سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: موتي ۽ مکڙيون

 

صفحو : 4

 

روبوٽ

سائنس ٺاهيو آ روبوٽ،

اُن کي هَلائڻ لاءِ رِموٽ.

هن کي چون ٿا مشيني ماڻهو،

هن کي پاتل لوهو ڪوٽ.

بٽڻ دٻائڻ سان هي ٻارو،

ساڄي کاٻي کائي موٽ.

ماڻهن وانگي ڪم ڪري ٿو،

هن ۾ ڪانهي ڪائي کوٽ.

گول مَٽول پيُون چَمڪاڪن ٿيون،

اکڙيون هن جون ڄڻ اکروٽ.

عارف هِن کي ٺاهڻ جي لئه،

خرچ اچن هيڪاندا نوٽ.   

 

 

لاوارث ٻالڪ

هن لاوارث ٻالڪ جي آ،

سر تي ڪنهن جو سايو ڪو نه.

هو جو تڙ پيو، سُڏڪيو ڦتڪيو،

تنهن کي ڪنهن پرچايو ڪو نه.

هن هر ڪنهن آڏو هٿ ٽنگيو،

هن سان ڪنهن ڳالهايو ڪونه.

جيڪو ڪم هر ڪنهن جي آيو،

تنهن سان ڪنهن به نڀايو ڪونه،

علم وڏي نعمت آهي،

هن کي ڪنهن سَمجهايو ڪونه،

هيڪاندن اسڪولن هَوندي،

هن کي ڪنهن به پڙهايو، ڪو نه.

هن جي هيڻي حال تي عارف،

ڪنهن کي رحم به آيو ڪونه.

 

 

ٻالڪ

منهنجي ديس جا پيارا ٻالڪ،

ٽوپي اجرڪِ وارا ٻالڪ.

ننڍڙا وڏڙا مُکڙيون گُلڙا،

مٺڙا ۽ موچارا ٻالڪ.

ماءُ پيءُ جا ساهه سيباڻا،

اکڙين جا هَنِ تارا ٻالڪ.

شوق رکي ٿا علم پرائن،

ڪيڏا آهن نيارا ٻالڪ.

مون کي سَڀئي لڳندا آهن،

عارف جيءُ جيارا ٻالڪ.

 

 

ٻارو

ٻارو ڏاڍي آ مٺي،

ديس پنهنجي جي مِٽي.

سڀ رهو اِتحاد سان،

ڪينَ ڪَرَيو ڪا ڪِٽي.

علم آهي روشني،

هي حقيقت آ چِٽي.

پيار کان وڌ چيز ڪا،

مُون نه جڳ ۾ آ ڏِٺي.

جُهومي ڳايو ٻارڙؤ،

گيت سَچ جا هر گهٽي،

جي ٿا محنت کان ڀَڄن،

تن جي عارف آ ڦِٽي.

 

 

ڇورو ٻار

ڇورو ڇِنو ٻار،

بُکيئي پيٽ سُمهي پيو.

ڪاٽي لنگهڻ ڪالهه کان،

روئي زارو زار،

بُکيئي پيٽ سُمهي پيو.

هيڪل هُو فوٽ پاٿ تي،

جيون کان بيزار،

بُکيئي پيٽ سُمهي پيو.

ليڙُون لِيڙون اَٿس لَٽا،

اَڻڀا اَڻڀا وار

بُکيئي پيٽ سُمهي پيو.

عارف پَلي آسرو،

ابهم آخرڪار،

بُکيئي، پيٽ سُمهي پيو.


 

 

ڪاپي

محنت ۾ آ مانُ،

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

علم وَڌائي ڄاڻ ٿو،

پَڙهان ڏئي ڌيانَ،

ڪاپي ڇا جي لئه ڪيان.

ڪاپي آهي، ڪينسر،

اهليت وَڌندي ڪانهَ،

ڪاپي ڇا جي لئه ڪيان.

مِحنت تي جن ڀاڙيو،

اهُي ئي اِنسانَ،

ڪاپي ڇا جي لئه ڪيان.

سَمجهه وارن لئه منزلُون،

عارف ٿين آسانَ،

ڪاپي ڇا جي لئه ڪيان.

 


 

 

قلم

لفظ ۽ جُملا سجائي ٿو قلم،

رنگ دنيا ۾ رچائي ٿو قلم.

حرف، ٽُبڪا، زيرون زَبرون پيش ۽،

لفظ تي شَدمَد لڳائي ٿو قلم.

مِحنتن سان موتي داڻا ٿا ٿين،

سُهڻو اکرن کي بڻائي ٿو قلم.

علم لاءِ هي وڏو هٿيار آ،

ڪارناما ڀي ڪرائي ٿو قلم.

گيت مان هن جي مدد سان ٿو لِکان،

فائدو ڪيڏو رسائي ٿو قلم.

هي تکو تلوار کان سڏجي سدا،

پنهنجي نالي کي مَلهائي ٿو قلم.

هيءُ جبلن کان گهڻو مضبوط آ،

سڀ کان طاقت وَر سڏائي ٿو قلم.

