سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 14

فقير ۽ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي ٻانهيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي گهر آيا، جتي پنهنجي منزل ڪئي هئائون. رستي تي، شهزادي عرض ڪيو ته: ”اي بزرگ سائين! توهان جي علم ۽ عقل جي ته حد ئي ڪانهي. مان وينتي ٿو ڪريان ته مون کي انهيءَ پري شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرايو.“ فقير وراڻيو ته: ”منهنجا پٽ! خدا اڳ ۾ انهيءَ جي ٻانهن توکي ڏيئي ڇڏي آهي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي فقير کان گهر موٽي هلڻ جي اجازت گهري. هن گهر پهچي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بابا سائين! مهرباني ڪري، منهنجي شادي حـَسِيني پـَريءَ سان ڪرايو، جا هڪ نهايت عجيب محلات ۾ ٿي رهي ۽ هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڪا حد ئي نه آهي. انهيءَ کان پوءِ هو بادشاهه کي تفصيل ٻڌائڻ ويٺو ته جڏهن هوءَ وهنجڻ ٿي ويهي، تڏهن سندس جسم جو حسن اونداهيءَ رات ۾ به محلات کي روشن ڪيو ڇڏي. بادشاهه تنهن تي چيس ته: ”منهنجا پٽ! منهنجي تمنا آهي ته تون پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪر.“ مگر شهزادي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي بي صبريءَ سان جواب ڏنو ته: ”مان يا ته شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪندس، يا ته ساري ڄمار ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪندس. جيڪڏهن توهان مون کي آڏو ايندا ته مان هميشه لاءِ توهان کي ڇڏي هليو ويندس“. بادشاهه نرميءَ مان جواب ڏنس ته: ”منهنجا پٽ! اجايو ڇو ٿو ڪاوڙجين، جيڪڏهن تون هن جي عشق ۾ ڦاٿل آهين ته مان بيشڪ توکي شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرائيندس.“

تنهن کان پوءِ صيفل وزير کي بادشاهه حڪم ڏنو ته وڃي گلستان بادشاهه کان سندس ڌيءُ حسينيءَ جو سڱ گهري. وزير، بادشاهه جي ملڪ ۾ ويو ۽ گلستان کي وڃي چيائين ته جيئندا قبلا! لالـُو بادشاهه منهنجي آقا، توهان جي نياڻيءَ شهزادي حسينيءَ جي ٻانهن جي گهـُر پنهنجي پٽ شهزادي امل ماڻڪ لاءِ ڪئي آهي.“

بادشاهه گلستان جواب ڏنو ته: ”توهان ڀلي ڪري آيا، پر منهنجي ڌيءَ هاڻي عاقل بالغ آهي، مون کي هن کان ضرور پڇڻ گهرجي ته هوءَ راضي آهي يا نه. جيڪڏهن هوءَ راضي آهي ته مان هن کي ڪونه روڪيندس.“

پوءِ بادشاهه گلستان، شهزادي حسينيءَ وٽ ويو ۽ لالو بادشاهه جي آڇ جو احوال ٻڌايائينس، جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”بابا سائين، مان اوهان کي پنهنجو ڪعبو ۽ قبلو ٿي سمجهان، مان شهزادي هڪ شرط تي شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته اسين ٻئي ڌار ڌار محلاتن ۾ رهنداسون. جيڪڏهن هن کي مون سان ڳالهائڻو هوندو ته هو ٻانهيءَ کي چوندو ۽ اها جڏهن مون کان اجازت وٺندي، تڏهن مون سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

بادشاهه شهزاديءَ جو شرط وزير کي ٻڌايو، جنهن ٿورو سوچي جواب ڏنو ته: ”چڱو، مون کي شهزاديءَ جو اهو شرط قبول آهي.“ هن دراصل ائين سمجهيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ شهزادي انهيءَ شرط تي ڪو به ضد ڪونه ڪندي. پوءِ وزير اهو جواب وٺي موٽي بادشاهه وٽ پهتو ۽ کيس سارو احوال ڪري ٻڌايائين.

لالو بادشاهه، شهزادي کان پڇيو ته: ”شهزاديءَ جي انهيءَ شرط تي هلي سگهندين؟“ شهزادي جوب ڏنو ته: ”مان ڇا ڪريان، وزير ته اڳيئي اهو قبول ڪري آيو آهي.“

ان کان پوءِ لالو بادشاهه وڏيون تياريون ڪيون ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي شان شوڪت سان گلستان جي ملڪ ۾ موڪليائين، جتي هن جو ڏاڍو آڌر ڀاءُ ٿيو ۽ حسينيءَ سان هن جي شادي ڪرائي ويئي. ڪجهه ڏينهن خوشيون ۽ جشن جاري رهيا ۽ انهيءَ کان پوءِ شهزاديءَ کي پنهنجي پيءُ جي ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڳ ۾ ڪيل واعدي مطابق ڌار ڌار محلات ۾ رهڻ لڳا ۽ جڏهن شهزادي ۽ شهزاديءَ کي پاڻ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هوندي هئي ته ٻانهيءَ جي معرفت ڪندا هئا، جا هنن جا نياپا هڪڙي محلات کان ٻئي محلات تائين کڻي ويندي هئي.

هڪ ڏينهن شهزادو امل ماڻڪ شڪار تي نڪتو ۽ هن سان گڏ ٻيا سوار ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ هڪڙي نيري ڍڳي کي نيزي جو نشانو ڪيائون، ۽ جڏهن شهزادو شڪار ڪري گهر ڏانهن موٽيو ٿي ته رستي تي پنهنجي ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندو ٿي آيو ته هن کي هڪ فقير گڏيو، جنهن هن کي چيو: ”شهزادا سائين! مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ شهزادو، فقير کي هڪ گهوڙي تي چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. اتي پهچڻ کان پوءِ هن کان پڇيائين ته: ”اي بزرگ سائين! توهان کي مون سان ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي.“

