سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 8

 

والدين جي خدمت

هڪ ڀيري پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ماءُ- پيءُ جي اطاعت جي ثواب کي هڪ سهڻي قصي ذريعي بيان فرمايو: حضور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايو ته ”ٽي مسافر واٽ وٺيو پئي ويا ته ايتري ۾ سخت مينهن وسڻ شروع ٿيو.

ٽنهي ڀڄي وڃي هڪ جبل جي غار ۾ پناهه ورتي. قضا سان هڪ ڇپ مٿان کان ائين ڪري، جو ان سان غار جو منهن بند ٿي ويو. هينئر کين پنهنجو موت اکين آڏو نظر اچڻ لڳو. ان وقت هن الله پاڪ کان دعا گهرڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا. هرهڪ چيو ته ’هن وقت هرهڪ کي خدا پاڪ جي حضور ۾ پنهنجي خالص نيڪيءَ جو واسطو ڏيڻ کپي.‘

هڪ چيو، ’اي مولى، تون ڄاڻين ٿو، ته منهنجي ماءُ- پيءُ ڪراڙا هئا ۽ منهنجا ننڍڙا ٻچڙا هئا. مان ٻڪريون چاريندو هوس ۽ ان تي ئي انهن جي روزيءَ جو سهارو هو. مان شام جو جڏهن ٻڪريون ڪاهي گهر ايندو هوس، ته کير ڏُهي پهريائين پنهنجي ماءُ- پيءُ کي آڻي ڏيندو هوس. جڏهن اهي پِي وٺندا هئا، تڏهن پنهنجن ٻارن کي پياريندو هوس.

هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته مان ٻڪرين چارڻ لاءِ پري نڪري ويس. واپس ٿيس ته منهنجا ماءُ- پيءُ سمهي رهيا ۽ کين ننڊ اچي ويئي هئي. مان کير ڏهي سندن سيرانديءَ کان بيهي رهيس. انهن کي جاڳايان به نه پيو ته جيئن سندن آرام ۾ خلل نه پوي ۽ نه وري پري ٿي ٿيس، ته متان جاڳي پون ۽ کيرُ گهرن. ٻار بک کان ڦٿڪي رهيا هئا، پر مون نٿي چاهيو ته منهنجي ماءُ- پيءُ کان پهرين منهنجا ٻار ڍؤ ڪن. مان اهڙي ريت پيالي ۾ کير وجهي ساري رات سندن سيرانديءَ کان بيٺو رهيس ۽ هو آرام ڪندا رهيا. اي الله! تون ڄاڻين ٿو ته مون اهو سڀ ڪجهه تنهنجي راضپي لاءِ ڪيو هو، تون هن غار جي منهن تان هن ڇپ کي هٽاءِ!‘

ائين چئي بس ڪيائين ته ڇپ خودبخود چرڻ لڳي ۽ غار جي منهن کان ٿورو سرڪي وئي. ان کان پوءِ ٻين به پنهنجا نيڪ ڪم ڳڻائي، انهن جو واسطو ڏيئي الله پاڪ کان دعا گهري.

نيٺ اها ڇپ غار کان سرڪي وئي ۽ ٽيئي مسافر سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري پنهنجي گهر پهچي ويا.“

هن قصي مان اهو سبق ملي ٿو، ته جنهن شخص پنهنجي ماءُ- پيءُ جي خدمت ڪئي، سو جيڪڏهن ڪنهن اوڙاهه ۾ اچي پوندو ته به رب پاڪ ماءُ جي خدمت سبب مهربان ٿي، کيس اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍندو. مطلب ته ماءُ- پيءُ جي خدمت هر مصيبت مان پار پهچائي ٿي ۽ سڀ مشڪلون آسان ڪري ڇڏي ٿي.

 

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

ڳالهه ڪن ٿا ته ڪنهن شخص جو پيءُ بيمار ٿي پيو. هن گهڻو ئي علاج ڪرايو، پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو. سندس بيماري سالن جا سال هلي. سندس پٽ منڍ ۾ ته سندس ٽهل ٽڪور ڪندو رهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هو به ڪڪ ٿي پيو. هڪ ڏينهن سندس گهرواري به بيزاريءَ مان کيس چيو ته ”اهو مئو نه مري ٿو نه منجو ٿو ڇڏي، ڪنهن نموني ڪڍيس ڪُٽڪو ته جان ڇٽي.“

