهنجيءَ آزاديءَ لاءِ جنگ جوئيءَ جي پُڪار به هئي. اهو آفريڪا جي مستقبل جو سَڏ به هو.هونءَ ته آفريڪا جو الميو دنيا کي معلوم آهي. جتي انڌير ۽ انڌا ڌنڌ ڄڻ اتان جي تقدير ٿي آيو آهي ۽ ان ڏاڍ ڏمر ۽ زبردستيءَ کي جمهوريت، مسيحيت ۽ تهذيب جي نالي ۾ مسلط ڪيو ويو آهي. اها سرزمين تشدد جي گهيراوَ ۾ رهي آهي ۽ ذهني ماليخوليا ۾ مبتلا آهي. ان جو مَتو اتحاد ۽ استحڪام آهي ۽ ان جي طرِز زندگي تفريق (Aparthied) آهي. اهو ئي تضاد آهي جو جنوبي آفريڪا جي زندگيءَ تي ڪنهن حد تائين اڃا حاوي آهي.جڏهن کان مارڪسزم ۾ ويساهه گهٽجي ويو آهي، تڏهن کان ڏکن آفريڪا ڪميونزم جي خوف کان کُلم کُلا تشدد نه ٿي ڪري سگهي. ۽ آفريڪن نيشنل ڪانگريس کي غير قانوني بنائڻ لاءِ دليل نه ٿي ڏئي سگهي. ٻاهران ته جنوبي آفريڪا ايتري ترمرائيندڙ آهي، جيتري هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڏيکاري آهي ۽ سر زمين نهايت خوبصورت آهي، جيتوڻيڪ زندگيءَ جو مدار غلاميءَ ۽ جهالت تي رهيو آهي. ايئن ته هانسبرگ، ڪيپ ٽائون، ڊرين، پريٽوريا، پورٽ ايلزيبيٿ، اِيسٽ لنڊن آسودا، مصروف ۽ ماّدي طور مهذب شهر آهن. ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد وانگر انهن جون راتيون نِيون سائينِون (Neon Signs) جرڪائي ٿيون ڇڏين. اهي مُرڪندڙ، ٺٺ ٺانگڙ وارا ۽ سيمينٽ ۽ شيشي مان جڙيل ٺاهوڪا شهر آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جو معيار دنيا جي ڪنهن به شهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ انهن جي زندگيءَ جو معيار جي هلندي پڄنديءَ وارا آهن، پر انهن جي ساري آسودگي ڪارن لوڪن جي استحصال تي مدار رکي ٿي.

ڇا اڃان تائين سفيد فام ماڻهن جي ٻوجهه (White mans burden) جي ڪائي حقيقت آهي ڇا؟ ڪيئن به هجي آفريڪنر (Afrikaner )(1) پاڻ کي اڃان برتر مخلوق سمجهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪي سفيد فام، سياهه فام کي پاڻ کان الڳ نٿا سمجهن ۽ هن جي جائز حقن جي حصول  لاءِ جدوجهد  جي حمايت ڪن ٿا. هڪ تفريحي حڪومت جي باوجود سياه  فام شاعر، فلاسافر، ڪلاڪار يا سياستڪار پيدا ٿي چڪا آهن. مرحوم جو موڪيِنيٽَا جي ايتري مقبوليت ۽ نيلسن منڊيلا جي آزادي ۽ هن جو ايڏو آڌر ڀاءُ ان ڳالهه جو دليل آهي ته جنوبي آفريڪا بدلجي رهي آهي. اتان جا باشعور سفيد فام ماڻهو ڄاڻن ٿا ته گوئٽي جي فائوسٽ شيطان سان معاهدو علم ۽ عقل لاءِ ڪيو هو. سفيد فام ماڻهن اهڙو معاهدو ڇا جي لاءِ ڪيو آهي مضافات ۾ هڪ گهر لاءِ، هڪ اسٽيشن وئگن لاءِ، برج (Bridge) پارٽين لاءِ، ڪلب ۽ ميڪانڪي باورچي خاني جي ماديت لاءِ؟ پوراپُنا، هالو چالو، ٿورَ- چِٽا ماڻهو، سُک- ڦِٽي، ڦَٿَڦٿئي ۽ ڇِتي جياپي ۾ مگن، رڳو، اڇي چمڙيءَ تي اڀمان ڪن ٿا ۽ ساري تَنوڻ جي تانگهه ڪاري ماڻهوءَ جي ڀاڱي ۾ ڏني اٿائون. ڪجهه سال اڳ جنوبي آفريڪا جي غريبي پنهنجو مثال پاڻ هئي. انهن جا گندا مُحّلا ۽ نالا هئا. جي تفريق (Aparthied) پکيڙي ڇڏيا هئا. هو آفريڪي ڳوڻين ۽ ٽين جي دٻن مان ٺهيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا، جتي هوا جو لنگهه نه هوندو هو، هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيل هشام، پيهه ۾ پلندڙ، جن لاءِ نويڪلائي ۽ وسرام رڳو سپنا هئا. پر توڙي اُهي پورهيو ڪري ڪري چڪنا- چور ٿي پوندا هئا، تڏهن به ڳائيندا، نچندا، لکندا هئا. ۽ ان طرح هڪ  شهري ثقافت جا خالق هئا، جنهن ۾ جاز (Jazz) (2)، ڊراما ۽ نينگرو ادب هئا، پوءِ به هو بُک، پيڙا ۽ ڀؤ ڏر ۾ وڏا ٿيندا هئا، ڇو ته هو ڪارا هئا. اُتي ٻار ڳائيندا هئا:

