سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 5

 

21- آرون

مڪڙيون ۽ تڏيون ته اوهان ڏٺيون هونديون؟ اوهان جي گهرن ۾ ڪڏهن ڪپڙن ۾ اچي پون، ڪڏهن اَٽي، چانورن ۽ ماني ٽِڪيءَ ۾، ڪڏهن ويڙهيل هندن ۽ رلين ۾، زيان به ڏاڍو ڪنديون آهن: ڪپڙا ٽُڪي ڇڏين؛ هندن جا ڳچ لاهي ڇڏين ۽ رڌڻن ۾ اچي پون ته کاڌو ڪِنو ڪري ڇڏين. اسين انهن کان بچڻ لاءِ فلٽون ٿا هڻون ته مري وڃن ته انهيءَ ڪِنَ ڇِن کان اسان کي ڪو ڇوٽڪارو ملي. آهي ته آر به ساڳئي وڻ جو ڇوڏو، ائين ئي ته ساڳئي ڪٽنب جو ڀاتي، پر اها مڪڙين ۽ تڏين وانگر زيان ڪانه ڪري. هن جي ويهڻ جي جاءِ ماڻهن جا گهر ڪين هوندا آهن، پر جهنگ جا وڻ هوندا آهن. ٻهراڙين جي گهرن ۾ به ماڻهو وڻ پوکيندا آهن ته پوءِ انهن وڻن ۾ به اچي واسو ڪن. آرن جو رؤنشو رات جو هوندو آهي. ڏينهن جو ٻڙڪ به ڪانه ٻولين، رات ٿي ته آرون پنهنجا آواز ڪڍڻ لڳنديون ۽ اهڙو ته هُل مچائينديون جو سارو جهنگ مٿي تي کڻي ڏينديون. سندن سُر، گيت ۽ راڳ بند ئي ڪونه ٿيندا. جيڪو ماڻهو گهڻو ڳالهائيندو آهي ته ان کي چوندا آهن ته ايترو ٿو ڳالهائين؟ آرون وانگيان مٿو به نٿو ڦاٽي پوئي؟ سچ پچ ته ڪيترين آرُن جو ٻوليندي ٻوليندي مٿو ڦاٽي پوندو آهي، ۽ مري به وينديون آهن. آهن هيڏڙيون پر پنهنجي آواز سان مٿي جو رت به پِي وينديون. مڪڙيون وڏيون ٿين، انهن کان ننڍيون تڏيون ٿين ۽ انهن ٻنهي کان ننڍيون هَوَ جيڏيون آرون ٿين، آرن جي ’رون رون‘ جي گلا ته ڪري ويٺاسين، پر انهن جي آواز تي گهاٽو ويچار ڪبو ته اهو به هڪڙيءَ مهل ۾ ڏاڍو وڻندو آهي. اها ڳالهه اهو ماڻهو سمجهندو جنهن کي ڪڏهن جهنگ ۾ رات پئي هوندي. جهنگ جڏهن سنسان هوندو آهي، چوڌاري ماٺ ئي ماٺ هوندي آهي. ماڻهو، مرون، پکي پکڻ جڏهن سڀ ڪاريءَ رات ۾ وڃي پنهنجي گهرن ۽ آکيرن ڀيڙا ٿيندا آهن ۽ ننڊ ۾ هوندا آهن، تڏهن اهي آرون ئي هونديون آهن، جن سان اڪيلو رڻ ۾ رات پيل ماڻهو ورونهن ونڊيندو آهي. ٻين جيون جا آواز ته بند ٿي ويندا آهن، باقي آرن جو هُل به بند ٿي وڃي ته جهنگ ويتر ڀيانڪ لڳي ۽ ماڻهوءَ جو ساهه ئي سيني ۾ مُنجهي پوي. اهڙي ٽاڻي اهي آرون ئي آهن، جن جو اڪيلي ماڻهوءَ کي سهارو ملي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته آءٌ به اڪيلو نه آهيان، پر ڪنهن وڳر سان ويٺو ريجهه رهاڻ ڪريان. اهڙي گهڙيءَ ۾ آرن جو سُر ۽ گيت اهڙا ته مٺا لڳندا آهن، جو دنيا جا سڀ گويا، ڳائڻا ۽ ڳائيندڙ اچي گڏ ڪجن ۽ اهي پنهنجي سازن سان مِٺا مِٺا آلاپ ڪڍن، ته به آرن سان برابري ڪري نه سگهندا. بس پرڀات ٿي نه آهي، سج ڪَني ڪڍي نه آهي ته آرون ائين گم ٿي وينديون، جيئن ”ڳئون جا مٿيان ڏند“، رات جي کپايل مٿي کي ڏينهن سارو آرام ڏينديون ۽ رات جو وري اهي لاٽون اهي چُگهه، اُهي روهيون اُهي رنبا_ اها انڌي اهو جنڊ_ اهي ڏنڊا اهي ڪونڊا.

