سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو : 8

  

سيٺ عبدالله هارون

(واپاري، سماجي ورڪر ۽ سياستدان)

      

  هڪڙو ٻار شام جو سيڌو سامان وٺي جڏهن گهر پهتو، ته پنهنجي ماءُ کي حساب ڏيندي ڏٺائين ته هڪ پائي گهٽ هئي، هن چيو: ” امان! مون سموريون پايون ڳڻي کيسي ۾ رکيون هيون، الائي ڪيئن هڪ پائي ڪٿي ڪِري پيئي؟“ هن ور ور ڏئي ٿي کيسي ۾ آڱريون گُهمايون ۽ ماءُ جي آڏو پشيمان پئي ٿيو. ماءُ کيس چيو: ته ”پٽ! هاڻ ساڳئي رستي سان پائي ڳوليندو وڃ! تو ضرور ڪٿي اها ڪيرائي وڌي هوندي.“

        ننڍڙو ٻار ويچارو ٿي ماءُ کي جواب ڏنو: ”امان! هاڻ ته سج لهي ويو آهي ۽ رستي تي اوندهه ٿي وئي هوندي.“

        ماءُ چيو: ”تون هيءُ ڏيئو کڻ ۽ رستي تي ڪيرايل پائي ڳولي اچ.“

        ٻار ڏيئو کڻي پائي ڳوليندو ويو، پر کيس پائي نه ملي ۽ هو نا اميد ٿي واپس وريو. آخرڪار تمام ادا س ٿي گهر جي ڪنڊ ۾ اچي ويهي رهيو.

        ماءُ ٻار کي اداس ڏسي چيو: ”ڇو ماٺ ڪيو ويٺو آهين ٻچا؟“

        ٻار سُڏڪندي وراڻيو ”مون کان غلطي ٿي وئي ۽ پائي الائي ڪٿي ڪرائي وڌم!؟“ ماءُ چيو: پائي وڃائڻ جو خير آهي، مون توکي ڏيئو اُن ڪري ڏنو، جيئن توکي هڪ هڪ پائيءَ جي اهميت جو احساس ٿئي.“

        ڇا توهان کي خبر آهي: اها ماءُ ۽ سندس ٻالڪ ڪير هئا؟ اسان توهان کي ٻڌايون ته اهو ٻار اڳتي هلي سنڌ جي سيٺ عبدا  هارون ميمڻ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اها عورت سندن والده "حنيفه ٻائي هئي. سيٺ عبدالله هارون جا وڏا اصل ڪڇ جي پاسي جا رهاڪو هئا، گهر ۾ ڪڇي ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا سنڌي ٻوليءَ جي ڄڻ جاڙي ڀيڻ آهي. ڪڇ ڪنهن زماني ۾ سائو ۽ ستابو علائقو هو، اتي ڪيترائي درياءَ، مثال طور: هاڪڙو، سرسوتي ۽ چتانگ وهندا هئا. ڪڇ تي گهڻو ڪري سنڌي بادشاهن سمن جي حڪمراني رهي، ان کان پوءِ سمن جي هڪ شاخ، جاڙيجن جون به اتي شهري رياستيون رهيون. مختلف سببن جي ڪري ڪڇ جا ماڻهو لڏي پلاڻي سنڌ، خاص طرح ڏکڻ سنڌ: بدين، تلهار، ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ وسي پيا آهن، جيئن ته ڪڇ جا گهڻا ماڻهو واپاري رهيا آهن، ان ڪري عبدالله جو پيءُ هارون به واپار ڪندو هو.

        هارون چار شاديون ڪيون هيون، انهن مان عبدالله جي والده ”حنيفه ٻائي“ جو نمبر چوٿون هو. جڏهن عبدالله چئن سالن جو ٿيو، ته سندس والد هارون ڀائيءَ جو انتقال ٿيو. سندس خاندان لاءِ اهي ڏکيا ڏينهن هئا، پر پوءِ به ڇهن سالن جي عمر ۾ عبدالله اسڪول وڃڻ لڳو.

