سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 7

ابڙاڻي واري ابڙي، ڀاڳ جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ بادشاهه جو خط پڙهي کيس چيائين ته: ”بادشاهه کي چئج ته مان سومرين جي ننگ ناموس جي مرڻ گهڙيءَ تائين حفاظت ڪندس.“ ڀاڳ، ابڙي جو اهو نياپو بادشاهه تائين پهچايو، جنهن کيس حڪم ڪيو ته سومرين کي ابڙي وٽ وٺي وڃي. ابڙي هنن عورتن کي کِلي کيڪاريو ۽ محلات ۾ ويهاريو ۽ پنهنجو سڀڪجهه سندن حوالي ڪيو. پوءِ دودي کي چوائي موڪليائين ته: ”توهان جون امانتون اسان وٽ محفوظ آهن، تنهنڪري مڙسن وارو مقابلو ڪجو. ڏسو متان سنڌ جي مٿان ڪا آفت آڻيو ۽ سومرن جو نالو نشان ناس ڪري ڇڏيو.“

جڏهن دودي کي يقين ٿيو ته سندس ٻار ٻچا ۽ ٻيون سومريون عورتون محفوظ آهن، تڏهن شهر جي چوڌاري هڪ وڏي کاهي کڻايائين ته جيئن حملي وقت دشمنن جا گهوڙا ان ۾ ڪِري پون. ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ مضبوط اوزار ٺهرايائين. ڇا ڪيائين جو هڪ گهاڻي جي هٿئي ۾ شيهو وجهرايائين، ان جي هڪ پاسي کان چار تلوارون ۽ ٻئي پاس ٽي تلوارون مضبوطيءَ سان ٻڌرايائين، پوءِ اهو هٿيار کڻائي پنهنجو لشڪر وٺي، علاءُ الدين جي بي پناهه لشڪر تي ڌوڪي آيو.

شروع ۾ سومرن جي ساري پئي نظر آئي ۽ دودو پنهنجي فوج سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ وڃي علاءُ الدين بادشاهه جي ويجهو پهتو. علاءُ الدين اهو ڏسي چنيسر کان پڇڻ لڳو ته: ”اهو ڪير جوان آهي؟“ چنيسر جواب ڏنو ته: ”اهو منهنجو ڀاءُ دودو آهي، جنهن مون کان تخت ٺڳي ورتو آهي.“ علاءُ الدين هي چوڻ تي مجبور هو ته: ”توڙي هن توکان تخت ڦري ورتو آهي، ليڪن هو سڀني سومرن سردارن ۾ وڌيڪ بهادر ٿو ڏسجي.“ دودو بادشاهه کي تير هڻڻ وارو هو، جڏهن هن سندس واتان پنهنجي تعريف جا لفظ ٻڌا ته هڪدم پنهنجي تير ڪمان هيٺ کڻي ڪيائين ۽ وراڻيائين ته: ”جيتوڻيڪ علاءُ الدين اسان جو دشمن آهي، ليڪن هو بهترين خاندان جو انسان آهي، ان کي نه مارڻ گهرجي.“ ٻئي پاسي علاءُ الدين، دودي۽ سندس ماڻهن تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي دير هئي، دودو ۽ ٻيا ڪيترائي سومرا سردار ميدان ۾ وڙهندي مارجي ويا. علاءُ الدين دودي جي لاش جي تلاش جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن هٿ آيو تڏهن چنيسر جي حوالي ڪرايائين. ڀاءُ جو لاش ڏسي، چنيسر زاروزار روئڻ لڳو. اهو حال ڏسي علاءُ الدين کي سخت غصو آيو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون کي سنڌ تي ڪاهڻ جي دعوت کان اڳ ۾ توکي سوچڻ گهربو هو. جيڪڏهن مون کي دودي جي بهادريءَ جي خبر اڳ ۾ پوي ها، ۽ تنهنجي گيدائپ جو به پتو هجي ها ته يقيناَ َ تنهنجي مدد ڪڏهن به ڪانه ڪريان ها. هاڻي سِگهو ڪر، ڀاڳي ۽ ٻيون سومريون عورتون اسان جي اڳيان حاضر ڪر.“

