Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وامق عذرا

ليکڪ پاران

   ديپاچو

وامق عذرا

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

ديباچو

 

سنڌ ۾ گھڻا ديسي محبت جا قصا مشور آھن، جيئن تھ سسئي – پنھون، عمر – مارئي، سھڻي – ميھار، ليلا – چنيسر، مومل – راڻو ۽ ھير – رانجھو وغيره ڪي ٻاھريان قصا بھ گھڻا ٻڌا آھن ۽ پڙھيا آھن، جيئن تھ ايران جا شيرين – خسرو يا شيرين – فرھاد، عرب جو ليليٰ – مجنون ۽ مصر جو يوسف – زليخا وغيره، پر، ”وامق – عذرا“ جو قصو ڪن ٿورن ٻڌو ھوندو. اِھي بھ ليليٰ مجنونءَ وانگر عرب ھئا. اھو قصو عربي ۾ آھي، پر فارسي نظم يا مثنويءَ ۾ مرزا صادق -  تخلص ”نامي“ واري جو لکيل آھي، جو اڪثر ڪمياب آھي. انھيءَ مان ھن جو مضمون ڪڍي مختصر ۽ سليس عبارت ۾ لکيو اٿم. اميد آھي تھ پڙھندڙن کي گھڻو وڻندو.

- قليچ بيگ

حيدرآباد سنڌ.                                                                      

 

 

ھيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس ڄام شورو ۾ مئنيجر سيد سڪندر علي شاھھ ڇپيو ۽ اعجاز احمد منگي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇپائي پڌرو ڪيو.

 

WAMIQ AZRA  (A Childrens Tale in Sindhi)by: Mirza Qalich Beg

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com