فقير جواب ڏنس ته: ”شهزادي حسيني، جنهن سان تو شادي ڪئي آهي، اها هڪڙي ديوَ سان عشق ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جو نالو سفيد ديوُ آهي، جو ستن سمنڊن جي پار هڪڙي باغيچي ۾ رهندو آهي. انهيءَ باغيچي کي بستي باغيچو چوندا آهن. هر وسپت جي ڏينهن شهزادي حسيني پپر جي وڻ ۾ پنهنجي ٻانهين سميت اڏامي ”بستي باغيچي“ ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي. مان توکي جادوءَ جي هڪ ٽوپي ڏيندس، جا توکي پائڻ کان پوءِ ماڻهن جي نظر کان الوپ ڪري ڇڏيندي. تون انهيءَ ٽوپيءَ کي پائي ايندڙ خميس ڏينهن شام جو شهزاديءَ جي محلات ۾ وڃج، هوءَ انهيءَ وقت وهنجندي آهي ۽ وهنجڻ کان پوءِ هوءَ هڪڙي غاليچي تي ويهي ۽ پنهنجا سون ورنا وار سڪائيندي آهي. تون به انهيءَ غاليچي تي هن جي ڀر ۾ ويهي رهج. هوءَ توکي ڪانه ڏسي سگهندي. وارن سڪائڻ کان پوءِ، هوءَ قيمتي زيورن سان پاڻ کا آراسته ڪندي ۽ مشڪ عطر سان پاڻ کي معطر ڪندي. ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ پيرن ۾ پازيب ۽ عاليشان پوشاڪ پائي تيار ٿيندي. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي کاڌي لاءِ حڪم ڪندي ۽ ماني هن جي اڳيان رکي ويندي. هوءَ مانيءَ کي هٿ لائي تنهن کان اڳ چوندي ته: ”منهنجي ماني جلدي کڻي اچ.“ بورچي جواب ۾ چوندس ته: ”اسين هميشه توهان جي بچيل کاڌي مان ڏهه_ٻارهن ڄڻا کائي ويندا آهيون، پر اڄ اوهان سفيد ديوَ جي ملاقات جي خوشيءَ ۾ سمورو کاڌو کائي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي ٻيو ٿيون طلب ڪريو. حسيني، بورچيءَ جي حاضر جوابيءَ تي اهڙي شرمندي ٿيندي جو چوندي ته چڱو ڀلا تڪليف نه ڪر، مون کي پپر جو وڻ آڻي ڏي. هاڻي انهيءَ کان اڳ جو هوءَ وڻ تي چڙهي، تون غاليچي تان اٿي وڻ تي چڙهي وڃج. شهزادي پنهنجي سرتين سان انهيءَ تي چڙهندي ۽ هن جي طلسم سان پپر جو وڻ هنن کي کڻي ست سمنڊ پار ڪري سفيد ديوَ جي باغيچي ۾ پهچائيندو. اتي پهچڻ تي تون سڀني جي پٺيان هجج، ته جيئن ڀل ٻيا سڀ لهي وڃن ۽ توکي آخر ۾ لهڻ جو موقعو ملي. پوءِ سفيد ديوُ هنن کي کيڪاري پنهنجيءَ محلات ۾ وٺي ويندو، جتي ٻه سئو کن پريون پيون ناچ ڪنديون هونديون. سفيد ديو حسينيءَ کي چوندو ته: ”جيڪڏهن تون اڄ هنن سئو پرين بدران ناچ ڪندينءَ ته مان توسان ايندڙ خميس تي شادي ڪندس.“ شهزادي، انهيءَ آڇ تي راضي ٿي ويندي ۽ ناچ جو گهگهرو پائي ديوَ جي اڳيان نچڻ لڳندي. جڏهن هوءَ ناچ ختم ڪندي ته ديو هن کي نوءلکو هار ڏيندو. پوءِ تون اهو هار چورائي پنهنجي سٿڻ جي ور ۾ لڪائي ڇڏج. وري جڏهن ٻيهر نچندي ته ديو کيس جواهرن جو چوغو ڏيندو. تون اهو به چورائي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي ڇڏج. وري ٽيون دفعو به نچندي ۽ ديو هن دفعي هن کي نوءلکي نٿ ڏيندو، اها به چورائي اڳٺ ۾ ٻڌي ڇڏج، ۽ پوءِ پپر جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃج. ٿوريءَ دير بعد شهزادي ديو کي خدا حافظ چوندي ۽ پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي وڻ تي چڙهندي. پپر توهان سڀني کي کڻي آڻي توهان جي شهر ۾ پهچائيندو. اتي وڻ تان لهي پنهنجي محلات ڏانهن وڃج. شهزادي ۽ هن جون سرتيون پنهنجي گهر وينديون ۽ شراب پي انهيءَ ۾ الوٽ ٿي سمهي پونديون ۽ سج چڙهئي اٿنديون. شهزادي جڏهن هار، جواهرن سان جڙيل چوغو ۽ نٿ جيڪي ديو هن کي انعام طور ڏنا هئا نه ڏسندي ته ٻانهن کي ڌمڪائيندي ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، مگر ٻانهون صاف اظهار ڪنديون ته اسان کي انهن شين جو ڪو به علم ڪونهي ۽ پنهنجي معصوميت جي اقرار کان پوءِ، شهزاديءَ کي مشورو ڏينديون ته هوءَ توهان وٽ اچي. هوءَ انهيءَ مشوري تي راضي ٿيندي ۽ سڀني سان گڏجي تو وٽ محلات ۾ ايندي، جڏهن هن کي ايندو ڏسين تڏهن منهن تي چادر وجهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪج، شهزادي لڪي تنهنجي هند وٽ ايندي، ۽ ائين چوندي ته تون سچ پچ سمهيو پيو آهين. اهو موقعو تولاءِ نهايت موزون آهي. پوءِ تون يڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي، شهزاديءَ کي جهلي هن جا پـَر وڍي وٺج، جنهن کان پوءِ هوءَ اڏامڻ کان بيڪار بني هميشه لاءِ تنهنجي ٿي رهندي.

ٻيءَ خميس تي، شهزادي امل ماڻڪ ائين ڪيو، جيئن فقير هن کي صلاح ڏني هئي. هن اها اَلـُوپ ٽوپي پاتي ۽ شهزادي حسينيءَ سان گڏجي پپر جي وڻ تي ديوَ جي محلات ۾ وڃي، موٽي آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي حسيني پنهنجن ٻانهين سان گڏجي شهزادي وٽ ويئي. شهزادو مکر ڪري کونگهرا هڻڻ لڳو، شهزاديءَ نرميءَ سان چيو ته اهو به زمانو هو، جڏهن تون مون سان ڳالهائڻ لاءِ سڪندو هئين ۽ هاڻي جڏهن مان تو وٽ آئي آهيان ته تون پيو کونگهرا هڻين. شهزادو هن جي اکرن تـي

موهجي پيو ۽ هڪدم چيائين ته مون هڪ خواب پئي لڌو. اهو جواب ٻڌي، شهزاديءَءَ زور ڀريس ته مهرباني ڪري مون کي پنهنجو خواب ٻڌاءِ. شهزادي وراڻيو ته مون خواب ۾ ڏٺو ته تون وهنجي پنهنجا سونهري وار پيئي سڪائين ۽ سڪائڻ کان پوءِ تو اُچا ڪپڙا ۽ زيور پاتا ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجي لاءِ مانيءَ جي گهـُر ڪئي، ۽ مان جو تنهنجي ڀر ۾ ويٺو هوس، سو سموري ماني کائي ختم ڪري پيو ڇڏيان، پوءِ مان، تون ۽ تنهنجون ٻانهيون سڀ پپر جي وڻ تي چڙهي ٿا وهيون ۽ وڻ هوا ۾ اُڏائي اسان سڀني کي کڻي ”بستي باغيچي“ ۾ آڻي ٿو پهچائي، جتي سفيد ديوُ ٿو رهي، انهيءَ ديوَ توکي پنهنجي اڳيان ناچ ڪرايو ۽ انهيءَ توکي هڪ هار، هڪ موتين جڙيل چوغو ۽ نوءلکي نٿ ڏني، اهي ٽيئي شيون تو منهنجي حوالي ڪيون، جي هينئر به مون وٽ موجود آهن.“

”منهنجا شهزادا!“ نهايت ئي نرم لهجي ۾ شهزاديءَ چيو: ”مهرباني ڪري اهي سمورا زيور مون کي موٽائي ڏي.“

”مگر هي ته رڳو هڪ سپنو هو.“ شهزادي کِلي چيو: ”ڪيئن توکي موٽائي ڏيان.“

شهزاديءَ بيحد ليلايو ۽ ڳراٽڙيون پاتائين ۽ اٽڪل سان رهي ريبي شهزادي کي اهڙو نرم ڪري وڌائين، جو نيٺ هن ديوَ جون ڏنل سوکڙيون ڪڍي ڏيکاريس. شهزادي جهٽ هڻي، هن جي هٿ مان ڦري هوا ۾ اڏامي غائب ٿي ويئي.

