سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون)

 

صفحو : 2

رِيسارو هنج

هڪڙو هو هنج پکي. صفا بي عقل هو. بنهه چريو چٽ. ويتر وري جو ريس ۽ هٻڇ هئس، سو ڪنهن سان به نه پوندي هئس، هٻڇ به اهڙي، جو جيڪا شيءَ ڏسي، سا چوي ته مون وٽ هجي. سدائين پيو ٻين سان وڙهندو هو. ڀلا اهڙي هنج جو ڪير دوست ٿيندو؟ کيس ڏسي هر ڪو پيو پري ڀڄندو هو ۽ ائين چوندو هو،مار! هيءُ ته ڏسو،  پنهنجي وتِ کان پيو ٻاهر وڃي.

هڪڙي ڀيري انهيءَ هنج بدڪ کي تلاءَ ۾ وهنجندي ڏٺو. بدڪ جي ننڍڙي سُهڻي ڳچي ڏسي دل سرڪيس ۽  پنهنجي منهن چوڻ لڳو، جيڪر منهنجي ڳچي به اهڙي سُهڻي هجي ها! نيٺ هوريان هوريان هلندو اچي بدڪ جي ويجهو بيٺو ۽ چيائينس، اچ ته پنهنجون ڳچيون مٽايون! توکي مان پنهنجي ڳچي ڏيان ۽ تون مون کي پنهنجي ڳچي ڏي!

بدڪ کي اها ڳالهه ٻڌي اول ته حيرت لڳي، پوءِ نيٺ سوچي ويچاري چيائين، ته چڱو اچ ته مٽايون. پوءِ هنن پنهنجون ڳچيون مٽايون پر هنج لاءِ ڀلا بدڪ جي سُهڻي ۽ ننڍي ڳڇي ڪهڙي ڪم جي! ڪڏهن هيٺ پيو ڪريس، ڪڏهن مٿي پيوڪريس، ڪڏهن پيو گول ڦيرائيس، ته ڪڏهن وري ڳچي مٿي ڪيو پيو ٽپا ڏيندو وڃي. اصل کل جهڙو ٿي پيو! هلندي هلندي واٽ تي پَيڻ پکي گڏيس. پيڻ جو هنج کي بدڪ جي ڳچي ڏٺي، سو اچي کِل ۾ ڇٽڪي، کل اصل جَهل ئي نه ڏئيس. نيٺ کل جهلي هنج کي چيائين، ميان تون به نه ڪي هنج آهين، نه ڪي بدڪ. ائين چئي پيڻ وري اچي کل ۾ ڇٽڪي. هنج کي اها ڳالهه ٻڌي ڪو ويچار ٿئي، سو  ته نه، اٽلندو ڪاوڙ لڳس ۽ پيڻ سان جهيڙو شروع ڪرڻ وارو ئي هو، ته پيڻ جي ٿيلهيءَ واري چهنب تي وڃي اک پيس. وري دل سرڪيس. پنهنجي منهن چوڻ لڳو، جيڪر مون کي به اهڙي ٿيلهيءَ واري چهنب هجي ها! نيٺ رهيو نه ٿيس ۽ پيڻ کي چيائين، اچ ته پنهنجون چُهنبون مٽايون، تون پنهنجي چهنب مون کي ڏي ۽ مان پنهنجي چهنب توکي ڏيان!

پيڻ کي اها ڳالهه ٻڌي وري اچي کل ڇٽڪي. چيائين چڱو اچ ته چهنبون مٽايون، پوءِ هنج پنهنجي ڳاڙهي چهنب پيڻ کي ڏني ۽ پيڻ پنهنجي ٿيلهيءَ واري چهنب هنج کي ڏني.

بي عقل هنج ڀانئيو، ته ٻين پکين سان سودو ڪري پنهنجون شيون ڏيئي، سندن سهڻيون شيون هٿ ڪرڻ ڪو چڱو ڪم آهي. سو جيڪو مينهن سامهون آيس، تنهن ۾ ٿي اک وڌائين ۽ ساڻس سودو ڪيائين. ائين هن پنهنجون ننڍيون ٽنگون ڏيئي ٻگهه کان سندس ڊگهيون ۽ سنهيون ٽنگون ورتيون ۽ ڪانءَ کي پنهنجا اڇا کنڀ ڏيئي کانئس سندس ڪارڙا ننڍا کنڀ ورتا.

