سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو : 2

قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين

 

 

قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين،
ڪهڙا ڪهڙا ڳايان.

گلڙن ۾ گلزارن ۾ تون،
هيرن ۾ تون، هارن ۾ تون،
ڪتين ۾ تون، تارن ۾ تون،
ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾ تون،
سارنگ جي سينگارن ۾ تون،
ساوڻ جي وسڪارن ۾ تون،
گهيڙن ۾ تون، گهارن ۾ تون،
شاخن ۾ تون، ڏارن ۾ تون،
مرڪين ٿو مہ پارن ۾ تون،
دلين ۾ دلدارن ۾ تون،
الفت  جي اظهارن ۾ تون،
شاعر جي اشعارن ۾ تون،
عزت جي اقرارن ۾ تون،
ڪڻڪن جي لابارن ۾ تون،
ساون ساون ٻارن ۾ تون،
هرلن ۾ تون، نارن ۾ تون،
رستن ۾ تون، چارن ۾ تون،
دنيا جي ديدارن ۾ تون.
قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين، ڪهڙا ڪهڙا ڳايان!

 

 

 

 

 

 

****

 

 

”ٻاراڻا ٻول“

 


 

اوسيئڙو ۽ آس

 

 

شهر ويو آهه بابو منهنجو،

منهنجي لاءِ شئي آڻيندو.

شهر ويوآهه بابو منهنجو.

 

مائو، برفي، پيڙا ايندا،

پاڻ اچي کارائيندا،

شهر ويو آهه بابو منهنجو.

 

آڻيندو رانديڪا مون لاءِ،

خوشيءَ منجھان کيڏائيندو،

شهر ويو آهه بابو منهنجو.

 

رئندس جي مان بابو ايندو،

پيار ڏيئي پرچائيندو،

شهر ويو آهه بابو منهنجو.

 

مٺڙو مٺڙو بابو منهنجو،

رب ان کي جيئاريندو،

شهر ويو آهه بابو منهنجو.

 

ٽانگي وارا ٽيشن تي وڃ،

گهوڙا اڄ هڻڪائيندو،

شهر ويو آهه بابو منهنجو.

 

 

”’گل ڦل‘ 2004ع“ ٻاراڻا ٻول

 

 

ريل

بابو صاحب! ٽڪيٽ ڏي مون کي،
چڙهي ريل ۾ ”سکر“ وڃان مان.

ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ريل ڪري ٿي،
ان جي منهن ۾ آڳ ٻري ٿي.

منزل تي ٿي هيءَ رسائي،
دوريءَ کي ٿي ڪيئن گهٽائي؟

ڪونه وڃي ٿو وقت اجايو،
تڪڙو تڪڙو ڇڏي پڄائي.

لمبي لمبي هيڏي ساري،
ڳوري ڳوري ڪاري ڪاري.

ڪوڪ ڪري اطلاع ڏئي ٿي،
ظاهر زينت ساڻ ٿئي ٿي.

هڪڙا چاڙهي ۽ ٻيا لاهي،
اڳتي اڳتي ڪاهيو ڪاهي.


ريل ڏنو آهي سهنج اسان کي،
ڪيڏو هو نه ته اهنج اسان کي.

بابو صاحب! ٽڪيٽ ڏي مون کي،
چڙهي ريل تي ”سکر“ وڃان مان.

 

 

 

 

 

*****

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com