سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 10

باوجود ايتري علم ۽ ڄاڻ جي، سـُندر ٻائيءَ ۾ هـَٺُ ۽ وڏائي ڪانه هئي ۽ پنهنجي سهيلين سان راند روند ۽ ٻين ڳالهين ۾ شرمائيندي ڪانه هئي. هوءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سهيلين سان گڏ، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ راند ڪري رهي هئي، انهيءَ باغ جي خوبصورتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڄي باغ ۾ وڏا وڏا وڻ هئا، جن جي ڇانوَ ڏاڍي گهاٽي ۽ ٿڌي هوندي هئي. ان ۾ بهترين خوشبوءَ وارا عجيب عجيب گلن جا ٻوٽا هوندا هئا، جن جو هڳاءُ پري پري تائين پهچندو هو. اهڙي ٿڌڪار ۽ خوشبوءِ جي وچ ۾ محلات جي عمارت هئي، جنهن ۾ ان وقت جي معلومات مطابق، سڀئي عيش ۽ آرام جون شيون موجود هيون. اهڙي محلات ۾ ڏينهن جي گرمي گذارڻ کان پوءِ، سندر ٻائي پنهنجي سهيلين سان گڏ باغ ۾ کيڏي رهي هئي.

خدا جي قدرت اهڙي ٿي، جو ان ڏينهن ولڀپرا جو راجڪمار بير سنگ به اوڏيءَ مهل اُتي اچي سهڙيو. ڏينهن جو شڪار جي خيال سان پنهنجي دوستن سان نڪتو هو ۽ جهنگ ۾ دوستن کان جدا ٿي هتي اچي پهتو هو. هو آرام ڪرڻ جي ارادي سان راجا ڪيسر سنگ جي باغ ۾ لنگهي آيو هو ۽ گهاٽن وڻن جي جهڳٽي هيٺ ليٽي پوڻ لاءِ گهوڙي جو هنو لاهي، ٽپڙ وڇايو هئائين. اڃا سمهڻ وارو ئي هو ته ڀرسان ڪنهن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌائين، جنهنڪري پنهنجي ٿـَڪَ کي وساري ان آواز طرف وڌڻ لڳو. چاهيائين ٿي ته اُتي وڃي پاڻ به راڳيندڙن سان شريڪ ٿي تفريح وٺي، ليڪن انهن جي ڀرسان پهچڻ تي ڏٺائين ته ڇوڪرين جي ٽولي ڳائي رهي هئي، تنهنڪري انهن وٽ وڃڻ بير سنگ کي چڱو نظر نه آيو ۽ وڻن جي اوٽ ۾ ويهي ڇوڪرين جا گيت ٻڌڻ لڳو.

جڏهن ڇوڪرين گيت ڳائڻ ختم ڪيا، تڏهن سڀيئي پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳيون. هڪ چيو: ”جڏهن مان شادي ڪنديس، تڏهن پنهنجي مڙس کي پاڻ سان نرميءَ سان هلڻ سيکارينديس. اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو ته مڙس پنهنجي زال کي جـُتيءَ وانگر لتاڙيندو رهي ٿو، حالانڪ زال کان سواءِ مرد بيڪار آهي.“ اِهو ٻڌي شهزادي سندر ٻائي چوڻ لڳي ته: ”تون درست چوين ٿي. ليڪن مون ته شهزادي بير سنگ سان شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي جو ولڀپرا جي راجا جو پٽ آهي. شاديءَ کان پوءِ مان کيس اهڙيءَ طرح هلائينديس جو هو ٻيءَ ڪنهن به عورت ڏانهن نه نهاريندو ۽ جيڪڏهن هـُن مون کي منهنجي خواهش مطابق نه هلايو ته پوءِ مان کيس پنهنجي بهادري ۽ جرئت سان اهو ڏيکارينديس ته عورت مرد کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي. ان کان پوءِ ته يقيناَ َ شرم وچان مون سان محبت ڪرڻ ۽ منهنجي عزت ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ منهنجي چوڻ مطابق هلندو.“ ان کان پوءِ ٽينءَ ڇوڪريءَ چيو ته: ”توکي ان ڳالهه جو يقين ٿي سگهي ٿو ته راجڪمار ٻي زال ڪين پرڻبو؟“

راجڪمار بير سنگ هي سموريون ڳالهيون ڪـَن لائي ٻڌي رهيو هو. هو ڇوڪرين جي ڳالهائڻ مان اهو اندازو لڳائي ويو ته ٻيو نمبر ڳالهائيندڙ ڇوڪري ڪماري سندر ٻائي هئي. تنهنڪري هـُن اُتي وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيو. راجڪمار جلديءَ ۾ باغ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ هـُن هڪ دفعو سندر ٻائيءَ کي ڏٺو_ ڇا سندس سونهن هئي! راجڪماريءَ جو منهن چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر گول ۽ روشن هو ۽ پوري بناوت لاثاني هئي.