هٻڇي هنج جي دل اتي به نه ڀري. واٽ تي مور گڏيس. ان جو سهڻو پڇ ڏسي دل سرڪيس. اول ته مور سندس ڳالهه مڃي نه پئي، پر هن جي زور ڀرڻ تي نيٺ پنهنجو ڊگهو سهڻو پڇ کيس ڏنائين. ائين هنج ڪڪڙ کان سندس ڳاڙهي ڪلنگي (موڙ) به ورتي ۽ کانئس ”ڪڪڙوڪوُ“ ڪرڻ به سکيائين.

هاڻي توهان سوچيو ته هنج جي شڪل ڪهڙي نه بي ڊولي بيٺي هوندي! ننڍي سُهڻي ڳچي بدڪ جي، ٿيلهيءَ واري چهنب پيڻ جي، سنهڙيون ڊگهيون ٽنگون ٻگهه جون، ڪارڙا ننڍا پير ڪانءَ جا، ڊگهو ڊگهو سهڻو پڇ مور جو ڳاڙهي ڪلنگي ۽ ٻانگ ڪڪڙ جي. بس اصل ڳالهه ئي نه پڇو! پڪ ئي پڪ، توهان مان ڪو کيس ڏسي ها، ته  کلي کلي کيرو ٿي پئي ها. پر هن هٻڇي ۽ بي عقل هنج کي کڻي ڪو ذرو به خيال ٿئي. اصل نه، ٽانءِ ۾ ڀرجي وڏي آڪڙ سان مڙس سيٽجي اڳتي هليو. دل ۾ ڀانئيائين ته هاڻي ته مون جهڙو سهڻو هنج پکي سڄي دنيا ۾ نه هوندو! هلندي هلندي ڏسي ته ڪيترائي هنج پکي آهن، جي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا پيا اچن. ڀانئيائين ته ٻيلي واهه جي ڳالهه ٿي! هاڻي مان هنن تي رعب ٿو وجهان. بس منهنجا ڪم ڏسندا، ته حيرت ۾ پئجي ويندا ۽ چوندا ته تون اسان سڀني جو سردار آهين. اها ڳڻ ڪري ڪانءَ وارا ننڍا پر ٺوڪي، بدڪ واري ڳچي ڊگهي ڪري، وٺي زور سان ڪيائين ”ڪڪڙوڪو!!“

هنجن ڪڪڙوڪو جو آواز ٻڌي ڪنڌ جو ورايو، ته هن هنج تي نظر پين. وڌي وٽس آيا ۽ حيرت ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳا ”ڪان، ڪان، هي ڪهڙو پکي؟“ هڪڙي هنج حيرت ۾ پڇيو.

مان هنج آهيان،! بي عقل هنج، پنهنجا ڪانَ وارا پر ڦڙڪائي، بدڪ واري ڳچي مٿي ڪري، وڏيءَ آڪڙ سان جواب ڏنو ۽ وري زور سان ڪڪڙ جي ٻانگ ڏني، ڪڪڙوڪو، ڪڪڙوڪو! ۽ پوءِ چيائين، ته مان دنيا جو سڀ کان سهڻو هنج پکي آهيان. ڪڪڙو... ڪو!

هنجن کي اچي کل ورتو. ڏسو ته بس کل ۾ پيا ليٽن پيٽن. نيٺ چيائونس ته چڱو جي تون هنج آهين ته اسان سان گڏ هل. هنج سڌو ويا گاهه جا ڪچڙا پن کائڻ.. ڌرتيءَ سان چهنب لڳائي، ننڍڙي گاهه جا ننڍڙي کان ننڍڙا سلا مزي سان چهنب سان پٽي کائڻ لڳا. پر هي بي عقل هنج بکئي جو بکيو رهيو. ڇو ته سندس وڏي پيڻ واري چهنب گاهه جي ننڍن سلن کي جهلي ئي نه پئي سگهي. اها ته قدرتي طرح ائين ٺهيل هئي، ته ان سان پاڻيءَ مان مڇيون جهلجن، هاڻي ڪاڏي پاڻيءَ جون مڇيون، ڪاڏي گاهه جا سلا! بي عقل هنج ڏاڍو لڄي ٿيو. ٻين هنجن جڏهن گاهه کائي بس ڪيو، ته چيائون، هلو ته هلي تلاءَ ۾ وهنجون. سڀ هليا تلاءَ ڏانهن. ٻيا ته گهڙيا پاڻيءَ ۾، لڳا ترڻ، پر هي اسان وارو يار ڀلا ٻگهه جي ڊگهين ٽنگن سان ڪيئن تري سگهي! سو رڳو تلاءَ جي ڪپ تي پئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيو. کيس ڏسي هنج لڳا کلڻ، ته هن وري شروع ڪيون پنهنجون ٻانگون: ڪڪڙو... ڪو، ڪڪڙو.... ڪو.

