سيڪشن: ادب

ڪتاب: گيتن جي گلزاري

باب:

صفحو:1

گيتن جي گلزاري

شاعر: ڊاڪٽر نواز علي شوق

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”گيتن جي گلزاري“ نامياري اسڪالر جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جو ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پاڻ انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي سٻاجهڙن ٻارڙن لاءِ وندر ورونهن تي مشتمل معياري، معلوماتي، دلچسپ ۽ نصيحت ڀَريا نظم ۽ گيت لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪري پاڻ ملهايو آهي.

جيئن ته ٻارَ قوم جو مستقبل ٿين ٿا، تنهنڪري سندن تربيت، تعليم ۽ تحفظ ڪرڻ نه رڳو والدين جو فرض آهي، پر اداراتي سطح تي به ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. اِهوئي سبب آهي جو اسان جا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارا به پنهنجي ديس جي ٻارڙن جي ترقي ۽ نشونما ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻاراڻي ادب جي واڌاري، ترقي ۽ اشاعت لاءِ نهايت تيزيءَ سان عمل ٿي رهيو آهي ۽ بورڊ پنهنجي روايت کي نڀائيندي، پنهنجي ديس جي ٻارڙن جي ترقي، ذهني نشونما، وندر ۽ ورونهن خاطر سنڌ جي مانائتن ليکڪن ۽ شاعرن جا ٻاراڻي ادب جا معياري ۽ نصيحت ڀَريا ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرڻ ۾ ڪوشان رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”گيتن جي گلزاري“ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ نصيحت ڀَريا، معلوماتي ۽ تمام دلچسپ نظم ۽ گيت شامل آهن.

هِن ڪتاب جي اهيمت کي مدنظر رکندي، پبليڪيشن ڪميٽيءَ طرفان ان کي شايع ڪرڻ جو فيصلو رٿيو ويو. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي رهنمائي ۽ ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

اميد ٿي ڪجي، ته سنڌ جا ٻارڙا هِن ڪتاب مان بيحد لطف اندوز ٿيندا.

 

10- ربيع الاول 1442هه       سيد سڪندر علي شاهه

28- آڪٽوبر 2020ع              سيڪريٽري

 

ٻه اکر

 

ننڍڙا ٻار گيت يا ڪهاڻي وڏي شوق سان ٻُڌندا آهن، پوڙهيون نانيون ٻارڙن کي لوڪ گيت ۽ ڪهاڻيون ٻڌائينديون آهن. گيت ۽ ڪهاڻيون ٻڌڻ، ڄڻ ٻارن جي فطرت ۾ شامل آهي.

منهنجي پياري ڌيءَ سعديه، جڏهن ننڍڙي هوندي هئي ۽ سنڌ ماڊل اسڪول ڪراچي ۾ ٻيو درجو پڙهندي هئي، ته هر رات ننڊ کان اڳ ڪهاڻي يا گيت ٻڌائڻ لاءِ چوندي هئي، آءٌ کيس ڪڏهن گيت ته ڪڏهن ڪهاڻي ٻڌائيندو رهندو هوس. اهڙي ريت ڪهاڻين جا ڪجهه ڪتاب جُڙي راس ٿيا، جن مان هڪ ڪتاب ”سياڻو سهو، بيوقوف بگهڙ“ جي نالي سان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپجي چڪو آهي. ۽ ٻه ڪتاب ’وڏن جو ادب‘ ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي چڪا آهن.

ڪافي سال اڳ ٻارڙن لاءِ لکيل منهنجو هڪ گيت ’هي ٻارڙا‘ جي عنوان سان هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو، ته اهو گهڻون ئي دوستن کي وڻيو ۽ هنن زور ڀريو، ته آءٌ ٻارڙن لاءِ گيت لکندو رهان. هيڏانهن سعديه کي به گيت ٻڌائڻ ضروري هو، اهڙي ريت هيءُ ڪتاب تيار ٿي ويو.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1990ع ۾ ڪافي پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ان ڪتاب تي مون کي مختلف ادبي ۽ ثقافتي ادارن پاران ٽي ڪيش اوارڊ مليا هئا، هينئر هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا بنان ڪنهن معاوضي جي سنڌي ادبي بورڊ کي ڏئي ڇڏيا اٿم.

هن ڪتاب ۾ مون ڪوشش ڪري اهڙا گيت ۽ نظم ڏنا آهن، جن ۾ ٻارن جي وندر ورونهن کان علاوه ڪانه ڪا نصيحت پڻ سمايل آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽي ۽ بورڊ جي معزز ميمبرن، خاص طور چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جو شڪرگذار آهيان، جن هي ڪتاب ڇپائڻ جي منظوري ڏني. بورڊ جي سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه ۽ پريس جي عملي جا ٿورا، جن هيءُ ڪتاب تمام سهڻي نموني ڇپرائي پڌرو ڪيو.

