سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 6

صفحو :15

باب ڇھون

بدمعاش جادوگر کي جوڳي سزا ٿي ملي

 

ٽيئي ڄڻا ”بغداد“ ڏي ھليا. خليفي وٽ ناس جي دٻليءَ کان سواءِ ڪي پئسا بھ کيسي ۾ ھئا. ويجھي ڳوٺ مان جيڪا شيءِ گھربل ھين سا وٺي، چڱي حال ۾ ٿي شھر جي دروازي تائين آيا. ماڻھو پنھنجي اڳوڻي خليفي کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، جو ھنن ڄاتو تھ ھو مري ويو.

جڏھن ھنن جي ساري ڳالھھ ٻڌائون تڏھن ھن ڪوڙي خليفي ”نصير“ تي ڏاڍا ڪاوڙيا. ڪاھي محلات تي آيا، ۽ انھيءَ کي پيءُ سوڌو کڻي قيد ڪيائون. انھيءَ ٻڍي جادوگر کي خليفي جي حڪم سان انھيءَ ساڳئي ھنڌ وڃي ڦاسي ڏنائون. جتي سڃي شھر ۾ ھو محفل ڪندو ھو، ۽ جتي ھوءَ شھزادي چٻ جي صورت ۾ رھندي ھئي.

سندس پٽ ”نصير“ کي خبر نھ ھئي تھ پڻس جادوگر آھي، تنھنڪري خليفي ھن کي چيو تھ ”ٻن سزائن مان توکي جا وڻي، سان قبول ڪر: يا موت قبول ڪر، يا ھن ناس جي چپٽي ڏي. ھن ناس پسند ڪئي. ھن وڏي چپٽي ڀري ڏني ۽ خليفي چيو تھ ”معتبر“ تھ ھو ھڪدم ڪھنگ ٿي پيو. خليفي کڻي ھڪڙي لوھھ جي پڃري ۾ بند ڪرايس، ۽ پنھنجي باغ ۾ رکائي ڇڏيائينس.

***

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com