 

 

22- مينهن وساڙو

مُندائتا مينهن وسي اڃا بس ئي مس ڪندا ته اجهو مينهن وساڙن منهن ڪڍيو، جيت جنتر ڪيٽ ڪَنڌر ته اسان گهڻي ئي ڏٺا وائٺا، پر ههڙو پيارو جيت ٻيو ڪوبه پرٿويءَ تي ڪونه ٿيندو. ننڍڙو ٽنڊڻيءَ جيڏو، پر ڪٿي هن جو جوڀن، ڪٿي ڪاري ٽنڊڻي، مينهن وساڙو ڳاڙهو رتي رنگ جو، سندس کَل هوبهو ڳاڙهي بخمل جهڙي، هٿ لايوس ته پَٽَ ريشم تي آڱريون پيون، ڇُهي ڏسبو ته دل ٺري پوي ۽ نيڻ نرمل ٿي وڃن. ڏسيو پيو ڏسجيس. هٿ ۾ کڻوس ته پنهنجي ڪونئرين ننڍڙين ٽنگن سان اهڙو ته هوريان هوريان هلڻ شروع ڪندو، جو هٿ کي آسيس پئي ايندي.

ماڻهن کي ائين چوندو ٻڌبو آهي ته مينهن جو وسي ٿو، سو اهي مينهن وساڙا ئي وسائين ٿا. هيءَ به ساڳي ڳالهه آهي جو چوندا آهن ته تاڙي تنواريو ته ڄڻ مينهن کي سڏ ٿيو، اڻ گٿو ڪار ڪري اچي وسندو. مينهن ته الله سائين ٿو وسائي، پر تاڙن جو تنوارڻ ۽ مينهن وساڙي جو جنم وٺڻ، هڪيون تڪيون مينهن وسڻ جون نشانيون آهن. ٻارن ته مينهن وساڙا ڏٺا ته مزو ٿين، ويچارن کي ويندا پڪڙيندا ۽ گڏ ڪندا، پوءِ ڪنهن شيشي ۾ وجهي سانڍي رکي ڇڏيندس، جنهن ۾ پيا چُرندا پُرندا. کائين به ڪل نه آهي ته ڇا؟ ڏسڻ ۾ ته ڪجهه ڪونه اچي. جيئن هرڻ پاڻي ڪونه پيئي ۽ اندران ئي اندرا پاڻي ٺهي، جو کيس تازو رکي، ڪڏهن ٻارهين مهيني ڪو پلر جو پاڻي مليس ته پيئي، نه ته ٿيو ڀلو. چون ٿا ته هرڻ هيڏا جو ڇال ماري ٿو ۽ تکو ڊوڙي ٿو، سو به ان ڪري جو پاڻي ڪونه پِيئي، پاڻي پيئندڙ هجي ته ايترو ڊوڙي نه سگهي ۽ ساهه ڀرجي اچيس. ساڳيءَ ريت مينهن وساڙي کي به سٻاجهو سائين اندر ئي اندر کاڌو پڄائي ٿو، نه ته جيڪر جيئرو ڪين رهي سگهي. مينهن وسي پورا ٿيا ته ڄڻ مينهن وساڙي جو انت آيو، مڙئي مري ويندا، پوءِ پوٺن تان سيرن جا سير مينهن وساڙا کڻي ميڙ.

مئل مينهن وساڙا دوا دارن وانگي ڪم اچن. پسارين جي هٽن تي مينهن وساڙن جون ڳوٿريون ڀريون رکيون هونديون آهن، جي ويڄ وٺي، انهن مان سُتيون ڦڪيون ٺاهين. مينهن وساڙن مان چوندا آهن ته ڪُشتا ۽ ڪَک به جوڙين، جي مرداني ٻَرُ کي وڌائين. اهو ڪُشتو ملي به مهانگو، پر سگها ۽ شاهوڪار ماڻهو يا اِهي ماڻهو جي انهيءَ ڳالهه ۾ کوٽ ڀائين يا پاڻ کي نٻل ۽ نستو سمجهن، سي لاچار واپرائين ته انهن کي پڪ لاڀ پراپت ٿئي. ماڻهو هن جيت جو نالو به پاڻ تي رکن، جيئن ته چوندا آهن: ميان مينهن وساڙو خان.

ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي اُن سٻاجهي سائينءَ جي، جو ههڙيون مُلهائتيون شيون اُپائي، اسان کي بنا مُلهه جي ڏئي ٿو ۽ اسين انهن مان ڪيترا نه سک ماڻيون ٿا. اي ميان مينهن وساڙا، سنڌ تي شل سدا سانوڻ هجن ۽ تون سدا اسان جي پَٽن پوٺن تي شيل ڪندو ڏسجين؛ جو توکي ڏسي اسان جون اکيون ۽ دل ٺرندي. اسان جا ٻچڙا توکي پيار مان هٿن ۾ کڻي لوليون ڏين ۽ دل وندرائين. سچ پچ ته کڙکٻيتي جو تون وڏو ڀاءُ آهين. تون شال جيئرو هجين ۽ وڏي ڄمار ماڻين، پر پوءِ ڊپ اٿئون ته توکي سدائين ڏسي ڏسي سڪ نه پلجي وڃي، ان ڪري ڀلي ته تنهنجي سڪ ۾ هجون.

 

 

23- گهريتڙي

گهريتڙيءَ تي اهو نالو پيو ئي اُن ڪري آهي، جو هوءَ مِٽيءَ جو گهر ٺاهي، ان ۾ اندر رهندي آهي. هيءُ جيت به ڏسڻ سان تپرس وٺيو وڃي. هن جا به ٻه پاڙا ٿين ٿا. هڪڙي گهريتڙي ٿئي ننڍي هيڊي رنگ جي ۽ ٻي ٿئي وڏي ڳاڙهي رنگ جي. وڏي وڏا ڪم ڪري ۽ ننڍي هن کان ننڍا. سارو ڏينهن ڏسو ته وتنديون آلي مٽي ڳولينديون. جتي به هٿ آين، اتي پهچي وينديون. وات ۾ ذرو ذرو مِٽي کڻي، گهرن جي ڇتين ۾، ڪُنڊن پاسن ۾ اچي انهيءَ مٽيءَ سان گهر جوڙينديون. ورچن ته بنهه ڪين. مهينا لڳيو وڃن هڪ گهر ٺاهڻ ۾، پر جيسين اهو جوڙي راس نه ڪن، تيستائين ٿڪجن ئي ڪين. گهر ۾ اندر وري ڪوٺيون ڪوٺيون جوڙين ۽ هڪ هڪ ڪوٺيءَ جي مٿان هڪ ٽُنگ ڪڍن، جنهن مان اندر اچن وڃن. جڏهن گهر واري مِٽي سُڪي ٺوٺ ٿئي ته اهڙو ڏاڍو ٿي وڃي جو هٿ سان ته ڀڄي به نه سگهي، جڏهن ڪو پٿر يا مترڪو آڻجي تڏهن ڀڄي. جڏهن گهر راس ٿين ته ڳولا ڪن ڪينئن جي. ڪٿان ڪٿان وڃيو ڪينئان ڳولي اچن ۽ هڪ هڪ ڪري وات ۾ کڻي اچي پنهنجي گهر ۾ رکن. خدا جي جوڙ ته ڏسو! هي ڪينئان ڪجهه وقت کان پوءِ بدلجي گهريتڙين جي شڪل وٺن. نڪي لاهين آنا ۽ نڪي پيٽان ڄڻين. اهي ڪينئان گهڻو ڪري گاهه جا ڪينئان هوندا آهن، ڪِن ڪچري جي ڪينئن کي وات ئي نه وجهن. گهريتڙين جا گهر ڀڃي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن گهريتڙيون ٺهي راس ٿين ته اُڏامن ته باقي انهن ۾ ڪينئن جون کلون وڃي رهنديون آهن. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته گهريتڙيون آنن مان ٻچا ٺاهين ۽ اهي ڪينئان پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ رکنديون آهن، جي تيسين اهي کائين، جيسين اُڏامڻ جهڙا ٿين. اها خدا کي سگهه مليل آهي ته ڪيئن ٿو ساهوارو جوڙي، سا هو ئي قدرت ٿو ڄاڻي.