سندس پٽ ڇا ڪيو جو هڪ ڏينهن کيس ڍڳي گاڏيءَ تي ويهاري هڪ طرف وڃڻ لڳو. پيءُ پڇيس ته ”ابا، ڪهڙي ڊاڪٽر ڏي وٺي ٿو هلين؟“ هن وراڻيو ته ”هڪ ڊاڪٽر جو ڏس مليو آهي، جيڪو ولايت پڙهي آيو آهي، اڄ توکي ان ڊاڪٽر ڏي وٺي ٿو هلان.“ سندس پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو. هلندي هلندي سندس پٽ کيس هڪ گهاٽي جهنگ ۾ وٺي آيو ۽ اتي اچي گاڏي بيهاريائين. ڏاند پاڃاريءَ مان کولي هڪ وڻ سان ٻڌائين. پوءِ پنهنجي پيءُ کي هيٺ لاهي، پرڀرو وڃي هڪ وڻ جي پاڙ ۾ سمهاري، ڏاند ڪاهي وڃڻ لڳو. وڃڻ وقت پيءُ ڏي نهاريائين ته هُو کلي رهيو هو. اهو ڏسي کيس تعجب ٿيو ۽ کائنس پڇيائين، ته ”مان ته توکان بيزار ٿي توکي هتي سڃ ۾ ڇڏيو پيو وڃان ۽ تون وري کلي رهيو آهين، ڇا سبب آهي؟“ سندس پيءُ وراڻيو ته ”پٽ، مون به تنهنجي ڏاڏي يعني پنهنجي پيءُ جي ڊگهي بيماريءَ کان ڪڪ ٿي کيس اتي ئي سڃ ۾ ڇڏيو هو، جتي هو مري کپي ويو. اڄ ان نافرماني جو بدلو مون کي ملي رهيو آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن تنهنجو پٽ به توکي اچي هن سُڃ ۾ اڪيلو ڇڏي ويندو. ڇو ته ماءُ- پيءُ جي نافرماني جو بدلو ضرور ملي ٿو.“

اهو ٻڌي سندس پٽ ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ کان معافي وٺي کيس موٽائي گهر آندائين. گهر اچي هڪ وڏي ڊاڪٽر کان ان جو علاج ڪرايائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن کي فائدو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ آخر هڪ ڏينهن چڱو ڀلو ٿي پيو. سندس پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.

 

هڪ نيڪ ٻانهي جي ڳالهه

چون ٿا ته الله تعالى جو هڪ نيڪ ٻانهو عبادت سان گڏ پنهنجي مٺڙي ماءُ جي خدمت ڪندو رهندو هو. هڪ ڀيري پنهنجي ماءُ کان حج ڪرڻ جي موڪل گهريائين. ماڻس کيس چيو ته ”پٽ، مان ڪراڙي آهيان، تون هن عمر ۾ مون کي ڇڏي ويندين ته منهنجي سارسنڀال ڪير لهندو؟ تنهنڪري هن سال حج ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏ، آئندي ڏٺو ويندو.“

اهو نيڪ شخص هر سال پنهنجي ماءُ کان حج ڪرڻ جي اجازت گهرندو هو؛ پر ماڻس کيس موڪل نه ڏيندي هئي. ائين چار- پنج سال لنگهي ويا. نيٺ هڪ ڀيري هن تنگ اچي، ماءُ جي موڪل کان سواءِ حج ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. سفر جو سامان سنباهي  رکيائين. جيئن ئي حج جا ڏهاڙا ويجها آيا، ته هُو سهي سنڀري حج تي روانو ٿيو. جيئن ئي گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هو، ته سندس ٻڍڙيءَ ماءُ کيس گهڻو ئي روڪيو. کيس چيائين ته ”پٽ، هن سال نه وڃ، ايندڙ سال وڃجانءِ، پر هو کيس چوڻ لڳو ته ”امان، تون هر

سال ائين چوندي آهين.“ ماءُ کيس گهڻيون ئي منٿون ڪيون ڪيون پر، هن سندس هڪ به نه مڃي. هُو ماءُ کي رُئندو ڇڏي، حج ڪرڻ هليو ويو. ان تي سندس ماءُ کي ڏاڍو ڍک ٿيو ۽ ناراضگيءَ وچان سندس زبان مان پاراتو نڪتو. هوءَ چوڻ لڳي ته ”پٽ، مون کي ڏک ۾ اڪيلو ڇڏيو ٿو وڃين، تون به سُک جو ساهه نه کڻدين.“

سندس پٽ سفر ڪندي، رات جو اچي هڪ مسجد ۾ ٽڪيو. ٿوري ننڊ ڪري اٿي وضو ڪيائين ۽ نفل پڙهڻ لڳو.

