سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 4

ماءُ جو ادب

حضرت بايزيد بسطامي رحه هڪ الله جو پيارو ٻانهو ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ استادن جو تمام گهڻو ادب ڪندو هو. هڪ ڀيري سندس ماءُ کانئس پاڻي گهريو. پنهنجي ماءُ کي پاڻي پيارڻ لاءِ هن هڪدم گهُگهي اُٿلائي ڏٺي، ته اها خالي هئي، پوءِ وري وڃي مَٽ ڏٺائين، ته اهو به خالي هو. نيٺ تڪڙو تڪڙو درياهه تي ويو ۽ اُتان پاڻي ڀري آيو. پر جڏهن پاڻي ڀري ماءُ وٽ آيو ته اُها ننڊ ۾ هئي، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. هو پاڻيءَ جو پيالو هٿن ۾ جهليو بيٺو رهيو. آخر گهڻي دير کان پوءِ سندس ماءُ سجاڳ ٿي، ۽ بايزيد رحه کان پاڻي وٺي پيتائين.

جڏهن هن ڏٺو، ته سندس پٽ ادب سان پاڻيءَ جو پيالو جهليو بيٺو هو، ته پٽ جي اهڙي پيار ۽ ادب تي گهڻو خوش ٿي؛ پر ان ڳالهه جو ڏک به ٿيس، ته سندس پٽ پنهنجي ننڊ ڦٽائي بيٺو رهيو. تنهنڪري بايزيد کي چيائين ته ”پٽ! ايڏي تڪليف ڇو ڪيئي؟ پيالو منهنجي ڀرسان ئي رکي ڇڏين ها ۽ مان جڏهن ننڊ مان اُٿان ها، ته پاڻ ئي پاڻي پِي ڇڏيان ها.“ بايزيد رحه جواب ڏنو ته ”اَمان، مون ان لاءِ پاڻي رکي نه ڇڏيو، جو سوچيم ته تون پاڻي گهرين ۽ مان بيٺو نه هجان، اها ڳالهه مون کي نه وڻي.“ اهو ٻڌي سندس ماءُ تمام گهڻي خوش ٿي ۽ کيس دعائون ڏنائين. ان کان پوءِ کيس چيائين ته ”در جو اڌ کولي ڇڏ.“

حضرت بايزيد رحه در جو اڌ کولي ڇڏيو، پر پاڻ ساري رات جاڳندو رهيو ته جيئن متان هوا ۾ در صفا بند نه ٿي وڃي، يا اڌ کان گهٽ يا وڌيڪ کليل نه رهجي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته پوءِ هن سوچيو ته بي چيو چئبس ۽ بي ادب ليکبس. تنهنڪري هو ساري رات جاڳندو رهيو ۽ ان ڳالهه جو خيال ڪندو رهيو، ته در جو اڌ کليل هجي. بايزيد رحه جي اهڙي ادب تي الله پاڪ تمام گهڻو راضي ٿيو. حضرت بايزيد رحه جو چوڻ آهي، ته جيڪو هو ورهين جا ورهيه اُلڪ ملڪ ڳوليندو رهيو، سو کيس هڪ ئي رات ماءُ جي ادب ڪرڻ سان ملي ويو. هن ماءُ جي خدمت ڪري، الله پاڪ جو راضپو حاصل ڪيو.

ماءُ

انساني ناتي ۾ ماءُ کان وڌيڪ پياري ٻي ڪابه شيءِ ڪانه آهي، ماءُ جا پنهنجي اولاد تي ايترا ته ٿورا آهن، جو سندس اولاد اهي ٿورا ساري ڄمار ۾ به لاهي نه ٿو سگهي. قرآن مجيد ۾ ماءُ سان چڱائي ڪرڻ لاءِ تاڪيد فرمايو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو هُوءَ ٻار کي پنهنجي پيٽ ۾ رکي ٿي ۽ وڏي ڏک ۽ سُورن سان کيس ڄڻي ٿي. ان کان پوءِ پنهنجي ننڊ ڦٽائي پاڻ کي ڏکيو رکي کيس سُکيو رکي ٿي.

جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ماءُ- پيءُ جو رُتبو تمام وڏو آهي، پر انهن ٻنهي ۾ ماءُ جو رُتبو وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي اولاد کي سيني سان لائي، پنهنجو رت کيس کير جي صورت ۾ پياري ٿي ۽ سندس پالنا ۾ پنهنجي هر خوشي، اُن جي خوشيءَ تان گهوري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي پياري نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو آهي ته ”انساني ناتي ۾ ماءُ جو سڀ کان وڏو رتبو آهي، ۽ ٻئي نمبر تي پيءُ جو رتبو آهي.“ جيئن ته انهن جي محنت ۽ ڪوشش سان اولاد وڏي درجي تي پهچي ٿو، تنهنڪري مذهب ۾ ماءُ- پيءُ جي عزت، خدمت ۽ فرمانبرداري اولاد لاءِ فرض آهي.

اسلام ۾ ماءُ- پيءُ جي ادب جو وڏو تاڪيد ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو سندن ڳالهه ٻولهه تي اُف به نه چوڻو آهي. اولاد جو فرض آهي، ته هو سندن ادب ۾ رهي ۽ سندن دعائون کَٽي. جنهن پنهنجي ماءُ- پيءُ کي خوش ڪيو، اُن ڄڻ ته خدا تعالى کي خوش ڪيو.