گهريتڙين جي انهيءَ ڌنڌي کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سندن گهر ٺاهڻ ۽ ڪينئان گڏ ڪري ٻچا ڪڍڻ، هڪ اهڙي ته انوکي ڪرت آهي جا ڏسي، جيترو گهريتڙيءَ جي پورهئي جي واکاڻ ڪجي اها ٿوري آهي. هنن گهريتڙين سان ڇوڪرا اهائي هلت ڪن، جيڪا ڀنڀورين سان، سڳو چيلهه ۾ ٻڌي ويچارين کي اُڏائين ۽ پنهنجن گهرن ۾وڃڻ ئي نه ڏين ۽ هو ڀون ڀون ڪنديون ڦرنديون رهن.

هنن جي وات ۾ ته الائجي ڪهڙي پاڻياٺ رکيل آهي جو سندن گهر ڪيترين اگهاين ۾ دارون ٿي ڪم ٿو اچي گهريتڙيءَ جي گهر جي مٽيءَ جو هڪڙو ٽڪر پاڻيءَ جي پيالي ۾ وڇير لکندا آهن ته اهو وڃي پيالي جو تر کڻندو آهي، پوءِ ان جي مٽيءَ جي اَڇ پاڻي کي جڏهن ميرانجهڙو ڪندي آهي ته اهو پاڻي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، اگهي ماڻهوءَ کي پياريندا آهن ته ڪيترين ئي اگهاين تي پوي ۽ اگهو چڱو ڀلو ٿيو پوي. جيئن ماکيءَ ۾ ماڻهوءَ لاءِ سگهائيءَ جو گُڻ رکيل آهي. اهڙيءَ ريت گهريتڙيءَ جي گهر جي مِٽيءَ ۾ به بيمار جي چڱڀلائيءَ جو ڳجهه سمايل آهي.

ٻاجهاري ۽ سگهاري ڌڻيءَ جي جوڙ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي. ڇا ڇا اُپايو اٿس ۽ ڇا ڇا انهن ۾ ماڻهن جي ڀلي ڪارڻ ڳجهه ڳڙيا اٿس. پکي به ڪکن مان آکيرا ٺاهين ٿا. سڀني ۾ چيهن جا آکيرا اسان جون اکيون کوليو ڇڏين ته ننڍڙن پکين ۾ به ڪيتري نه ڌڻي سڳوري سمجهه ۽ سياڻپ رکي آهي، پر واهه مائي گهريتڙي، تنهنجي گهر سان لڳي ئي ڪونه. هزار رازن ۽ ڪاريگرن جون ڪاريگريون تنهنجي سياڻپ تان ٻلهار وڃن! ککريون ۽ ماکيءَ جا مانارا به ڏٺا اٿئون، پر تنهنجو گهر پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.

 

 

24- ڦوٽو

ڦوٽو ته اسين ”الاچيءَ“ کي به چوندا آهيون، جو ٻوڙ، ڀاڄي ۽ پُلاءُ ۾ سرهاڻ لاءِ وجهبو آهي. هيءُ ڦوٽو، جنهن جو آءٌ ڳالهه ٿو ڪريان، ان کي ”حباب“ به ڪوٺيندا آهن. اهو ڦوٽو پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي، جو جڏهن مينهن وسن ته ڌرتيءَ تي گڏ ٿيل پاڻي يا واهڙن ۾ مينهن جي ڦڙن پوڻ ڪري ٺهي پوندو آهي. اڌ گول اک جي تاري (دوڏي) وانگر چمڪڻ لڳندو آهي. ٻار ته الله سائين جي هر ڪنهن انوکي جوڙ کي ڏسي مست ٿي ويندا آهن،. مينهن پون، ڦوٽا نڪرن ته بنهه چريا ٿي پون ۽ ڦوٽن کي هٿ لائڻ لاءِ آتا، پر اڃا هٿ لائين ئي لاين ته ڦوٽو ڦاٽي گم ٿيو وڃي. ڏاڍي مڙسي ڪري ان کي وٺن، پر اڃا هٿ جي آڱر ڇُهي ئي ڪونه، ته ڦوٽو گم. اهوئي سبب آهي جو ڪَوين ۽ سگهرن ڦوٽي کي ماڻهوءَ جي ڄمار سان ڀيٽيو آهي. چي: ماڻهوءَ جي ڄمار ان ڦوٽي وانگر آهي. بس ايتري ٿوري. سؤ ورهيه ڄمار ٿئيس،  ته به هڪ ڏينهن، انهيءَ ڦوٽي وانگر پنهنجي سؤ ورهين جي سونهن ۽ سينگار ڏيکاري، هڪ کن ۾ پورو ٿيو وڃي.