اهو حال ڏسي، وڏيءَ مايوسيءَ ۾ گهيرجي ويو. آخر شهزادي جي مايوسيءَ جي خبر فقير جي ڪنن تي وڃي پهتي، ۽ هو هڪدم هن وٽ هلي آيو ۽ چيائين ته: ”جيئن مون توکي چيو هو، تو ائين نه ڪيو، جڏهن تو هن جا پـَرَ ڪپيا ته ڇا ٿيو؟“ شهزادي ارمان مان جواب ڏنو ته: ”نه، مون کان هن جا پـَرَ ڪپڻ وسري ويا ۽ هوءَ هڪدم اڏامي هلي ويئي. مهرباني ڪري هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟“ فقير جواب ڏنو ته: ”تنهنجي پيءُ جي طنبيلي ۾ هڪ سامونڊي گهوڙو آهي. انهيءَ تي سون سان جڙيل سنج وجهه، لغام ۽ خرزين ۾ هيرا ۽ موتي ڀرينس، ۽ پوءِ واسريءَ ۾ ٽن مهينن جي سفر جيتري رقم وجهي ۽ سفيد ديوَ جي تلاش ۾ نڪري پوء.“

شهزادي، فقير جي چوڻ موجب ائين ڪيو. هو پيءُ جو سامونڊي گهوڙو سنجي، سوار ٿي نڪتو ۽ ست سمنڊ لتاڙي، آخر هڪ وڏي جهنگ ۾ اچي نڪتو. ٻيلي ۾ هن هڪ شينهڻ ڏٺي، جا هڪ وڏي ڪـَنڊي لڳڻ ڪري منڊي ٿي پيئي هئي، هن جڏهن شهزادي کي ڏٺو، تڏهن کيس سڏ ڪري چيائين: ”اي انسان جا ٻچڙا! خدا جي واسطي منهنجي پير مان هيءُ ڪنڊو ڇڪي ڪـَڍُ“. شهزادي جواب ڏنس ته: ”مون کي خطرو آهي ته جيڪڏهن مان توکي ويجهو ايندس ته تون مون کي ماري وجهندينءَ.“ پوءِ شينهن يقين ڏنس ته: حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم منهنجو شاهد آهي ته مان توکي ڪو به اِيذاءُ نه رسائيندس.“

اهو جواب ٻـُڌي، شهزادو گهوڙي تان لٿو ۽ الله جو آسرو ڪري، شينهڻ جي ويجهو وڃي، هن جي پير مان ڪنڊو ڪڍيائين. شينهڻ سور کان گجگوڙ ڪئي، پر شهزادي کي ذرو به ڪونه اِيذايائين. هن جي گجگوڙ تي، سندس ٻيئي ٻچا ڊوڙي ويجهو آيا ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳا ته: ”آدم جا ٻچا! توکي ڪهڙيءَ کـُٽيءَ کنيو آهي جو اسان جي غار ۾ گهڙي، اسان جي ماءُ کي اِيذاءُ پهچائين ٿو؟“ مگر شينهڻ هنن کي تسلي ڏني ته ائين نه آهي. هِن ته پاڻ مون کي وڏي درد مان ڇـُٽايو آهي. انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض ۾، مان توهان ٻنهي کي هن جي حوالي ٿي ڪريان ته توهان هن جا خادم ٿي رهو ۽ هن کي جنن، ديون، پرين ۽ ٻين خوفناڪ جانورن ۽ نانگن کان حفاظت ۾ رکجو. هن کي کاڌي لاءِ هرڻ ۽ ڦاڙها ماري ڏيو. نه رڳو ايترو، مگر ضرورت وقت هن جي جان جي حفاظت خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ به اصل نه ڪيٻائجو.“

شينهڻ جي ٻچن ماءُ جي حڪم پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. شهزادو جڏهن سامونڊي گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، تڏهن شينهڻ جا ٻيئي ٻچا سندس بچاءَ ۾ ٻنهي پاسن کان گهوڙي جي رفتار سان ٻِٽ ُ هلندا هئا.

هلندا هليا، آخر هو هڪ ڏينهن هڪ وڏيءَ ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ويجهو هڪ محلات هو، جنهن جي دَر وٽ ڪي سون ۽ چانديءَ جا ڏاڪا هڪ ٻئي پٺيان پاڻيءَ جي ڪناري تائين ٿي پهتا. شهزادي، شينهن کي چيو ته هي محلات ضرور ڪنهن پـَريءَ جو هوندو. شينهن نهايت نِوڙت سان شهزادي کان ان محلات ۾ اندر وڃڻ جي اجازت گهري.

شهزادو گهوڙي تان لٿو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي، ڏاڪا چڙهيو. هڪ شينهن سندس اڳ ۾ هو ۽ هڪ پٺيان. جڏهن شهزادو محلات جي دَر مان اندر گهڙيو ته هڪ سهڻي ڇوڪري، شهزاديءَ جي لباس ۾ اندرئين ڪمري ۾ ڏٺائين. شهزاديءَ اُٿي يڪدم دروازو بند ڪيو. ”در کول.“ شهزادي وڏي آواز ۾ کيس چيو. مگر ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”هتان ڀڄي وڃ، جيڪڏهن پنهنجيءَ جان جو خير گهرندو هجين. ديو هاڻي هتي پهچڻ وارو آهي.“ شينهن رڙ ڪري ڌمڪي ڏنيس ته: ”جيڪڏهن تو دروازو نه کوليو ته اسين ان کي ڀڃي، تختو تختي کان جدا ڪري ڇڏينداسون.“ پوءِ شهزاديءَ جواب ڏنو: ”چڱو ڀلا!“ ائين چئي هن دَرُ کوليو ۽ اندرئين ڪمري مان نڪري، ٻاهر ورانڊي ۾ هڪ ڪوچ تي ٿي ويٺي. شهزادو سندس ڀـَر ۾ ٿي ويٺو. ڇوڪريءَ پڇيس ته: ”اي جوان، توکي ڇا گهرجي؟“ شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان شهزادي حسينيءَ کي ڳولي رهيو آهيان. هوءَ منهنجي زال آهي ۽ مون وٽان ڀڄي، سفيد ديوَ وٽ، هن جي ملڪ ۾ وڃي لڪي آهي.“ ڇوڪريءَ ٻڌايس ته: ”ادي حسيني ته منهنجي ڀيڻ آهي.“ پوءِ دوربيني هن جي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين ته: ”هو ڍنڍ جي ڪناري تي پپر جو وڻ توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟ اڄ خميس جي رات آهي، حسيني سڀاڻي صبح جو پنهنجي ٻانهين سان گڏجي ايندي ۽ هو انهيءَ ڍنڍ ۾ ڪپڙا لاهي تڙڪنديون. جنهن مهل هو پاڻيءَ ۾ اندر گهڙنديون، ان وقت تون حسينيءَ جا ڪپڙا کڻي وٺج، پوءِ هوءَ تنهجي رحم ۽ ڪرم جي محتاج ٿي پوندي.“

ائين چئي ڇوڪريءَ، شهزادي کي موڪل ڏني. ٻئي شينهن ۽ شهزادو گڏجي ڍنڍ جي ڪپ تي، پپر جي وڻ هيٺان وڃي پهتا، جتي شينهن، شهزادي کي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ٻيئي چوڪيءَ تي ٿي بيٺا. شهزادي کي جلدي ننڊ کڻي ويئي.

صبح سوير شهزادو، پـَرن جي ڦڙڪڻ جي آواز تي جاڳيو. شينهن ٻڌايس ته پريون اچي ويون آهن. شهزادو خاموش رهيو. جيئن ئي پـَرين ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ گهڙي پيون، تيئن شهزادي شينهن کي چيو ته: ”حسينيءَ جي ڪپڙن تي لامارو هڻو.“ هنن ائين ڪيو. شهزادو ڍنڍ جي ڪپ تي وڃي حسينيءَ کي چيڙائڻ لڳو ۽ چيائينس ته هاڻي توکي پنهنجو جوڙ جيس مليو آهي. توکي هن دفعي چالاڪي ڪرڻ ڪين ڏيندس.