چنيسر روپا شهر ۾ داخل ٿيو، ڇا ڏسي ته شهر ماڻهن کان خالي پيو آهي. مرد سڀ جنگ ۾ مري چڪا هئا ۽ عورتون ابڙي وٽ پناهه ۾ رهيون. چنيسر اها ڳالهه بادشاهه علاءُ الدين کي وڃي ڪئي، جنهن ابڙاڻي واري ابڙي ڏانهن خط لکيو ته: ”سومريون عورتون هڪدم مون ڏانهن ڏياري موڪل، ان جي عيوض مان توکي ملتان ۽ ماٿيلي جي جاگير ڏيندس.“ جواب ۾ ابڙي سخت نابري واري ۽ علاءُ الدين سان مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

پهريائين ته ابڙي، علاءُ الدين جي لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ علاءُ الدين خود لشڪر جو مهندار ٿي، ابڙي سان وڙهڻ آيو. اهو ڏسي، ابڙي ڀاڳي ۽ ٻين سومرين کي دلجاءِ ڏني ته آءٌ پنهنجي جان اوهان جي حفاظت لاءِ فدا ڪندس، اوهان کي ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ پنهنجو پٽ ممات ۽ ٻيا ماڻهو ساڻ وٺي علاءُ الدين سان وڙهڻ ويو. پهريائين ممات شهيد ٿيو ۽ ڀاڳِي ان جي لاش کي ڏسي، ائين رُني، جيئن ڀيڻ ڀاءُ جي خون تي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي. ان بعد ابڙو ڪِريو ۽ واعدي مطابق پاڻ کي اندر زالن ۾ کڻائي ويو ته جيئن آخري دفعو انهن کي ڏسي سگهي. ابڙي جي موت تي سومريون سڀڪجهه وڃائي ويٺيون ۽ الله پاڪ کان دعا گهريائون ته امن ۾ رکي ۽ عزت بچائي. بس الله جي قدرت اهڙي ٿي جو اتي جو اتي زمين ڦاٽي پيئي ۽ سڀني کي ڳهي ويئي.

علاءُ الدين، ابڙاڻي ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ ابڙي جي گهر سپاهي موڪليائين ته وڃي ان جو سر ڪپي آڻين. اُهي اندر ويا، ليڪن ان مرندڙ ابڙي جي منهن ۾ ايڏو ته رعب هو، جو هو دل جهلي نه سگهيا ۽ موٽي ويا. شهنشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هنن کي ٻيهر سر ڪپڻ لاءِ موڪليائين، پر هن دفعي ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگري، جو هن وقت تائين کٽ تي سمهيو پيو هو، اُهو رانديڪي واري تلوار کڻي پيءَ جي بچاءَ لاءِ بيهي رهيو. سپاهي وري به موٽي ويا ۽ بادشاهه کي ڏونگريءَ جي خبر ڏنائون ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته ”بادشاهه سلامت! ننڍڙي ڇوڪري کي گهرائي وٺو، ڇو ته ان معصوم کي مارڻ تي اسان جي دل نٿي آماده ٿئي.“ بادشاهه ڏونگريءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ ان کان پوءِ سپاهين سِر ڪپي آڻي علاءُ الدين جي پيرن ۾ ڦٽو ڪيو.

علاءُ الدين هن ننڍڙي جي جرئت تي ايڏو ته خوش ٿيو جو چوڻ لڳو ته: ”مان چنيسر جي جاءِ تي توکي سنڌ جو بادشاهه بڻائيندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته: ”منهنجي ايڏي محنت ۽ ڪشالن کان پوءِ آءٌ حڪومت کان محروم رهندس؟“ چنيسر ائين چئي، پنهنجي دوستن ۽ ساٿين کي ساڻ ڪري علاءُ الدين سان اهڙو خوفائتي نموني وڙهيو جو پڇاڙيءَ ۾ جڏهن چنيسر ۽ سندس سمورا ماڻهو مارجي ويا ته علاءُ الدين وٽ ست گهوڙي سوار وڃي بچيا. علاءُ الدين، ڏونگري کي سنڌ جو تخت ڏنو ۽ پاڻ دهليءَ جو رستو ورتائين. جڏهن ميرپور ماٿيلي وٽ پهتو ته کيس يادگيري پيئي ته دهليءَ مان نڪرڻ وقت ڪيڏو اٿاهه لشڪر وٺي هليو هو ۽ هاڻي واپسيءَ ۾ ست گهوڙي سوار ڪهڙي منهن سان وٺي وڃان. بس اهو سوچي، ميرپور ماٿيلي ۾ رهي پيو ۽ اتي هڪ وڏو مقبرو ٺهرايائين. تنهن کان پوءِ جڏهن اُهو ٺهي تيار ٿيو، تڏهن هڪ زهري گوري کائي پاڻ کي آپگهات ڪيائين. کيس ان ٺهيل مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ڪري ئي، ماڻهو اڃا تائين علاءُ الدين ”گوري“ ڪوٺيندا آهن. سندس ست گهوڙي سوار اُتي ئي رهي پيا ۽ انهن جا پوئينر اتي مجاور رهندا اچن ٿا.