پوليس انسٽيشن ڏانهن ڏِسُ

اِتي پوليس وارا آهن،

اها ته وِڏي وَبا آهي

اِن جاءِ جي.

ڏينهن رات انهن کي پِڪ- اَپ گاڏي (Pick up van) ۾ واڙي کڻي ويندا هئا. هڪ لوڪ گيت هو:

 

هوءَ پڪ-اَپ وئن آهي

پڪ- اَپ وئن تو کي اسان ڇا ڪيو آهي؟

اَسان جي چوڌاري پِڪ- اَپ گاڏيون آهن

پِڪ اَپ وئن تو کي اسان ڇا ڪيو آهي؟

 

اتان جا ائفريڪنر (Afrikaner) هِتان جي انهن مهاجرن وانگر بي جَڙا، بي وَڙا ۽ وائڙا آهن، جيڪي اڃا گنگا- جمنا جي ماٿريءَ کي وساري نه سگهيا آهن ۽ واديءِ سنڌ جي نالي سان ئي نفرت ڪن ٿا ۽ اُن کي واديءِ مهران ڪوٺن ٿا، مهراڻ جا ڪنهن وقت سنڌوءِ جي شاخ هئي، پر هاڻي سُڪي چڪي آهي.هونءَ ته ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل مهاجر ڪافي سمجهدار ۽ صحيح سمت ۾ ڏسندڙ آهن، جيئن آفريڪا جا ڪجهه سفيد فام دانشور ۽ ٻيا سُلجهيل ماڻهو آهن. پر ڪنهن به اُردوءَ اديب اردو ۾ اهڙا سنڌ جي باري ۾ ليکا آهن. مون ته رڳو قرةالعين جو خام۽ نارسيدو ناول سيتاهِرن پڙهيو آهي، جو سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ زندگيءَ جي شعور کان بلڪل عاري آهي.

آفريڪا جي نادين گورڊمر (Nadine Gordimer، (جنهن کي نوبل پرائيز ملي چُڪي آهي) ڊانجيڪب سن (Don Jacobson جا ناول به چڱا هئا. پر چار  سال اڳ جي ايم- ڪوئنزيءَ (J.M. Coetzee) جا ٽي ناول مائيڪل ڪي جي زندگيءَ ۽ دؤر، وحشي درندن  جو انتظار ۽ ٻهراڙي جي دل ۽ ويسل ايبرسون (Wessel Eborshn) جو ناول ڪٺي ٿيل ڪاوڙ پڙهيا ته منهنجا روم روم کڙا ٿي ويا.

ڏکڻ آفريڪا هڪ ڏند ڪٿا وانگر آهي. حقيقت ته سياهه ۽ سفيد آفريڪا آهي، ان ۾ ڪڻڪ رنگا ۽ سانورا ماڻهو به اچي وڃن ٿا. ڪاري سائوٿ آفريڪا جو الميو اڃا تائين پوريءَ طرح ادب ۾ نه آيو آهي. ڪنهن عورت جو مرد الوپ ڪيو وڃي ٿو. ڀاءُ ڀاءُ جي گمشدگيءَ تي روئي ٿو، ٽن سالن لاءِ، پنجن سالن لاءِ، شايد هميشه جي لاءِ. هڪ طرف ڳوڙها، ٽاهه ٽاهه ڳوڙها، رودن، سوءَ سياپو، پِٽڪو ڪُٽڪو آهي ته ٻئي طرف سفيد فام آفريڪا آهي، جا ناشتي جي ميز تي ٺهي ٺُڪي ائپران (Apron) رکي ٿي ويهي. صبح جي اخبارن جو شهه سُرخيون اڇاتريون ڏسي ٿي، سرد جنگ ۽ ايٽم بم جي باري ۾ ڳالهائي  ٿي. آزاديءَ ۽ خدا ڄڻ ٻئي اُن جي طرف آهن، ڄڻ ته ان جا خونخوار توڙي پِستا ڪتا اِها حقيقت ڏسي سگهن ٿا. آخر سفيد فام آفريڪي پاڻ کي سمجهن ڇا ٿا؟ انهن جي اڪثريت پنهنجي سفيد خواب ۾ محو آهي، چوڌاري هنن جا ڪارا ۽ سانورا  هم وطني آهن، جي فقط نوڪر چاڪر، ٻنيءَ ٻاري تي  پورهيت، رَسويا ۽ هُڻ تڻ، ڪم ڪار ڪندڙ مزدور ماڻهو آهن. هو هنن جي غلاماڻي، ڪا خوشامندڙي، ڪميڻيءَ نهٺائي کي مراڊونر ۽ چيئوان سمجهندا هئا، جيستائين هنن ٻَرندڙن آڱرن ۽ ڄرڪندڙ لوهه جهڙيون اکيون ڏٺيون، هنن جون ٻيون ۽ اُنهن تي هنن جا گهر جلايا ۽ راتاها هنيا ويا. گوون مبيڪي (Govan Mbeki) جو ڪتاب جنوبي آفريڪا ۽ ڪسانن جي بغاوت جي موضوع تي ڪافي روشني وجهي ٿو.