        هڪ ڏينهن اسڪول مان واپس ويو، ته سندس والده کيس هڪ وڏو ٿالهه ڏنو، جنهن ۾ ٻارن جا رانديڪا، رومال، جوراب، ڦڻيون، جوتن جا تسما وغيره رکيل هئا، ماءُ کي چيو ته، شهر ۾ وڃي هي سامان وڪرو ڪر. ان وقت جيئن عبدالله گجراتي اسڪول ۾ پڙهندو هو، تنهنڪري وڪري جو سامان ڏسي حيران ٿي ويو. مٿان وري سندس نانيءَ کيس چيو ته، ”تنهنجو والد  زنده ڪونهي، هاڻي توکي پنهنجي گهر لاءِ ڪم ڪار ڪرڻو پوندو.“

        اهڙي طرح هو شهر ۾ ٻارن جي رانديڪن وارو سامان وڪرو ڪري رهيو هو، ته اوچتو هن جا اسڪولي دوست کيس ملي ويا، جن کيس چيو ته، ”اسان ته توکي راند لاءِ ڳوليو پئي پر تون هتي سامان وڪڻي رهيو آهين!؟“ هن وراڻيو ته: هاڻ آءٌ تجارت ڪندس ۽ ماءُ جو هٿ ونڊائيندس“ سندس جواب تي دوست  کليا. عبدالله ۽ تجارت! هڪ دوست کيس چرچي ۾ چيو ته ”هاڻ تون سيٺ عبدالله آهين!“ قدرت خدا جي جنهن ننڍي ٻار کي دوستن ٽوڪ وچان ”سيٺ عبدالله“ ڪوٺيو هو، سو واقعي وڏو ٿي سنڌ ۾ سيٺ بڻيو.

        شروعات ۾ هو پنهنجي ڀيڻوئي سيٺ صالح محمد وٽ چئن رپين جي ماهوار پگهارن تي ملازم ٿي رهيو، مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ماءُ کي چار رپيا پگهار جا آڻي ڏيندو هو ۽ موٽ ۾ سندس ماءُ خرچيءَ لاءِ ٻه رپيا ڏيندي هئس، پر ان خرچيءَ جو به پائي پائيءَ جو حساب کانئس وٺندي هئي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ هو پهريائين فوٽ پاٿ تي ٻارن جا رانديڪا وڪڻندو هو، بعد ۾ سيٺ صالح محمد جي دڪان تي ڪم ڪري واپار جو تجربو حاصل ڪيائين. سيٺ صالح محمد سندس ڀيڻ زليخا جو مڙس هو.

        سيٺ عبدالله زندگيءَ ۾ ڪُل ٽي شاديون ڪيون هيون. پهرين پندرهن سال جي عمر ۾، جيڪا گهڻو وقت هلي نه سگهي. سندس پهرين گهرواريءَ سان رشتو ختم ٿيڻ بعد هن جي اداسيءَ کي ڏسندي سندس والده حنيفه ٻائي، سن 1889ع ۾ پاڻ سان گڏ حج تي وٺي وئي، جتان موٽڻ کان پوءِ هو روحاني طور مضبوط ٿي ويو ۽ پنهنجي مامي سان گڏ اُن جي جنس جو واپار ڪرڻ لڳو. هڪ ڀيرو هو پنهنجي مامي سان گڏ اُڙيسا ويو هو، جتي هن بليئرڊ راند ۾ دلچسپي ورتي ۽ ان ۾ ڀَڙُ ٿي ويو. انهيءَ راند کيس اڳتي هلي سماجي ۽ قومي خدمتن واري ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ڪجهه عرصي بعد سندس والده هڪ ڀيرو ٻيهر سندس شادي پنهنجي ڀاڻيجي ”رابعه ٻائي“ سان ڪرائي، جيڪا گهڻو وقت بيمار گذاريندي هئي، هن زال مان به کيس سُک ۽ دلي سڪون نه مليو. اها شادي به ختم ٿي وئي. بعد ۾ جڏهن هو مشهور سماجي، سياسي ۽ ڪاروباري ماڻهو بڻيو، ته هن هندستان مان ”حاجي خان“ نالي هڪ شهريءَ جي نياڻي ”نصرت“ سان شادي ڪئي، ان وقت سندس عمر 40 سال هئي، سندس اها گهر واري، سماجي ۽ قومي خدمت ۽ سندس ساٿياڻي بڻي ۽ ليڊي نصرت عبدالله هارون جي نالي سان مشهور ٿي. بيگم نصرت مان کيس 9 ٻار پيدا ٿيا هئا، جن ۾ چار نياڻيون ۽ پنج پٽ هئا. انهن سمورن ٻارن جي ٻنهي ڄڻن سٺي تربيت ڪئي ۽ اعليٰ تعليم ڏيارائون.