6- نوري ۽ ڄام تماچي

ڪنهن زماني ۾، هڪ سمو شهزادو، ساريءَ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، جنهن کي ڄام تماچي ڪري سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن جڏهن هڪ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ڪينجهر ڍنڍ جو سير ڪري رهيو هو، ته اچي مڇي ماريندڙن جي بستيءَ وٽان لنگهيو، جن کي مهاڻا چوندا آهن. هو سڄو سال مڇي ڦاسائيندا، کائيندا ۽ وڪڻندا هئا ۽ هنن جي جسماني گولائپ شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئي. زالون عمر کان اڳ پوڙهيون هيون، ڪوجهيون ۽ گدليون هيون ۽ سارو جسم روڳي هون. هنن ۾ مڇيءَ جي بدبوءِ هئي ۽ سندن هر شيءَ ۾ ساڳئي قسم جي بانس. ڇا ٽوڪرا، ڇا ڄار ۽ ڪـُڙهيون ۽ سندن رهڻ وارا پـُکا، سڀ ان بانس سان ٽٻٽار هئا. حالت هيءَ هئي جو جيڪڏهن سندن ڪپڙن کي هٿ لائجي ته سارو ڏينهن هوند انهيءَ ڌپ کان، پنهنجي پاڻ کان بـُڇان اچي ۽ ٻين اڳيان لڄي ٿيڻو پوي، ڇو ته اُها بانس هن جو پيڇو ڇڏڻ واري نه هئي. سندن ٻار به مائٽن وانگر گدلا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پاڻيءَ ۾ رهيا ٿي ۽ تـَرڻ ۽ ٽـُٻين هڻڻ ۾ لڌڙن کان به وڌيڪ تيز هوندا هئا، جيڪي ٻوڙن ۽ سـَرن ۾ رهندا هئا. اهي سـَرَ ۽ ٻوڙا اڪثر ڪري ڍنڍ جي ڪنارن سان جهڳٽا ڪيو بيٺا هوندا هئا.

مگر نوريءَ نالي هڪ مهاڻي ڇوڪري وري اهڙي سهڻي هئي، جو ٻين ڏانهن نهاريندي حيرت وٺي ويندي هئي. سندس اکيون ڄڻ ٻه ڏيا ٿي چمڪيا. هن جا ڳل گلابي رنگ جا هئا، پر هوءَ ساري سنڌ ۾، سونهن ۽ سوڀيا ۾، پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ٻين مهاڻين ڇوڪرين وانگر نڪي ميري هئي، نڪا منجهائنس ڪِني بوءِ ٿي آئي، بلڪ هوءَ صاف سٿري، نازڪ ۽ سهڻي، جهڙي شهزادي! هوءَ جهڙي هئي نماڻي، تهڙي هئي خوبصورت.

اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڏينهن ڄام تماچي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اُتان اچي لانگهائو ٿيو، جتي هوءَ ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺي هئي. هن جي نظر نوريءَ تي پيئي ۽ انهيءَ دم هن کي هميشه لاءِ پنهنجي دل ڏيئي ويٺو، ڄڻ ته مهاڻي ڇوڪريءَ جي اکين ۾ چمڪ وارو اثر هو، جو بادشاهه جي دل کي پاڻ ڏانهن زوريءَ ڇڪي ورتائون.

ڄام تماچي هڪ پل به حـُسن جو تاب سهي نه سگهيو ۽ هڪدم ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سڏائي، کانئن نوريءَ جي ٻانهن جي گهـُر ڪيائين. غريب ميربحر خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن_ جڏهن ڏٺائون ته سنڌ جو حڪمران سندن ڇوڪري نوريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ آتو آهي، بادشاهه جي طرفان پاڻ تي مهربانيءَ نظر ڏسندي اهڙي همت افزائي تي سڀني مهاڻن ۽ مهاڻين وڏا شادمانا ڪيا.