حسينيءَ ڏٺو ته هاڻي هوءَ شهزادي جي رحم ڪرم تي آهي، ڇو ته شينهن به ڏاڍي خوفائتي نموني ۾ ڏانهس نهاري گجگوڙون پئي ڪيون. هوءَ اڳئين وانگر وري به شهزادي کي ريجهائڻ لاءِ ويجهو ٿي ۽ چيائين ته شهزادا مون آڻ مڃي، تو مون کي شڪست ڏني آهي. پوءِ نڪ مان بولو لاهي هن کي ڏنائين ۽ چيائين ته ايندڙ جمعرات سفيد ديو جي باغ ۾ اچج، جتي توهان گهڻي ئي پريون پوشاڪن ۾ ڏسندا، جن جي هٿن ۾ سون ۽ چانديءَ جون گهگهيون هونديون. توهان هنن جي ويجهو اچي، کانئن پنهنجي گهوڙي لاءِ پاڻي طلب ڪجو ۽ جيئن ئي توهان جو گهوڙو پاڻي پيئڻ شروع ڪري، توهان هي بولو هڪ جي گهگهي ۾ وجهي ڇڏجو. مان پوءِ بولو ڏسي ڪڍي وٺندس ۽ پنهنجي ٻانهي توهان کي وٺي آڻڻ لاءِ موڪلينديس. توهان پنهنجي لڪل هنڌ کان نڪري اچجو ۽ جڏهن توهان باغ جي وچ تي پهچو ته وڏي واڪي سان چئجو ته سفيد ديو منهنجي حقيقي زال سان شادي ٿو ڪري. اهو ٻڌي سفيد ديو چوندو ته جيڪڏهن تنهنجي نڪاح ٻڌل زال آهي ته تون هن کي سڃاڻي وٺ. هو توکان پڇندو ته ان کي سڃاڻي سگهندين؟“ توهان جواب ۾ چئو ته ”ها“ ان کان پوءِ سفيد ديو، سئو پريون هڪ قطار ۾ بيهاريندو ۽ سڀئي هوبرو مون جهڙيون هونديون. توهان کي چوندو ته مون کي ڳولي هٿ ڪر. انهيءَ مهل آءٌ بولو پاتل هونديس ۽ پوءِ اوهان مون کي آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندا.

شهزادي، حسينيءَ جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ هن کي ڪپڙا موٽائي ڏنائين جا پائي اڏامي هلي ويئي.

ٻيءَ خميس تي شهزادي، حسينيءَ جي صلاح مطابق عمل ڪيو. هن اهو بولو هڪڙيءَ پـَريءَ جي گهگهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ حسينيءَ اهو ڏسي، هڪ ٻانهيءَ کي شهزادي کي وٺڻ لاءِ موڪليو. ٻانهي اتي اچي پهتي، جتي شهزادو لڪو ويٺو هو ۽ واڪو ڪري چيائينس، ”جلدي ڪري هل اتي شادي ٿي ٿئي.“ شهزادو ٻانهيءَ سان گڏجي وچ باغيچي ۾ اچي پهتو ۽ بلند آواز سان پڪاري چيائين ته: ”سفيد ديو منهنجي حق ٻڌيءَ زال سان شادي ٿو ڪري.“ ديو شهزادي جا اهي لفظ ٻڌي اڳتي وڌي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”جيڪڏهن ائين آهي ته تون پنهنجيءَ زال کي سڃاڻي سگهندين؟“ شهزادي هاڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ ديو، هڪ سئو پرين کي هڪ قطار ۾ بيهاريو، جي سڀ هوبهو هڪ جهڙيون هيون ۽ چئن ڪنڊن تي گهوڙيسوار بيهاري ڇڏيائين ته جيئن شهزادو ڀڄي نڪري نه وڃي. شهزادي کي چيائين ته: ”مان توکي ٽي موقعا ڏيندس ۽ جيڪڏهن تون ان هوندي به ان کي سڃاڻي نه سگهئين ته پوءِ مان توکي پنهنجي قلعي جي ديوار تان لٽڪائي، ڳجهين کان تنهنجو ماس کارائي ڇڏيندس.“

شهزادو امل ماڻڪ، پرين جي بيٺل قطار ڏانهن نهاريو ۽ هر هڪ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين نهاريندو رهيو. سموريون گهڻو ڪري هڪ ئي مهانڊي جون هيون، تنهنڪري سڃاڻي نه پئي سگهيو. پر پوءِ بولي واري ڳالهه ياد پيس ۽ جڏهن ڏٺائين ته ڪنهن کي به بولو پيل نه هو، تڏهن بنهه نااميد ٿيڻ تي هو. مگر شينهڻ جي وڏي ٻچي اشارو ڪري چيس ته: ”شهزادا ڊپ نه ڪر، جيسين اسين زنده آهيون، تنهنجو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏينداسون.“ ديو هن کي ٻيو موقعو به ڏنو، مگر هن ڀيري به هو حسينيءَ کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ڪين ٿيو. آخر هن غمگين ٿي، شينهن کي چيو ته منهنجو ٻيو وجهه به ويو. شينهن وري به اشاري ۾ چيو ته: ”شهزادا همت نه هار، اڃا ٽيون موقعو به آهي.“ هن ڀيري شهزاديءَ کي شهزادي تي قياس آيو ۽ هڪدم بولو نڪ ۾ پائي بيهي رهي. جڏهن ديو ٽيون ڀيرو چيس ته هن پرين جي قطار مان هڪ کي بولو نڪ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان واڪو ڪري چيو ته مون حسينيءَ کي ڳولي ورتو. ٻيون سڀيئي پريون هن جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ ديو چيو ته: ”ها، برابر شهزادي تنهنجي زال آهي، هاڻ تون هن کي ڀلي وٺي وڃ. هن سفيد ديو حسينيءَ جي ٻانهن شهزادي امل ماڻڪ کي ائين ڏني جيئن ڪو پيءُ پنهنجي نياڻي ڪنهن کي پرڻائي ڏيندو آهي.

امل ماڻڪ ڪجهه ڏينهن ديو جو مهمان ٿي رهيو، ۽ پوءِ گهر ڏانهن موٽڻ جي موڪل گهريائين، جنهن تي سفيد ديو نهايت قرب سان چيس ته: ”جيترو وقت دل گهرئي اسان وٽ رهه، توهان جو آڌر ڀاءُ ٿيندو رهندو، مگر جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته توهان ڀلي وڃو.“ شهزادي تانگهه ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ ضرور ويندو. پوءِ سفيد ديو طرفان گهوڙيسوارن جو وڏو ڊنبلو ۽ خزاني جو انبار ساڻ ڪري، شهزادي حسينيءَ سان پنهنجي پيءُ جي ملڪ ڏانهن راهي ٿيو.

سفر ڪندي هڪ رات، هنن کوهه وٽ اچي منزل ڪئي. شهزادو ۽ شهزادي ٻئي ساڳئي پلنگ تي سمهي پيا ۽ سندن چوڌاري پهريدار سمهي پيا. اڌ رات جو ان کوهه مان هڪ ديو، جو ان ۾ اندر رهندو هو، نڪري آيو ۽ ننڊ ۾ ستل شهزاديءَ کي پلنگ تان کڻي کوهه ۾ واپس هليو ويو.

