سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نيلو پکي

باب: 9

صفحو :9

باب نائون

نيلو پکي ڦٽجي پوي ٿو

 

پوءِ راڻي موٽي محلات ۾ آئي، ۽ ھڪڙي نوڪرياڻي ڏياري موڪليائين تھ شھزادي ”گلچھر“ جي خدمت ۾ رھي، ۽ جنھن جاءِ ۾ ھوءَ سمھندي ھئي تنھن ۾ سمھي. حقيقت ڪري ھوءَ شھزاديءَ تي جاسوس ڪري موڪلي ھئي. تنھنڪري شھزادي ھاڻ انھيءَ دريءَ ڏي وڃي نھ سگھي، جيتوڻيڪ پکيءَ کي اڪثر اڏامندو پئي ڏٺائين. انھيءَ طرح ھڪڙو سارو مھينو گذري ويو، جنھن ۾ شھزادي ھڪڙو ڀيرو بھ پکيءَ کي نھ ملي سگھي.

اھا نوڪرياڻي رات ڏينھن جاڳي جاسوسپ پيئي ڪندي ھئي. نيٺ ھڪڙيءَ رات ٿڪجي ٽٽجي سمھي پيئي. شھزادي وجھھ وٺي دري پٽي ڪي ڊپ ڪي خوشيءَ ۾ چيو:

بيت

”ھلي آءُ نيلا پکي تون ھلي،

اچي حال تون اور مون سان ڀلي.“

اھو سڏ ٻڌي نيلو پکي جھٽ اچي دريءَ وٽ ويٺو. ھن کي ڏسي شھزادي ڏاڍي خوش ٿي. تڪڙ پڪڙ ۾ ھنن پاڻ ۾ ويھي ڳالھيون ڪيون، پر سگھو ئي وري ھنن کي جدا ٿيڻو پيو. ٻيءَ رات بھ انھيءَ جاسوس زال جي سمھڻ ڪري ھنن کي ڳالھائڻ جو وجھھ مليو ۽ ٽئين رات بھ. پر چوٿينءَ رات ھوءَ ڪنھن کڙڪي تي جاڳي پيئي، پر ڪوڙ ڪري اکيون پوري چانڊوڪيءَ جي سوجھري تي پئي ڏٺائين، تھ شھزادي ھڪڙي عجيب خوبصورت نيلي پکيءَ سان ويٺي ڳالھيون ڪري.

جڏھن ڏينھن ٿيو تھ نوڪرياڻيءَ جيڪي رات ڏٺو ھو، سو وڃي راڻيءَ کي ٻڌايو. راڻيءَ ھن کي وري بھ شھزادي گلچھر ڏي موڪليو، ۽ تاڪيد ڪيائينس تھ ڳالھھ ظاھر نھ ڪري، ۽ وري بھ رات جو ڍونگ ڪري سمھي پوي، ۽ لڪيو پيئي جانچ ڪري. جڏھن رات ٿي ۽ اھا نوڪرياڻي سوير ئي سمھي پيئي، تڏھن شھزاديءَ دستور موجب پکيءَ کي سڏيو، ۽ چيائين:

بيت

”ھلي آءُ نيلا پکي تون ھلي،

اچي حال تون اور مون سان ڀلي.“

پر پکي ڪونھ آيو. انھيءَ جو سبب ھي ھو تھ نڀاڳي راڻيءَ انھيءَ دريءَ جي آس پاس، جتي پکي ويھي دريءَ منجھان لنگھندو ھو، اتي ڪنڊا ۽ سوئا، شيخون ۽ اھڙيون ٻيون چنھباريون شيون رکي ڇڏيون ھيون. نيلو پکي اويسلائيءَ ۾ اتي ويٺو، ۽ انھيءَ مان ڦسڙجي لنگھڻ جي ڪوشش ڪيائين تھ سندس کنڀ وڍجي پيا، ۽ بت رھڙجي پيو، ۽ سڄو زخمي ٿي پيو. نيٺ رت ھاري موٽي پنھنجي وڻ تي وڃي ويٺو.

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com