ڦوٽي مان اسان کي ڪهڙا ڪهڙا آدرش ملن ٿا: ماڻهو جو پاڻ کي ائين سمجهيو ويٺو آهي ته سونهن ۽ جواني موجن سان سدائين نيبهه هوندي، سا ڳالهه کوٽي آهي. ڏيئي جو تيل جڏهن کپي ويندو آهي ته ان جي ٻرندڙ وَٽ پڇاڙيءَ ۾ رڳو هڪڙو جهلڪو ڏيئي بس ٿي ويندي آهي ۽ سندس سوجهرو گم ٿي ويندو آهي. ساڳيءَ ريت ڦوٽو ويچارو، جنهن ۾ نه آهي تيل نه آهي وٽ، سو ته ويچارو هتان ڄمي ۽ هُتان اک ڇنڀ ۾ مري وڃي. ساڳيءَ ريت ماڻهوءَ جي ڄمار به سَپني وانگر آهي، جنهن ۾ اگهور ننڊ اندر ڇا جو ڇا ڏسجي ۽ اک کلي ته ڪوڙ جو مثل ڪوڙ.

پوءِ اي ڌڻيءَ جا سنواريل ماڻهو، ڇا تي ٿو هٺ وڏائي ڪرين ۽ ڀائين ٿو ته هن دنيا ۾ سدائين جيئرو رهندين ڇا؟ اڙي ڳهيلا، جو ٺِڪر گهڙيو آهي، سو ڀڄندو. اُگهاڙو ۽ هٿين ٺلهو آيو آهين ۽ ٻه- چار هٿ جوڙيءَ (ڪفن) جا ڍڪي، اگهاڙو ۽ ٺلهين هٿين هليو ويندين، ڄڻ ته ڄائين ڪونه.

ٻڌاءِ تو ۾ ۽ ڦوٽي ۾ ڪهڙو ڦيرو آهي؟ ڄمار سپنو نه آهي ته ڇا آهي؟ تون وتين ٿو ڌن گڏ ڪندو، ٺڳيون، ڪوڙ ۽ ڪپت ڪندو، اٻوجهن کي ڦريندو لُٽيندو ۽ ڏکوئيندو. نيٺ ته جنهن خدا وٽان آيو آهين، ان جي سامهون هلندين ۽ پنهنجي ڪرمن جي ڪهڙي وراڻي ڏيندين؟ جڏهن پڇاڻو ٿيندو، تڏهن ڇا ٻڌائيندين ته مون پنهنجي ٿوري دير جي ڄمار ڪهڙن ڪمن ۾ پوري ڪئي؟ ڪُڌايون ڪيون يا چڱايون؟ جنهن ڌڻيءَ اُپايو نپايو ۽ وڌايو ويجهايو، ان جي حڪمن جي ڪهڙي پوئواري ڪيم ۽ سندس موڪليل رسول صلعم جي ٻُڌايل واٽ تي پورو هليس يا هن ڪوڙي پرٿويءَ جي موهه ۾ اچي اهنڪار ۾ ڪاهي پيس ۽ هن ليکي جي ڏهاڙي (حشر) لاءِ ڪابه سمرٿي ڪٺي نه ڪيم. اڄ هت ٿوري گهڻي جو ليکو ٿيندو، تُراڙو ترندو، پڇاڻو ٿيندو ۽ ليکو چڪتو ٿي پنهنجي ڪِنن ڪرمن جي سيکت ملندم.

اي ڀليل ساٿي، هن ڦوٽي واري ڄمار تي تون ڇو ايترو ڀلجي ويو آهين! اهو ڪي ڪر جو ڏکي ڏينهن ڪم اچيئي ۽ مالڪ اڳيان مرڪندو رهين ۽ سرڳ ماڻين.

 

 

25- واچوڙو

ڪڏهن ته مهينن جا مهينا لنگهي وڃن ته واچورو پسجي ئي ڪونه. ڪڏهن ٿوري جهڪ يا واچ لڳي ته انهيءَ سَگهاري سائينءَ جي جوڙ ڏسو، واچوڙو اچي منهن ڪڍي! وڏن شهرن ۾ جتي وڏيون وڏيون جايون آهن، جن جي چوٽي آڪاس سان پئي گسي، اتي واچوڙا ڪونه لڳن، پر پوٺن ۽ ميدانن ۾ جتي ڌڌڙ ۽ ڌوڙ گهڻي هجي، اتي واچوڙا پنهنجو اڊنبر ڏيکارين.