صبح جو ننڊ مان اُٿڻ کان پوءِ شهزادي امل ماڻڪ کي شهزاديءَ جي غائب ٿيڻ جي ڪـَلَ پيئي. هن غم ۽ خوف جي حالت ۾ چوڪيدارن کان پڇا ڪئي، مگر هو ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيا. شهزادي کي سخت مايوسي ٿي، ائين سمجهيو ته شهزادي پنهنجو قول ڪوڙو ڪري، مون کي وري ڇڏي هلي ويئي آهي. مگر شينهڻ جي هڪ ٻچي چيو ته: ”شهزادا، متان شهزادي کوهه ۾ لِڪي ويٺي هجي، سو توهان اسان ٻنهي کي رسي ٻڌي، کوهه ۾ ڇڏيو ته اسين ڏسي اچون.“ پهريدارن ٻنهي شينهن کي رسيءَ جي وسيلي، اندر کوهه ۾ لاٿو. جڏهن هو تري ۾ پهتا ته ڇا ڏسن ته هڪ وڏو شهر آهي، جو سندن اڳيان ميلن ۾ پکڙيو پيو آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ سهڻو باغيچو آهي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ عاليشان محلات آهي. جڏهن انهيءَ محلات ۾ گهِڙي نظر ڪيائون ته ڏٺائون ته ديو ڏاڍيءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ هن جو مٿو حسينيءَ جي هنج ۾ آهي. حسيني شينهن جي ٻچن کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ هنن کي آهستي چيائين ته: ”مون کي هن خوفناڪ جاءِ مان يڪدم ڪڍو.“ شينهن جي ٻچن اهڙي ته آهستگيءَ سان ديوَ جو مٿو کنيو ۽ هڪ وهاڻو هن جي مٿي هيٺان رکيو، جو شهزادي اُٿي پيرن ڀر ٿي ۽ ديو ستو ئي رهيو. پوءِ ته شينهَن ديو جي مٿان چڙهي، کيس چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

هو جڏهن باغيچي کان ٻاهر ٿي نڪتا، ته ديو جو خوبصورت سامونڊي گهوڙو، سون جي زنجير ۾ ٻڌل ۽ ڪـُنجي تالي ۾ ئي لڳي پيئي هئي. پوءِ گهوڙي کي کولي ورتائون ۽ جڏهن کوهه جي تري وٽ رسيا ته گهوڙي کي به پاڻ سان ٻاهر آندائون، پوءِ شهزادي کي ساري حقيقت اچي ٻڌايائون ۽ مشورو ڏنائون ته پاڻ ۽ سندس دربان هنن سان گڏ هڪ دفعو وري کوهه ۾ هلي ديوَ جو خزانو کڻي اچن. مگر شهزادي انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”منهنجي پيءَ جي خزاني ۾ ڪا به کوٽ ناهي. باقي اهو سامونڊي گهوڙو شهزادي پاڻ وٽ جهليو ۽ پاڻ ۽ شهزادي انهيءَ تي سواري ڪندا هئا.

جڏهن سمنڊ جي ڪناري تي پهتا، تڏهن ٻئي سامونڊي گهوڙا شهزادي ۽ شهزاديءَ کي سفيد ديوَ جي سمورين سوغاتن سميت پٺيءَ تي کڻي ست سمنڊ پار ڪري وڃي ٻيءَ ڀـَر لٿا. هو اتي پهچي، ملڪ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن هو ويجها پهتا، تڏهن بادشاهه لالـُوءَ کي هنن جي آمد جي خبر ملي. هن شهزادي ۽ شهزادي حسينيءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ گهوڙيسوارن، دهلائين ۽ شرنائين وڄائيندڙن جو پاڻ سان هڪ قافلو آندو، ۽ کين وڏي شان ۽ مرتبي سان پنهنجي بادشاهيءَ ۾ وٺي آيو، جتي هو ٻيئي هڪ محلات ۾ باقي حياتيءَ جا ڏينهن عيش ۽ مزن ۾ گذاريندا رهيا.

14_ ڪوءرو ُ۽ چنيسر

ڪنهن زماني ۾، سنڌ ۾ راءِ کنگهار نالي هڪ وڏو اثر وارو راجا رهندو هو. پنهنجي دولت ۽ حشمت هوندي به، هو ساري هندستان ۾ ٻين مڙني راجائن کان زياده ڌرم پرست ۽ رعيت سان سهڻو انصاف ڪندڙ هو. هن کي پٽ اولاد ڪو نه هو، رڳو هڪ نياڻي هيس، جنهن کي ”ڪوءرو“ ڪري سڏيندا هئا. ڇوڪري وڏيءَ سونهن ۽ سوڀيا واري هئي. درٻار جا شاعر هن جي ڏندن کي موتين سان تشبيهه، سيني کي ڏاڙهونءَ سان، ڳچيءَ کي مور جي ڳچيءَ سان ۽ هن جي هلڻ کي ڊيل جي رفتار سان مشابهت ڏيندا هئا. پيءُ ماءُ جي لاڏ ڪوڏ ۽ ٻين سڀني عزيزن جي پيار سببان هوءَ هر وقت رڳو هار سينگار ۽ اوچن وڳن پهرڻ ۾ مشغول هوندي هئي ۽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا پيئي لباس بدلائيندي هئي. سارو ڏينهن عنبر پيئي مکيندي هئي. اکين ۾ سـُرمو وجهندي هئي ۽ قيمتي عطرن سان پيئي وهنجندي هئي. مگر انهيءَ کان به وڌيڪ سندس خاص خوشيءَ جو سبب هڪ هار هو، جنهن ۾ ٻه شب چراغ جڙيل هئا، جي رات جو پنهنجيءَ ٿڌيءَ روشنيءَ سان ساريءَ محلات کي منور ڪري ڇڏيندا هئا. ڪوءور جو مڱڻو سندس هڪ نوجوان مائٽ، اتماديءَ سان ٿيل هو، جنهن جي ڀيڻ جمنا سندس هميشه جي ساٿياڻي هئي.

هڪ ڏينهن جمنا، ڪوءروءَ کي سندس آڏاڻي وٽ ويٺل ڏٺو، جو بلڪل پراڻو هو. چوڻ لڳي ته هي آڏاڻو توکي نٿو سونهين. تنهنجي پيءُ جهڙي ماڻهوءَ جي نياڻيءَ کي ته سونو آڏاڻو هجي، جنهن ۾ قيمتي جواهر جڙيل هجن. ڪوءورءَ جي دل انهيءَ ڳالهه تي ريلو کاڌو ۽ هڪدم ان جي ٺهرائڻ لاءِ هڪ سونارو گهرايائين جو سڄي شهر ۾ بهترين ڪم ڄاڻندو هو. هن جي هدايت سان، ڏهن ڏينهن اندر انهيءَ سوناري هڪ خوبصورت آڏاڻو، سارو سون ۽ ياقوتن سان جڙيل تيار ڪيو، جو اهڙو چلڪندو هو، جهڙو چنڊ. جڏهن آڏاڻو تيار ٿيو، تڏهن ڪوءروءَ پنهنجي سرتين کي دعوت ڏني ته اچي هن جي سبڻ ڀرڻ واري ڪوٺيءَ ۾ سندس سوني آڏاڻي کي ڏسن. پوءِ سڀني سرتين سندس قيمتي آڏاڻي جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ ساراهيو ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي آڏاڻن تي ويهي ڪم ڪرڻ لڳيون. پر ڪوءورءَ کي سندس نئين رانديڪي جي خوشيءَ بيقرار ڪري رکيو هو. هوءَ رڳو پيئي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ خوشيءَ وچان ڪـُڏندي ۽ ٽـُپندي هئي يا ته وري سارو ڏينهن آرسيءَ ۾ پنهنجي سونهن کي ڏسيو پيئي ساراهيندي هئي. ساهيڙين هن کي سندس چلولائيءَ تي پئي چيڙايو، مگر هن انهن جي ڪا به پرواهه ڪانه ٿي ڪئي. آخر ڪمري ۾ نچندي، ٽپندي جمنا جي آڏاڻي کي ڪيرائي ڀڃي وڌائين. جمنا کان صبر ڇڏائجي ويو ۽ هڪدم ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ته: ”تون منهنجي غريب ڀاءُ اتماديءَ جي وس جي نه آهين. توکي جـُڳائي ته وڃي چنيسر کي مڙس ڪر.“

چنيسر ديول ڪوٽ جو شهزادو هو ۽ ساري راجپوت قوم جو وڏو سردار هو. ڪوءروءَ کي جمنا جي طعني ڏنگي وڌو، سو ڪمري مان ڊوڙي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، پنهنجي ماءُ مارڪيءَ کي وڃي جمنا جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائين ته: ”مان انهيءَ ڏائڻ جي ڀاءُ اتماديءَ سان هرگز شادي نه ڪنديس ۽ چنيسر سان شادي ڪري کيس جلائينديس.“

پهريائين ته راڻي مارڪي ڌيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر آخرڪار هوءَ سندس مڱڻو اتماديءَ سان ٽوڙڻ تي راضي ٿي ۽ چنيسر سان پرڻائڻ جي فڪر ۾ پئجي ويئي.

