سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: موتي ۽ مکڙيون

 

صفحو : 6

 

روشني

علم هڪڙي روشني آ،

علم روشن زندگي آ.

آ جهالت، درد ۽ غم،

علم سان ئي هر خوشي آ.

سونُ چاندي هيرا موتي،

علم سڀ کان قيمتي آ.

علم سيکاري سُٺا ڪَم،

علم رَب جي بندگي آ.

علم سان آ سَمجهه وڌندي،

علم جي عِزّت وڏي آ.

علم سان عظمت وَڌي ٿي،

ڳالهه هي سَچي پَچي آ.

علم دولت اهڙي آهي،

خرچ ڪر ته به سا وڌي آ.

علم عارف آ تڏهن اڄ،

علم لئه ڪئي شاعري آ.

 


 

سائِنس

سائنس تنهنجا لک احسان،

سُک ۾ آهي جڳ جَهان.

ريڊيو، ٽي وي ٽيپ ۽ سي ڊي،

ڪمپيوٽر ۽ ڏس ڊي وي ڊي.

وڊيو گيم ۽ وي سي آر،

سڀ جا درشن ڌارو ڌار.

بلب، پکا، راڊُون ۽ اي،سي،

ڪم جي آهي هڪ وائر ڀي.

هيٽر، ميٽر ۽ ڪيلڪيوليٽر،

بَسُون، ڪارون ۽ اسڪوٽر.

پاڻي جا موٽَر ۽ نلڪا،

اسٽيپلائيزر جا تحفا.

واٽر ڪُولَر، فِرج ۽ بيٽريون،

انجڻيون توڙي چرخيون، چڪريون.

ايڪو، ڊيڪ لائوڊ اسپيڪر،

رانديڪا چاٻي تي هلندڙ.

ڦوٽو، مووي جي ڪئميرا،

هوائي جهاز بحري ٻيڙا.

ٽيليفون، موبائيل،

طرحين گاڏيون تن جا وِيل.

ڀرت سلائي واري مشين،

واچُون ۽ ٻيون شيون رنگين.

روبوٽ ۽ راڪيٽ نرالا،

عارف وٺجن ڪهڙا نالا.

مِحنت وارا سائنس دان،

سچ پچ آهن مڙس منجهان.

 

پاڻي جِي پري- مَڇي

مون کي مڇي وڻندي آهي،

ڏاڍي سُٺي لڳندي آهي.

هي پاڻي ۾ رهندي آهي،

پاڻي اندر ترندي آهي.

پاڻي ۾ پئي گُهمندي آهي،

ساهه ڪلين سان کڻندي آهي.

هن جي جِسم تي ڇلر آهن،

جيڪي هَن جا ڄڻ پر آهن.

راڻي پاڻي منجهه تري آ،

مڇي پاڻي جي ته پري آ.

هن جا ڪيئي قسم آهن،

جن جا الڳ اسم آهن.

ڪُرڙو ڄرڪو ۽ موراکو،

وڻندو سڀ کي آهي پَلو.

مڇي سڀني قسمين پياري،

جهينگو توڙي آسينگاري.

مڇي جڏهن کائيندو آهيان،

پاڻي ڏاڍو پيئندو آهيان.

عارف مڇي خوراڪ سُٺي،

دل ۽ جسم جي طاقت ڀي.

 

رانديڪو

بابا رانديڪو آڻي ڏي،

ڏاڏا رانديڪو آڻي ڏي.

رنگ برنگي مَن موهيندڙ،

چاچا رانديڪو آڻي ڏي.

چاٻيءَ سان چُرندڙ پرُندڙ،

ماما رانديڪو آڻي ڏي.

سُهڻو ۽ مَضُبوط هُجي جو،

نانا رانديڪو آڻي ڏي.

عارف تون انگل پُورو ڪر،

ڪاڪا رانديڪو آڻي ڏي.

 

 

جوهي

منهنجو ”جوهي“ ننڍڙو شهر،

ڪيڏو آهي سُٺڙو شهر.

ماڻهو هن جا پيارا آهن،

مون کي آهي مٺڙو شهر.

ڀل تون ساري سنڌ گُهمي آ،

ڪونهي ڪاٿي اهڙو شهر.

سنڌ جا آهن شهر هزارين،

تن ۾ آهي هڪڙو شهر.

شيءَ شِڪل ۽ سودي لاءِ ،

ويندو آهيان تڪڙو شهر.

بازارن جا منظر سُهڻا،

عارف جَنت جهڙو شهر.


 

ٻولي

سنڌي قومي ٻولي آهي،

ڏاڍي سُهڻي سولي آهي.

هن جي آ تاريخ پُراڻي،

هنِ آ ڏاڍي عظمت ماڻي.

هن جا اکر ٻاوَنجاهه،

جن سان منهنجو آهي چاهه.

سنڌي سبق پڙهندو آهيان،

صورت خطي لکندو آهيان.

سنڌي ٻولي سکڻي پوندي،

هن جي خدمت ڪرڻي پوندي.

سنڌي ۾ ڳالهايان ويٺو،

پنهنجي ڳالهه ٻڌايان ويٺو.

عارف امڙ ڏني آ لولي،

منهنجي آهي مٺڙي ٻولي.


 

سِنڌ

مُون واري تو واري سنڌ،

سُهڻي آهي ساري سنڌ.

ڀُونءِ   ڀلاري ڀاڳن واري،

سُونهاري سُونهاري سنڌ.

جَنت کان وڌ جنهن جا جلوا،

ڪيڏي آهي، پياري سنڌ.

هي ڌرتي پنهنجي جيجل آ،

مِٺڙي ۽ موچاري سنڌ.

محنت وارا عزت وارا،

تنهنجا پورهيت هاري سنڌ.

کيت کڙن ٿا رنگ رچن ٿا،

سائي آ چوڌاري سنڌ.

خوشبو سان گڏ سُونهن سَوائي،

عارف دل آ ٺاري سنڌ.

 


 

 

رنگين چوڙيون

چوڙين وارو آيو آهي،

امان مون کي چوڙيون وٺي ڏي.

مَهوش، زرقا ورتيون آهن،

حُسنه، ڪوثر پاتيون آهن.

حنفي، افشان ڏسڻ وڃن پيون،

خيري صغريٰ وٺڻ وڃڻ پيون.

رنگ برنگي ڪائي، واريُون،

چوڙيون ڏاڍيُون آهن پياريون.

امان هڪڙو ڊزن وٺي ڏي،

سُهڻو سُٺڙو ڊزن وٺي ڏي.

مان ڀي ٻانَهنَ ۾ سينگاريان،

چوڙيون سرتين کي ڏيکاريان.

چوڙين وارا بِيهه اتي،

امان پئسه کنيو ٿي اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com