بادشاهه پنهنجا خزانا کولي ڇڏيا ۽ هيرا، جواهر، ياقوت، اشرفيون ۽ چاندي ۽ سون جا سِڪا مهاڻن ۾ اهڙيءَ طرح پکيڙي ڇڏيا ڄڻ ته هن جي مـَڇين جا ڇلر هئا ۽ نوريءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ ڪري پنهنجي راڻي ڪيائينس. باوجود ايڏي مان ۽ مرتبي جي، نوريءَ جي سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو. پنهنجي سڀني خوشامدڙين کي جواب ڏيندي هئي ته ”مان ته فقط هڪ غريب مهاڻي آهيان ۽ منهنجو بادشاهه به وڏي مان مرتبي وارو ۽ مون کان ڪيڏو نه اعليٰ آهي.“ وري بادشاهه کي چوندي هئي: ”مان خامين جي کاڻ آهيان ۽ تنهنجي راڻين جي مقابلي ۾ مان ڪجهه به نه آهيان، مون کان ته وڌيڪ تنهنجون راڻيون سهڻيون آهن.“

هڪ ڏينهن ڄام تماچي هن کي پنهنجي ٻين راڻين جي ڀيٽ ۾ پرکڻ جو پهه پچايو. سو چوائي موڪليائين ته هو شام جو گاڏيءَ ۾ سواريءَ تي وڃڻو آهي ۽ هر هڪ پنهنجو بهترين لباس پهري ويهي ۽ پوءِ منجهانئن جيڪا به سڀني کان وڌيڪ سهڻي نظر ايندي، انهيءَ کي پاڻ سان گڏ گهمائڻ وٺي ويندس. مغرور سـَميون راڻيون سون جا ڳهه ۽ قيمتي وڳا ويس پائي، ڳاٽ مٿي ڪري، مقرر جاءِ تي وڃي پهتيون، مگر نوري غريب، تمام سادو لباس پاتو. ڳچي ۽ آڱريون ڳهن کان خالي هيون. هوءَ نماڻي انداز ۾ بادشاهه ڏانهن وڌي ۽ سندس اکيون پيار سان ٽمٽار نظر ٿي آيون. ٻين راڻين ته اڳي کان به وڌيڪ پنهنجي غرور جو مظاهرو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کين خواب خيال به نه رهيو ته ڪو بادشاهه اسان جي هار سينگار کي نظر انداز ڪري مهاڻيءَ کي ترجيح ڏيندو. پر جڏهن ڄام تماچيءَ نوريءَ جو نياز ڏٺو، جنهن سندس اکين کي روشن ٿي ڪيو ۽ ان جي سادي لباس کي ڏٺو، جنهن سان هن سندس دل هٿ ڪئي هئي، تڏهن هن سمي راڻين ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريو ۽ هٿ ڊگهيري هن ڏانهن ويو ۽ پاڻ سان گهمڻ لاءِ وٺي ويو. گهمڻ کان پوءِ بادشاهه کيس سواريءَ ۾ پاڻ سان ويهاري محلات ۾ وٺي آيو. سميون راڻيون غصي کان باهه ٿي گهر پهتيون، مگر انهن جي ڪاوڙ جي ڄام تماچيءَ ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي. ان کان پوءِ نوريءَ کي پنهنجي پٽ راڻي ڪري ساري ڪينجهر ڍنڍ، سندس مائٽن کي جاگير طور ڏيئي ڇڏيائين.

7_ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل

ڪنهن زماني ۾ ڪاٺياواڙ جي گرنار قلعي ۾، هڪ مشهور راجا، راءِ ڏياچ جي نالي سان رهندو هو. هڪ ڏينهن سندس ڀيڻ ڪنهن نجوميءَ وٽ پـُٽ لاءِ دعا ڪرائڻ ويئي ۽ چيائينس ته: ”خدا کان دعا گهـُر ته مون کي پٽ ٿئي.“ نجوميءَ دعا گهري ۽ چيائيس ته: ”سانئڻ! توکي ڌڻي پٽ ته ڏيندو، پر راءِ ڏياچ جو سر هن جي هٿان ويندو.“ شهزاديءَ جي واتان رڙ نڪري ويئي ۽ نجوميءَ کي چيائين ته: “شال مون کي اهڙو پٽ ئي نه ٿئي، جو منهنجي ڀاءُ جو خوني ٿئي!“ نجوميءَ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”جيڪي مون ٻڌايو، اهو اوس ٿيندو.“ ڀلا نجوميءَ جو قول ڪيئن ٿو ٽري؟ هڪ سال اندر شهزاديءَ کي پٽ ڄائو. ڀاءُ جي سر جي بچاءَ سانگي راڻيءَ پنهنجي ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري سنڌو نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته پاڻيءَ جا جانور ڳڙڪائي ڇڏينس، مگر ڪنهن به واڳونءَ جي اک پيتيءَ تي نه چڙهي ۽ پيتي هن وڏي مهراڻ ۾ سلامتيءَ سان ترندي اچي اجميرپهتي، جتي انيراءِ جهڙي وڏي راجا راڄ ٿي ڪيو.