مڄاڻ ته اتي ڀرپاسي مان لومڙ لڪي ويٺي هئي، تنهن جو ڪڪڙ جون ٻانگون ٻڌيون، سو دل ۾ چيائين، ته ٻيلي، شڪار ته واهه جو ڦاٿو آهي، پر هاڻي ڪا همت ڪريان. سو لڪندي لڪندي اچي تلاءَ وٽ نڪتي. ڏسي ته مار الاهي هنج پيا وهنجن. چيائين ته اڄ ته ڍوَ به ڍون جهڙو ڪنديس. سو ائين ٺهي ٺڪي وٺي ٿي ٽپو ڏئي. هنجن جو ڏٺو لومڙ کي، سو ”ڪان ڪان“ ڪري وٺي سڀ اُڏاڻا. اک ڇنڀ ۾ سڀ اُڏامي ويا. باقي هيءُ بي عقل هنج اڪيلو رهجي ويو. ڇو ته هيڏو سارو ٿلهو متارو ڀلا ڪانءَ جي ننڍڙن پرن سان ڪيئن اُڏامي سگهي! گهڻي ئي پر ڦٿڪايائين پر اُڏامي نه سگهيو. تڏهن ڪوشش ڪيائين، ته ڊوڙي ڀڄي وڃان، سو ٻگهه وارين ڊگهين ٽنگين سان ٻه ٽي وڏا ٽپ ڏنائين پر ٿيو ڇا، جو سندس مور وارو ڊگهو پڇ ڪانن ۾ ڦاسي پيو. ايتري ۾ لومڙ به اچي پڳس. اچڻ سان ڳچيءَ ۾ چڪ وڌائينس. جڏهن مٿي هوا ۾ ٻين هنجن ڏٺو ته ٻيلي اسان جي ساٿي جو سر ٿو وڃي، سو لامارا ڏيئي سڀ اچي لومڙ جي مٿان پيا ۽ اچي ٺونگن سان ورتائونس. لومڙ اچي ڦاٿي. دل ۾ چيائين، ته شڪار ته شڪار جي ماڳ. هي ٺونگن سان مرڳو مون کي شڪار ڪري وجهندا، سو هن بي عقل هنج کي ڇڏي وٺي ڀڳي. اجهو ائين مس مس هن جي جان بچي. ٻن ٽن جاين تي لومڙ چڪ ته وڌا هئس، سو هنج سور کان ڪنجهي ڪنجهي نيٺ سنئون ٿي ويٺو ۽ٻين هنجن ڏي نهاري چيائين: اوهان جي مهرباني جو منهنجي جان بچائي اٿوَ، نه ته جيڪر اڄ منهنجي سر جو خير ڪو نه هو. پر هاڻي مان اڳتي لاءِ سبق سکيس. ائين چئي، اتي جو اتي سڀني جي روبرو بدڪ کي سندس ننڍڙي سُهڻي ڳچي موٽائي ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي ڳچي ورتائين. پيڻ کي سندس ٿيلهيءَ واري چهنب ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي چهنب ورتائين، ٻگهه کي سندس ڊگهيون ٽنگون ڏنائين ۽ کانئس پنهنجون ٽنگون ورتائين.ڪانءَ کي سندس ننڍڙا پَر ڏنائين ۽ کانئس پنهنجا پر ورتائين. مور کي سندس ڊگهو سهڻو پڇ ڏنائين ۽ کانئس پنهنجو پڇ ورتائين ۽ ڪڪڙ کي ڪلنگي ۽ ڪڪڙوڪو ڏنائين. هاڻي هنج. هنجن جهڙو ٿي پيو.