بين الاقوامي دٻاوَ به اُتي جي سفيد فام لوڪن ۾ اهو احساس پيدا ڪيو آهي ته سياهه فام به انسان آهن ۽ انهن تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ڪجهه وقت اڳي آفريڪا جا رهواسي يا ته سفيد فام آزادي پسند هئا يا جدوجهد ۾ مصروف اشتراڪي هئا، جن اهو چڱيءَ طرح محسوس ڪيو هو ته گورن، ڪارن، ڪڻڪ ونن ۽ سانورن سڀني کي ڪٺو رهڻو آهي، برابريءَ جي بنياد تي رهڻو آهي. دراصل اهو احساس نيگرو بين الاقوامي ڪانگريس به وڌايو ۽ ڪينيا جي مائو مائو دهشتگرد تحريڪ به، جنهن ۾ ڀڳت سنگهه ۽  ڇندر شکر آزاد کان به وڌيڪ دهشتگردي، رازداريءَ ۽ دشمن جي نابوديءَ لاءِ سخت قسم کنيا ويا ۽ جنهن ڪينيا جي قوم جي الڳ نياتن ڪُڪُويو، ميروُ، ايمبو وغيره کي ڪٺو ڪيو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مان سکر ۾ هوندو هوس ته ريڊيو تي ۽ اخبارن ۾ مائو مائو تحريڪ جي دهشتگرد ڪاررواين جي باري ۾ ٻڌندو ۽ پڙهندو هوس. اها مائو مائوءَ تحريڪ جي پنهنجي گهرن ۽ ٻنين ۽ ڌرتيءَ لاءِ جنگ هئي، جنهن جي ناڪاميءَ جي قيمت موت هئي. اها تحريڪ اڳتي هلي هر دهشتگرد تحريڪ وانگر ختم ٿي وئي. پر بيٺل پاڻيءَ ۾ وڏي ڇپا اڇلي، لهرون ڦهلائي وئي، اِها تنگ آمد بَجنگ آمد، جو مثال هئي ۽ اُن جا اُهي محرڪ جذبا هئا. جي ڪنهن قوم کي ڇِتو ڪري وجهندا آهن. آئرلينڊ ۾ ته دهشتگرد تحريڪ کي صدي کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ جنهن ليون يورس (Leon uris) جو ناول ٽِرنٽي (Trinity) پڙهيو آهي، اُهو اها ڪيفيت چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو، جا انسانن کي تشدد تي اُڀاريندي آهي، جيتوڻيڪ تشدّد ڪنهن سياسي مسئلي جو مستقل حل نه آهي.

آفريڪا ۾ ٻيون به آزادي جون تحريڪون هليون، جن ۾ ڌارين کي سڀ کان وڌيڪ دشمن سمجهيو ويو  ۽ روڊيشيا ۽ نيازالئنڊ ۾ ڪارن لوڪن کي اڀاريو ويو. انهن تحريڪن سيکاريو ته ڪو به آفريڪي ڪنهن سفيد فام قابض کان انسانيت جي لحاظ کان گهٽ نه آهي. 1957ع ۾ گهانا آزاد ٿي. گهانا کان اڳ مصر، سيرياليون، سوڊان ۽ ايٿوپيا آزاد هئا. 1958ع ۾ آفريڪا جي آزاد ملڪن جي ڪانفرنس اِقرا ۾ ٿي ۽ اتي آزاديءَ جي جدوجهد کي تيز ڪرڻ جو ٺهراءُ بحال ڪيو ويو، 1972ع ۾ جڏهن ٽئگنيڪا آزاديءَ جي گهر ڪئي، تڏهن انگريز مڇرجي پيا. نڪورما وغيره جهڙن سياسي ليڊرن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ انت ايم- اين- راءِ جي پيشن گوئي پوري ٿي، جا هن غالباً 1945ع ۾ ڪئي هئي ته سياسي سامراج جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، اهو جلد تڏا ويڙهيندو ۽ دنيا اقتصادي سامراج جي گهيراءَ ۾ اچي ويندي. پيٽر جوڊ (Peter Judd) جو ڪتاب آفريڪا جي آزادي جيتوڻيڪ 60ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو هو ۽ ان کانپوءِ ٻيا به اهڙا ڪتاب ڇپيا آهن، ان موضوع تي ڪافي روشني وجهي ٿو.