ٻار اهڙن پوٺن تي راند روند ڪندا آهن ۽ اوچتو جو واچوڙو اچي ته ڪپڙن ۾ نه ماپن، ٻين کي به سڏ ڪن ته اڙي واچوڙو! اڙي واچوڙو! واچوڙو ڇو ٿو ٿئي؟ اهو ته سائنس جا ڄاڻو ٻڌائيندا، پر هنن ننڍي ٽهيءَ جي ٻارن جا واچوڙي لاءِ الڳ الڳ ويچار هوندا آهن. چوندا آهن ته واچوڙو جن اڏائيندا آهن. واچوڙي ۾ اندر جن هوندا آهن ۽ انهن جو وهانءُ هوندو آهي. واچوڙي جي اندر ڪو ڇوڪرو اچي ويو ته ان ڇوڪري کي جن کڻي حضرت سليمان عليه السلام پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي ويندا. ائين به آکيندا آهن ته واچوڙي ۾ جيڪڏهن جتيءَ جو موچڙو اڇلبو ته کارڪن ۽ پتاشن سان ڀرجي ويندو. آهي به سچ پچ ته الله جو ڳجهه. هوا ۽ مٽيءَ ۾ ڦيرو اچي ۽ گهڙيءَ کن ۾ مٽي گولائيءَ ۾ ڦرندي ڦرندي آڪاس تي چڙهي وڃي. سمجهي ڪونه سگهجي ته هي ڇا، واچوڙو ڦرندو ڦرندو ڪجهه پنڌ تائين تکو ويندو رهندو ۽ سگهو ئي پوروٿي ويندو. الاجي ته جن ڪاڏي ويا ۽ وهانوَ ڪٿي رهيا.

آهي ته واچوڙو به هوا ۽ واءُ جو جادو. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ اهڙو گول گهيرو ٿئي ته ان کي ڪُن چون. واچوڙو ٿئي مٿي هوا ۾، ۽ مٽيءَ جو چڪر، ته ڪُن ٿئي پاڻيءَ جو چڪر جو پاڻيءَ ۾ اندر اونهو. شل نه ڪا ٻيڙي يا ٻي شيءِ ڪُن جي چڪر ۾ اچي ته سڄي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي ۽ ڪُن ڦرندو ڦرندو ان کي اهڙي ته اوڙاهه ۾ وڃي سٽيندو جتان وري ان شيءِ جون هريڙون به هٿ نه اچن.

واچوڙويا ڪُن هوندا آهن رڳو سوا گهڙيءَ جا کيل جي ڏٺي سرير کي سراپ وٺي وڃي ۽ وري به الله سائينءَ جي يادگيري اچي وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا نه بن بنايا اٿس، جيڪا به شيءِ بنائي اٿس ان جو سِگهو يا دير سان انت پڪ آهي ته ايندو. رهندي وڃي سندس ذات جنهن کي پڇاڙي ڪانهي، سدائين رهڻ واري آهي. ٻيون شيون جي گهڙيون اٿس تن جي پڄاڻي اڻٽر آهي، تنهن ڪري اي ڌڻيءَ جا سچا ٻانها! الله سائينءَ جون اهي سياڻپ ۽ ڏاهپ جون شيون ڏسي انهيءَ کي پل پل سنڀار ته هن پرٿوي تي ۽ ايندي دنيا جون موچاريون لهين.

 

 

26- ڌٻڻ

ڌٻڻ مان ائين نه سمجهه ته آءٌ ڪو ڌرتي ڌٻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. هيءَ ڌٻڻ جنهن جي پچار ڪئي اٿم سا هڪ بُڇڙي بلا آهي، شل نه ڪو ان جي آور ۾ اچي، جي آيو ته وري نه موٽندو. ويوسو ويو.

