سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 2

ٻئي ڏينهن راڻو، صبح جو، زنجيرن ۾ جڪڙيل شاهي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاهه هن ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ نفرت سان نهاريندي چيو ته ”مون کي توکان هڪ پرولي پڇڻي آهي، جيڪڏهن تو سـَلي ته پوءِ تون آزاد آهين، پر جيڪڏهن تو نه ڀـَڳي ته توکي اڄ جو اڄ موت جي سزا ڏبي.“ راڻي هٿ ٻڌي، وراڻيو ته جيڪا بادشاهه سلامت جي مرضي.“ ان کان پوءِ همير وراڻيو ته” اِجها هيءَ پرولي آهي:“

”ريشمي ساڙهيءَ ۾ ايڏو انگ ڪيئن آيو؟“

راڻي جي ڏاهپ کي مومل جي معاملي ۾ اڳيئي آزمايو ويو هو، سو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ جواب ڏنائين:

”همير پنهنجي راڻيءَ سان، جنهن کي تازو ننڍڙو ٻار ڄاول هو، ناز نخرا پئي ڪيا ته ايتري ۾ سندس ٻار کير لاءِ رُنو، جنهن تي راڻي ٽپ ڏيئي اٿي ته ساڙي ڦاٽي پيس.“

همير کي پنهنجي وزير جي حاضر جوابيءَ تي حيراني ٿي ۽ هڪدم هن جي آزاديءَ جو حڪم ڏنائين. ايتريقدر جو سڀڪجهه موٽائي ڏنائينس ۽ سندس پراڻا القاب به عطا ڪيائينس. ان کان پوءِ راڻو هر رات، اڳي وانگر، پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي، مومل جي ملاقات لاءِ ويندو هو.

آخرڪار راڻي جي زال ۽ سندس پيءُ ڪبير کي راڻي جي روزانو گم ٿيڻ تي شڪ جاڳيو. راڻي جي گهر واريءَ کي پنهنجي مڙس جي ڪپڙن تي ڳاڙهي دَزَ ۽ عمرڪوٽ جي اڇي مٽي نظر آئي، ۽ ساڳئي وقت مومل ۽ راڻي جي عشق جا قصا ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙبا ڪبير جي ڪـَنَ تي اچي پيا. هن کي عجب لڳو ته ڪيئن راڻو راتو رات مومل وٽ وڃي ۽ موٽي سگهي ٿو، ڇو ته فاصلو تمام گهڻو هو. گهڻيءَ جاچ کان پوءِ کيس هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ جي خبر پيئي، جنهن کي هن هٿ ڪري، ڪـُهرائي ڦٽو ڪيو، ۽ هاڻ پڪ ٿيس ته راڻو، مومل وٽ پهچي ڪونه سگهندو.

انهيءَ رات راڻي پنهنجي ڏاچيءَ جي ڳولا ڪئي، پر هن کي هٿ نه آئي ۽ نڪي هن کي جَـتَ مليا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪبير ڏاچيءَ کي ڪـُهرائڻ لاءِ اُتاولو هو، تڏهن هو خوف سببان ڀڄي نڪتا هئا. آخرڪار هن کي ٻوڙو جـَت مليو، جو پٺتي رهجي ويو هو. راڻي هن کان نهايت ئي رازدارانه نموني پڇا ڪئي ته ”منهنجي ڏاچي ڪٿي آهي؟“ ٻوڙي جت جواب ڏنو ”تنهنجي پيءُ ڪـُهرائي ڇڏي، پر انهيءَ جو هڪ توڏو آهي، جو توکي اهڙيءَ ئي تيزيءَ سان پهچائيندو.“ ائين چوندي هن کي اُٺن جي جهوڪ تي وٺي آيو، ۽ اهو توڏو، راڻي جي حوالي ڪيائين، ۽ پوءِ راڻي جي لانگ ورائڻ جي دير هئي. ان پنهنجي ماءُ کان به تيز رفتاريءَ سان راڻي کي مومل جي محلات ۾ آڻي رسايو. ان رات راڻو پنهنجي دستور خلاف مومل وٽ ساري رات ڪين ترسيو، بلڪ صبح کان اڳ گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا صاف ڪري اچي زال وٽ حاضر ٿيو ته جيئن هن کي شڪ نه پوي. راڻي کي صبح جو گهر ۾ ڏسي جوڻس ۽ سندس پيءُ سمجهيو ته راڻو هاڻي مومل وٽ ڪونه ٿو وڃي.