ساري آفريڪا ذري گهٽ سياسي  آزاديءَ جي ويجهو اچي پهتي آهي ۽ ٽين دنيا جو مکيه مسئلو اقتصادي آزادي آهي. هي سياسي ڪتاب نه آهي نه ته ٽين دنيا جي سياست تي ڪجهه لکي سگهجي ٿو ۽ اهو ڏيکاري سگهجي ٿو ته ڪيئن سياسي آزادي اقتصادي آزاديءَ جي نالي ۾ نهوڙي وڃي ٿي، پر هي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب آهي ۽ مان فقط ان ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته سهپ، انساني ثقافت، محبت ۽ يڪجهتيءَ ۾ دلچسپي ۽ يورپ جي ادب جي اثرائين آفريڪا ۾ بيداري پيدا ڪئي آهي، جيئن ڇٽوپاڌيا، تورودت (Toro Dutt)، سروجني نئڊوءَ ۽ ٽئگور جي انگريزي ادب هندستان ۾ جاڳرتا آندي هئي.آفريڪا جا اديب جي فرينچ، انگريزيءَ ۽ يورپ جي ٻين ٻولين ۾ مهارت رکن ٿا، آفريڪا جي پڙهيل لکيل طبقي ۾ آزادي، برابريءَ ۽ نسل پرستيءَ لاءِ نفرت جي لهر آندي آهي.

سال 67ع ۾ اڄڪلهه آفريڪا جو ادب (African Writings Today) ڇپيو، جنهن ۾ نائيجيريا، سيرياليون، گهانا، ڪينيا، ڪانگو، رُئانڊا،سيني گال، گِني، آوِري، ڪوسٽ، ڪئميرون، داهومي گئمبيا، ڏکڻ آفريڪا، انگولا، موزئمبيق، جو چونڊ نثر ۽ منظوم ادب شايع ٿيو. ان ۾ خوبصورت شاعري آهي. جا آفريڪا جي باري ۾ ڪنهن نه ڪنهن يورپي ٻوليءَ ۾ آهي. مان ڪينيا جي جوزف اي-ڪيروڪيءَ جو هڪ نظم مثال طور ڏيان ٿو، ۽ ايترو تفصيل ان ڪري ڏنو اٿم جو اسان به ساڳي ڪاريءَ رات مان گذريا آهيون.

 

اڄ رات برسات پوندي

مون کي هوا ۾ برسات جي سڳنڌ اچي رهي آهي،

او، اسان ان جو ڪيترو نه انتظار ڪيو آهي!

منهنجي پيار چيو هو ته هوءَ بارش سان ايندي.

دروازي تي هلڪي دستڪ

منهنجي دل ۾ دڪ دڪ وڌائي ڇڏي آهي.

ننڍي ميڻ بتي کي واءُ جي جهوٽي وسائي ڇڏيو آهي،

اوچتو کن پل لاءِ مينهن اوڙڪون ڪري وسي ٿو،

ان کان پوءِ چوڌاري وڄ جي روشني

اکين کي لهسائي ڇڏي ٿي

ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ڏرڙ هليو ٿو وڃي.

هڪ اَسلهه سُن سُناٽ اَننت جِي،

۽ پوءِ ڦُڙ ڦُڙ،

۽ پوءِ مينهن اچي ٿو آهون ڀريندو

اُٻهرو، نڪاس لاءِ اُتا ولو،

جيستائين ان جو ڇوهه ڇڄي پوي ٿو

۽ اهو پنهنجو وهڪرو ٺاهي ٿو،

اٿاهه اکٽ وهڪرو.

هوا ۾ ٺهپر آهي

پر وڌيڪ نويڪلائي ۽ ماٺ منهنجي من ۾ آهي

سڀاڻي ڳوٺ جون زائفائون پوکيءَ لاءِ وينديون،

۽ انهن جو ٻج پيٽ بکي ڌرتيءَ ۾ هوندو

۽ زندگي ٻيهر اُسرندي.


(1)  آفريڪنر: آفريڪا ۾ يورپ جا مستقل رهواسي.

(2)  نيگرو ناچ/ موسيقي جو قسم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com