سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: موتي ۽ مکڙيون

 

صفحو : 7

سُٺو ٻار

سُٺو ٻار هُوندو ڪري شوق پڙهندو،

لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اسڪول ويندو.

ڪڏهن ڪُوڙ هن جي چَپن تي نه ايندو،

سُٺو ٻار سچ کان سوا ڪجهه نه چَوندو.

بدن صاف سُٿرو، اَڇا اُجرا ڪپڙا،

هُو کائڻ پيئڻ ۾ صفائي به رکندو.

صبح شام اڇا ڏند ڏندڻ ساڻ هوندس،

وڏا نُنهن جو ٿيندس ته لاهي ڇڏيندو.

مَکين واري هر شي وَڃي کڏ ۾ پئي،

سُٺو ٻار شيءِ ڀي ڍَڪيل ڪائي وٺندو.

وڏن جو ادب ۽ ننڍن سان مُحبت،

ڪندو نيڪي جا ڪم چڱي چال هَلندو.

سُٺو ٻار عارف، سُٺو سڏبو نِت نِت،

بُرائي کي ويجهي اچڻ ڪو نه ڏيندو.


 

پُٽ

منهنجو پُٽ آ جوڌو جَوان،

دودو، دولهه، دريا خان.

مُنهنجو پُٽ آهي شهزور،

مورن ۾ آ سُهڻو مور.

سنڌي ٽوپي اَجرڪ پائي،

شهر گُهمڻ لئه ويندو آهي.

صُبح سويل اسڪول وڃي ٿو،

شوق ڪري هي پڙهي لکي ٿو.

وَنجهه وَٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي،

مَلهه وڙهڻ ڀي راند آ، هِن جي.

اِمتحانن ۾ نمبر کڻندڙ،

هر ڀيري آ عزت کٽندڙ.

هن جي نيڪي ڪَن ٿا ٻار،

مِحنت وارو ۽ هُوشيار.

عارف اڳتي وڌندو ويندو،

نيٺ ته آفيسر ڀي ٿيندو.


 

 

ڌرتي

سُهڻي ڌرتي پياري ڌرتي،

منهنجي جيءُ جياري ڌرتي.

قُدرت جي هر نعمت هن ۾،

ڏاڍي ڀاڳ ڀلاري ڌرتي.

ماڻهو هن جا موتيءَ داڻا،

دودن جوڌن واري ڌرتي.

خوشبو سان گڏ رنگ به هن ۾،

مٽي هي موچاري ڌرتي.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي،

ٻولي آيا جهاري ڌرتي.

کيت کڙن ٿا رنگ رچن ٿا،

ڦهلائي مهڪاري ڌرتي.

دنيا جي ساري گولي تي،

سنڌ جي آهي نياري ڌرتي.

عارف منهنجي دل کي آهي،

لاتي باغ بهاري ڌرتي.

 


 

بجلي

بجلي آهيان بجلي آهيان،

طاقت واري تجلي آهيان.

مون کي پاڻ تي آهي بانوَر،

مون کي چوندا آهن پاوَر.

سڀڪو استعمال ڪري ٿو،

فائدو مون مان خوب وٺي ٿو.

ٽي- وي، ٽيپ توڙي سي ڊي،

مون سان ٿيندا آهن ريڊي.

اي- سي سان گڏ فرج هلايان،

ڪيڏو ٿي مان سُک پُهچايان.

ائيرڪولر سان دل ٺاريان،

سردي ۾ ٿي هيٽر ٻاريان.

مون سان هلن ٿا ڏس روزانا،

ملون، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا.

هائو جڏهن لوڊ شيڊنگ ٿئي ٿي،

ساري دنيا تنگ ٿئي ٿي.

منهنجي بند ٿيڻ سان سارا،

ڪم رُڪجن ٿا دنيا وارا.

پاڻي، تيل سان ٺهندي آهيان،

ڪوئلي مان ملندي آهيان.

ٻارو منهنجي اهميت آهي،

سچ پچ هڪڙي حيثيت آهي.

عارف منهنجي ان سان آ دِل،

جيڪو ڀَريندو منهنجو آ بِل.

 

ڊالٽن

ننڍڙا مٺڙا ٻارو،

هڪڙي ڳالهه ٻُڌو.

ڳالهه آ سائنس دان جي،

هڪ ڏاهي انسان جي.

ڊالٽن جنهن جو نالو هو،

شهر ايگلفيلڊ ۾ پيدا ٿيو.

 

اهو شهر آ اِنگلستان جو،

جت گهر هو هن جَوان جو.

اها سيپٽمبر جي ڳالهه آ،

1766ع جو سال آ.

جيڪو مادي جو زرڙو،

تقسيم نه پئي ٿي سگهيو.

تنهن مادي جو حوالو ڏنو،

هن اُن کي ائٽم نالو ڏنو.

ٻولي هن جي انگريزي هئي،

کيس لاطيني ايندي هئي.

هو يوناني به ڄاڻندو هو،

ٽئي ٻوليون ڳالهائيندو هو.

علم ڪيميا سان دلچسپي،

علم موسميات سان ڀي.

موسم جا هوندا هئس تجربا،

ٻه لک هن لکيا مُشا هِدا.

جذوي دٻاءُ جو نظريو،

توڙي جوهري نظريو.

ڊالٽن ئي هو پيش ڪيو،

شادي نه هن ڪئي ٻارو.

موت کانپوءِ هن جو مُنهن هيو،

چاليهه هزار ماڻهن ڏٺو.

1844ع ۾ هن جي وفات،

ياد رهندي هن جي ذات.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com