بدقسمتيءَ سان مومل ۽ راڻي جي محبت جو قصو مومل جي ماءُ جي ڪـَنن تائين پهتو ۽ مومل جي ڀيڻ سومل کي به اها خبر پئجي ويئي. ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي بدناموسيءَ جو گهڻو ارمان ٿيو، مگر سومل کي پنهنجيءَ ڀيڻ مومل جو راڻي سان عشق ۾ اَڙجڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار (شهزادن کي ڦاسائڻ ۽ دولت حاصل ڪرڻ) کي ترڪ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيو. هن چيو ته هاڻي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائو نه ڪري سگهبو. آخر سومل هڪ ظالمانه سٽِ سـَٽي، ڇا ڪيائين جو هڪدم مومل جي محلات ۾ ويئي ۽ هن کي مڪريلي نموني جو پيار ڏيکاري ساڻس گڏ سمهي پيئي. رات جو  جڏهن مومل کي ننڊ کڻي ويئي، تڏهن سومل پلنگ تان اُٿي، مرداڻه ڪپڙا پهري وري اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي پيئي.

هوڏانهن راڻو پنهنجي تيز اُٺ تي اونداهي رات ۾ پنهنجي محبوب ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هن کان رستو وڃائجي ويو. اوچتو هڪ اوٺيءَ تي نظر پوندي کانئس مومل جي محلات جو ڏَسُ پڇيائين. حقيقت هيءَ هئي ته اهو اوٺي خود سومل جو موڪليل هو ۽ راڻي جو انتظار ڪري رهيو هو. هو چوڻ لڳو ”اُها مومل، جا راجا نند جي ڌيءَ آهي ۽ سيتل جي ساهيڙي آهي؟“ ائين چوندي، راڻي کي رستو ڏيکاريائين. راڻي اِهي لفظ هڪ ڪـَن کان ٻـُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته کيس مومل جي محبت ۽ وفاداريءَ تي يقين هو. راڻو محلات ۾ پهچي ويو ۽ ماڙيءَ تي چڙهي، مومل جي ڪمري جو در کوليائين. ڇا ڏسي ته هن جي ڀر ۾ هڪ مرد سـُتو پيو آهي. اوڏيءَ مهل واٽ تي گڏجندڙ اوٺيءَ واري ڳالهه ذهن تي تري آيس.

راڻي کي اول ته اهڙو جوش آيو، جو چاهيائين ته تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ٻنهي کي اُتي جو اُتي پورو ڪري ڇڏي، پر پوءِ جڏهن مومل جي من موهيندڙ پيشانيءَ تي نظر پيس، تڏهن ٿڌو ٿي ويو. هن پنهنجي اُٺ کي هڪلڻ واري لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکيو ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي، اُٺ تي سوار ٿي عمرڪوٽ واپس پهتو.

صبح جو مومل جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجي پاسي ۾ راڻي جو لڪڻ پيل ڏٺائين. ٻاهر نڪري ڏٺائين ته، اُٺ جي اچڻ ۽ وڃڻ جا پيرا به موجود هئا. سمجهي ويئي ته راڻو رات آيو هو ۽ سومل کي منهنجي پاسي ۾ ستل ڏسي، بيوفا سمجهي موٽي هليو ويو. سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مومل هن ڏانهن ليلائي نياپو ڏياري موڪليو ته ”ڀلائي ڪري موٽي مون وٽ آءُ. تو جنهن ماڻهوءَ کي مون سان گڏ ستل ڏٺو هو، اُهو ڪو مرد ڪونه هو، پر منهنجي ڀيڻ سومل هئي.“ راڻي انهيءَ قاصد هٿان جواب موڪليو ته: ”مون جيڪي اکين سان ڏٺو، تنهن تي ڪيئن نه ويساهه ڪريان؟ ڪا به عورت مرد جا ڪپڙا پائي ڪانه سمهندي آهي.“ انهيءَ جواب کان پوءِ مومل هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي قاصد موڪليا ته راڻي سان ملي کيس اصلي حقيقت کان آگاهه ڪن، مگر راڻي کي ويساهه نه آيو، سو نه آيو. آخر راڻي قاصد هٿان اهو جواب ڏياري موڪليو ته ”مومل کي وڃي چئو ته مان توکي هرگز معاف نه ڪندس، توڙي کڻي تون منهنجي در تي ڪيترو به ليلائي اچي معافي گهـُرين.“