راجڪمار گهوڙي تي هنو رکي ۽ لغام سنڀاليو. جڏهن ٻاهر آيو، تڏهن ماڻهن کان ان باغ بابت پڇيائين، جن ٻڌايس ته اُهو باغ سندر ٻائيءَ جو آهي. ان تي کيس يقين ٿيو ته مٿي ڳالهائيندڙ سندر ٻائي هئي، جنهن جي سونهن ۽ علم گهڻو مشهور هو. بس، پوءِ ته پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته سندر ٻائيءَ کي پنهنجي ڪنوار ضرور بڻائيندس.

گهر پهچڻ کان پوءِ راجڪمار کي آرام نه پئي آيو. هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته مان ڪيسر سنگ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. راجا کي معلوم هو ته ولڀپرا ۽ سيلا جا خاندان سماجي طرح هڪ ٻئي جو مٽ ثاني هئا، تنهنڪري مـِٽيءَ لاءِ ڪيسر سنگ ڏانهن هڪ پنڊت موڪليائين، جنهن وڃي ٻڌايو ته ولڀپرا جي راجا جي خواهش آهي ته سندس پٽ جي شادي راجڪماري سندر ٻائيءَ سان ٿئي. هي احوال ٻڌي ڪيسر سنگ، سندر ٻائيءَ جو سڱ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ ان کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي ويئي ۽ راجڪماري سندر ٻائيءَ کي راجائي سواريءَ ۾ راجڪمار بيرسنگ جي محلات ۾ پهچايو ويو.

نوجوان راجڪمار، سندر ٻائيءَ جو اهو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو، جنهن جو هوءَ پنهنجي سهيلين سان واعدو ڪري چڪي هئي، تنهنڪري راجڪماري ڄاڻي واڻي پهرينءَ رات سندر ٻائيءَ جي ويجهو نه ويو، جنهن تي هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سندس ٻانهين ۽ سهلين کي ان کان به وڌيڪ حيرت لڳي. ليڪن راجڪماريءَ ان غم کي پنهنجي منهن تي آڻڻ نه ڏنو، خوشيءَ ۽ اطمينان سان گذارڻ لڳي.

هڪ ڏينهن راجڪماريءَ جي ساهيڙيءَ کيس چيو ته اڄ نئين سال جو ڏينهن آهي ۽ مندر ۾ ماڻهن جو وڏو مجموعو لڳو آهي، تون به اسان سان گڏجي هلي اهو ڏس. ائين ڪرڻ سان تنهنجي طبيعت ۾ به تبديلي ايندي. اهو ٻڌي سندر ٻائي تياري ڪئي ۽ راجائي سواريءَ ۾ پنهنجي سهيلين ۽ ٻانهن سان گڏ مندر ۾ پهتي. اهو بندوبست ڪيو ويو هو ته جنهن وقت راجڪماري مندر ۾ اندر داخل ٿئي، ان وقت ڪو به مرد ماڻهو اندر نه ڇڏيو وڃي. جڏهن سندر ٻائيءَ جي هن روانگيءَ جي خبر بير سنگ کي پيئي ته ان به پنهنجي دربانن سان گڏجي مندر جو رستو ورتو. دراصل هن اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندر ٻائي اتي وڃي ڇا ٿي ڪري. راجڪمار کي اندر وڃڻ کان ڪير ٿي منع ڪري سگهيو؟ هو اندر داخل ٿيو ۽ مخفي طرح سندر ٻائيءَ جي پٺيان وڃي بيٺو. سندر ٻائي ان وقت پرارٿنا ۾ مستغرق هئي ۽ وڏي آواز سان چئي رهي هئي ته: ”اي، عالم جي راڻي! منهنجي مڙس جا سڀ ڪم سولا ڪر!“ اهو چئي جيئن ئي سندر ٻائي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ته راجڪمار بير سنگ سامهون بيٺل ڏٺائين جو سندس ڀرسان اچي بيٺو هو. بير سنگ طعنو هڻندي سندر ٻائيءَ کي چيو ته: ”ڇا، اهوئي طريقو آهي پنهنجي مڙس کي بهادري ۽ جرئت سان حاصل ڪرڻ جو، جنهن جو واعدو تون پنهنجي سهيلين کي ڏيئي چڪي آهين؟“