        سيٺ عبدالله هارون جي تربيت سندس والده ڪئي، جيڪا هنرمند، سمجهدار ۽ ڪاروباري ذهن رکندڙ عورت هئي. هن جي والده جي تربيت عبدالله کي ايماندار، بهادر ۽ دلير بڻايو. عبدالله هڪ ڀيرو پنهنجي دڪان تي ويٺو هو ته هڪ فلاحي تنظيم کانئس چندو گهريو، هن دڪان جي پيٽيءَ ۾ پيل پنج سو رپيا ڪڍي کين ڏيئي ڇڏيا ۽ پوءِ ڊنو ته کيس ماءُ جا دڙڪا ملندا. پر جڏهن هن پنهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي، ته ماءُ کيس چيو ته: ”عبدالله!” تنهنجي نيت کي ڏسجي ٿو، ته انهن 500 رپين جي بدلي توکي 25000 رپيا ملندا. انهيءَ ڳالهه کان پوءِ کيس اوچتو کنڊ کپائيندڙ واپارين پاران هڪ وڏو آرڊر مليو، جنهن لاءِ هن حساب ڪيو ته کيس 25000 (پنجويهه هزار) رپيا نفع ٿيو. اهو واقعو هن پنهنجي ماءُ کي اچي ٻڌايو. هاڻ هو ويتر پنهنجي والده تي اعتماد ڪرڻ لڳو. هو غريبن جو هڏ ڏوکي هو ۽ هاڻ شهر جي چڱاين وارن ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ لڳو. هن پنهنجي واپار کي جاوا (انڊونيشيا) کان وٺي سڄي هندستان ۾ پکيڙي ڇڏيو. هن ڪئنيڊا مان مشينري گهرائي بهار (هندستان) ۾ کنڊ جو ڪارخانو لڳايو، ان ريت هو سڄي ننڍي کنڊن ۾ کنڊ جي واپار جو شهنشاهه (Sugar King) طور مشهور ٿي ويو.

        سيٺ عبدالله هارون ڪانگريس ۾ هوندي عدم تعاون واري تحريڪ (Non Co-operation Movement) ۾ حصو ورتو. هو سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو پنجن سالن تائين صدر ٿي رهيو. سن 1920ع ۾ اخبار ”الوحيد“ جاري ڪيائين، جنهن 25 سالن تائين سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي بيداري پيدا ڪئي. سن 1923ع ۾  هن بمبئي قانون ساز اداري جي چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. سن 1925ع ۾ علي ڳڙهه مسلم ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي ڳالهه ڪيائين.

        سن 1930ع ۾ کيس برطانيا حڪومت پاران هندستان جي واپارين جو نمائندو مقرر ڪري (اوٽاوا) ڪئنيڊا ۾ ”امپيريل اڪنامڪ ڪانفرنس“ ۾ موڪليو ويو. سن 1938ع ۾ هن سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو اجلاس سڏايو، جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. 9 - آڪٽوبر 1939ع ۾ هن استقباليه خطبي ۾ هندستان جي مسلمانن جي الڳ تشخص ۽ الڳ رياست جي گهر ڪئي.

        جڏهن مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت عليءَ تي ڪراچي جي خالقڏني هال ۾ بغاوت جو ڪيس هليو، ته ”علي بردان“ جي والده ”بي امان“ جڏهن به ڪراچي ۾ پنهنجي پٽن سان ملڻ ايندي هئي، ته رهندي عبدالله هارون جي گهر ۾ هئي. ان ريت سندس گهر سڄي ننڍي جي آزاديءَ جي متوالن جي سياست جو مرڪز بڻجي ويو. هُن خاص طور سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

        سيٺ عبدالله هارون سڄي سنڌ جي حاجين لاءِ ڪراچي ۾ مسافر خانو ٺهرايو. ڪيترائي اسڪول پنهنجي گهرواري نصرت ۽ پنهنجي نالي سان قائم ڪيا، سندن نالي پٺيان برپا ٿيل اهي اسڪول اڄ به ڪراچي ۾ قائم آهن. انهن ۾ لياريءَ جو مدرسو اڄ به علمي خدمت ڪري رهيو آهي. انهيءَ مدرسي جي سار سنڀار سندس نياڻيون ڪيتري عرصي تائين ڪنديون رهيون. عبدالله هارون ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. شروعاتي دور ۾ هو آل انڊيا ڪانگريس جو ميمبر هو، پر بعد ۾ هن پنهنجو سڄو ڌيان مسلم ليگ تي ڏنو. پاڻ پاڪستان جي بانين ۾ به شمار ٿئي ٿو. هن پاڪستان جي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان بهرو ورتو ۽ مسلم ليگ جي مالي مدد به ڪندو رهيو. هو پاڪستان ٺهڻ کان ٻه سال اڳ 1945ع ۾ گذاري ويو. سندس آخري آرامگاهه لياريءَ ۾ سندس قائم ڪيل مدرسي جي آڳند ۾ اڄ به موجود آهي.

