سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :43

 

جيل جي کوليءَ مٿان جو چنڊ آهي

ڄڻ ننڍو هي کنڊ آهي

يا

بندوق سان گهايل ڪَنور جو مُکَ آهي

۽ صدين جو دُکَ آهي

سنڌ جي آڪاش تي

روز ڦاسي ڪا سُڄي ٿي

ڏاڍ سان ڌرتي ڌڄي ٿي

۽ ڦرنگي راڄ جو ڀورو ڪُتو

ڀؤنڪي پيو

سوراج جو سورج پري آ ڪيترو!

رابيل جي خوشبو هوا ۾ وار کولي ٿي روئي،

بس پرهه جا پار آهن

هن جا جيڪي يار آهن

هن جي جوڀن جو کڻي سوڳنڌ وڙهن ٿا سنڌ ۾،

هو چون ٿا

سنڌ ۾ يومِ حساب

سنڌ ۾ يومِ حساب

لاش ڪيڏا ٿا ڪِرن،

آڪاش جيڏا ٿا ڪِرن،

جيل جو هو سنتري بائيبل پڙهي ٿو

پر هو منهنجو همعصر ۽ همشهر

هيمون ڪالاڻي مگر

ڦاهيءَ چڙهي ٿو،

ريل جي پٽڙين کان اڳي

هن جي من ۾ ڇا هيو،

ڪَاش ڪو ڄاڻي سگهي

سنڌ جي اتهاس ۾.

ڪافي ڪامياب نظم آهي ڪاش! حسن مجتبيٰ ان ۾ ڪجهه اصلاح جي گنجائش ڇڏي ها! هن جا نظم گناهَن جهڙي ڪاري رات، بلئڪ اپريل ۽اينٽي ڪلائيمڪس خوبصورت جديد نظم جا مثال آهن، جن مان گناهَن جهڙي ڪاري  رات هيٺ ڏيان ٿو:

 

هُئي هوا رولاڪ شاعر جي مثال

بند آفيسن جي کڙڪين وانگيان تنها اسين

تنهنجي وارن ۾ گناهَن جهڙي ڪاري رات آ،

ديوتائن جو ڪفن بادل مٺا!

جن جي پٺ تان چَنڊ ويو آهي لِڪي

ڪنهن ڏوهه وانگر،

ڪنهن کريل گهڙيال جهڙي ماٺ آ،

درد ڄڻ فٽ پاٿ تان ورتل ڪتاب،

بس اسان جوڀن گذاريو  آ ايئن

ماڪَ کان، ڀنورن کان، پوپٽ کان ڇِنل

گلدان جا قيدي گلاب.

مٿيون تشبيهون ايتريون نيون ۽ عجبائتيون آهن، جو ڪنهن به يورپ جي جديد شاعر جي ڀيٽ ۾ رکي سگهجن ٿيون. بي اختيار منهنجي چپن تي فارسيءَ جو شعر اچي ٿو:

گمان مبرکہ بد يار رسيد کار مغار

هزار باده ناخوره درد رگِ تاک است

(وهم نه ڪر ته ڪلال جو ڪم پورو ٿي ويو. اڃان ته ڊاک جي رڳن ۾ ڪيئي شراب اڻ-پيتل آهن.)

 

شبنم گل شاعراه آهي، جنهن ۾ هن مرد جي غلبه آور سماج جي خلاف ٻڙڪ ٻاڦڻ جي همٿ آهي. هن جا نثري نظم مصلحت ۽ خاموشي خوبصورت آهن، باقي شاعريءَ ۾ هن جا انگريزي لفظ سي به انگريزيءَ صورتخطيءَ ۾ مون کي نه آئڙيا، شبنم جو هي نثري نظم بر صغير ۾ جديد نظم جي صنف ۾ جاءِ والاري سگهي ٿو:

منهنجي خاموشيءَ

مون کي ٻين تي

ايئن ظاهر ڪري ڇڏيو آ

جيئن قيد ٿيل خوشبوءِ

شيشي جي بدن مان

اوچتو آزاد ٿي وئي هجي.

اکيون منهنجون

مصلحتن جي بار هيٺان

جُهڪيل رهن ٿيون،

پوءِ ماڻهو چون ٿا

اُهي ڳالهائن ٿيون،

مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو آ

پر مون کان سچ چوڻ

۽ سچ ٻڌڻ جو

اختيار کسي پٿرن جي ديس ۾

رهندڙن

پنهنجين اکين،

پنهنجن سماعتن تي،

ڪيئي پهرا رکي ڇڏيا آهن.

