سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو : 8

 

سنڌي زبان اسان جي

 

ماکيءَ کان وڌ مٺي آ،                 سنڌي زبان اسان جي،
ڀاڳن ڀري ڀلي آ،                      سنڌي زبان اسان جي.

 

وسري ويون نه آهن،            جيجل امڙ جون لوليون،
جنهن ٻاجھ مان ڪيون ٿي،   پنهنجي ٻچي سان ٻوليون،
مادر کان هيءَ ملي آ،         سنڌي زبان اسان جي.

 

سنڌي زبان اسان جي،                 سهڻي سڀاڳي آهي،
ويتر ڇڏيو ڀٽائيءَ،             هن کي وڌيڪ ٺاهي،
اڳ کان به اڳ ڀري آ،                 سنڌي زبان اسان جي.

 

ڇلڙو ۽ هو جمالو،                      ڪافيون ۽ بيت وايون،
بيشڪ اسان تي آهن،                 اهڙيون لکين ڀلايون،
ڪنهن پيار سان پلي آ،               سنڌي زبان اسان جي.

 

ڏس فوج ٻاونجاهي،                           آهي وڏو اٽالو،
آهي زبان هن جو،                      بس شان ئي نرالو،
ويچار سان بڻي آ،                     سنڌي زبان اسان جي.

 

آباد رک خدايا!                        سنڌي زبان وارا،
سائين اسان کي گهرجن،              تنهنجا سدا سهارا،
”بزميءَ“ جي بندگي،          سنڌي زبان اسان جي.

 

 

” ’گل ڦل‘ ڊسمبر 1977ع“

 

بهار آيو

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

لڙي ٿا لام تي لڙڪن، بهار آيو، بهار آيو.

 

پٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،

وهي اڄ واهه ٿا وهسن،  بهار آيو، بهار آيو.

 

سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،

ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو.

 

ٿڌيون ٿر جون هوائون ”ڀيرُين“ مان گيت ٿيون ڳائين،

گهلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو.

 

چنبيلي موتيو نرگس گلابي گل ٽڙيا آهن،

اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو.

 

پپيهو ٻول ٿو ٻولي، ڪري ڪوئل ٿي ڪُو ڪُو ڪُو،

ڀؤنر ڏس ڌار ٿا ڀڻڪن، بهار آيو، بهار آيو.

 

سنباهي هر هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجن کيتن تي،

سنهري سنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو.

 

ترايون تار ٿيون آهن نه ”بزمي“ غم رهيو آهي،

مهاڻا مير ٿا مرڪن، بهار آيو، بهار آيو.

 

******

 

 

” ’درسي ڪتاب‘ سال 2002ع“

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com