        ٻارو! ڏسو ماءُ جي خدمت ۽ اُن جي نتيجي ۾ مليل دعائن سان هڪ يتيم ٻار ايتري ترقي ڪئي، جو هو ننڍي کنڊ جو وڏو واپاري بڻجي ويو ۽ الله جي ٻاجهه ۽ ماءُ جي دعا سان هن سماجي خدمت ۽ سياست ۾ به نالو ڪمايو. سيٺ عبدالله هارون صنعت ڪار ۽ واپاري ڪرت ۾ مشغول رهندي به هِن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي وڏي خدمت ڪئي هئي. سيٺ صاحب جي زندگيءَ تي نظر وجهندي سبق ملي ٿو ته جيڪو به ماڻهو پنهنجي وڏن جو چيو مڃيندو ۽ الله جي بندن جي خدمت ڪندو ته الله سائين اُن شخص کي ڪيل خدمت ۽ نوڙت جو اجرو ضرور ڏيندو.

 

 

ڪوچس

(محب وطن ۽ دلير سورمو)

      

  جڏهن يورپ جا ماڻهو سترهين صديءَ جي آخر ڌاري آمريڪا کنڊ ۾ پهتا، ته اتي اڳواٽ ئي کين انساني آباديون نظر آيون، جن کي پنهنجي جُدا تهذيب ۽ تمدن هيو. انهن منجهان ”مايا تهذيب“ ۽ ”انڪا تهذيب“ نالي واريون تهذيبون رهيون آهن. يورپ جي ماڻهن کين .”ريڊ انڊين“ جو نالو ڏنو ڇو ته سندن رنگ روپ ڳاڙهسرو سانورو هو. يورپ  جي ماڻهن ۽ هنن ۾ فرق رڳو اهو هو ته ريڊ انڊين اڃا زرعي ۽ مالوند دؤر ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، جڏهن ته يورپ وارا صنعتي دور ۾ داخل ٿي چڪا هئا، شروعات ۾ يورپي لوڪن پنهنجي ملڪن مان اهڙن ڏوهاري ماڻهن جا جهاز ڀري هر سال آمريڪا کنڊ ۾ ڦٽو ڪري ايندا هئا، جيڪي هرگز سُڌرڻ جهڙا نه هئا. بلڪل ايئن جيئن انگريز، هندستان جي سياسي باغين کي، جزائر ”اِنڊمان“ جنهن کي “ڪارو پاڻي“ به چوندا آهن، جي ٻيٽن تي ڇڏي ايندا هئا.