جتي جتي پراڻا گهارا يا ڍورا هوندا آهن جي درياءَ جي اُتان ڇڏي وڃڻ سبب انهن جي وهڪرن جا پيٽ رهجي ويندا آهن، اتي انهن پيٽن ۾ ڪٿي ڪٿي ڌٻڻيون ٺهي پونديون آهن. ڌٻڻ ۾ پاڻي ڪونه هوندو آهي، پر رُکي گپ هوندي آهي، جنهن ڍوري جي پيٽ ۾ ڌٻڻ ٺهي پوندي اهي، سو ٽڪر ڏاڍو جوکائتو ۽ اونهو اوڙاهه هوندو آهي. هن ۾ ماڻهو ته ڇا پر ڪو اُٺ هاٿي اچي وڃي ته اهو به غرق ٿي ويندو، ڪيترا ماڻهو، جانور ۽ ٻيا سگهه وارا انهن جو بَک ٿي چڪا آهن. ڌٻڻ جي گپ به اهڙي ته چيڪي لِوَ واري هوندي آهي، جنهن کان خدا ڏئي پناهه! منجهس پير گتو ته اڀوئي اڀو هلندو ويندو هيٺ ۽ ماڻهو گپندو ويندو. جيئن جيئن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻندو، تيئن تيئن پنهنجي بار ۾ ويتر ويندو ڦاسندو. ڌٻڻ جي اونهائيءَ يا گهاٽائيءَ جو ته انت ئي ڪونه پوندو آهي ته هيٺ ڪٿي ٿي وڃي پوري ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اڳواٽ سُڌ هوندي ته هيءَ ڌٻڻ آهي ته اُڀي بيهڻ جي بدلي هڪدم ان گپ ۾ ليٽي پوندو آهي ۽ ليٽندو موٽندو ڦرندو گهرندو ليٿڙيون پائيندو ٻاهر نڪري اچي ته ٿي سگهي ٿو، نه ته پنهنجي زوربار ۾ سڌو بيٺو ته ويندس ڌٻڻ ڳهندي. پير اندر ويا ته ٽنگون ويون، جي ٽنگون ويون ته پيٽ ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڳچيءَ سوڌو گار ٿي ويندو ۽ نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. هن جي بچاءَ جو به ڪو اُپاءُ ڪونه ٿئي. دانهون ڪندي ڪندي دانهن ڪوڪ به بس ٿي وينديس ۽ ڏسڻ وارا هاءِ هاءِ ڪندا ڏسندا رهندا، پر ڪير جو ويجهو وڃي ته پاڻ به بک ٿي وڃي.

هاڻي جتي جتي اهڙيون ڌٻڻيون اڃا آهن، اتي ڌٻڻ واري ٽڪر کي چوڌاري لوڙها ڏياري ڦٽا ڪيا اٿن، جيئن ڪوبه انهيءَ چُرَ ۾ پير نه رکي. ماڻهوءَ کي الله سائين سمجهه ۽ ٻُڌي ڏني آهي. هن جي اڳيان هن ڌرتيءَ تي سوين سمجهه جون سوکڙيون به اُپايون اٿس ته ڪيتريون ڪَٺن اهنجايون به اوساريون اٿس ته ماڻهو ٻنهي ڳالهين جي تور تڪ ڪري ته کيس سُڌ پوي ته ٻاجهاري ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا ٿورا آهن. اسان کي رڳو سُرت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جڏهن هن ڌرتيءَ تي هلجي، تڏهن آڪڙجي نه هلجي، پر سُرت ڌاري پير رکجي. هٺ سدائين مارائيندڙ آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

هٺ نه ڪجي هيترو، هٺ وڃايا وير،

ڪِري پيڙا ڪيترا، ماڙين مٿان مير،

هٺ ڪيرايا ڪيترا، توکان سُڌ سڌير،

پڙهيل پنڊت پير، کميا مان کٽي ويا.

 