جڏهن سندر ٻائي پنهنجي مڙس جو هيءُ طعنو ٻڌو، تڏهن سمجهي ويئي ته باغ ۾ سهيلين سان ڪيل ڳالهيون شايد هن ٻڌيون آهن. ان تي ٻئي هٿ ٻڌي سندر ٻائي وراڻيو ته: ”اي، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ! عورتون مورک آهن، ڇوڪريءَ جي ڳالهه کي ڪهڙي اهميت! منهنجي ان اعلان کي ڪا به اهميت نه ڏي. پنهنجي عقل جي وسعت ۾ مون کي معاف ڪري ڇڏي.“ پر بير سنگ  تي انهيءَ التجا ڪو به اثر نه ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”جيستائين تو پنهنجي واعدي کي پاڻي نه ڏنو آهي ۽ جيئن تو چيو آهي ته تيئن نه ڪيو آهي، تيستائين مان تنهنجي محلات ۾ پير نه وجهندس.“ ائين چئي راجڪمار بير سنگ مندر کان ٻاهر نڪري ويو. سندر ٻائي ڪجهه وقت ته مايوسيءَ جي عالم ۾ بير سنگ کي ڏسندي رهي، پر پوءِ دل ۾ سوچيائين ته: ”جيڪڏهن مون کي مڙس جي محبت حاصل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مون کي بهادري ۽ جرئت ڏيکارڻي پوندي.“ ائين چئي مندر کان ٻاهر نڪتي ۽ محلات ۾ موٽي آئي.

ان کان پوءِ سندر ٻائي انهيءَ ڳالهه تي ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون سوچيندي رهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي، پر ڪا ترڪيب دماغ ۾ نه پئي آيس. آخر هن نهايت پريشانيءَ ۾ هڪ رات محلات ڇڏي ڀڄي نڪرڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن محلات مان نڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کان مليل مـُنڊي آڱر مان لاهي ٻانهيءَ کي ڏنائين ۽ کيس چيائين ته: ”هيءَ منڊي منهنجي پيءُ کي وڃي ۽ عرض ڪر ته ان جي ٽِڪَ پنهنجي جاءِ تان تڙڪي پيئي آهي، سا مهرباني ڪري درست ڪرائي ڏيو.“ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ٻانهي هڪدم اها منڊي پاڻ سان کڻي سيلا رياست ۾ پهتي ۽ اتي وڃي راجا کي سندس نياڻيءَ جي نياپي سان گڏ اها منڊي به ڏنائين.

جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ جي مـُنڊي ڏٺي، تڏهن سمجهي ويو ته سندس ڌيءَ ڪنهن تڪليف ۾ آهي. منڊي وٺي ٻانهيءَ کي انعام وغيره ڏيئي ۽ اجازت ڏنائين. اڃا جو منڊي کڻي کولي ته ٽِڪَ جي هيٺان هڪ ڪاغذ جوٽڪر نظر آيس، جنهن ۾ سندر ٻائيءَ هيئن لکيو هو ته: ”منهنجا مهربان بابا! جڏهن ٻه طوطا پاڻ ۾ تڪرار ڪري وجهن، تڏهن انهن کي ساڳئي پڃري ۾ رکڻ غير مناسب آهي. هڪ ڏينهن باغ ۾ مون پنهنجي سهيلين کي چيو هو ته جيڪڏهن مون بير سنگ سان شادي ڪئي ته مان کيس پنهنجو مجنون بڻائي ڇڏيندس. اهو منهنجو قول بير سنگ ٻاهران ٻڌي ورتو هو. هاڻي هو مون کي آزمائڻ چاهي ٿو. تنهنڪري مهرباني ڪري مون ڏانهن هڪ مرداڻو لباس، مرداڻو ڪوٽ ۽ تيز رفتار گهوڙو موڪلي ڏيو، پر انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن کي به پتو نه پوي.

