سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: موتي ۽ مکڙيون

 

صفحو : 3

نماز

 

نماز الله جي عبادت آهي،

جيڪا ڏيندي راحت آهي.

 

جنهن کي نماز جي عادت آهي،

اُن جي جٿ ڪِٿ عزت آهي.

 

ادڙا ادڙي منهنجو عرض آ،

نماز سَڀن تي هڪڙو فرض آ.

 

ٻارو دين جا پنج رُڪن،

جن مان هڪ نماز چَون.

 

اهو قول به آهي سچو،

نماز دين جو آهي ٿنڀو.

 

 

ٻين رُڪنن ۾ هڪ آ ڪلمو،

حج زڪوات ۽ ٽيون آ روزو.

 

ڳالهه نماز جي پاڻ ڪيون پيا،

تيسين پڙهون پيا جيسين جيئون پيا.

 

پنج وقت ڏينهن ۾ پڙهڻي آهي،

ڇا به ٿئي پر ڇڏڻي ناهي.

 

ها پر نماز کان اڳ ۾ ڇاهي،

اڇو اُجرو ٿيڻو آهي.

 

ڪپڙا ڌوتل پوتل پهريو،

اڳ نماز کان وَضو ساريو.

 

نماز جماعت ساڻ سُٺي آ،

مالڪ سائين کي ته مٺي آ،

 

رهجي جماعت کان جي وَڃجي،

پوءِ اڪيلي سِر ئي پڙهجي.

 

پنجئي وقت الڳ رڪعتون،

ربَّ جي طرفان ڄڻ سوغاتون.

 

پيارا ٻارو پڙهڻ آ لازم،

ڪعبي ڏي منهن ڪرڻ آ لازم.

 

گوڏن تي هَٿ ڪُٻو جُهڪبو،

اُن کي آهي رڪوع چئبو.

 

نِرڙ زمين تي رکبو آهي،

ٻارو اهو سجدو آهي.

 

چنڊ جيئان پيشاني مهڪي،

نماز بُراين کان پڻ روڪي.

 

هي جنت جي ڪنجي آهي،

جنهن سان جنت ملندي آهي.

 

ڪوشش ڪَرَيو سُٺِي ٿيڻ جي،

عادت ڌاريو نماز پڙهڻ جي.

 

ٻارو جيڪو نمازي ٿيندو،

الله اُن تي، راضي ٿيندو.

 

عارف جيڪو نماز پڙهندو،

صحت مند ۽ خوش خوش رهندو.

 

 

جيجل ماءُ

 

رحمت آهي جيجل ماءُ،

شفقت آهي جيجل ماءُ.

ماءُ جي پيرن هيٺان جَنت،

جنت آهي جيجل ماءُ.

گهر جي ڇانءُ ۽ دَر دُعا جو،

نعمت آهي جيجل ماءُ.

ماءُ جي دم سان گهر جي رونق،

برڪت آهي جيجل ماءُ.

ماڻهوءَ جي عزت شان شوڪت،

عظمت آهي جيجل ماءُ.

پيار مُحبت جو سَرَ چشمو،

چاهت آهي جيجل ماءُ.

روح، جگر، ۽ دل جي عارف،

فرحت آهي جيجل ماءُ.

 

 

مادو

ٻارو هي جو مادو آهي،

مادو ڇا کي چئبو آهي.

اهڙي شيءِ جا وَزن رکي ٿي،

جاءِ به والاري سگهي ٿي.

ان کي مادو چوندا آهن،

ان کي مادو لکندا آهن.

هن جا ٽي، ٽي اِسم به آهن،

هن جا ٽي، ٽي قسم به آهن.

نَهرو، پَٽَڙو ۽ ٽيون گئس،

ائين سُڃاڻي هر ڪو کيس.

مٽي، پٿر نهري شيءِ آ،

کير ۽ پاڻي پٽڙي شيءِ آ.

واءُ جنهن کي ڪو نه ڏسون ٿا،

ان کي ٻارو گئس چئون ٿا.

هرڪا مادي جي حالت آ،

عارف جنهن کي طاقت آ.

 

بادل

اَڇا ڪارا بادل آيا،

مينهن وَسڻ جا آهن سعيا.

رِم جهم رم جهم لاتي آگم،

کنويڻن ڏاڍا کيل رچايا.

آئي مُند مَلهاري آهي،

ٻارن گيت خُوشي جا ڳايا.

ڌرتي ساوا ويس ڍڪيندي،

بُوندن آهن سُک بَرسايا.

گرمي مان ٿڌڪار جو ٿي وئي،

ٻارن گڏجي نعرا لڳايا.

پوکُون ڦٽنديون گُلڙا ڦُٽندا،

عارف ٿيندا لايا سجايا.


 

انڊلٺ

انڊلٺ ڪيڏي پياري آهي،

سَتن رنگن واري آهي.

مينهن وسائڻ کانپوءِ هي،

اُڀ تي رَبَّ بيهاري آهي.

هن کي قوس قزح به چئجي،

نالي ۾ ئي نياري آهي.

ڪَڪَرن جي ڀَر ۾ بيٺل هي،

سونهن سراسر ساري آهي.

رنگن روُپن مَنجهه نرالي،

عارف سُهڻي ساري آهي.

 

ٻار مُکڙيون، ٻار تارا

ٻار مُکڙيون ٻار تارا،

ڪيڏا سُهِڻا ڪيڏا پيارا.

سونهن جَن جي چنڊ جهڙي،

خوبصورتِ رُوپ وارا.

سانورا سنهڙا سَٻاجها،

سڀ وڻن ٿا ڀُورا ڪارا.

ڪيڏا دل کي وڻندا آهن،

مٺڙا مٺڙا ۽ موچارا.

ٿا کِلن جِت گُل ٽڙن اُت،

ٻول جن جا ماکي ڌارا.

سُونهن سنڌ جي ٿا وَڌائن،

ٻار اجرڪ ٽوپي وارا.

ٿا وڻن عارف هِنن جي،

راند جا سارا نظارا.

 

انب

ڪي ساوا ڪي ڦڪڙا اَنب،

ٻارو آهن مِٺڙا اَنب.

گرمي جو هي تحفو آهن،

سُهڻا سُنهري سُٺڙا اَنب.

ننڍڙُيون ادڙُيون شوق سان کائن،

کائن چاهه مان اَدڙا انب.

ڀَت ۽ ماني سان کاڄن ٿا،

ماکي مِصري جِهڙا انب.

سنڌڙي چَؤنسو لنگڙو ۽ ٻيا،

قِسمين قسمين ڪهڙا انب.

ميوو ڀي ۽ کاڌو ڀي هي،

عارف آهن اهڙا انب.

 

ٻارن لئه

ٻارن لئه پيو لکندس گيت،

جي اکرن کي ٺاهي لکندا،

علم ادب سان چاهت رکندا.

تن جي آخر ٿيندي جيت،

جي محنت سان پڙهندا آهن،

سي سڀ ڪنهن کي وڻندا آهن.

هر ڪنهن جي تَن ساڻ پريت،

جيڪي ڪمپيوٽر کي سِکندا،

سائِنس ۾ اڳتي وَڌندا.

نالو ڪَڍندا اهڙي ريت،

اُوندهه مَنجهه اُجالا ٿيندا،

عارف خوب نرالا ٿيندا.

ڪنهن سان رکندا ڪين ڪُريت،

تن ٻارن لئه لکندس گيت،

ٻارن لئه پيو لکندس گيت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com