 

 

ماءُ جي نافرماني

جيڪو اولاد پنهنجي ماءُ جو ادب ڪري ٿو، سو چڱن لڇڻن وارو چئبو، پر جيڪو ماءُ جو ادب نٿو ڪري، سو خراب لڇڻن وارو سمجهيو ويندو. حضرت نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ڪيترائي ڀيرا پنهنجن صحابين کي ماءُ جي ادب جو تاڪيد ڪيو. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن کي ڪنهن شخص عرض ڪيو ته ”اي خدا جا رسول صلي الله عليه وآلهٖ وسلم مون کي سڀ کان وڌيڪ سهڻو سُلوڪ ڪنهن سان ڪرڻ گهرجي؟“ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو ته ”توکي پنهنجي ماءُ سان سڀ کان وڌيڪ سهڻو سُلوڪ ڪرڻ گهرجي.“ ان شخص وري عرض ڪيو ته ”ان کان پوءِ؟“ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو ته ”پنهنجي ماءُ سان سهڻو سُلوڪ ڪرڻ گهرجي.“ ان شخص ٽي ڀيرا ساڳيو سوال ڪيو. مِٺي مدني صلي الله عليه وآلهٖ وسلم کيس هر ڀيري اها ئي هدايت ڪئي ته ”تون پنهنجي ماءُ سان سڀ کان وڌيڪ سهڻو سُلوڪ ڪر.“ ان شخص وري چوٿون ڀيرو به ساڳيو عرض ڪيو ته نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو ته ”پنهنجي پيءُ سان سهڻو سُلوڪ ڪر.“

ان مان اها ڳالهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي، ته سڀ کان وڌيڪ ماءُ جو ادب ڪرڻ گهرجي. اهڙي ريت سڀ کان وڌيڪ سهڻو سُلوڪ پنهنجي ماءُ سان ڪرڻ گهرجي، ۽ ان کان پوءِ پنهنجي پيءُ سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ گهرجي.“

هڪ ڀيري نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم فرمايو ته ”سڀ کان وڏا چار گناهه آهن.“ صحابين عرض ڪيو ته ”اي خدا جا رسول صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، انهن چئني ۾ سڀ کان وڏو گناهه ڪهڙو آهي؟“ نبي سڳوري فرمايو ته ”سڀ کان وڏو گناهه ماءُ جي نافرماني آهي.“ پاڻ سڳورن اهو به فرمايو ته ”خدا تعالى توهان تي ماءُ جي نافرماني حرام ڪئي آهي.“

ٻئي ڀيري هڪ شخص اچي نبي سڳوري کي عرض ڪيو ته ”اي مديني جا ڄام صلي الله عليه وآلهٖ وسلم مون کان هڪ وڏو گناهه ٿي ويو آهي، ڇا مون لاءِ ڇوٽڪاري جي واٽ آهي؟“ حضور جن پڇيس ته ”ڇا تنهنجي ماءُ جيئري آهي؟“ هن عرض ڪيو ته ”نه سائين، منهنجي ماءُ گذاري وئي آهي.“ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم وري پڇيس ته ”ڀلا ماسي جيئري اٿيئي؟“ ان شخص چيو ته ”هائو سائين، منهنجي ماسي جيئري آهي.“ تنهن تي نبي سونهاري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم چيس ته ”وڃ، وڃي پنهنجي ماسيءَ سان چڱائي ڪر، اها ئي تنهنجي توبهه آهي ۽ ان ئي طريقي تنهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو.“ پوءِ اهو شخص پنهنجي ماسيءَ جي خدمت ڪندو رهيو.

اسان کي کپي ته نه صرف پنهنجي مِٺڙي ماءُ جو ادب ڪريون. پر پنهنجي ماءُ جي ڀينرن يعني ماسين جو به پورو پورو ادب ڪريون.

 

ماءُ جا ٿورا

ڪوبه اولاد، ماءُ جي هڪ رات جي اوجاڳي جو ٿورو سڄي ڄمار لاهي نٿو سگهي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي ماءُ سان ڪا چڱائي ڪن ٿا ته ان کي وڏو ٿورو سمجهن ٿا. جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا، سي ڀُليل آهن.

هڪ ڀيري مِٺي محمد صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي ڪچهري ۾ هڪ شخص اچي پنهنجي ماءُ خلاف دانهن ڏني. هو چوڻ لڳو ته ”اي رسول سڳورا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، منهنجي ماءُ ڏاڍي چَنڊي آهي. هوءَ مون کي ڏاڍا ڏک ڏئي ٿي.“ تنهن تي حضور پاڪ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ان شخص کي چيو ته ”تنهنجي ماءُ توکي پورا نوَ مهينا ڏکن ۽ تڪليفن سان پنهنجي پيٽ ۾ رکيو، ان وقت اها چنڊي ۽ ڏکوئيندڙ ڪانه هئي، ۽ هينئر هوءَ ڪَٺور ٿي پئي آهي؟“ ان شخص وري به دانهن ڪئي ته ”اي خدا جا رسول صلي الله عليه وآلهٖ وسلم، مان سچ ٿو چوان، ته هوءَ ڏاڍي نڀاڳي ٿي وئي آهي.“ حضور جن کيس چيو ته ”هن ٻه ورهيه پيار ۽ محبت سان توکي کير پياريو، راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري توکي سُک پهچايو ۽ ڏينهن جا ڏينهن ڪشالا ڪڍي پاڻ ڏکي ٿي، توکي سُکيو رکيائين، ان وقت هوءَ نڀاڳي ڪانه هئي، پر هاڻي نڀاڳي ٿي پئي آهي؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com