دارا ابڙو هڪ دانشور اديب آهي ۽ هن جا نثري نظم ڪمپيوٽر ڊڪندو رهندو،اسان انڌا آهيون، کٽارا وومينٽڪ نظم، نه ختم ٿيندڙ جبر ۽ اجايون ڳالهيون، هونءَ ته سُٺا آهن، پر انهن ۾ شيام جئسنگهاڻيءَ جي گواني منظر وانگر غير ضروري انگريزي لفظ آهن. شيام ته اهي لفظ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏنا آهن، پر ادارا انگريزي صورتخطيءَ ۾ ڏنا آهن. ڪمپيوٽر، بريل، ٽڪسيڊو (1) رومينٽڪ، ڊيپ فريزر، سولَر سيل ۽ا انفراريڊ جهڙا لفظ ڀلي انگريزيءَ ۾ ڏنا وڃن، ڇو ته سنڌيءَ ۾ اُنهن جا هم معنيٰ لفظ نه آهن. ڇڪي تاڻي رومينٽڪ کي رومانوي بڻايو ويو آهي. باقي ڪلئنس، چِپ، هارَس ڪوپ، ونر، انٽليڪچوئزلم، ماسِڪ، فِلورمل، اِنفزرا اسٽرڪچر، وينس لاءِ سنڌيءَ ۾ تُز لفظ آهن ۽ انهن جو استعمال بيجا آهي. فراة العين حيدر جهڙي آگ کا دريا،آخر  شپ کڍ ڪمسفر ۽ گلشن رنگِ چمن جي مصنفه جي انگريزي لفظن جي اجائي سجائي استعمال هن جي نثر کي بي سُرو، ڀاري ۽ ڪرخت بنائي ڇڏيو آهي. نظم ته نثر کان به وڌيڪ سُريلائپ ۽ ڪَن- رس جي گهُر ڪري ٿو.

بخشڻ مهراڻويءَ کي بحر وزن تي ڪنهن حد تائين عبور آهي ۽ هن جا نظم ٽيڪنڪ ٽوڙي تخَيل جي لحاظ کان قابل قبول آهن، پر ههڙين خوبصورت سٽن ۾ به ڪجهه بي پرواهي ڪري ردم ٽُٽي پوي ٿو ۽ سِٽ ايئن ڪنن ۾ ٻُري ٿي جيئن ڪَٽُ چڙهيل ڪلف ۾ ڪنجي ڦرندي آهي.

اڙي او پيار جا پاڳل

کڻي ڪشڪول نيڻن جا

ڪهڙي مٽيءَ کي ڳولين ٿو.

پوئين سٽ کي موزون بنائڻ لاءِ ڪهڙي کي ڪڙي پڙهڻو پوندو. ايئن لڳي ٿو ڄڻ شيونگ بليڊ ڏاڙهي ڪوڙيندي ٽُڪو ڏنو آهي. هونءَ ڪشڪول نيڻن جا ڪهڙو نه پيارو محاورو آهي! ڪيترو نه انوکو، ڪيترو نه نئون، ڪيترو نه عجبائتو! مگر ڇا ڪجي، ها مگر...... جو پويون بند ساڳي طرح خوبصورت، پر اُن ۾ جهڙي لفظ کي وزن تي آڻڻ لاءِ جَڙي ڪري پڙهڻو پوي ٿو. تاريخ هارايل لشلڪر جان، سوال، اڃايل پنڌ جو پيچرو ، هڪ ڊگهيءَ ننڊ سمهڻ جي ريهرسل ترنم جي چؤڏول ۾ ڦيرائن ٿا، جيتوڻيڪ انهن ۾ رومانيت وڌيڪ آهي ۽ دانشورانه گهرائي گهٽ آهي، جا ڀنواٽي ڏئي سگهي.

ڪَويءَ جي آزاد نظمن ۾ ڪنهن حد تائين ٽيڪنڪ آهي، پر ان کي توڙ تي پهچائڻ لاءِ اڃا رياض درڪار آهي. ڪهڙو نه سهڻو بند آهي:

هن گلابي شام ۾

پَريان پهاڙين لام ۾

هيءُ رات جي ڪارن ڪُميتن جا

ڪئي اڙٻنگ سوار،

توکَي سڏيندا ٿا وڃن،

پر جي ٻُڌين!

ڇا نه دلڪش منظر ڪشي آهي ۽ ساڃاهه لاءِ سڏ آهي! هڪ تصوير! کين اڳيان ڦري ٿي وڃي. ڄڻ ڊچ مصَور ريمبران کي لفظن ۾ ڦاسايو ويو آهي. هن جي ٻي آزاد نظم ۾

 

وڇوڙي جون وليون

وياڪل وجود کي ويڙهي وڃن ٿيون.

ان اظهار کي جذبات جو ڪهڙو نه تاثراتي انداز آهي!

 

وسيم سومري جي نظم ۾ ڪافي رواني آهي ۽ تراني وانگر هق سٽ ڳائي سگهجي ٿي. در اصل منهنجي راءِ اها آهي ته نظم جو ڳائي نه سگهجي، اهو صحيح معنيٰ ۾ نظم نه آهي. ڪويتا سنگيت جا سُواسَ آهي، جنهن کان سوا اُها اُن چانهن وانگر لڳندي آهي، جا مرِي ڪنڊيءَ تان ڪِري پوندي آهي ۽ توڙي، ان جا پر اڃان خوبصورت ۽ آڪاس سان لائون لهندا نظر ايندا آهن، تڏهن به بيجان هوندي آهي.