اهي ڏينهن اهي شينهن، هنج وري ڪڏهن ڪنهن سان ريس نه ڪئي ۽ سڀني سان ٺهي هلڻ لڳو. اڳي جو ننڍو وڏو کيس ڏسي پري پيو ڀڄندو هو، سو هاڻي ڦري هر ڪو سندس دوست ٿيو. ٻيو ته ٺهيو، ڪڪڙ جا چوزا، جن کي اڃا دوستي ۽ دشمنيءَ جي خبر نه هئي سي به سندس قرب ڏسي، ساڻس گڏجي گهمڻ  هلندا هئا.

آچار جو ويچار

هڪڙو غريب شخص پنهنجو شهر ڇڏي، مزوريءَ لاءِ ڪنهن ٻي بادشاهيءَ ۾ ويو. پنهنجو اهل عيال پوئتي ڇڏيائين ۽ کين دلاسو ڏنائين، ته آءٌ ڪمائي ٿو اچان. اُتي هڪ جوهريءَ وٽ وڃي نوڪر  بيٺو. ان جوهريءَ کي هي همراهه اهڙو ته پسندآيو، جنهن جي ڪا حد نه رهي. جوهري هن کي پوئتي وڃڻ جو موڪل نه پيو ڏئي، پر هن کي پوئتي جي تمام گهڻي تانگهه هئي. قدرت سان هڪڙي ڏينهن هن جي شهر جو هڪ سوداگر واپار جي خيال سان ان شهر ۾ آيو ۽ هن کي ملي ويو. ڏسڻ سان هن کي چيائين، ته ادا! آءٌ هتي پيو مزوري ڪريان، جڏهن تون ڳوٺ وڃين، تڏهن ڪجهه امانت آءٌ ڏيندوسان ءِ، سا منهجن ٻچن کي وڃي پهچائجانءِ، سوداگر وراڻس، ته ها. هن پوءِ اچي پنهنجي جوهريءَ سان حقيقت ڪئي، ته سائين مون کي موڪل ڏيو ته سٺو، آءٌ پنهنجن ٻچن سان ملي اچان. تنهن تي جوهريءَ چيس ته بابا، اڃا تو ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ڪمايو آهي، تنهن ڪري اڃا  ٻه ٽي مهينا ترس ته تنهنجي رقم گڏ ٿئي، پوءِ اها ڳوٺ کڻي وڃ. تنهن تي هن چيس، ڀلا جي ائين ته پوءِ منهنجي ڳوٺ جو ماڻهو آيوآهي، ڪجهه رقم ڏيو، ته اها ٻچن کي موڪليان. تنهن تي جوهريءَ هن کي چيو، ته هيءُ هڪ موتي وٺ، جو لکن جي قيمت جو آهي، سو ٻچن کي موڪل. پر ڏسج موتي کڻي ويندڙ ماڻهو امانتي هجي، متان ڪا بي ايماني ڪري!

مزور جوهريءَ کي چيو، ته سائين، هو پاڻ شاهوڪار سوداگر آهي. هن کي ڪا بک ڪانهي، جو منهنجي امانت ڦٻائي. آخر هن موتي وٺي اچي سوداگر کي ڏنو ۽ چيو ته ادا، منهنجي ٻچن کي هيءَ امانت پهچائج  ۽ چئجانءِ ته هن مان گذر ڪيو. آءٌ ڪجهه وقت اڃا ڪمائي پوءِ ايندس.

سوداگر موتي وٺي موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو، مگر هن جي دل ۾ اچي بي ايماني جاڳي. خيال ڪيائين، ته جي موتي آءٌ ڦٻائي ويندس، ته هن غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه تي ڪو به اعتبار ڪو نه ڪندو. پر پوءِ ٿورو خيال ٿيس، ته هن شهر جو بادشاهه عادل آهي. ان کان بچڻ لاءِ ڪا تدبير اڳواٽ سوچجي. سو ڇا ڪيائين، جو هڪڙا ٽي شاهد تيار ڪيائين ۽ انهن کي لالچ طور ڪا رقم به باسيائين. پو ءِ شاهدن کي ساڻ ڪري انهيءَ غريب ماڻهوءَ جي در تي آيو ۽ اچي آواز ڏنائين، جنهن تي انهيءَ غريب جي گهر واري ڏيڍيءَ اندر پردي ۾ ٿي بيٺي. هن سوداگر مائيءَ سان ڳالهائيندي چيو، ته مائي آءٌ فلاڻي ملڪ مان آيو آهيان، اُتي مون کي تنهنجو مڙس گڏيو، جنهن اوهان کي دعائون سلام چيا آهن ۽ هيءَ امان اوهان لاءِ ڏني اٿس ائين چئي، هٿ وڌائي مائيءَ کي ڏهه رپيا ڏنائين ۽ پوءِ ٿورو ٻاهر هٽي وڏي سڏ چيائين، ته مائي، توکي امانت ملي؟