        وقت گذرندي هوريان هوريان آمريڪي کنڊ جي اهميت يورپ وارن تي ظاهر ٿيڻ لڳي، خاص طرح سان ڪئليفورنيا ۽ وچ آمريڪا ۾ سون جون کاڻيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ان کان پوءِ سڄو يورپ آمريڪا ڏانهن لڏڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهيو. يورپ جي مختلف ملڪن جي ماڻهن جي شروعاتي لڏپلاڻ اتر آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تائين محدود رهي، ڏسندي ئي ڏسندي يورپي لوڪن اتر آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪري ورتيون. سن 1774ع تائين اهي سموريون رياستيون سڌي نموني يورپ جي ملڪ انگلينڊ جون بيٺڪون ٿي رهيون. بعد ۾ آمريڪا جي يورپي آبادڪارن پهريائين ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ بعد ۾ 14 - جولاءِ 1774ع ۾ هنن فلاڊيفيا ۾ هڪ ڪانگريس ڪوٺائي گڏيل راءِ سان انگلينڊ کان آزادي حاصل ڪري ورتي. هيءُ اهو دور هو جو اڃا يورپ جا ماڻهو ڏکڻ آمريڪا تي مڪمل والار نه ڪري سگهيا هئا. سن 1850ع ڌاري آمريڪا جي گڏيل رياستن ڏکڻ آمريڪا ڏانهن فوجي مهم جوئي شروع ڪئي. ميڪسيڪو کان هيٺ وڏن برپٽن تي مينهوڳي واري ماحول وسيع سيمن چراگاهن تي انيڪ انواع جا جهنگلي جانور چرندا هئا. جن کي ڏکڻ آمريڪا جو هڪ وڏو قبيلو ”اپاچي“ پنهنجي مڪليت سمجهندو هو. اتر آمريڪا جي يورپي آبادڪارن اتي جهنگلي مينهن (Buffalws) کي شڪار ڪرڻ شروع ڪيو. جهنگلي مينهن جو اهو گوشت، هو ريلوائي جي مزدورن کي ڏيڻ سان گڏ سڪائي يورپ به موڪليندا هئا. واپاري جهنگلي مينهن جون کلون به يورپ ڏانهن جهاز ڀري کڻي وڃڻ لڳا. اپاچي قبيلي وارن کين ائين ڪرڻ کان روڪڻ جو پهه ڪيو. هنن سوچيو ته جيڪڏهن ان ريت اهي مينهون يورپي آبادڪارن هٿان شڪار ٿينديون رهيون، ته سندن کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو ۽ هو بک مري ويندا. اپاچي قبيلي وارا ڌڻ - وند ماڻهو هئا، وٽن هڪ اعليٰ قسم جي ويڙهاڪ قوت هئي، جنهن کي اُن دور جي ڇاپا مار لڙائي چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هو لڪي لڪي دشمن تي حملو ڪندا هئا ۽ تيراندازيءَ واري فن ۾ به وڏا ماهر هئا. اپاچي قبيلي جو سردار ”ڪوچس“ هو، جيڪو هڪ ڏاهو ۽ داناءُ ماڻهو هو. هن پنهنجي قبيلي کي منظم ڪيو ۽ ڇاپا مار جنگ شروع ڪري ڏني، جيڪا يورپ جي ماڻهن پاران ريلوي علائقي ”اوريگن“ ۽ ”اريزونا“ کان شروع ٿي، جتي يورپي آبادڪارن مُهڙيون ڪالونيون قائم ڪرڻ لاءِ وستيون ٺاهڻ شروع ڪيون هيون.

        ڪوچس، اپاچي قبيلي جو دلير سردار هو، پر هو جسماني لحاظ کان تمام ڪمزور هو. هن کي ننڍي هوندي کان سهڪو ۽ ڦڦڙن ۾ انفيڪشن رهندو هو. هن قبيلي جا ماڻهو دوائن بدران دُعائن ۽ ٽوڻن ڦيڻن تي اعتبار ڪندا هئا ۽ ڪجهه جڙين ٻوٽين وسيلي علاج ڪندا هئا. بهرحال سلهه جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به ”ڪوچس“ پنهنجي قبيلي سان گڏجي، پنهنجي سرزمين ۽ پنهنجن جانورن جي بچاءَ لاءِ جنگ ڪندو رهيو.

        جيتوڻيڪ اپاچي قبيلي وٽ رڳو تيراندازيءَ جي مهارت هئي، جڏهن ته يورپي آبادڪارن وٽ بندوقون هيون، پر بندوقون تيراندازن جي جذبي کان شڪست کائي ويون. پنهنجي هار ڏسندي يورپ جي ماڻهن سوچيو، ته هاڻ ڪا چالاڪي ڪجي! اهو سوچي هنن

