سيڪشن؛ ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سائنس بخشي سونهن

باب: 1

صفحو : 7

حرڪت

 حرڪت ۾ آ برڪت ٻارو،

برڪت آهي رحمت ٻارو.

 

خاموشي آ موت جو نالو،

جيون تي ڄڻ آهي تالو.

 

چرپر ٿيندي چاهت ايندي،

چاهت سان ئي راحت ايندي.

 

هير گُهلي ٿي زور لڳي ٿو،

طاقت سان هر بار کڄي ٿو.

 

حرڪت سان راڪيٽ هلن ٿا،

هير سان گل ڦل ناچ نچن ٿا.

 

حرڪت ۾ آ چنڊ ستارو،

حرڪت ۾ آ ڌرتي ٻارو.

 

حرڪت جا ڪي قسم ٿين ٿا،

گردش، لرزش، سڌي چون ٿا.

 

رَتُ جي ڦيري ساهه کڻائي،

ساهه کڄڻ سان سونهن وڌائي.

 

گئس هزارين سهنج ڏئي ٿي،

ڪم واري هيءَ چيز ٿئي ٿي.

 

ٻاڦ تي انجڻ ڪم ڪري ٿي،

تيل تي موٽر ڪار ڦري ٿي.

 

چُرپُر سَچُ پچُ سڀڪجهه ٺاهي،

سائنس ۾ هي پڙهيو آهي.

 

حرڪت سان هي جَگُ آ قائم،

دنيا هوندي آهي دائم.

 

رَتُ جي گردش ڌڪ دل جي،

ٻيو ڇا چئبو حرڪت چئبي.

 

رُوبوٽ  (مشيني ماڻهو)

 آيو آ روبوٽ اسان لئه، آيو آ روبوٽ ...

ڪنهن کان ڪونه هي ڊڄندو آهي،

وک وڌائي وڌندو آهي،

هي آهي اڻ موٽ، آيو آ روبوٽ ...

ماني پاڻي گهرندو ناهي،

پنهنجيءَ پڄنديءَ وارو آهي،

ڪارو پائي ڪوٽ، آيو آ روبوٽ ...

سڀ کان ويٺو سچ سُڻائي،

ڳالهه نٿو هي ڪابه لڪائي

ڪونه ٿو ڄاڻي کوٽ، آيو آ روبوٽ ...

سينو تاڻي هلندو آهي،

ڏسندو ٻڌندو گهمندو آهي،

جيئن گهمي ڪو گهوٽ، آيو آ روبوٽ ...

هي ته مشيني ماڻهو آهي،

سمجهي ٿو سڀ ڄاڻو آهي،

گهٽ ٿو کائي چوٽ، آيو آ روبوٽ ...

مدد ڪري ٿو انسانن جي،

ريت نه ڄاڻي ارمانن جي،

وجهندو ناهي ڦوٽ، آيو آ روبوٽ ...

گهر جو سارو ڪم ڪري ٿو،

مزدورن جي مدد ڪري پيو،

ڪين وٺي ڪو نوٽ، آيو آ روبوٽ ...

 

موٽر ڪار

 ٻارو! هيءَ موٽر ڪار،

ڳاڙهي ڳاڙهي ڄڻ ته ڪنوار.

 

هن کي ٺاهيو آ ليناءِ،

ان جا ٿورا ويٺو ڳاءِ.

 

هن ۾ پوندو آ پيٽرول،

هن کي آهن ڦيٿا گول.

 

چئن ڦيٿن سان ڊڪندي آهي،

منزل تي جهٽ پڄندي آهي.

 

سهڻو آهي هن جو ڍنگ،

سهڻو آهي هن جو رنگ.

 

 

ڪمپيوٽر

 ڪمپيوٽر تي لکون پڙهون ٿا.

ڪمپيوٽر تي راند ڪيون ٿا.

 

ڪمپيوٽر تي ڪار هلائي،

هيڏي هوڏي گهمون ڦرون ٿا.

 

پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ خاطر،

پنهنجن جا همراهه ٿيون ٿا.

 

هلندي ڪمپيوٽر تي هر شيءَ،

اهڙا هت اسرار ڏسون ٿا.

 

لکن جا ليکا منٽ ۾ ٿيندا،

ذهن تي هاڻ نه زور ڏيون ٿا.

 

رانديڪن جو وقت ويو اڄ،

ڪمپيوٽر جي ڳالهه ڪيون ٿا.

 

سانڍي ٿو هو ساريون ڳالهيون،

چيز وڃايل پوءِ لهون ٿا.

 

ڪمپيوٽر جي هيءَ ڪرامت،

سچيِءَ دل سان پاڻ مڃون ٿا.