جڏهن قاصد اهو نياپو مومل کي اچي ڏنو، تڏهن ٻڌڻ شرط مومل جي دل کي سخت صدمو رسيو، پر پوءِ همت ڪري، مرداڻا گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در سئن هڻندي اچي عمرڪوٽ پهتي. انهيءَ ئي ڏينهن پتا پار پڇي اچي راڻي جي دروازي تي سئن هنيائين. هڪ درديلي آواز واري سئن ٻڌي، راڻو ٻاهر نڪتو. فقير کي مرداڻا ڪپڙا ڏسي سڃاڻي ڪونه سگهيو، پر هن جي موهيندڙ مهانڊي تي موهت ٿي پڇيائين ته ”فقير! توهان ڪٿان آيا آهيو؟ ڪڏهن کان سنياسي ٿيا آهيو؟ اصل کان انهيءَ حالت ۾ هئا يا دنيا کان بيزار ٿي ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءُ روپ ورتو اٿو؟“ سنياسيءَ جواب ڏنو ته ”ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت ۾ هيءُ روپ ڪين ورتو اٿم، پر دُکي سنسار جا ئي ڪرشما آهن، جنهن هيءُ ماڳ ڏيکاريو آهي.“ راڻو هن جي جواب کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ نهايت دل جي محبت سان چيائين ته ”سيلاني، ٻه _ چار ڏينهن اسان کي پنهنجيءَ خدمت جو جيڪر موقعو ڏين ته تنهنجا وڏا لائق ٿيندا.“ مومل ته پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ کان اهوئي سوال ٿي گهريو، سو سواءِ ڪنهن رد ڪد جي هڪدم ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين.

 

ٻن _ چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن راڻي سنياسيءَ کي ڍاري راند جي آڇ ڪئي ۽ کانئس راند جي هار جيت جي شرط پڇيائينس. سنياسيءَ وراڻي ڏني ته: ”جيڪڏهن مون کٽيو ته مان توهان وٽ هميشه لاءِ ترسي پوندس، پر جي هارايم ته سڀاڻي هتان هليو ويندس.“ راڻي کلندي جواب ڏنو ته: ”جيئن توهان جي مرضي.“ ائين چئي ٻئي ڄڻا راند تـي ويـهي رهيـا. راڻـو پنـهـنجو وارو

 

هليو ۽ جيئن مومل جو وارو آيو ۽ ڍاري کڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تيئن هن جي ٻانهن اگهاڙي ٿي پيئي ۽ بدقسمتيءَ سان ٻانهن وارو تِر، جو راڻي جو ڏٺل هو، ظاهر ٿي پيو. ٻانهن جي تِر تي نظر پوندي، راڻو راند ڇڏي، ٽپ ڏيئي، اٿي کڙو ٿيو. مومل ڄاڻي ويئي ته راز ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته مومل راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ آزين نيزارين ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر راڻي جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

مومل دل شڪسته ٿي شهر کان ٻاهر نڪتي، هن سوچيو ته هاڻ هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. اهو فيصلو ڪري هڪ چکيا تيار ڪرايائين. اها خبر راڻي جي ڪنن تائين وڃي پهتي ته هڪ سـَتي پاڻ کي شهر کان ٻاهر چکيا تي چاڙهي رهي آهي. هن کي يقين ٿيو ته شايد اها مومل هجي، جنهن نااميد ٿي، اهو قدم محبت جي ناڪاميءَ سببان کنيو آهي. اهو سوچي هن کي سخت ارمان ٿيو ۽ بي اختيار ٿي دانهن ڪري چيائين ته: او مومل! مون توکي معاف ڪيو، آءٌ غلطيءَ تي هوس. مان تنهنجي محبت کي سچو سمجهان ٿو.“ پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. محبت پنهنجي آخري انجام جو فيصلو ڪري چڪي هئي. مومل وراڻيو: ”تنهنجي انهيءَ اقرار کان پوءِ مون لاءِ هاڻي وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي، هن هڪدم پنهنجو پاڻ مچ ۾ اڇلي وڌو.