مائيءَ چيو، ته ها ادا، مون کي امانت ملي. اهي اکر شاهدن به ٻڌا ۽ پوءِ سڀ هليا ويا. ٻه چار مهينا گذريا، ته هن غريب جوهريءَکي چيو، ته سائين، هاڻ آءٌ پنهنجي ٻچن لاءِ بيحد پريشان آهيان. مون کي موڪل ڏيو، ته هن وٽ وڃان، جنهن تي جوهري هن کي ججهو مال ڏيئي، چيو ته تو مون وٽ نهايت ايمانداريءَ سان نوڪري  ڪئي آهي. آءٌ  تو مان حد درجي راضي آهيان ۽ آءٌ توکي پاڻ کان جدا ڪرڻ نٿو  گهران، پر ائين به واجب ڪونهي،ته آءٌ توکي ٻچن کان روڪي ويهاريان. هاڻي هيءُ مال کڻ ۽ ڀلي وڃي ٻچن وٽ خوش گذار، پر هڪ ڳالهه ٻڌ. مون کي شڪ آهي ته تنهنجو اڳوڻو موتي تنهنجي گهر نه مليو هوندو، جي ائين هجي، ته پوءِ اتي جي بادشاهه کي دانهن ڏج، ۽ جي تنهنجو داد نه ٿئي، ته پوءِ تون اهڙي شهر ۾ نه رهج ۽ موٽي اچج. پوءِ ڏاڍي پيار سان هن کي موڪل ڏنائين.  جڏهن هيءُ غريب پنهنجي گهر پهتو، تڏهن ڏسي ته ٻچن جا اُهي ئي حال! بکن ۾ پاهه آهن. ڏاڍي عبرت لڳيس، ته جڏهن مون لکن جو موتي زال کي موڪليو، تڏهن هن انهيءَ مان ٻچن کي ڇو نه خوش رکيو! پوءِ خيال ڪيائين، ته شايد زال کي انهيءَ موتيءَ جي قيمت جي خبر ڪا نه هئي، ان ڪري ائين ٿيو آهي. اهو خيال ڪري، هن زال کان پڇيو، ته مون جو اوهان کي لکن جو موتي موڪليو، پوءِ به ٻچن جو هيءُ حال ڇو آهي؟ تنهن تي زال جواب ڏنو، ته شل تنهنجي سر جو خير هجي، تنهنجا سلام ئي اسان لاءِ لکن رپين کان وڌيڪ هئا. سوداگر ته مون کي فقط ڏهه رپيا ڏنا، ٻيو ڪو موتي ته ڪجهه به ڪو نه هو. هن خيال ڪيو، ته شايد سوداگر منهنجي امانت محفوظ ڪري رکي آهي ۽ خرچ لاءِ هيءُ ٿوري رقم منهنجي زال کي ڏني اٿس. سو ويو سوداگر وٽ. خوش خير عافيت بعد خبرن چارن ۾ غريب چيس، ته ادا توکي شاباس هجي، جو اها قيمتي امانت پاڻ وٽ محفوظ رکيئي ۽ منهنجي گهر فقط ڏهه رپيا ڏنئي. هاڻي ڀلائي ڪري منهنجو موتي مون کي ڏي.

سوداگر جواب ڏنس، ته ادا، زالن جي مڪر ۾ نه اچ. مون تنهنجو موتي تنهنجي زال کي پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ جي انهيءَ وڃائي ڇڏيو، ته  منهنجو ڏوهه ڪونهي. خدا مون کي اها مت ڏني، جو مون اها امانت معتبر شاهدن جي روبرو  تنهنجي زال کي ڏني. هاڻي هتان نڪري وڃ، مون کي اهڙيءَ بي پتيءَ عورت ۽ توتي ڪاوڙ ٿي اچي.