 

واچ، گهڙي

 مون به ورتي آ هڪڙي گهڙي،

ڪنهن کي نه آهي جهڙي گهڙي.

واچ ٿي مون کي وقت ٻڌائي،

ٽڪ ٽڪ سان ٿي پئي جاڳائي.

وقت ڏسي اسڪول وڃان ٿو،

وقت تي پنهنجي ڪم ڪيان ٿو.

واچ ۾ منٽ سيڪنڊ ٿين ٿا،

ڪانٽا تن تي اچي بيهن ٿا.

منٽن کان پوءِ ڪلاڪ ڏسي ٿي،

واه جو پنهنجو ڪم ڪري ٿي.

سيلن تي ڀي هلندي آهي،

هڪڙو منٽ به بيهندي ناهي.

مون سان پيئي ساٿ نڀائي،

پاڻيءَ ۾ به گهمان ٿو پائي.

بابو هاڻ وٺي ڏيندو جا،

سج جي گرميءَ تي هلندي سا.

هن کي زنگ نه لڳندو آهي،

هن جو رنگ نه ڦٽندو آهي.

وقت جو آهي ماپو هن وٽ،

وقت جو آهي کاپو هن وٽ.

 

پينسل

 منهنجي هٿ ۾ پينسل آهي،

پينسل سان مان لکان ٿو ٺاهي.

 

پينسل ۾ آ گورو ڪارو،

اول کان آخر لکندو سارو.

 

پينسل سان تصوير ٿو ٺاهيان،

ٺاهي رنگ ڀريندو آهيان.

 

پينسل جي آ ڳالهه پراڻي،

پنج سؤ سال جي آهي ڪهاڻي.

 

هن کي ٺاهيو ويو هو جنهن مان،

تنهن کي گريفائيڊ چوان مان.

 

جنهن کي گريفائيڊ چوان ٿو،

تنهن کي ڪارو شيهو سڏيان ٿو.

 

هاڻي وٺندس اهڙي پينسل،

اڳ نه ورتي اُن جهڙي پينسل.

 

هن پينسل جي ليڪن کي ڪو،

ڪين ڪڏهن ميٽي سگهندو.

 

هن سان شيشي ۽ ڪپڙن تي،

۽ مووي فلمن تي لکجي.

 

پينسل جي تعريف ڪيان ڇا،

پورو ان سان ڪين پوان مان.

 

ٻُڙي

 اچو ٻُڙيءَ جي ڳالهه ٻڌايان،

ٻُڙيءَ جو مان ٿو مان وڌايان.

 

ٻن جي پويان ٻُڙي لکي مان،

ڪيئن ٻُڙيءَ جو شان گهٽايان.

 

ٻُڙي ڏسان جي ٻن جي اڳيان،

سچ پچ تنهن کي ويهه ٿو سڏيان.

 

پنج ويهان جي پاڻ ۾ گڏجن،

پوءِ اُهي هڪ سؤ ٿيون سڏجن.

 

ٻُڙي وڏي شيءِ آهي ”غازي“

ڪري ڏهوڻو کٽي ٿي بازي.

 

 

ڪالرا

 ڪالرا هڪ مرض آهي،

ويڙهه تنهن سان فرض آهي.

 

فرض ۾ سستي ڪيون ڇو،

موت کي جيون ڏيون ڇو.

 

بڇڙي هيءَ بيماري آهي،

موت جي ڄڻ تياري آهي.

 

جيوڙن مان ٿو ٿئي هي،

موت آخر ٿو ڏئي هي.

 

دست ٿيندا درد ٿيندا،

نڪري سارو لوڻ ويندو.

 

جان مان طاقت به ويندي،

روح مان راحت به ويندي.

 

چاهه ويندو ساهه ويندو،

جسم ٿي پوءِ پاهه ويندو.

 

صاف سٿرو رهجي ٻارو،

ڪالرا ٿيندي نه ٻارو.

 

مليريا

 اچو ته پنهنجو پاڻ کي بچايون،

مليريا جي ڪا دوا ڪرايون.

 

هڻي جو ڏنگ ڪو مڇر ، ٿي پوي اُها،

بخار کي ئي چئبو آ مليريا.

 

ٻڌو ٻڌو نشانيون اَٿو اِهي،

بخار ٿو وڌي، پگهر به ٿو اچي.

 

سُڪي وڃي ٿو ڪاڪڙو بخار ۾،

ڄڻ خزان اچي ٿي پئي بهار ۾.

 

نه سگهه رهي ٿي جان ۾ اي دوستو!

هي مرض آهي ڪجهه ته ويهي سوچيو.

 

رکي ٿو صاف سٿرو جيڪو پاڻ کي،

مليريا نه ايندي آ انهيءَ ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com