باهه جو وڏو ڀنڀٽ آسمان کي ڇـُهي رهيو هو. مومل جو هيءُ انجام ڏسندي، راڻي جو هوش حواس گم ٿي ويو. هن بي اختيار بنجي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپ ڏنو. اهڙيءَ ريت هي ٻيئي عاشق ۽ معشوق، محبت جي آخري امتحان ۾ پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، هميشه لاءِ جاودان بنجي ويا.

4_ راجبالا

راجبالا ويشلپور جي هڪ ٺڪر، پرتابسنگ جي ڌيءَ هئي ۽ ساري ملڪ ۾، سونهن سوڀيا، عقل ۽ سمجهه ۽ جرئت ۾ پنهنجو مـَٽُ پاڻ هئي. اڃا ننڍڙي ٻار هئي، جو سندس پيءُ هن جو مڱڻو سوڍي راجپوت، انارسنگ جي پٽ اجيتسنگ سان ڪري ڇڏيو هو. هي انارسنگ امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.

انار سنگ هڪ ننڍڙي ملڪ جو راجا هو ۽ جيئن ته هن پاڻ وٽ گهوڙيسوارن جو هڪ لشڪر رکيو هو ۽ انهن جي خرچ جي پورائي لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي ڳوٺن تي ڦرلٽ ڪرائيندو رهندو هو. هڪ ڏينهن سنڌ جي راجا، پنهنجو خزانو هڪ پيدل قافلي سان ڪنهن طرف روانو ڪيو. اها خبر انارسنگ جي ڪن تي وڃي پيئي، جنهن فيصلو ڪيو ته انهيءَ خزاني کي ضرور لـُٽجي. ان نيت سان پنهنجي گهوڙيسوارن سان قافلي کي گهيرو ڪري انهن تي حملو ڪيائين، مگر خزاني جي حفاظت وارا وڏا بهادر ۽ فرض شناس هئا، ان ڪري وڏيءَ مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائون. انارسنگ جا گهوڙيسوار ڪي ڀڳا ۽ ڪيترا قيد ٿيا. سنڌ جي راجا کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن انارسنگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ، سندس سموري جائداد ضبط ڪري، کيس سندس ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. بدنصيب انارسنگ ڀڄي وڃي ڪنهن هنڌ پناهه ورتي، جتي آخرڪار غربت ۽ گمناميءَ ۾ مري ويو.

انارسنگ جي موت کان پوءِ، هن جي بيواهه زال، پنهنجو سارو تن من پنهنجي پٽ اجيتسنگ، جي سنڀال لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. آخرڪار جنهن وقت سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ قدم رکيو، انهيءَ وقت هوءَ گذاري ويئي. اجيتسنگ پنهنجي مٿي اڪيلو رهجي ويو. پهريائين سنڌ جي راجا کي منت ڪيائين ته سندس ملڪ موٽائي ڏئي، پر راجا انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هن کي پنهنجي مڱيندي، راجبالا، جو خيال آيو ۽ هڪ عزيز کي ٺاڪر پرتابسنگ ڏانهن موڪليائين ته وڃي هن کي چوي ته پنهنجو واعدو پورو ڪري ۽ پنهنجي ڌيءَ هن کي پرڻائي ڏئي.