جڏهن نجوميءَ کي ٻار سان ڪيل ويڌن جي سڌ پيئي، تڏهن هو راجا انيراءِ جي ملڪ ويو ۽ ڪنهن چارڻ کي وڃي اها پيتي ڏسيائين. ٻئي زال مڙس پيتي درياءَ مان گهلي ڪڍي ويا ۽ وڃي کولي ڏٺائون. مائيءَ جڏهن ڏ‎ٺو ته پيتي اندر هڪ سهڻو پـُٽ پيو آهي، تڏهن خوشيءَ وچان رڙ نڪري ويس ۽ ٻار کي پيتيءَ مان ڪڍي پنهنجو پٽيلو ڪري نپائڻ لڳي. چارڻ جي زال چيو ته: ”جيتوڻيڪ هي هينئر ننڍڙو آهي، مگر ڪنهن ڏينهن وڌي وڏو ٿيندو ۽ اسان کي اسان جي محنت ۽ نپائڻ جو عيوضو ڏيندو.“ مڙس به اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ٻار کي کڻي گهر آيا ۽ نالو ٻيجل رکيائونس. ٻار جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته هن کي پنهنجا گڏهه گهوڙا چارڻ لاءِ ڏنائون. ٻيجل روزانو انهن کي جهنگ ۾ چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ واٽ تان ويندي چارڻ سـُرندي تي اهڙو ته مٺو ڳائيندو هو جو هرڻ بيهي هن جو ساز سڻندا هئا. هڪ ڏينهن ٻيجل اهڙي هنڌ اچي پهتو، جتي ڪن شڪارين هرڻ جو شڪار ڪيو هو. انهن هرڻ کي انهيءَ هنڌ پچائي کائي ان جا آنڊا وڻ جي ٻن ٽارين تي اڇلي ڇڏيا هئا. آنڊن ۾ اهڙو اسرار هو جو جڏهن ڏکڻ جو واءُ ٿي لڳو ته انهن مان اهڙو آواز ٿي نڪتو جو هرڻ ۽ ٻيا جهنگلي جانور انهيءَ سريلي آواز کي ٻڌڻ خاطر ان وڻ ويجهو ڪنڌ نمائي اچي وهندا هئا. جڏهن ٻيجل اهو آواز ٻڌو ۽ ان سڄي راز جي خبر پيس، تڏهن مئل هرڻ جا آنڊا کڻي پنهنجي سرندي ۾ وجهي، ڪمان ڪڍي ويهي وڄائڻ لڳو. جهنگلي هرڻ ته اڳيئي انهن پراسرار آنڊن جي سريلي آواز تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا، مگر هاڻي ته پکي به آسمان تان لهي اچي ولر ڪري ٿي ويٺا. جيستائين هن جو راڳ جاري رهندو هو، تيستائين هن کان پري نه ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح هو هنن جانورن کي پنهنجي ساز سان ڪاهيندو جهوپڙيءَ ۾ وٺي ايندو هو ۽ کين جيڪو به هرڻ کائڻ لاءِ کپندو هو، سو جهلي وٺندا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻيجل سرندو بندڪندو هو ته هـڪـدم پـکي

آسمان ۾ اڏامي ويندا هئا ۽ جانور پنهنجي غارن ۽ ٻيلن ۾ موٽي هليا ويندا هئا. چارڻ پنهنجي گوديلي پٽ جي حرفت ۽ هوشياريءَ تي بيحد خوش هو. هن دل ۾ سوچيو ته سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا هرڻ اسان کان ڦاسندو هو ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهندا هئاسين، مگر هي نينگر ته جنهن مهل وڻي جهلي ٿو اچي. هي سچ پچ هڪ سوغات آهي، جا قدرت اسان کي ڏني آهي. ٻيجل جي راڳ ۽ سرندي جي هاڪ پکڙجندي ويئي، تان جو چارڻ بنا ڪنهن دقت جي هن لاءِ هڪ سهڻي ڪنوار هٿ ڪري ڏني، جنهن سان هن ڳچ وقت خوشيءَ جو گذاريو.