27- شرم ٻوٽي

اوهان جو ڌيان گوشت جي ٻوٽيءَ ڏانهن وڃڻ نه کپي، جا اوهين مزي سان کائيندا آهيو. وڏن ٻوٽن کي ٻوٽا ۽ ننڍن ٻوٽن کي ٻوٽيون سڏيندا آهن. اهڙيون هزارين ٻوٽيون آهن، جي ٽڪرن ۽ ڏونگر، پوٺن تي اوڀر ڪنديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن کي سڃاڻن ۽ انهن جي گڻن ۽ ڪمائتي هجڻ جي سڌ اٿن، سي اهي ٻه_ ٽي ڳوڻيون ڀري وڃي سڪائين ۽ پوءِ اهي سُتين ڦڪين ۽ ڏوارن ۾ ڪم اچن. انهن ٻوٽين کي چون ئي جڙي ٻوٽيون. جڙي ٻوٽين سان جيڪو اگهن جو درمل ٿئي. سو ڊاڪٽري دوائن کان ڪنهن پر گهٽ ڪين آهي. رڳو انهن مان ڪم وٺڻ ۽ انهن کي سڃاڻن ته ڪهڙي ٻوٽي ڪهڙي اگهائيءَ لاءِ ڪمائتي آهي، اها سُرت هئڻ گهرجي. جس هجي پسارين کي جي اهي ڪک پن سڃاڻن ٿا. ويڄ ته چٺي لکي ڏيندا ته پَساريءَ کان وڃي هي ڪي هي ٻوٽيون وٺي پُڙيون ٺهرائي ڪاڙهي پيئو، بس. پوءِ پساريءَ وٽ وڃ ته اها چٺي پڙهي جهٽ کڻيو ڪري. اسان جيڪو تپ ۽ ٿڌ کان ڪاڙهو پيئندا آهيون، جنهن کي حڪيم منزج چون سو آهي ڇا؟ اهي ئي ڪک پن ۽ ٻوٽيون هونديون آهن، جهڙوڪ ست گلو، نيلوفر، گڻ ويل، وڏف، ٻهيڙا، آنورا، هريڙون، منڍيري، برگ يوسفي، مٺي ڪاٺي، ڪڙي ڪاٺي، ايريال، ڦودنو ۽ ٻيون اهڙيون سوين ٻوٽيون، ٻج ۽ پسار جون شيون. پساري به انهن جو جهڙو حافظ،. ڪاريءَ رات جو چوينس ته پنهنجي هٽ تان جن دٻن ۾ اهي ٻوٽيون هونديون، تن کي هٿ لائڻ ۽ سونگهڻ سان جهٽ ڪري ايندو. اهي ٻوٽيون ته ڪير پوکي ۽ نه ٻج وجهي نه پاڻي ڏئي، پاڻمرادو اُڀري پون. الله سائينءَ جي ڏنل ڏات آهي، جي ماڻهوءَ جي تن جي چاڪائيءَ لاءِ اُپايون اٿس.

هاڻي ڇڏيون ٿا انهيءَ قوت کي، اچون ٿا شرم ٻوٽيءَ تي، ڪڏهن ڪنهن ڦلواڙيءَ تي وڃو ته باغائيءَ کي چئو ته اسان کي شرم ٻوٽي ڏيکار، هو اوهان کي وٺي هلندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن گلن جي ڪونڊيءَ وٽ هلي اوهان کي بيهاريندو ۽ چوندو ته هيءَ اٿوَ شرم ٻوٽي. خبر اٿو ته هن ٻوٽيءَ تي اهو نالو ڇو پيو آهي؟ سچ پچ اها شرم واري ٻوٽي آهي ڇا؟ اها سُڌ اوهان کي تڏهن پوندي جڏهن اُن کي هٿ لائيندا يا ڇُهندا. اها ٻوٽي سائي سونهن ڀري ڪونڊيءَ ۾ ول وانگر پکڙي پئي هوندي آهي ۽ ان جا ڪومل پن کليا بيٺا هوندا آهن. جيڪڏهن ان جي ٻن- چئن پنن کي هٿ لاتو ۽ پنهنجي چپٽيءَ ۾ کڻي جهليو ته سُڌ اٿو ته ڇا ٿيندو؟ انهيءَ ٻوٽيءَ جا پن ويرم ۾ شرم کان ڪومائجي ويندا. مرد ماڻهوءَ جو هٿ لڳيس ته ڪومائجي وڃي، پر ڪنهن ننڍي نياڻيءَ يا ڪنواري ڇوڪري هٿ لائيس ته ڪجهه به منجهس ڦيرو نه اچي ۽ جهڙي سائي هوندي اهڙي پئي کِلندي. جيئن ڪابه ڪنواري نياڻي ڪنهن ڌارئي جو اوچتو هٿ لڳڻ سان ڦڪائيءَ ۾ ٻُڏي ويندي آهي، هن ٻوٽيءَ سان به ساڳي گَت آهي.

ڏسون ٿا ڌڻي ڪهڙيون ٿو جوڙن جوڙي، ماڻهوته شرم ۾ ٻڏي وڃي پر ٻوٽيون به ائين ڪن ڄڻ ته منجهس ڏسڻ جون اکيون ۽ سمجهڻ جي کوپڙي آهي ته هيءُ نر جو هٿ هو ۽ ناريءَ جو هٿ هو، سڀڪا ساراهه انهيءَ مالڪ کي جڳائي جو ڀانت ڀانت جون شيون اُپائي اسان کي اچرج وٺڻ لاءِ سامان ميسر ڪري ڏئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com