جڏهن اجيتسنگ جو ماڻهو، ويشلپور پهتو، انهيءَ وقت راجبالا سورهن سالن جي هئي ۽ هوءَ پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ٿيل مڱڻي بابت پيئي سوچيندي هئي. جڏهن خبر پيس ته هو هينئر هڪ وڏو بهادر ۽ سهڻو جوان آهي، تڏهن هن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه رهي ته هو هينئر دنيا ۾ سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي. راجپوت لاءِ تلوار کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت ڪانه ٿي ٿي سگهي، سو جڏهن اجيتسنگ جو قاصد ويشلپور آيو، تڏهن راجبالا کيس چوائي موڪليو ته آءٌ هر حالت ۾ تنهنجي آهيان، پوءِ ڇا به ٿئي ۽ جيڪڏهن منهنجي پيءُ شاديءَ کان انڪار ڪيو ته آءٌ ٻئي ڪنهن سان به شادي ڪانه ڪنديس.

ٺاڪر پرتابسنگ جواب ۾ چيو ته مان راجبالا جو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مگر مون کي اها پڪ ڏئي ته هو مون تي ڪين ڀاڙيندو ۽ ٻيو شرط هيءُ آهي ته پاڻ سان 20 هزار رپيا کڻي اچي ته راجبالا جو سـَڱُ کيس ڏيندس“.

قاصد ٻئي نياپا کڻي اچي اجيتسنگ کي پهچايا. هو راجبالا جو نياپو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، مگر ٺاڪر جو شرط ٻڌي پريشان ٿيو. 20 هزار ته ٺهيو، پر 20 رپيا به هن وقت پونجي ڪانه هئي ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڪجهه عرصو غلطان رهيو. پر آخر هن کي جيسلمير جي هڪ شاهوڪار صراف جي يادگييري آئي، جنهن سان هن جو پيءُ اڪثر وهنوار رکندو هو. هو جيسلمير ويو ۽ صراف کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، هن کان 20 هزار رپيا اُڌارا گهريائين. ٻڍو صراف ڳچ دير تائين اجيتسنگ ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ آخر جواب ڏنو ته 20 هزار توکي ڏيندس، مگر شرط هيءُ آهي ته زال کي تيستائين پنهنجو نه ڪري سمجهندين، جيستائين اهو قرض وياج سميت مون کي ادا نه ڪندين. بدنصيب اجيتسنگ پهريائين خيال ڪيو ته اهو شرط قبول نه ڪري، مگر ٻيو ڪو به وسيلو پئسن هٿ ڪرڻ جو نه ڏسي، آخرڪار راضي ٿيو ۽ 20 هزار رپيا وٺي ويشلپور روانو ٿيو.

ٻـُڍي ٺـَڪر، جنهن سمجهيو هو ته انهيءَ شرط سببان اجيتسنگ مان جند آزاد ٿيندي، تنهن جو اجيتسنگ کي محلات جي دريءَ مان ايندي ڏٺو، سو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هو وَچن ڏيئي ويٺو هو، سو ناڪار نٿي ڪري سگهيو. آخر راجبالا کي اجيتسنگ سان مناسب رسمن رواجن جي ادائگيءَ سان پرڻايائين ۽ کين رهڻ لاءِ پنهنجو هڪ محلات ڏنائين.

جڏهن هيءُ جوان جوڙو رات جو آرامي ٿيو، تڏهن راجبالا کي هي ڏسي حيرت لڳي ته مڙسس تلوار مياڻ مان ڪڍي، ٻنهي جي وچ تي رکي ڇڏي. شرميلي راجبالا کان اِهو نٿي پـُڳو جو مڙس کان ان ڳالهه جو سبب معلوم ڪري. ڪيترائي ڏينهن ائين گذري ويا. آخرڪار همت کي هٿ ۾ جهلي، هن وٽ ويئي ۽ چيائينس: ”منهنجي دل جا راجا! مان اڪثر توهان کي ٿڌو ساهه کڻندو ڏسندي آهيان، ڄڻ ڪنهن وڏي غم جو شڪار آهيو. مان توهان کي منٿ ٿي ڪريان ته مون کي ٻڌايو ته ماجرا ڪهڙي آهي؟ مان توهان جي ٻانهي آهيان، اوهان جيئن به چوندوء، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ويندي پنهنجي جان به توهان لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائينديس. هر تڪليف جو ڪو نه ڪو علاج ضرور آهي، مگر غم لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به موثر ڏَسُ ڪونهي ته پنهنجي دل جي دوست سان حال اورجي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com