سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو : 4

سهڻي ڳالهه

 

 

عينَ، لامَ، مِيمَ سان دل لڳايو ٻارو،

قاف، لام، ميم، کي پيا وهايو ٻارو.

 

پي، يي، الف، ري پاڻ ۾ گڏجي ڪريو،

نون، في، ري، تي کي جلايو ٻارو.

 

جيم، هي، لام کي باهه ڏيئي ساڙيو،

ميم، الف، نون ڏئي مان پايو ٻارو.

 

ميم، الف ۽ سين چي واه  واه،

خي، دال، الف کي ويهي ڳايو ٻارو،

 

هي، ميم، دل، ري، دال، يي چڱي آهي،

عين، ري، واءُ، ري کي مٽايو ٻارو.

 

ڪاف، واؤ، ڙي، ڪنو لفظ آهي ٻارو،

نون، يي، ڪاف، يي کي ڪمايو ٻارو.

 

چي، واءُ، ري، يي جي چڱي عادت نه آ،

پاڻ کي هن ڏوهه کان پيا بچايو ٻارو.

 

الف، دال، بي، هجي، بي ادب، کي ڇا ڪبو،

ميم، حي، بي، تي کي وڌايو ٻارو.

 

الف، سين، تي، الف، دال جي عزت ڪريو،

ڪاف، تي، الف بي پڙهي پرايو ٻارو،

 

”بي، زي، ميم، يي“ ڳالهه ٿو سهڻي ڪري،

ڳالهه اهڙيءَ کي سدا پيا هنڊايو ٻارو.

 

****

 

”’گل ڦل‘ نومبر 1991ع“

 

 

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو

 

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو،

دل جو گهر سهڻو سجايو ٻارڙو.

 

علم آهي اک ٽين انسان جي،

علم سان ملي ٿو مان جي،

علم رحمت آهي ڪا رحمان جي.

 

علم جي دولت ڪمايو ٻارڙو،

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

 

علم انسان کي عزت ٿو ڏئي،

دين جي دلين کي دولت ٿو ڏئي،

تن بدن کي ڏاڍي طاقت ٿو ڏئي.

 

علم سان ڪو عشق لايو ٻارڙو،

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

 

علم ريءَ انسان ڄڻ حيوان آ،

علم سان دل ۾ ايندو ايمان آ،

حا حديثن ۾ ڏسو فرمان آ.

جھل کي مورئون مٽايو ٻارڙو،

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

 

علم آهي روشنائي راهه جي،

علم سختي ٿو گهٽائي ساهه جي،

علم سان ٿي ڄاڻ ٿي الله جي.

 

هوش ڪو پنهنجو هلايو ٻارڙو،

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

 

علم کي حاصل ڪرڻ هڪ فرض آ،

جھل بڇڙو ۽ برو هڪ مرض آ،

ڀاءُ ”بزمي“ جو اوهان کي عرض آ.

 

پنهنجي قسمت کي بنايو ٻارڙو،

علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

 

******

 

”’گل ڦل‘ سيپٽمبر 1991ع“

 

ٻولي

 

سنڌي آهي سياڻي ٻولي،
مٺڙي هيءَ اباڻي ٻولي.

 

ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي،
راڻين جي سا راڻي لولي.

 

ڳالهائڻ سان گل ٿا ڇڙڪن،
منهنجي گلڙن هاڻي ٻولي.

 

ڪيئن وساريندو ڪو اهڙو،
پنهن جي ساهه سيباڻي ٻولي.
جنهن کي گهوٽ ڀٽائيءَ پاليو،
سچل وت ساماڻي ٻولي.

 

دنيا جي گولي تي آهي،
شان ڀري شاهاڻي ٻولي.

 

چنڊ جيان چمڪي ٿي ”بزمي“
ڏيهن ۾ ڏاڏاڻي ٻولي.

 

 

”’گل ڦل‘ آگسٽ 1991ع“

 

 

 

 

چڱو ٻار

 

لکڻ ۽ پڙهڻ سان وڏو شوق آهي،

تڏهن هر ڪو استاد مون کي ٿو چاهي،

مان اسڪول جو ڄڻ ته سينگار آهيان،

چڱو ٻار آهيان.

 

امڙ ۽ ابي جو چئي وان آهيان،

انهن جو ڳائيندو مان احسان آهيان،

مان تن جي ڳچيءَ جو سونو هار آهيان،

چڱو ٻار آهيان.

 

اُٿي صبح جو ڳُڻ خدا جا ٿو ڳايان،

ڪڍي سينڌ، سرمو اکين ۾ ٿو پايان،

صفائيءَ ۾ سڀني کان نروار آهيان،

چڱو ٻار آهيان.

 

مان ڪسرت جو ڪوڏيو مان جانٺو مان جوڌو،

وڏو ٿي پو ٿيندس مان هوشو يا دودو،

مان ”بزمي“ وطن سان وفادار آهيان،

چڱو ٻار آهيان.

 

****

 

”’گل ڦل‘ جولاءِ 1991ع“

 

ٻارڙن جي ڳالهه

هڪ ”دلاور“ ٻيو ”بهادر“ ٽيون وري ”مهراڻ خان“،

هنن ٽن جي دوستيءَ ۾ ڪونه هو ڪنهن کي گمان.