غريب ڏٺو، ته موتي ته هيءُ سوداگر کائي ويو ۽ اٽلو ٿو منهنجي نيڪ عورت کي بدنام ڪري. سو هن سان گهڻو ڳالهائڻ فضول سمجهي، سڌو بادشاهه وٽ فريادي ٿي ويو. بادشاهه هن جي سڄي ڳالهه ٻڌي سوداگر کي گهرايو ۽ هن کي  جوابدارن جي پڃري ۾ بيهاري چيو، توتي هن غريب جي موتيءَ ڦٻائڻ جو فرياد ٿيو آهي،توکي ان لاءِ ڇا چوڻو آهي؟ تنهن تي سوداگر جواب ڏنو، ته سائين، فرياد ڪوڙو آهي. مون کي هن موتي برابر ڏنو هو، پر مون اهو فلاڻن شاهدن جي روبرو سندس زال کي پهچائي ڏنو. هاڻي اوهين اهي شاهد گهرائي، انهن کان حقيقت پڇو. پوءِ جيڪو فيصلو اوهين ڪندئو، سو مون کي قبول آهي. بادشاهه چوبدار موڪلي شاهدن کي گهرايو ۽ انهن کان پڇيو، جي ڪوڙو قسم کڻي چئي ويا، ته ها سائين سوداگر اسان جي روبرو موتي هن جي زال کي ڏنو. اتي بادشاهه هن غريب ڏانهن مُنهن ڪري چيو، ته اسان تنهنجي فرياد تي سڀني کي گهرايو ۽ شاهدن کان قسم تي پڇا ڪئي. جن به سوداگر جي حق ۾ شاهدي ڏني، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي، ته موتي برابر تنهنجي گهر واريءَ کي مليو آهي، جنهن وڃايو يا گم ڪيو آهي ۽ تو اجايو هن شريف ماڻهوءَ کي رُلايو آهي. وڃ، وڃي پنهنجي گهر ۾ موتيءَ جي ڳولا ڪر، هيءُ غريب ماٺ ڪري هليو ويو.

بادشاهه جو وزير، جو نهايت عاقل هو، تنهن سمجهي ورتو، ته هن جو فرياد سچو آهي. شاهد گواهه سڀ ڪوڙا آهن،تنهن بادشاهه کي چيو، ته سائين، توهان آچار برابر پوروڪيو، پر ويچار ڪو نه ڪيو.

بادشاهه چيس، سو وري ڪيئن؟ اسان ته شاهدن کي شرعي قسم ڏيئي پڇيو ۽ انهن جي بيان  موجب ئي فيصلو ڪيو، پر جي تون اڃان سمجهين ٿو، ته فريادي سچو هو، ته اهو ويچار تون ڪري ڏيکار!

وزير اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جي روبرو هام هنئي ۽ چيو، ته چڱو شاهي حڪم ٿئي ته فريادي، جوابدار فرياديءَ جي زال ۽ ٽيئي شاهد جملي ڇهه ئي ڄڻا صبح جو سوير اچي حاضر ٿين. بادشاهه چوبدار هٿان سڀني کي اهو حڪم موڪليو، جنهن تي هي سڀئي صبح جو اچي دربار ۾ حاضر ٿيا. انهيءَ کان اڳ وزير ڇا ڪيو، جو ڪنڀر کان ڳوهيل مٽيءَ جا پنج ست سير گهرائي دربار ۾ رکيا ۽ ڇهه جدا جدا ڪوٺيون خالي ڪرايون. جڏهن هي سڀ حاضر ٿيا، تڏهن هر هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ هڪ ماڻهوءَ کي رهايائين  ۽ پنهنجي ويچار جو ثبوت ڏيڻ لاءِ  پهريائين هن هڪڙي شاهد کي گهرايو ۽ چيو، ته تو  ڏٺو ته سوداگر اهو موتي غريب جي زال کي ڏنو؟ هن چيو، ته هائو سائين، منهنجي روبرو سوداگر موتي ڏنو. تنهن تي وزير چيس، ته چڱو هتان ڳوهيل مٽي کڻ ۽ اهڙو موتي هن ڪوٺي ۾ بيهي ٺاهي آڻي ڏيکار، شاهد ته هو ڪوڙو! هن اهو موتي ته نه، پر ڪڏهن ٻيو موتي به ڪونه ڏٺو هو. سو اچي منجهيو، ته هاڻي ڇا ڪجي. انهيءَ ويچار ۾ هن کي ياد آيو، ته هڪ دفعي هن ماڻس جي چلم ڀڃي وڌي هئي ۽ ماڻس چيو هو، ته ابا تو ته منهنجي املهه موتيءَ جهڙي چلم ڀڃي ڇڏي. لاشڪ موتي چلم جهڙو ٿئي ٿو. ان ڪري هن انهيءَ مٽيءَ مان ويهي چلم جوڙي ۽ ٺاهي وزير وٽ آيو ۽ چيائين ته سائين، اهو موتي اجهو ههڙو هو!