انهيءَ کان پوءِ راڻي راءِ کنگهار وٽ ويئي ۽ هن کي رضامند ڪيائين، جنهن پنهنجي مرضيءَ جي خلاف اجازت ڏني ته پنهنجي ڌيءَ کي چنيسر جي درٻار ۾ وٺي وڃي. هن انهيءَ لاءِ اُٺ ۽ ٻيا دولت جا انبار سفر لاءِ تيار ڪرائي، مارڪي ۽ ڪوءوروءَ کي پنج سئو گهوڙيسوار سنڀال لاءِ ۽ چار_پنج ٻانهيون راڻي ۽ شهزاديءَ جي خدمت لاءِ حوالي ڪيا.

قافلو ديول ڪوٽ ڏانهن راهي ٿيو. هو جيئن راجپوتانا ڏانهن وڌندا ٿي ويا ته شهزادي ڌڻيءَ کان دعائون گهرندي پئي هلي ته شل چنيسر هن کي هٿ اچي. رستي تي هن قافلي کي چورن جي پاٿاريدار ”سارڪ“ جي جاگير مان لنگهڻو هو، جنهن پنهنجي ماڻهن هٿان هنن کي ترسڻ جو حڪم ڏنو ۽ کانئن محصول جي طلب ڪئي، مگر جڏهن شهزاديءَ جي قاصد کان خبر پيس ته هوءَ طاقتور چنيسر جي ڪنوار آهي ته هڪدم ڊڄي، هنن کي بنا محصول وٺڻ جي ڇڏي ڏنائين.

هر روز شهزادي ڳوٺاڻن کان حال احوال پڇندي رهندي هئي ته ديول ڪوٽ اڃا ڪيترو پري آهي. آخرڪار هڪ ڏينهن، هڪ ٻڪرار کيس ٻـُڌايو ته باقي ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. سڀئي انهيءَ خبر تي ڏاڍا سـَرها ٿيا ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ پريان هنن کي پنهنجي منزل مقصود نظر آئي.

هيءَ اڻ سڌريل شهزادي، هوند سڌو چنيسر وٽ لنگهي وڃي ها ۽ شاديءَ لاءِ چويس ها، ليڪن هن جي وڏيءَ عمر ۽ عقل واريءَ ماءُ هن کي روڪيو ۽ چيو ته: ”منهنجي ڌيءَ، توکي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي پاڻ کي گهوڙن جو واپاري ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجو مقصد آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهنديونسين. اسان کي پنهنجا گهوڙا وڪڻڻا نه آهن، پر اسان انهن جي بها اهڙي ڳري ٻڌائينداسين، جو ڪو به خريد ڪري نه سگهندو.“

ڌيءَ، پنهنجي ماءُ جي صلاح سان اتفاق ڪيو، ۽ پوءِ ديول ڪوٽ وٽ وڃي ديرو ڪيو ۽ پاڻ کي گهوڙن جو واپاري سڏايو. انهيءَ دم ساري ديول ڪوٽ جا ماڻهو گهوڙن کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، پر ڳري قيمت ٻـُڌي سڀ نااميد ٿي موٽي ويا.

هڪ ڏينهن، هڪ پوڙهي عورت، ڪوءورءَ وٽ گلن جا هار وڪڻڻ لاءِ کڻي آئي. راجڪماري، گلن کي ڏسي اهڙي ته راضي ٿي، جو پنهنجي ساري ڪهاڻي مـُنڍ کان وٺي آخر تائين هن کي ڪري ٻڌايائين ۽ هن کي منت ڪيائين ته ڪا اهڙي وٿ ڪڍ، جو چنيسر سان ملي سگهجي ۽ ساڻس اهو به وچن ڪيائين ته، جيڪڏهن سندس اٽڪل ڪامياب ٿي ته، پوءِ جيڪو به انعام گهرندي، سو کيس ڏنو ويندو. مگر ٻـُڍيءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو ته: ”مان انهيءَ معاملي ۾ ڪجهه به ڪري نٿي سگهان، پر جيڪڏهن تون هن جي وزير جکري کي چوندينءَ ته شايد تنهنجي مقصد جي ڪا نه ڪا راهه ڪڍي وجهي. ڪوءرو، ٻـُڍيءَ کي پنهنجيءَ ماءُ وٽ وٺي ويئي ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻيون گڏجي، جکري جي گهر ويون ۽ هن کي سڄي ماجرا اول کان آخر تائين ڪري ٻڌايائون. ڪوءرو هن جي پيرن تي ڪري، ليلائي چوڻ لڳي ته: ”ڀلائي ڪري منهنجي مدد ڪريو.“ آخرڪار وزير جي دل ڀِني ۽ چيائينس ته: ”دلجاءِ ڪر. مان سڀاڻي راجا چنيسر کي ٿو چوان ۽ مون کي پڪ آهي ته هو توکي پاڻ وٽ آڻيندو.“ ائين چئي، ٽنهي ڄڻين کي رخصت ڏنائين.

جکرو صبح سان چنيسر وٽ ويو ۽ ڪوءورءَ جي اچڻ جي ڳالهه ساڻس چوريائين ۽ راجا تي زور آندائين ته هن کي پاڻ وٽ گهرائي ۽ پنهنجي اکين سان هن جي سونهن جو مشاهدو ماڻي. مگر چنيسر بيرُخيءَ سان وراڻي ڏني ته: ”توکي خبر آهي ته منهنجي ليلان، منهنجي محلات ۾ موجود آهي، جنهن کي مان بيحد پيار ٿو ڪريان. ڀلا اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڌاريءَ عورت سان ڪيئن ناتو رکي سگهندس؟ چڱو ائين آهي ته ڪوءروءَ کي واپس وڃڻ  جو چئو. مون کي هن جي گهرج ڪانه آهي.“

جکري هن نااميديءَ جو نياپو ڪوءروءَ کي آڻي پهچايو. ڪوءرو وزير اڳيان ڪين ڪـُڇيو، پر پوءِ راڻي مارڪي کي چيائين ته: ”اما، منهنجي جيئڻ جو باقي هڪ وسيلو وڃي رهيو آهي، هارائي گهر موٽڻ کان بهتر آهي ته آءٌ پاڻ کي هتي ئي ماري ختم ڪري ڇڏيان. مان سمجهان ٿي ته اسان کي خود ليلان وٽ وڃڻ گهرجي، هوءَ شايد مون تي قياس ڪري ۽ چنيسر سان ملڻ ۾ مدد ڪري.“

راڻي ڳالهه مڃي. ماءُ ۽ ڌيءَ گڏجي ليلان جي محلات ۾ ويون. ليلان هنن کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪيئن آيون آهيو؟“ ڪوءرو جواب ڏنو ته: ”اسين هتي مسافر آهيون، اسان جو پئسو پنجڙ سڀ کپي ويو آهي، ڌڻي توکي قياس ۽ وڏو مرتبو بخشيو آهي، سو اسان کي ڀلائي ڪري پنهنجي گهـَر جي ڪم تي رک. منهنجي ماءُ کي ڪپهه ڪـَتڻ اهڙي ايندي آهي جهڙو پـَٽُ، ۽ مون کي جيڪو به ڪم ڏيندينءَ، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

ليلان کي هنن ٻنهي مسافر عورتن تي قياس آيو ۽ کانئن نالا پڇي، پنهنجون نوڪرياڻيون ڪري رکيائين. ڪوءروءَ کي روزانو چنيسر جي هند پکيڙڻ جو ڪم ڏسيائين، ۽ مارڪيءَ کي حڪم ڪيائين ته مڙسس لاءِ لـُنگي اُڻي تيار ڪري.

