سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نيلو پکي

باب: 8

صفحو :8

باب اٺون

”گلچھر بيگم“ وٽ ٻيا ڪي ماڻھو اچن ٿا.

 

نيلو پکي جھنگ ۾ ميون تي پيو گذاريندو ھو، ۽ ڏينھن جو وڻن تي ويھي اھڙيون تھ مٺيون ٻوليون پيو ڪندو ھو، جو جيڪو ٻڌندو ھو، سو ھيڏي ھوڏي پيو نھاريندو ھو، پر ڏسندو ڪنھن کي ڪين ھو. تنھنڪري اتي جي ماڻھن کي پڪو گمان ٿي ويو، تھ اھو جِن يا پريءَ جو آواز آھي. انھيءَ ڪري ڊپ کان ماڻھو انھيءَ جھنگ ۾ نھ ايندا ھئا.

جيتوڻيڪ پکي وقت بوقت سوکڙيون آڻي شھزاديءَ کي ڏيندو ھو، تھ بھ ھوءَ اھي ڪم ۾ نھ آڻيندي ھئي، پر لڪائي ھڪڙي پيتي ۾ گڏ ڪندي ھئي، جنھن ۾ سندس ڪپڙا پيل ھئا. انھيءَ طرح ٻھ ورھيھ گذري ويا، ۽ شھزادي ”گلچھر“ پنھنجي بند جي شڪايت ڪنھن سان نھ ڪئي خوش ٿيو پيئي گذاريندي ھئي، جو ھميشه پنھنجي پياري بادشاھھ کي پيئي ڏسندي ھئي، ۽ ھن سان ڳالھيون ڪندي ھئي، ۽ اھي سندن محبت جون ڳالھيون کٽڻ جون ئي نھ ھيون نئين سج نيون ھونديون ھيون.

انھيءَ وچ ۾ راڻي پنھنجي ڌيءَ ”محبوبھ“ جي مڙس ڳولڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ھئي. چوڌاري جيڪي جوان شھزادا سجھيس ٿي، تن ڏي پيغام ٿي موڪليائين. پر ڪنھن بھ ھن سان شادي ڪرڻ جي خواھش نٿي ڪئي. اڪثر سڀني ”گلچھر بيگم“ جو پئي پڇيو. انھيءَ ڪري راڻيءَ توڙي سندس ڌيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي آئي، ۽ سندن حسد زياده ٿي ٿيو، ۽ شڪ پئي پين تھ ھوءَ بند مان ب انھن ڏانھن خط پيئي لکي.

انھيءَ ڳالھھ بابت ماءُ ۽ ڌيءَ پاڻ ۾ صلاح ڪري، ھڪڙيءَ رات ”گلچھر“ وٽ آيون. ھوءَ انھيءَ مھل دريءَ وٽ ويٺي ھئي، ۽ ويٺي پنھنجي نيلي پکيءَ سان ڳالھيون ڪيائين. سندس سھڻا وار کليا پيا ھئا، ۽ جاءِ ۾ ڪيترائي رنگ رنگ جا گل پکڙيا پيا ھئا. ھو ٻئي لڪي بيٺيون، جو انھيءَ مھل ھنن جي ڪن تي ھڪڙو مٺو راڳ پيو، جو ڪن ٻن ڄڻن گڏ پئي ڳايو، ۽ جنھن جو مضمون درد ڀريو ۽ محبت آميز ھو. پڪ ٿين تھ شھزادي نامناسب ڪم ٿي ڪري. اوچتو در پٽي اندر گھڙي ويون.

’گلچھر‘ ھنن کي ڏسي ڊڄي ويئي. جھٽ ۾ دري پٽيائين تھ نيلو پکي اڏامي وڃي، متان ڪو جوکو رسيس. پر پکيءَ کي اڏامڻ جي سگھھ ئي نھ ٿي. ھن شھزاديءَ کي ڏاڍي ڊپ ۽ فڪر ۾ ڏٺو ھو، ۽ رنگ ئي ھارجي ويو ھوس، تنھنڪري پکيءَ ھن کي انھيءَ حال ۾ ڇڏڻ مناسب نھ سمجھيو. پاڻ ھن جي سلامتيءَ جو زياده ڊپ ٿيس، اگرچ ڄاتائين ٿي تھ آءٌ ھن کي ڪنھن بھ طرح بچائي نھ سگھندس.

لنگھڻ سان راڻي چيس، تھ تنھنجون حرڪتون اسان کي معلوم ٿيون آھن. بادشاھھ جي ڌيءَ ھئڻ ڪري بھ تون سزا کان نھ ڇٽندينءَ.“ شھزاديءَ چيو، تھ ”ڪھڙيون مون حرڪتون ڪيون آھن؟ مون تھ ھي ٻھ ورھيھ صبر ڪري قيد ۾ پئي گذاريو آھي. اوھين جيڪي ماڻھو مون ڏي موڪليو ٿيون، انھن کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو آءٌ منھن ئي نٿي ڏسان.“

”گلچھر“ انھيءَ مھل ڏاڍي عمديءَ پوشاڪ ۾ ھئي ۽ وار ڇڙيل ھئس، تنھنڪري نھايت خوبصورت پئي لڳي. ھن کي اھڙو حسين ڏسي ھو عجب ۾ پئجي ويون، خاص ڪري سندس پوشاڪ ۽ جواھر ۽ زيور ڏسي، پڇيائونس تھ ”ھي ڪٿان آندا اٿئي؟ محلات ۾ ڪا جواھرن جي کاڻ آھي ڇا، جتان پئي ڪڍيا اٿئي؟ نيٺ ڪنھن تھ آڻي ڏنا ھوندءِ؟“

شھزاديءَ چيو تھ ”مون ھتي پيل ڏٺا. مون کي خدا گھر ويٺي پيو ڏئي. وڌيڪ آءٌ ڪي بھ ڪين چوڻ ٿي گھران.“ راڻيءَ ھن ڏي نھاري نھاري، ڪاوڙ ۽ ساڙ مان چيو تھ ”تون اسان کي ٺڳي ڪين سگھندينءَ. ڪنھن دشمن بادشاھھ توکي ھيءَ رشوت ڏني آھي ۽ پنھنجي پيءُ جو ملڪ انھيءَ کي وٺائي ڏين. اھڙي وڏي ڏوھھ جي ڏس تھ ڪھڙي نھ سزا ٿي ملئي.“ شھزاديءَ چيو تھ ”ھائو، ورھين لاءِ بند ۾ ويھي اھڙا منصوبا ڪندي ھونديس.“

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com