جنهن وقت ٻيجل ڄائو هو، ان ساڳئي وقت راجا انيراءِ جي هڪ زال کي پڻ ڌيءَ ڄائي هئي. راجا انيراءِ کي اڳيئي سـَٺ ڌيون هيون، سو هن ڌيءَ ڄمڻ تي هن کي ايڏي ڪاوڙ لڳي جو ٻارڙيءَ کي پيتيءَ ۾ وجهي ۽ سون جي ٿيلهي پاسي کان رکي، پيتيءَ کي سنڌو نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. پيتي درياءَ ۾ لڙهندي اچي هڪ ڳوٺ ۾ نڪتي، جو راءِ ڏياچ جي هٿ هيٺ هو ۽ جتي رتنو ڪنڀر رهندو هو. ڪنڀر اها پيتي ڏسي ورتي ۽ پاڻيءَ مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. صندوق مان ننڍڙيءَ کي ڪڍي گهر کڻي ويو ۽ سورٺ نالو رکيائينس. جيتوڻيڪ رتنو، راءِ ڏياچ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، مگر راجا انيراءِ جو لاڏلو هوندو هو ۽ هميشه هن جي درٻار ۾ حاضري ڀريندو هو.

هڪ ڏينهن رتني، راجا کان ٻن مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو، جتي هن جا ڏينهن تمام مزي ۽ خوشيءَ ۾ گذريا، ايتريقدر جو چار مهينا گذري ويس. ان کان پوءِ، هن کي پٺتي جي يادگيري پيئي ۽ هاڻي موٽڻ جو سانباهو ڪيائين. سندس زال کيس چيو ته: ”منهنجا سائين! راجا توهان کي ڪڏهن به انهيءَ موڪل کان وڌيڪ ترسڻ جي ڏوهه لاءِ معاف نه ڪندو، ۽ مان سمجهان ٿي ته توهان موت جي منهن ۾ ٿا وڃو.“ مگر رتني جواب ڏنو ته: ”ڪجهه به ٿئي، مان ضرور ويندس. مون هڪڙو ڏوهه ڪيو آهي، ٻيو ڏوهه نه ڪرڻ گهرجي.“

راجا انيراءِ، رتني جي ٻن مهينن کان پوءِ موٽي نه اچڻ تي سخت ناراض ويٺو هو ۽ پنهنجي دربانن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن رتنو درٻار ۾ اچي ۽ مون وٽان ٿي موٽي ته هن کي هڪدم ماري ڇڏجو. جيئن رتنو راجا انيراءِ جي محلات ۾ پهتو ته ان جي دربانن کي سلام نه ڪيو ۽ نه وري هميشه وانگر عزت سان هن کان گهوڙو ورتائون. رتنو محلات ۾ داخل ٿي راجا جي حضور ۾ پهتو، مگر راجا سخت ڪاوڙ مان هن ڏانهن نهاريو ۽ مـُنهن موڙي ڇڏيائين. رتني جرئت سان چيو ته: ”اي راجا! توهان ڇو اهڙيءَ طرح مون کان منهن موڙيو آهي؟“ بادشاهه غصي مان جواب ڏنو ته: ”تو واعدو ڪيو هو ته ٻن مهينن ۾ موٽي ايندس ۽ تون چار مهينا رهي آيو آهين.“ رتني وراڻي ڏني ته: ”راجا! انهيءَ کان اڳ جو مون کي ڏوهي ٺهرايو، منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌو.“ راجا ڪاوڙ مان چيو: ”ڀلا ٻڌاءِ توکي ڇا چوڻو آهي؟“ رتني عرض ڪيو ته: ”اي سائين! مون کي هڪ وڏي ڌيءَ آهي، مان ان لاءِ وَرَ جي ڳولا ۾ آهيان، ۽ اڃا ڪامياب نه ٿيو آهيان.“ تنهن تي راجا چيس ته: ”ڇو نه مون سان هن کي پرڻائين.“ رتنو اهڙو ته خوش ٿيو جو هڪدم رضامند ٿي، راجا جي گهوڙي تي سوار ٿي سورٺ کي، جيڪا ڇوڪري هن سنڌو درياءَ مان لڌي هئي، وٺي اچڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جي اڳيان شاهي دستو سوار ٿيو، جو دُهل شرنايون زور سان وڄائيندا هليا، جو سارو آسمان گونججي رهيو هو. جڏهن هيءَ ٽولي راجا ڏياچ جي سرحد تي پهتي ته رتني، انيراءِ جي دربانن کي چيو ته ”پٺتي موٽو. جيڪڏهن توهان ائين سوار ٿي هليا ۽ دهل وڄائيندا رهيا ته راجا ڏياچ سمجهندو ته توهان هن تي ڪاهه ڪرڻ آيا آهيو.“ انهيءَ ڪري دربان پٺتي موٽي ويا ۽ رتنو اڪيلو پنهنجي سر گهر ويو ۽ سورٺ جي شادي راجا انيراءِ سان ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ ڏياٽين جو سرگس گهٽين مان گهمايائين. ان وقت راجا ڏياچ گرنار قلعي ۾ پنهنجي محلات جي هڪ دريءَ وٽ ويٺو هو ۽ جڏهن هن ڏياٽين جو اهو سرگس ڏٺو، ته پنهنجي نوڪر کي انهيءَ سرگس جي سبب معلوم ڪري اچڻ لاءِ موڪليو. نوڪر خبر آندي ته رتنو پنهنجي ڌيءَ جي شادي، راجا انيراءِ سان ڪري رهيو آهي. راجا رتني کي سڏائڻ جو حڪم ڏنو. نوڪر رتني کي وٺي آيا. راجا پڇيس ته: ”تو پنهنجي ڌيءَ مون کي ڇو نه ڏني؟“ تنهن تي رتني وراڻي ڏني ته: ”مان غريب ۽ توهان راجا! مون