 

پڙهندا گڏ هئا، رهندا گڏ هئا، کلندا ڪڏندا گڏ هئا،

ياد ڪري پنهنجا سبق هي پوءِ اٿندا گڏ هئا.

 

سلڇڻا توڙي سدورا هي هئا معصوم ٻار،

هڪ ٻئي کان ڪونه ٿيندا هئا گهڙي هڪڙي به ڌار.

 

ڪنن ٻارن وانگي گهٽين ۾ نه هي رلندا هئا،

رات جو ڀي شوق پنهنجي ۾ ويهي پڙهندا هئا.

 

ڪنهن چين ٻارو! اها تڪليف پيا ڇو ٿا ڪريو،

ڇو نه پنهنجن پيئرن جي مدد ويهي ڪا ڪريو.

 

ڇوڪرن مان وڏيري ورندي ڏني همراهه کي،

چاچا سائين! ڇو وڃائين ٿو  اسان جي چاهه کي.

 

ڪر دعا، ڪي علم جون جھوليون ڀريون عالم ٿيون،

ڪجھ پرائي قوم پنهنجيءَ کي ڪوئي آڌار ڏيون.

 

علم جي دولت نه جنهن کي سو وري ڪهڙو بشر،

ڄڻ وڃائي ويٺو پنهن جي زندگيءَ جو هر پهر.

 

پڙهڻ پرجھڻ جھڙي ڪانهي ڳالھ ٻي سوچي ته ڏس،

علم سان ئي روشنائي جڳ ۾ ٿي سوچي ته ڏس.

 

ٻارڙن جي ڳالهه چاچي ربنواز سوچي وتي،

پنهن جي ٻارن جي به ٽولي هن اُتي ڪوٺي وتي.

 

اڄ کانپو هي ٻارڙا منهن جا به گڏجو پاڻ سان،

مان ته غافل هوس ههڙي روشني جي راهه کان.

 

پو ويا اسڪول ڏي سڀ مرڪندا هي ٻارڙا،

آسمان جا تارڙا ۽ گلن جا ڄڻ هارڙا.

 

*********

 

ڳالهه ٻڌايان

آءُ ته ٻالڪ! ڳالهه ٻڌايان توکي،

پنهنجي ديس جي،

ديس اسان جو سنڌڙي آهي،

جنهن ۾ وهندو سنڌو آهي،

لهرون لهرون ڇوليون ڇوليون،

چيهن ۽ طوطن جون ٻوليون

ڪانون ۽ ڪٻرين جون ٽوليون

ساوا ساوا گلشن گلشن

ڌرتي سوني روپو پاڻي

ان جا داڻا ماڻڪ موتي

مٺڙا ماڻهو مٺڙيون ڳالهيون

سهڻيون اکڙيون پير پَڌمڙا

ڳل ۾ ڳاڙها پٽ جا ڳانا

اجرڪ ٽوپي، لوڏ لکاڻي

جاڏي تاڏي خير خبرون

شاهه سچل ۽ مست قلندر

ناد وڄن ٿا نينهن نچي ٿو

پانڌيئڙا ٿا پنڌ پڇائن

جوڌا جنگ جوان سگھارا

ڳاڙها ڳڀروجذبن وارا

ٻار به گلڙن ڦلڙن جھڙا

سيني سڀ لائڻ جهڙا

ڇا ڇا منهنجيءَ سنڌ ۾ ناهي،

سڀ ڪجھ آهي،

آءُ ته ٻالڪ ڳالهه ٻڌايان توکي

پنهنجي ديس جي.

 

 

******

 

 

” ’گل ڦل‘ جون 1991ع“

 

ڀڃ پرولي

هڪڙي ناهيان

لشڪر آهي.

لشڪرجي لئه هڪ گهر آهي،

ظاهر ۾ ننڍڙي آهيان

مصريءَ جي ڄڻ ڳنڍڙي آهيان

منهنجي محنت ڳائڻ جهڙي

منهنجي ملڪيت کائڻ جهڙي

هرڪوکائي

هرڪو ڳائي.

مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟

(ماکيءَ جي مک)

 

(2)              هر گهر ۾ هوندو آهيان.

صاف صفائي ڳڻ آ منهنجو

منهنجي خدمت گهر ٻهڪائي،

۽ ڌرتيءَکي ٿي چمڪائي

مان نه هجان ها

گند هجي ها

ماڻهوءَ جو ڇا مان هجي ها

تڏهن ته مون کي ويٺو بنائي

مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟

(ٻهارو)

 

(3)    منهنجي ياري مان وڌائي،

مان وڌائي شان وڌائي،

غم ۾ ساٿي مان ئي آهيان

ڪنهن کي مان دک ڏيندو ناهيان

منهنجا دشمن

جاهل جاهل

جاڻي تاڻي هوندو آهيان،

ماڻهن جو مان رتبو آهيان

چشمن تي ٿو

هرڪوچائي

مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟

(ڪتاب)

 

(4)    غافل کي هوشيار ڪريان ٿو،

سڀ سان ويٺو ڳالهيان ٿو

ماڻهن کي احساس ڏيان ٿو

عمر جوکاپو

مون وٽ آهي.

وقت جو ماپو مون وٽ آهي،

سڀ جو خدمت گار مان آهيان

گهر جو ڄڻ سينگار مان آهيان

ڀت سان رکيو آهيان لائي

مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟

(گهڙيال)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com