هڪ نظم ۾ هو چوي ٿو:

ٿي تنهنجي جوت جهٽڻ چاهي، اڄ منهنجي تن تنوارون ٿي

نڙ بيتن مان ٿي واجَهه وجهي ڪا لوڪ ڪهاڻي سارون ٿي

هوءَ در تي ڪنڊي سوچي ٿي ڪنهن سانوڻ ڪاڻ ميارون ٿي

تون ٿڪجي پير پسارين ٿو ۽ پنهنجا قول نه پاڙي ٿص

اي چنڊ لِڪي ڇا جهاڙين ٿو؟

نظم ۾ لفظ ۽ معنيٰ هڪ ٻئي جي ٻَک ۾ ٻکجي وڃن ٿا. ٻولي جهرڻي وانگر وڃي رهي آهي. جنهن جي روانيءَ تي روڪ نه آهي. هن جو آزاد نظم به عروض تي پورو آهي ۽ اُن ۾ نظم جي رواني آهي. اُن جي پوئين سٽ ئي ڄڻ شاعر کي پنهنجي مستقبل جي سند ڏئي ڇڏي ٿي:

چري سوچَ- چَرخو ڪتڻ لئه ڇڏي وئي،

 

سوچَ- چرخو ڪيتري نه بامعنيٰ ۽ دل جهٽيندڙ ترڪيب آهي! جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ به سوچ- چرخو هڪ خوبصورت استعارو آهي ۽ مدي خارج چئي نٿو سگهجي.

وسيم جا گيت، وايون ۽ غزل به سٺا آهن، جن تي مان ٻين شاعرن جي گيتن، واين ۽ عزلن سان گڏ تبصرو ڪندس. مون کي هو پيدائشي شاعر ٿو نظر اچي، جنهن جي رَت ۾ ردم شامل آهي.

ايئن ته تاج جويو، ادل سومرو ۽  اياز گل ۽ ٻيا ڪيئي شاعر مون کي پنهنجا اڻ ڇپيل شعر ڏئي ويا آهن، جن کي هن مجموعي ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ جن کي پنهنجي انفراديت آهي، جنهن تي مان الڳ مهاڳ لکي رهيو آهيان.

ارشاد ڪاظمي، جو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، ان جي شاعريءَ ۾ هن جي پيشي جون جهلڪيون به نظر اچن ٿيون.

هو نثري نظم جو شاعر آهي. تون مون کي سياري ۾ سٺي لڳندي آهين. آئي بئنڪ، الميو، تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ، محبت ۽ ياد هن جا نمائندا نظم آهن. هن جي نظم محبت ۾ اهڙي انو کائي آهي، جهڙي ساحر لڌيانوي جي نظم

 

ميرلآ محبوب کهين اور ملاکر مجهه سلآ

 

۾ ڪنهن وقت هئي، جنهن ساري هندستان کي چؤَنڪائي وڌو هو. تخيل هن جو ساحر سان نٿو ملي، پر روايت کان علحدگي ۽ منفرد سوچ هن کي ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي. هن جي جديديت کي واضع ڪرڻ لاءِ هن جو شاهڪار نثري نظم آئي بئنڪ هيٺ ڏيان ٿو:

 

انهن کي،

خاص محلول ۾ رکيو ويو آهي

ته جيئن اُهي وساري نه سگهن

ته هنن ڇا ڇا ڏٺو هو

ڇا ڇا ڪيو هو،

اُهي ڪيترو وقت کليل رهيو هيون

يا ڪيترو وقت بند

انهن ڪهڙا خواب ڏٺا هئا

ڪنهن کي چاهيو هو

ته جيئن کين

وري سيکاري سگهجي

جاڳڻ ۽ سمهڻ

روئڻ ۽ کلڻ

ڏِسڻ، چاهڻ ۽ خواب لهن

نئين سري کان.

هڪ جديد فرينچ شاعر (نالو ياد نه آهي) پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ بيهڪ جون نشانيون نه ڏنيون هيون. ارشاد به ورلي ڪائي  بيهڪ جي نشاني ڏني آهي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه چڱيءَ نٿي لڳي. ممڪن آهي، اُها ڇاپي جي چُڪ آهي.

اثر جو آزاد نظم رهجي ويل منظر شعر جي پيريءَ تي جوانيءَ جي خنده زني آهي ۽ ياس يگانه لکنوي جو شعر ياد ڏياري ٿو:

 

گناهه زنده دلي کهئلآ يا دل آزاري

کسي پہ هئس لئلآ اتنا که پهر هنسا نہ گيا-


 


(1)  ٽڪسيڊو (Texedo)  ما ڻهو جو  رسمي سوٽ جو گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com