هڪ ڏينهن ڪوءرو جي اکين مان ڳوڙها ڳڙهي، سندس ڳلن تي وڃي پيا. هن دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، پر چنيسر سان ملڻ جي اميد نظر نٿي اچي. ليلان هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته: ”ڇو ٿي روئين؟“ ڪوءروءَ جواب ڏنو ته: ”راڻي! مان روئان ڪانه ٿي، مگر بتيءَ جو دونهون اکين ۾ آيو آهي، تنهنڪري پاڻي نڪتو آهي، پنهنجي گهر ۾ اسين بـَتي ڪونه ٻاريندا هئاسون، بلڪ شب چراغ، جيڪي منهنجي هار ۾ جڙيل آهن، اهي سڄي گهر کي هيٺان کان مٿي تائين روشن ڪري ڇڏيندا هئا.“ ليلان

انهيءَ تي کِلي چيو ته مون کي هار ڏيکار ته پوءِ توتي ويساهه ڪريون. ڪوءرو هڪدم ويئي ۽ وڃي پيتيءَ مان هار ڪڍي آئي. ٻنهي شب چراغن جي ٿڌي سائي چمڪ سڄيءَ محلات کي روشن ڪري ڇڏيو، ۽ انهن ليلان جي دل تي موتمار زهر جو ڪم ڪيو. ”گهـُر جيڪي توکي کپي.“ انهيءَ متوالي ليلان واڪو ڪري چيو: ”گهـُر جيڪي توکي وڻي، پر مون کي اهو عجيب هار ڏي.“ ڪوءرو چيس ته مون کي پئسو ڪونه کپي، رڳو مون کي هڪ رات پنهنجي مڙس چنيسر سان گذارڻ ڏي. ليلان، جنهن کي هار جي موهه انڌو ڪري ڇڏيو هو، هڪدم راضي ٿي چيائينس ته تون پنهنجي گهر وڃ ۽ مان هن کي شام جو تو وٽ وٺي اينديس.“

ڪوءرو گهر ويئي ۽ هڪدم قيمتي غاليچا فرش تي پکيڙيائين ۽ جيترو به ٿي سگهيس، چنيسر جي آڌر ڀاءُ لاءِ پنهنجي غريباڻي اجهي کي سينگاريائين، جنهن ۾ پاڻ ۽ راڻي مارڪي ٿي رهيون.

انهيءَ شام جو راجا پنهنجي دوستن ۽ درٻارين جي محفل ۾ خوب شراب نوشي ڪئي هئي، ۽ ايستائين عيش ۾ مست رهيو، جيستائين هن جو دماغ شراب جي نشي ۾ ٽمٽار ٿي ويو. جڏهن ليلان جي محلات ڏانهن موٽڻ جي ڪيائين ته گهوڙي تي مس ويهي ٿي سگهيو. ڪافي دير کان پوءِ محلات ۾ پهتو ۽ ليلان هن کي کيڪارڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ راجا کي اهڙي حالت ۾ ڏسي بيحد خوش ٿي، انهيءَ خيال کان ته هاڻي جيڪي به هن کي چونديس، سو ضرور قبول ڪندو. پوءِ هن کي ويجهو وڃي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجا سرتاج! منهنجي نوڪرياڻي ڪوءرو توهان جي محبت ۾ ماندي آهي، سو ڪرم ڪري هن جي گهر وڃو ۽ فقط اڄوڪي رات هن کي وڃي خوش ڪريو. چنيسر جيتوڻيڪ نشي ۾ هو، تڏهن به ڳالهه ٻڌڻ سان هڪدم انڪار ڪيائين، پر پوءِ جيئن مٿس مدهوشي وڌندي ٿي ويئي ۽ هو وڦليو پئي، تڏهن ليلان جي ٻانهيءَ گهوڙي جو لغام هٿ ۾ ڪري، گهوڙي کي واڳ کان وٺي ڪوءرو جي در تي وڃي پهتي. چنيسر بلڪل بي خبر هو ته ٻانهي ساڻس ڇا پيئي ڪري. ڪوءرو هڪدم راجا کي کيڪاري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي، جتي برهمڻ تڙ تڪڙ ۾ هنن جي ويڏي پڙهي ورتي. تنهن کان پوءِ، هوءَ چنيسر کي هنج ۾ ڪري چوڻ لڳي ته آءٌ توسان ڪيڏو نه پيار ٿي ڪريان. مگر چنيسر شراب جي نشي جي ڪري پاڻ کي پلنگ تي کڻي اڇليو ۽ ديوار ڏي منهن ڪري، الوٽ ننڊ ۾ سمهي پيو. ڪوءرو ڪلاڪ کن جتن ڪيا ته جيئن کيس سجاڳ ڪري، مگر آخرڪار نااميد ٿي ماءُ جي ڪمري ۾ ويئي ۽ اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽڪي. چي، ”امان، مان ڇا ڪريان؟ چنيسر مون ڏانهن نڪي نهاري ٿو، نڪي وري ڳالهائي ٿو. مون ڏانهن پـُٺ ورائي ڇڏي اٿس ۽ منهنجي هزار مٿن هڻڻ جي، هو جاڳي ئي نٿو.“ ماڻس جواب ڏنس ته: ”توکي ضرور جاڳائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن کي ليلان کان هار جي عيوض خريد ڪيو اٿيئي.“

انهيءَ مهل جيئن ڪوءرو ڪمرو ڇڏي ٻاهر نڪتي ته چنيسر جاڳي پيو ۽ ڪوءرو ۽ ماڻس جي گفتگو ٻڌي ورتي. سمجهيائين ته ليلان مون کي هار جي عيوض ڪوءروءَ کي وڪڻي ڏنو آهي. انهيءَ ڳالهه کي ويچاريندي، هن جي سيني مان غيرت جي باهه ڀڙڪي آئي، هڪدم ڪوءروءَ کي سڏايائين ۽ کانئس سڄي حقيقت معلوم ڪري، پڪو پهه ڪيائين ته ڪوءروءَ کي ليلان جي عيوض پنهنجي راڻي ڪندس.

ٻئي ڏينهن هڪ عاليشان دعوت، پنهنجي نئين ڪنوار جي اعزاز ۾ ڏنائين. اهو سڄو ڏينهن ليلان، راجا لاءِ واجهايو، مگر بي سود. آخرڪار ٻانهيءَ کي سڏڻ لاءِ موڪليائين، پر راجا ٻانهيءَ کي چيو ته وڃي پنهنجي سانئڻ کي چئو ته: ”مان هاڻي تنهنجو ڀتار نه آهيان، ۽ هاڻي اِهو هار سندس گهوٽ آهي، جنهن تي مون کي وڪيو اٿس.“

جڏهن ليلان کي اهو نياپو مليو، تڏهن هڪدم وٺي محلات ڏانهن ڊوڙي. مگر دربان کي حڪم مليل هو ته ليلان کي ڪنهن به صورت ۾ اندر گهڙڻ نه ڏئي. انهيءَ ڪري در تان نااميد ٿي هلي ويئي ۽ پوءِ هڪ دريءَ مان، جيڪا راجا جي خاص ڪمري ۾ هئي. ليو پائي ڏٺائين. ڇا ڏسي ته چنيسر ۽ ڪوءرو پاڻ ۾ عشق بازي پيا ڪن ۽ انهيءَ منظر هن کي ايترو ته گهائي وڌو جو آخر هوءَ بيهوش ٿي ويئي ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، ته پاڻ کي کڻائي گهر ڏي آئي ۽ پوءِ مٿي ۾ ڌوڙ وسائيندي، سينو پٽيندي، سڏڪا ڀريندي، روڄ راڙو شروع ڪري ڏنائين. پاڙي جون سموريون زالون ڊوڙي وٽس آيون، مگر جڏهن هنن ٻڌو ته هن پنهنجي مڙس کي هار تي وڪيو آهي، تڏهن سڀني مٿس ملامت ۽ ٺٺولي ڪئي ۽ گهر مان نڪري ٻاهر هليون ويون.