 

ان مسجد جي ڀرسان هڪ گهر هو، جتي هڪ چور چوري ڪرڻ لاءِ اندر گهڙيو. جيئن ئي سامان ميڙي هڙ ٻڌي، وڃڻ وارو هو ته گهر جا ڀاتي (ڀاڳيا) جاڳي پيا. چور ٻي ڪا واهه نه ڏسي مسجد اندر گهڙي ويو. ان وقت هو نيڪ ٻانهو عبادت ڪري رهيو هو. ان کي ڏسي چور ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم چورايل سامان واري هڙ ان جي اڳيان اڇلائي، پاڻ کسڪي هليو ويو. ڀاڳيا (گهر جا مالڪ) چور جي پٺيان ڊوڙندي، جيئن ئي مسجد ۾ آيا ته ڇا ڏسن ته هڪ شخص عبادت ۾ مشغول آهي ۽ چوريءَ وارو سامان سندس اڳيان پيو آهي. هو سوچڻ لڳا ته هيءُ ڪو وڏو چالاڪ چور آهي جو چوري ڪري، ڀڄڻ جي ٻي واهه نه ڏسي عبادت ۾ لڳي ويو آهي.

جڏهن هن سلام ڦيرايو ته کيس گهيلي مسجد مان ٻاهر وٺي ويا ۽ مٿس موچڙن جو مينهن وسائي ڏنائون. صبح جو کيس شهر جي حاڪم وٽ وٺي ويا ۽ ان کي پيرائتو احوال ڪري ٻڌايائون ۽ آخر ۾ عرض ڪيائون ته ههڙي چور کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. شهر جي حاڪم حڪم ڪيو ته هن جو منهن ڪارو ڪري، کيس اُبتو گڏهه تي ويهاري ساري شهر ۾ ڦيرايو وڃي ۽ ان سان گڏ اهو به پڙهو ڏياريو وڃي، ته جيڪو شخص اهڙو ڏوهه ڪندو ته ان کي اهڙي سزا ملندي. تنهن تي ان شخص چيو ته ”ترسو، اهو پڙهو هن ريت ڏياريو وڃي، ته ’جيڪو شخص پنهنجي ڪراڙي ماءُ جي موڪل کان سواءِ حج ڪرڻ ويندو، ته ان سان ائين ئي ٿيندو، جيئن مون سان ٿيو آهي‘.“

اسان کي گهرجي ته ڪهڙو به چڱو ڪم ڇو نه ڪريون، پر ماءُ کي ناراض نه ڪريون. جيڪڏهن ماءُ جيئري آهي جيستائين اها حج تي وڃڻ جي موڪل نٿي ڏئي، تيستائين حج تي وڃڻ نه گهرجي، ڇو ته حج ڪرڻ کان ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۽ کيس راضي رکڻ ۾ وڏو ثواب آهي، جيستائين ماڻهو پنهنجي ماءُ- پيءُ کي راضي نٿو ڪري، تيستائين ان جي ڪابه عبادت يا دعا الله تعالى وٽ قبول نه ٿي پوي.

 

مولانا عبيدالله سنڌي

اسان جي سونهاري سنڌ ۾ ڪيترائي بزرگ، عالم ۽ ڏاها انسان ٿي گذريا آهن. انهن پنهنجي قوم جي سجاڳي ۽ ساڻيهه جي سڌاري لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون، تنهنڪري سندن نالو سدائين روشن آهي. مولانا عبيدالله سنڌي به اهڙن انسانن مان هڪ هو. پاڻ پنجاب جو ويٺل هو ۽ سک گهراڻي مان هو، پر پوءِ اسلامي ڪتاب پڙهيائين، جن جو مٿس گَهرو اثر ٿيو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن مسلمان ٿيو.

علم جي ڳولا ۾ پنجاب ڇڏي سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ سان اهڙي دل لڳي ويس، جو پاڻ کي عبيدالله سنڌي سڏائڻ لڳو.

هو جڏهن پير جهنڊي واري مدرسي ۾ پڙهائيندو هو، تڏهن ان وقت سندس ماءُ به ساڻس گڏ رهندي هئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار هو. هو پنهنجي ماءُ جو تمام گهڻو ادب ڪندو هو. سندس ماءُ پنهنجن ابن ڏاڏن وارو مذهب پڇاڙيءَ تائين ڪونه ڇڏيو. مولانا صاحب پنهنجي ماءُ جي تمام گهڻي خدمت ڪندو هو. سندس هر چوڻ مڃيندو هو، هُوءَ جيڪا به شيءِ گهرندي هئي، سا کيس آڻي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ کي مسلمان ٿيڻ لاءِ منٿ ڪندو هو، ته هوءَ ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڌڪ هڻندي هئي، پر ڪراڙپ ۽ ڪمزور هجڻ سبب سندس ڌڪ مولانا کي ڪونه لڳندا هئا.