ڪراچي                                            نواز علي شوق

11- سيپٽمبر 2020ع

 

گيتن جي گلزاري

 

(ٻاراڻي شاعري)

ٻارڙا

 

 

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا،

ڇا ٻول ٻولن ٻاتڙا جيتامڙا.

 

جهٽ ۾ رُسن، پل ۾ وري پرچي پَوَن،

دل کي وڻن، سهڻا لڳن، پيارا لڳن،

جنهن دم کلي ڌرتي تي پائن بانبڙا،

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا.

 

هردم ڏسو پيءُ ماءُ جي چئي ۾ رهن،

اخلاق وارا ٿا ادب وڏڙن جو ڪن،

جُڳ جُڳ جين پيءُ ماءُ جا هي پيارڙا،

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا.

 

سچ ساڻ سنگت ٿا رکن سچ ٿا چون،

ڪُوڙ جي مُنهن ڌُوڙ دائم ٿا وجهن،

ڪنهن کي نه ڏين ٿا گارِ ڀُلجي ڀائڙا،

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا.

 

جُهڙ کي ڏسي جُودئون اٿن، ٽهڪن ٽڙن،

گهرڙا ڇڏي هڪ جاءِ تي سڀ ٿا مِڙن،

ڪپڙو کڻي ڪن ڪارڙا ڪاٻارڙا،

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا.

 

اسڪول کان ڪڏهين گُسائن ڪين ٿا،

وقت پنهنجو هي وڃائن ڪين ٿا،

هي ڀُورڙا، هي سانورا، منٺارڙا،

هي ٻارڙا ڪيڏا نه آهن پيارڙا.

 

علم

 

 

علم اسان جي عزّت آهي،

علم اسان جي عظمت آهي.

علم سٺا اخلاق سيکاري،

علم سنواري، علم سڌاري،

بيشڪ هيءَ حقيقت آهي.

علم سان جنهن جو چاهه رهي ٿو،

جڳ ۾ سوئي مانُ لهي ٿو،

علم وڏي هڪ دولت آهي.

علم سدائين ساٿي رهندو،

بيشڪ جڳ ۾ باقي رهندو،

علم جي خاص فضيلت آهي.

علم اسان جو رهبر آهي،

سونهن سچي ۽ زيور آهي،

سچ پچ علم سعادت آهي.

 

ساجد سياڻو

 

 

مٺو آهي ماکيءَ کان سهڻو ۽ پيارو،

هي ساجد سياڻو، وڏي ڀاڳ وارو.

چوڻ ماءُ پيءُ جو مڃي ٿو سدائين،

وڏن جي ادب ۾ رهي ٿو سدائين.

ڪري ڪُوڙ کان ٿو هي هردم ڪنارو،

سُٺا صاف ڪپڙا هي پائي ٿو هردم،

ڪتابن سان دلڙي لڳائي ٿو هردم،

پڙهي علم پنهنجو وڌائي ٿو هردم،

سدا جيءَ جيارو، هي اکڙين جو تارو.

نه ڪنهن سان وڙهي ٿو، نه ڪنهن سان رُسي ٿو،

خوشيءَ مان هو اسڪول کِلندو وڃي ٿو،

اچي گهر سبق شوق سان هو پڙهي ٿو،

اَبي ۽ اَمڙ جو هي ٿيندو سهارو. 

سِجُ اُڀريو

 

 

اُڀريو سِجُ ٿي دنيا روشن،

وَڻ ٽِڻ گُلڙا پيا ٿا ٻهڪن.

ڪانؤ ڪبوتر طوطا جاڳيا،

ڪٻريون هيڙها ڳيرا جاڳيا.

ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهُلي ٿي،

هر ڪنهن کي سا خُوبُ وڻي ٿي.

هوريان هوريان اُس ٿي کنڊري،

ڌرتي ساري چلڪي چمڪي.

ڏينهن ته آخر ڏينهن آ ٻارو،

ڏينهن چون ٿا شينهن آ ٻارو.

 

سونا تارا

 

 

نيري اُڀ ۾ سونا تارا،

ڏاڍا سهڻا ڏاڍا پيارا.

سج لهڻ سان جهِرمر لائن،

تيل بنا هو روشن آهن،

اونداهيءَ ۾ رهبر آهن،

واچ بنا هو وقت ٻڌائن،

چانديءَ وانگي چِلڪن چمڪن،

سرديءَ گرميءَ ۾ ٿا ٽمڪن،

طوفانن ۾ ڪين اجهامن،

مينهن وسي ته به ڪين وِسامن،

جاڳن جيڪي، تن سان جاڳن،

تارا ڪڏهين ننڊ نه ٿا ڪن،

ڪوئي ”وهائي“ چئبو آهي،

ڪن کي ”ٽيڙُو“ سڏبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org