”سانتا ريتا“ نالي ٽامي جي کاڻين واري علائقي جي هڪ سردار کي يورپي شراب جي لالچ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان زماني ۾ ريڊ انڊين کي يورپ جي ڳاڙهي شراب تي خريد ڪرڻ تمام سولو هو، پر اپاچي قبيلي جي پاڙيسري قبيلي جو سردار ”جوسي“ انهيءَ لالچ ۾ ڪونه ڦاٿو. هن صاف چئي ڏنو، ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪنهن به قبيلي جي سردار سان غداري نه ڪندو، نه ئي ڪنهن اهڙي سازش ۾ شريڪ ٿيندو. بلڪ هن اها ڳالهه ”اپاچي قبيلي“ تائين به پهچائي ڇڏي. يورپي آبادڪارن کي جڏهن ”ڪوچس“ ۽ ان جي قبيلي کي تباهه ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ ڪوبه غدار نه مليو، ته هو ڪجهه وقت لاءِ واپس موٽي ويا. ان ريت سردار ڪوچس کي پنهنجي صحت جي بحاليءَ لاءِ ڪجهه وقت ملي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ يورپي آبادڪارن جانسن نالي هڪ ڪرائي جي قاتل کي هڪ ڏوهارين جو ٽولو ساڻ ڏئي اپاچي قبيلي جي علائقي ۾ موڪليو، جيڪو ڪيترن ئي ريڊ انڊين ماڻهن ۽ قبيلين خلاف خوني ڪارناما سرانجام ڏئي چڪو هو. جانسن ۽ ان جا غنڊا ڏاڍا چالاڪ ماڻهو هئا. هنن سردار ڪوچس ۽ سردار جوسي کي دوستي رکڻ جو نياپو موڪليو ۽ چيائون ته يورپ ڏانهن کلون اماڻڻ لاءِ هاڻ مينهن جو شڪار نه ڪيو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن خوراڪ جي ڪمي دور ڪرڻ لاءِ ٿورو شڪار ڪيو ويندو. ڪوچس ۽ جوسي ڏاڍا ڏاها ۽ اصولي ماڻهو هئا، هنن انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي فتح سمجهيو ۽ دوستيءَ جو جواب دوستيءَ سان ڏنو. ٻن هفتن کان پوءِ جانسن کين نياپو موڪليو ته: ”اسان کي ٽامي جي ٻن کاڻين بابت ڳالهائڻو آهي، اسان سان ڳالهيون به ڪيو ۽ اسان جي دعوت به کائي وڃو.“ سادن ۽ سچن انسانن وانگر ڪوچس ۽ جوسي انهيءَ دعوت تي ويساهه ڪيو ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏ دعوت تي پهتا، جنهن وقت هو يورپي ”دوستن“ جي دعوت کائي رهيا هئا، انهيءَ وقت جانسن ۽ سندس ساٿي اتان اٽڪل ڪري ٿڙي ويا ۽ ٻوڙن ۾ لڪل يورپي حملي آورن ڪوچس، جوسي ۽ هن جي ساٿين تي بندوقن جا فائر کولي ڇڏيا. جوسي سوڌو ڪيترائي اپاچي ويڙهاڪ ۽ وفادار ساٿي سردار انهيءَ اوچتي حملي ۾ مارجي ويا، پر ڪوچس ڪنهن ريت اتان بچي نڪتو. هن تي سلهه (T.B) جو وڏو حملو ٿي ويو. هو هڪ غار ۾ بچيل ساٿين سان گڏ رهي پيو، جڏهن سندس صحت ڪجهه درست ٿي، ته هن دوستن ۽ ساٿين کي جمع ڪيو ۽ يورپي آبادڪارن جي هڪ وسنديءَ تي حملو ڪيو. جنهن ۾ هڪ پادري، ڪجهه عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ ڪنهن کي به زنده نه ڇڏيو ويو. انهيءَ پلاند وٺڻ کان پوءِ به هن جي صحت ته درست نه ٿي، پر تڏهن به هن ڇاپا مار جنگ جو هڪ وڏو سلسلو جاري رکيو. هن جا ساٿي يورپي آبادڪارن جي وسندين جي پاڻيءَ ۾ زهر ملائي ڇڏيندا هئا ۽ ريلوي لائين وڇائيندڙن تي خوني حملا ڪندا هئا. ڪوچس 1874ع تائين جيئرو رهيو، سندس زندگيءَ ۾ يورپي آبادڪار سندس علائقي تي قبضو نه ڪري سگهيا. هڪ آمريڪي مئگزين لکيو ته: ”ڪوچس پنهنجي مائٽن کي مارڻ جو دشمنن کان اهڙو اثرائتو پلاند ڪيو، جو تمام يورپي آبادڪارن جا فوجي دستا، آبادڪار ۽ واپاري ماڻهو، اپاچي قبيلي جي علائقي مان هميشه لاءِ لڏي ويا.“ ڪوچس جي مرڻ کان پوءِ هن جي قبيلي جا ماڻهو ۽ ساٿي وچ آمريڪا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا، جتي اپاچي قبيلو اڄ به رهي ٿو. هن قبيلي جون پنهنجون ريتون رسمون آهن، جيڪي انتهائي منفرد آهن. اڄ آمريڪا جي فوج پنهنجي هڪ مشهور هيليڪاپٽر جو نالو ”اپاچي“ رکيو آهي، جيڪو مختلف ملڪن سان جنگ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. اڄ به آمريڪا جي ”اريزونا“ شهر جي هڪ پهاڙيءَ ۽ هن جي ڀر ۾ آباد شهر جو نالو “ڪوچس“ آهي. ان ريت بهادر ۽ محب وطن ڪوچس جو نالو دُنيا ۾ اڄ به زندهه آهي.

***

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com