هن خط راجا ڪيسر سنگ کي ڏاڍو ملول ڪيو. آخر سندر ٻائيءَ لاءِ هڪ ڪوٽ، مرداڻو لباس ۽ تيز گهوڙو موڪلڻ هن لاءِ ڏکيو نه هو پر اها ڳالهه ضرور هن جي هئي ته ان جو ڪنهن کي پتو نه پوي. گهڻي غور ڪرڻ کان پوءِ، راجا زمين هيٺان رستي کوٽائڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي خرچ ۽ محنت سان، ولڀپرا جي ويجهو هڪ جبل مان راجا هڪ رستو کوٽايو جو زمين مان وڃي سندر ٻائيءَ جي محلات ۾ پهتو. ان کوٽايل رستي مان، سندر ٻائيءَ ڏانهن هڪ تيز رفتار گهوڙو، هڪ زرهه ۽ هڪ مرداڻو لباسو ڏياري موڪليو. ائين انهن جي پهچ تي سندر ٻائيءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ پوءِ هڪدم مرداڻو لباس اوڙي، زرهه وجهي ۽ گهوڙي تي چڙهي ويٺي. محلات جي سڀني ٻانهين ۽ نوڪرن کي گهرائي چتاءُ ڏنائين ته ڪو به سندس متعلق ڪا به خبر ڪنهن کي نه ڏئي. پاڻ ان کان پوءِ ان زمين دوز رستي مان ٻاهر نڪري ويئي.

ٻن ڏينهن کان پوءِ، هڪ جرئتمند سهڻو نوجوان ولڀپرا ۾ آيو ۽ راجا سان ملاقات ڪرڻ جي گذارش ڪيائين. اهڙي اجازت ملڻ تي، هو اندر درٻار ۾ داخل ٿيو. سڀئي هن نوجوان جي قد و قامت ۽ ڦڙتائي تي حيران ٿي ويا. ويجهو اچڻ تي راجا کانئس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو پڇيو، جنهن جي جواب ۾ هن پرديسيءَ چيو ته: ”منهنجو نالو رتن سنگهه آهي. منهنجو پيءُ هڪ راجپوت آهي، ليڪن مان ان سان تڪرار ڪري گهران نڪتو آهيان پر اهو قسم کنيو اٿم ته ان جو نالو نه ٻڌائيندس. مان توهان وٽ نوڪري ڪرڻ جي ارادي سان آيو آهيان. منهنجي حوالي ڪهڙو به ڪم ڪيو وڃي، ان جي سرانجامي بهتر طريقي سان ڪندس. راجا مون کي ڀل آزمائي ڏسي.“

راجا هن نوجوان جي صاف گوئيءَ ۽ همت کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي اميرن ۽ وزيرن ۾ ويهڻ جي اجازت ڏنائين. ان تي نوجوان، راجا جو شڪريو بجا آندو. راجڪمار کي جيتوڻيڪ لڙائيءَ ۾ حصي وٺڻ  جو موقعو ڪڏهن به نه مليو هو، ليڪن گهوڙي سواريءَ ۾ درٻار جي سڀني جوانن کي ماري مڃايائين. انهن خوبين سبب، بير سنگ جو رتن سنگهه سان دوستيءَ جو ناتو ٿي ويو ۽ هـُن تي گهڻو ڀروسو ڪرڻ لڳو، ايتريقدر جو هن سان گـَهرُو ڳالهين ڪرڻ ۾ نه محسوس ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن هن کي سندر ٻائيءَ جي ڊاڙ ۽ غرور جو قصو ٻڌايائين ۽ اهو پڻ ٻڌايائينس ته ان جي نتيجي ۾ هن ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي. ان معلوم ٿين تي رتن سنگهه کليو ۽ چيائين ته: ”شهزادا، ائين ڪرڻ سان، تو هن سان چڱائي نه ڪئي آهي.“ بير سنگ جواب ڏنو ته: ”سچ ڪري پڇين ته مون کي دنيا ۾ راجڪماريءَ کان وڌيڪ ڪا به شيءِ پياري نه آهي ۽ نه وري مان ٻيءَ ڪنهن عورت سان شادي ڪندس. مان ته فقط سندس فخر سان ڪيل واعدي کي آزمائڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن سچي راجپوتني آهي ته يقيناَ َ ائين ڪري ڏيکاريندي.“ ان تي رتن سنگهه ٿورو مشڪيو ۽ خاموش رهيو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ڇا ٿيو جو ڀر وارن ڳوٺن ۾ هڪ خطرناڪ شينهن اچڻ لڳو ۽ روزانو رات جو هڪ يا ٻه ماڻهو ماري کائي چٽ ڪندو هو، ان ڪري ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڍو ڊپ هراس ۽ دهشت پيدا ٿي پيئي. انهيءَ شينهن کي مارڻ لاءِ سڀني نوجوان اميرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ان کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويا.