هي پکيڙي عَلم جو ٿو سوجهرو،

ڪوٽ اوندهه جا ڪيرائي ٿو قلم.

جيڪو عارف پيار هن سان ٿو ڪري،

اُن جي عزت کي وڌائي ٿو قلم.

 

پوپٽ ۽ گُل

گُل تي پوپٽ آيو،

منظر دلِ کي ڀايو.

گل ۽ پوپٽ پيارا،

رنگن رُوپن وارا.

گُل جون پتڙيون نازڪ،

پوپٽ جا پِرَ نازڪ.

پوپٽ پکي ٿي اُڏري،

گل خوشبو ٿي وِکري.

گل ٻارن کي وڻندڙ،

پوپٽ سهڻو لڳندڙ.

پوپٽ گَل جي ياري،

جڳ ۾ ناماچاري.

پوپٽ سوُنهن سراسر،

گل آ مهڪ برابر.

مُنهنجي هڪ ڳالهه ٻُڌو،

عارف سا ياد رکو.

گل کي پٽڻو ناهي،

پوپٽ وٺڻو ناهي.

گُل ۽ پوپٽ مُرڪَن،

پيار ڪرڻ لئه آهِن.

 

 

عِلم

علم اُهو آ ڄاڻ جنهن ۾ ٿي وَڌي،

جي گُهرو حاصل ڪرڻ ٿا ڄاڻ کي.

خوب محنت سان پرايو علم کي،

سمجهه ماڻيو ڪا هِلي سُستي ڇَڏي.

شوق سان آهي پَڙهڻ ۾ مرتبو،

ڇو نه پوءِ خوب محنت خود ڪَجي.

ڪاپي وارو ٿو رهي ڄَٽ بي عَقُل،

ڪاپي لعنت آ ته ڇو ڪاپي ڪجي،

ٻار ڏاهو ٿو اُهو سَڏجي سَدا،

جيڪو محنت ساڻ دل پنهنجي رکي.

جنهن جو عارف ڀروسو محنت ۾ آ،

مِحنتن جو ڦَل مٺو اُن کي مِلي.

 

 

قلم مضبوط آ

اي ٻارو!

ملڪ جا معمارو!

ديس جا وارثو!

منهن جي هڪڙي ڳالهه ٻڌو،

اڳين زماني ۾ جڏهن،

زور هو تلوار جو.

تڏهن به قلم سڀ کان،

مضبوط هٿيار هو.

اڄ جڏهن ڪلاشن ڪوف آ،

بَم ۽ بارود آ،

تڏهن به سمجهي ڇڏيو.

مضبوط قلم ئي اٿئو،

قلم ڦٽي ڪينَ ڪريو،

قلم جي تِکي نوڪ سان.

جهالت کي ماري وِجهو،

انڌيرُيون ميٽي ڇَڏيو،

روشنيون آڻيو.

انصاف، امن آڻڻ لئه،

سُک چين ماڻڻ لئه،

شوق ڪري پڙهو لِکو.

قلم جي زور سان،

هر ڏُک ختم ڪريو،

ڪليڪشن يا تلوار کان.

هر هِڪ هٿيار کان،

قلم مضبوط آ،

قلم مضبوط آ.

 

گيت

چَنڊ جي چانڊوڪي ۾ تُنهنجي،

چاندي جهڙي جهولي ڏولي،

ٻُڌ مُنهنجي مِٺڙا هي لولي.

تو کي روز دُعا ڏئي ماءُ،

ڪوسو نه لڳئي شل ڪو واءُ،

تنهنجي دم سان سائي جهولي،

ٻُڌ منهنجي مِٺڙا هي لولي.

تو تي ساري دُنيا هر کي،

ماءُ ڏِسيو ٿي مُرڪيو مُرڪي،

مُرڪي تارن جي پئي ٽولي.

ٻُڌ منهنجي مٺڙا هي لولي.

نيٺ ته ٻچڙا وڏڙو ٿيندين،

ماکي کان ڀي مٺڙو ٿيندين،

پياري رکجان پنهنجي ٻولي،

ٻُڌ منهنجي مٺڙا هي لولي.

ٻاتا ٻول جڏهن ٻولين ٿو،

نازڪ نازڪ چَپ کولين ٿو،

جيءَ خوشيءَ جي بڻجي ڇولي،

ٻُڌ منهنجي مٺڙا هي لولي.

 

چنڊ

ڏسو ڏسو اي ٻارو چنڊ،

سُهڻو چنڊ ۽ پيارو چنڊ.

تارن وَٽ ٿو چلڪي چَمڪي،

مِٺڙو ۽ موچارو چنڊ.

هن کي جو تون سِج ڏئي ٿو،

پوءِ ٿو جرڪي سارو چنڊ.

ڌرتي وانگي هڪ گولو آ،

مِٽي پَٿر وارو چنڊ.

سائنس دانن سچ چيو آ،

آهي گِرهه نيارو چنڊ.

هن مان خوش ننڍڙا ۽ وڏڙا،

عارف جيءُ جيارو چَنڊ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com