وزير هن کان اها چلم وٺي کڻي رکي ۽ هن کي ڪوٺيءَ ۾ ويهاري ٻئي شاهد کي گهرايو. ان کي به اُهي ئي اکر چيائين ته جيڪو موتي سوداگر تنهنجي روبرو ڏنو، اهڙو ٺاهي ڏيکار! پر هن جا  به حال ساڳيا هئا. هن به ڪڏهن موتي ڪو نه ڏٺو هو، سو ويٺو ويچار ڪرڻ، ته هاڻي ڇا ڪريان. اوچتو هن کي ياد آيو، ته ماڻس جي پاٽ ڀڄي پئي هئي  ۽ هن چيو هو، ته ابا، اڄ موتيءَ جهڙي پاٽ ڀڄي پئي، تنهن تي هن سمجهيو، ته موتي پاٽ جهڙو ٿو ٿئي. سو ويهي پاٽ ٺاهيائين ۽ آڻي وزير کي ڏنائين ۽ چيائين، ته سائين، موتي اجهو ههڙو هو!

وزير اها پاٽ کڻي لڪائي رکي ۽ ٽئين شاهد کي گهرائي ان کي به ساڳيو حڪم ڏنائين. هيءُ شاهد به اچي ويچارن ۾ پيو، ته هاڻي ڇا ڪجي؟ هن کي به ياد آيو، ته هڪ دفعو ماڻس جو ڇڄ چورائجي ويو هو ۽ ان مهل هُن چيو هو، ته هاءِ هاءِ منهنجو موتين جهڙو ڇڄ کڄي ويو!  سو هن وري ويهي ڇڄ ٺاهيو ۽ آڻي وزير کي ڏنائين. وزير اهو به رکي، پوءِ فرياديءَ کي گهرايو ۽ ان کي چيو، ته هاڻي انهيءَ موتيءَ جهڙو موتي مٽيءَ جو ٺاهي ڏيکار! هن غريب ڪا به دير ڪا نه ڪئي. کڻندي ئي مٽيءَجو ذرو هٿن ۾ بلور جهڙو گولو ٺاهي کڻي اڳيان رکيائين. پوءِ جوابدار کي سڏ ٿيو ۽ ان به حڪم موجب اهڙو ئي بلور جهڙو گولو ٺاهي اڳيان رکي چيو، ته مون ههڙو موتي فرياديءَ جي زال کي ڏنو هو. پوءِ سڏ ٿيو مائيءَ کي ۽ ان کي  به چيو ويو، ته موتي ٺاهي ڏيکار! جنهن تي هن

جواب ڏنو، ته سائين مون موتي ڪڏهن به اکين سان ڪو نه ڏٺو آهي، پوءِ آءٌ موتي ڪيئن ٺاهي سگهنديس؟

اتي وزير بادشاهه ڏانهن منهن ڪري چيو،  ته سائين، آچار ڪرڻ جدا شيءِ آهي ۽ ويچار ڪرڻ جدا شيءِ آهي. هاڻي منهنجي ويچار ثابت ڪيو، ته نه جوابدار موتي مائيءَ کي ڏنو آهي ۽ نه وري ڪو شاهد  ئي موتي ڏٺو آهي.

بادشاهه پنهنجي غلطي قبول ڪئي ۽ سوداگر کي حڪم ڪيائين، ته تنهنجا شاهد سڀ ڪوڙا آهن.هاڻي ڏنڊ ۾ اهڙا پنج موتي هن غريب کي ڏي! پوءِ ته وڌيڪ سزا به ڏنائين ۽ شاهدن کي به جيل اماڻيائين. اهڙي طرح سان آچار ۽ ويچار جو فيصلو ٿيو ۽ حق حقدار کي مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com