آخر هن دکدائڪ حالت راجا کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪڙي ڏينهن رتن سنگهه کي راجا پاڻ وٽ گهرايو ۽ شينهن کي مارڻ جو خطرناڪ ڪم هن جي حوالي ڪيو، جو هن خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن راجا کي عرض ڪري هڪ لوهه جي ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو بوتو ٺهرايو ۽ جتي شينهن رات جو ايندو هو، اتي ان کي کوڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ وري ان جي ڀرسان هڪ هنڌ لڪي ويهي رهيو. رات جو اونداهه ۾ شينهن ان بوتي کي ماڻهو سمجهندي، ڇلانگ ماري ان کي چنبو هنيو ته ايتري دير ۾ رتن سنگهه، پٺيان اچي تيز تلوار سان شينهن جي سِسي ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ رتن سنگهه مئل شينهن جاڪن ۽ پڇ وڍي گهر کڻي آيو ۽ پنهنجي کٽ هيٺان رکي سمهي پيو.

رتن سنگهه جي دوست بير سنگ کي ان رات ڳڻتيءَ ۾ ننڊ ڪانه پئي آئي. هن هر گهڙيءَ رتن سنگهه جي خطرناڪ ڪم متعلق پئي سوچيو. آخر صبح ٿيندي ئي بير سنگ، رتن سنگهه جي رهائش گاهه وٽ پهتو ته جيئن هن متعلق ڪجهه معلوم ڪري. رتن سنگهه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو، ته هن کي اچي خوف لڳو ته کيس سڃاڻي نه وٺي، سو هڪدم مرداڻو لباس پهري، بير سنگ جو آڌر ڀاءُ دروازي وٽ وڃي ڪيائين. رتن سنگهه پاڻ سان گڏ ماريل شينهن جا ڪن ۽ پڇ به کڻي آيو. بير سنگ کي هي ڏسي، بيحد خوشي ٿي ۽ ان خوشيءَ ۾ رتن سنگهه کي پاڻ سان وٺي راجا جي درٻار ۾ آيو. راجا رتن سنگهه جي ڪارنامي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ان ڏکئي ڪم جي سرانجامي عيوض کيس هڪ قيمتي چوغو عطا ڪيائين ۽ هڪ جاگير به ڏنائين.

هڪ ڏينهن ان کان به وڌيڪ اهم واقعو ٿيو. شڪار ڪرڻ جي ارادي سان راجا، رتن سنگهه کي ساڻ ڪري، جهنگ ۾ هليو ويو. ڀر واري راجا جي جاسوسن اهڙي خبر کيس ڏني، ان کي سونهري موقعو ڄاڻندي، هن راجا، راجپوت راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. بير سنگ، جو خود بيمار هو، هن جو مقابلو ڪري نه سگهيو، پر پاڻ به قيدي ٿي پيو. هن خبر راجپوت راجا کي ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان پريشانيءَ ۾ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته: ”اي جگر بير سنگ، مون کي تنهنجي جدائي ماري ٿي. مون کي اهو ڀو آهي ته دشمن ڪٿي توکي نه ماري ڇڏي. تو کان سواءِ مان ڪيئن زنده رهي سگهندس؟ جيڪڏهن تون اڄ هن حالت ۾، مون سان هجين ها ته مان بادشاهي تلوار جي زور تي واپس وٺي سگهان ها.

راجا جي اهڙي پريشاني رتن سنگهه کي وڌيڪ پريشان ڪيو. هن ٻڍڙي راجا کي آٿت ڏنو ۽ چيو ته راجا ڪيسر سنگ منهنجو عزيز آهي، مون کي اجازت ڏيو ته ان کان لشڪر جي مدد وٺي اچان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com