آخرڪار ليلان نراس ٿي وري موٽي محلات ڏي ويئي ۽ زبردستيءَ دربان وٽان ڌوڪيندي، وڃي ڪوءروءَ وٽ پهتي ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ دغا بازيءَ جا طعنا ڏنائين. مگر ڪوءروءَ ڌڪار مان فقط ايترو چيس ته، ”توکي پنهنجي پتيءَ سان محبت هجي ها ته هن کي هرگز ڪين وڪڻين ها. هاڻي ڇو نٿي هار پائي انهيءَ سان پاڻ کي وندرائين ۽ خوش رکين!“ آخر ليلان کي چيائين ته هڪدم ديول  ڪوٽ مان نڪري وڃ، ورنه توتي هڪ آفت اچي ڪڙڪندي.

آخر بدنصيب ليلان، چنيسر کي ليلائي التجا ڪئي ته مون کي پنهنجي گهر ڏانهن موڪليو ته جيئن منهنجي ماءُ، منهنجي دل کي پرڀائي سگهي. چنيسر هن کي وٺي وڃڻ تي راضي ٿيو. جيتوڻيڪ ساڳئي اُٺ تي سواري ڪيائون، مگر چنيسر هن سان هڪ اکر به نه ڳالهايو. رستي تي هرڻن جو ڌڻ ڏٺائون، جتي چنيسر اُٺ کي جهڪايو ۽ هرڻ جو شڪار ڪيائين، پوءِ باهه تي هڪ هرڻ کي پچرايائين. ليلان کي اميد هئي ته هميشه وانگر کيس به پڪل گوشت جو حصو ملندو، مگر چنيسر سمورو گوشت پنهنجي نوڪرن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ورهائي، پنهنجو حصو پاڻمرادو کائي ڇڏيو ۽ راڻيءَ کي ڪي به ڪين ڏنائين. ان کان پوءِ، اُٺ تي سوار ٿي، ليلان جي گهر جو رخ رکيائون. ليلان جي پيڪاڻي گهر کان ٿوري پنڌ تي، چنيسر کيس اُٺ تان لاهي، پنهنجي اُٺ جو رخ ڦيرائي، پنهنجي ماڻهن ۽ نوڪرن سان نهايت تيز رفتار سان پنهنجي شهر پهتو.

ليلان کي اميد هئي ته چنيسر هن وٽ موٽي ايندو، مگر سالن جا سال گذري ويا ته هن جو پتو ئي ڪونه پيو. آخر چنيسر کي ڏسڻ جي اُميد لاهي ويٺي.

هڪ ڏينهن، بادشاهه جي وزير جکري جو مڱڻو ليلان جي ڪنهن مِٽياڻيءَ سان ٿيو ۽ هو شاديءَ لاءِ هن جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلان جي ماءُ کي جو خبر پيئي، سو پنهنجي ڪٽنب جي گهر ويئي ۽ کين ٻانهن ڏيڻ کان روڪيائين ۽ جکري کي چيائين ته: ”منهنجي ڳوٺ جي ڪا به نياڻي، ديول ڪوٽ وارن سان ڪانه پرڻبي، ڇاڪاڻ ته اُن جو به اهڙو حال ٿيندو، جهڙو چنيسر ليلان جو ڪيو آهي. جکرو نراسائيءَ ۾ ليلان وٽ ويو. آخر ليلان کي هن تي رحم آيو ۽ چيائينس ته: ”منهنجي محب کي پنهنجي وهانءُ تي وٺي اچ، ته پوءِ توکي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪين ڪبو. جکرو تيز رفتار سان، ديول ڪوٽ موٽي ويو ۽ راجا کي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: ”مون سان گڏجي شاديءَ تي هلو.“ وڌيڪ عرض ڪيائين ته: ”منهنجا سائين! مون ساري عمر توهان جي خدمت ڪئي آهي، مون سان هي وَڙُ ڪريو، ورنه هو مون کي پنهنجي مڱينديءَ سان شادي ڪرڻ ڪونه ڏيندا.“

چنيسر پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر آخرڪار مڃيائين ۽ هڪ بهادر بورائن جو هٿياربند جٿو، شرنائيون ۽ دُهلائي ساڻ ڪري، جکري سان گڏجي ليلان جي ڳوٺ ويو. جيئن ڳوٺ جي ويجهو پهتو، ته ليلان شهر جي جوان سرتين سميت بانقاب چنيسر کي کيڪارڻ لاءِ اڳتي وڌي. هن جي دل چاهيو پئي ته پاڻ

کي چنيسر جي قدمن تي اڇلي، ليڪن خيال ٿيس ته متان هو کانئس ٽهي وڃي ۽ سڀ مٿانئس کِلن، تنهنڪري اڳتي وڌي عرض ڪيائين ته: ”مرحبا! منهنجا بادشاهه سائين! اسان کي اميد آهي ته اسان جي هن غريب شهر مان، توهان ڪا ڇوڪري پسند ڪندا، پر اوهان جنهن کي پسند ڪريو، اُنهيءَ سان ڀلائي ڪري، مسڪين ليلان جهڙو ورتاءُ نه ڪجو.“ اهي لفظ هن ايڏي تي ناز نخري سان چيا ۽ کِليو، جو چنيسر جي دل موهجي پيئي ۽ سڃاڻڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنائين ته: ”مان خوشيءَ سان توکي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن تون مون سان هلين. پر ان کان اڳ، تون ڀلائي ڪري، پنهنجو نقاب لاهه ته مان تنهنجي سهڻي شڪل ڏسان. مون کي پڪ آهي ته تنهنجي صورت، تنهنجي آواز کان وڌيڪ مٺي ۽ حسين هوندي.“ ليلان اُن تي نقاب پري ڪري، چوڻ لڳي ته: ”منهنجا بادشاهه سائين! ڏسو، مان خود ليلان آهيان، جنهن کي اوهان ڪوءروءَ خاطر پاڻ کان ڌڪي ٿوڪاري ڇڏيو. منهنجا سرتاج، مون کي قبول ڪر، مان اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“

ليلان اُهي لفظ چئي ختم ئي ڪين ڪيا ته کيس ڏندڻ پئجي ويا ۽ هوءَ مـُنهن ڀـَر وڃي ڪِري ۽ اُتي ئي ساهه ڏنائين. ليلان پنهنجي محبوب کي_ جنهن جي ملڻ لاءِ هوءَ ايترو ماندي هئي_ ملڻ سان جيڪا خوشي ٿيس، تنهن جو تاءُ سندس نرمل ۽ دُکن جو ستايل جسم سهي ڪين سگهيو. چنيسر هي منظر ڏسي دل شڪستو ٿي پيو ۽ نهايت ئي عاجزيءَ مان هٿ ٻڌي دعا گهريائين ته: ”اي مالڪ مهربان! تون مون کي به پاڻ ڏانهن ڪوٺ، ڇاڪاڻ ته مان هاڻ ليلان کان سواءِ، هڪ دم به جِي نٿو سگهان.“ هن جي ڌڻيءَ در اِها ارداس قبول ٿي ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ، اتي جو اتي بادشاهه پاڻ به هوش حواس وڃائي، بيهوش ٿي، ليلان جي لاش مٿان وڃي ڪِريو.

جکري وزير هيءُ حال ڏسي، هڪدم ڏاگهه تيار ڪرايو ۽ هنن ٻنهي محبت جي متوالن جا لاش، باهه جي ڀنڀٽ ۾ جلي کامي ناس ٿيا. ڪوءروءَ جيتوڻيڪ حياتيءَ ۾ پنهنجي من جي مراد ماڻي، مگر ليلان، محبت جي آخري امتحان ۾، پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، پنهنجي محبوب چنيسر سان، هميشه لاءِ ملي، هڪ ٿي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com