اسان کي گهرجي ته هميشه ماءُ جو ادب ڪريون، هُوءَ ناراض ٿئي ته اسان مٿس ناراض نه ٿيون، پر خوشيءَ سان سندس ڪاوڙ سهندا رهون، ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي.

 

شيخ عبدالقادر جيلاني رح

شيخ عبدالقادر جيلاني رح الله پاڪ جو پيارو ٻانهو هو. کيس ”پيران پير دستگير“ به چيو ويندو آهي. هُو جڏهن ننڍي ڄمار جو هو ته بغداد جي هڪ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ پنهنجي ماءُ کان موڪل گهريائين. سندس ماءُ سڳوريءَ کيس پڙهڻ جي موڪل ڏني؛ پر کيس نصيحت ڪيائين ته ”پٽ، سدائين سچ ڳالهائجانءِ ۽ ڪوڙ جي ويجهو به نه وڃجانءِ.“

شيخ عبدالقادر جيلاني رح هڪ قافلي سان گڏ روانو ٿيو. جڏهن قافلي وارا وچ پنڌ تي پهتا، ته اوچتو ڪي ڌاڙيل سڀني جو سامان ڦريندا رهيا، پر جيئن ته شيخ عبدالقادر جيلاني رح سادا ۽ غريباڻا ڪپڙا پهريل هو، تنهنڪري ڌاڙيلن سمجهيو، ته هن نينگر وٽ ڪو قيمتي سامان ڪونه هوندو. ان هوندي به هڪ ڌاڙيل کائنس پڇيو ته ”ڇوڪرا، تو وٽ ڪهڙو مال آهي؟“ شيخ عبدالقادر جيلاني رح بي ڊپائي سان جواب ڏنس ته ”مون وٽ چاليهه اشرفيون آهن.“ ڌاڙيل کي تعجب لڳو ۽ سندس منهن ۽ ڪپڙن کي ڏسڻ لڳو. ڌاڙيل کي يقين ته ڪونه آيو، هن سمجهيو ته ڇوڪرو ڪُوڙ ڳالهائي رهيو آهي، پر گهڙي گهڙي پڇڻ سبب شيخ عبدالقادر جيلاني رح پنهنجي صدريءَ ۾ سبيل چاليهه اشرفيون ڪڍي ان ڌاڙيل جي آڏو رکيون، ته جيئن کيس يقين اچي ته برابر هن وٽ چاليهه اشرفيون آهن.

ڌاڙيل شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي سچائي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ۽ کيس پنهنجي سردار وٽ وٺي ويا. هن ڌاڙيل پنهنجي سردار کي پيرائتو احوال ڪري ٻڌايو. ان سردار جڏهن اهو سارو قصو ٻڌو ته حيرت ۾ پئجي ويو ۽ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ کان پڇيائين ته ”اي ڇوڪرا، تو سچ ڳالهائي اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، آخر ڪهڙو سبب آهي جو تو سچ ڳالهايو“ شيخ عبدالقادر جيلاني رح جواب ڏنو ته ”مان پنهنجي ماءُ جو تمام گهڻو ادب ڪندو آهيان. سفر تي اُسهڻ مهل هُن مون کي نصيحت ڪئي هئي ته ’پٽڙا، سدائين سچ ڳالهائجانءِ، ڪوڙ جي ويجهو به نه وڃجانءِ.‘ مان پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهيان ۽ سندس هر ڳالهه مڃيندو آهيان، اهو ئي سبب آهي جو مون سچ ڳالهايو.“ شيخ عبدالقادر جيلاني رح جي ههڙي سچائي ۽ بي ڊپائي ڏسي، سڀني ڌاڙيلن توبهه ڪئي ۽ نيڪ ٻانها بڻجي ويا.

جيڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ جو چيو مڃي ٿو، سو ڪڏهن به ڏکيو نٿو ٿئي ۽ سدائين سُکي ۽ سرهو رهي ٿو. شيخ عبدالقادر جيلاني رح جي هن قصي مان اسان سڀني کي اهو سبق ملي ٿو، ته سدائين سچ ڳالهائجي ۽ پنهنجي مٺڙي ماءُ جو چيو مڃڻ گهرجي، ڇو ته جيڪو ماءُ جو چيو نه مڃيندو، سو سدائين ڏک ڏسندو رهندو ۽ ڪڏهن به سُک جو ساهه نه کڻندو.

---------

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com