کي اهو خيال ڪيئن اچي ته توهان منهنجي نياڻي قبول ڪندا. راجا ڪجهه دير ويچار ڪرڻ کان پوءِ چيو ته: ”بس هاڻي هوءَ منهنجي زال ٿيندي. مان راجا انيراءِ کي سمجهي رهندس.“ اهي لفظ چئي، هن پنهنجي چوبدار موڪليا ته سورٺ کي وٺي آڻي محلات ۾ حاضر ڪن.

ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پيئي ته راجا ڏياچ، سورٺ کي کڻائي ويو آهي، تڏهن وڏو لشڪر ڪٺو ڪري گرنار قلعي تي حملو ڪيائين. مگر جڏهن هن قلعي تي گهيرو ڪرڻ چاهيو ته ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته توبون قلعي جي اوچين ديوارن جي مٿان وڃي نه سگهيون ۽ گهڻي نقصان سهڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي اجمير موٽيو. مگر هن جي دل ۾ راجا ڏياچ جي خلاف غصي جي باهه جيئن پوءَ تيئن وڌيڪ ڀڙڪي رهي هئي. هن پنهنجا قيمتي جواهر ٿالهه ۾ وجهي پنهنجي هڪ ٻانهي کي ڏنا ته سڄي شهر ۾ گهمائي ۽ اعلان ڪري ته هي جواهرن جو ٿالهه انهيءَ کي ملندو، جيڪو راجا ڏياچ جو سر اجمير ۾ آڻي ڏيندو.

جڏهن اُهو ٻانهو چارڻ جي ڳوٺ ۾ پهتو ته ان وقت ٻيجل گهر ۾ موجود ڪو نه هو ۽ هن جي غير حاضريءَ ۾ سندس زال اُهو هيرن جو ٿالهه ٻانهي کان وٺي، پاڻ وٽ رکيو. جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ زال جي انهيءَ عمل جي خبر پيس ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ چيائين ته: ”بدبخت، تو هي ٿالهه ڇو وٺي رکيو؟“ تو مون کي هڪ اهڙي جوکائتي ڪم تي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جو جيڪڏهن نٿو وڃان ته راجا انيراءِ جا ماڻهو اچي اسان کي ماري ويندا ۽ اسان جي ڳوٺ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيندا.“


[1] سنڌي زبان ۾ ”گوري ٽِڪيءَ کي چوندا آهن. هيءَ روايت غلط معلوم ٿئي ٿي. علاءُ الدين جي خاندان جو نالو خلجي هو ۽ نه ”گوري“. هن دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه اڄ به اتي قطب مينار جي لڳ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com