سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 1 ۽ 2

غلام رباني

 

گذارش

1.  نئين سال جو هي پهريون پرچو، ٻن مهينن- جنوري ۽ فيبروري جو گڏيل شمارو آهي. رسالي جي ٻئي سالگرهه ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ جو ٻارن جو ميلو ڪيوسون، تنهن جي ڪم بِلي، تقريباً، جنوريءَ جو سڄو ئي مهينو صرف ٿي ويو، ان ڪري مجبوراً اسان کي ٻن مهينن جو پرچو گڏي ڪڍڻو پيو. هونئن به مواد ۽ صفحن جو تعداد وغيره ڏسندا ته اسان اوهان کي ڪابه ڪس نه لاتي آهي. البت، اوهان کي پرچي جو انتظار گهڻو ڪرڻو پيو، تنهن لاءِ اسان کي افسوس آهي.

2.  رسالي بابت لکپڙهه لاءِ هر پرچي ۾ ٻه ائڊريسون ڏنيون وڃن ٿيون: هڪ ايڊيٽر جي ۽ ٻي مئنيجر جي. مئنيجر جي ائڊريس تي رسالي جي خريداريءَ بابت ۽ رسالي جي نه پهچڻ يا دير سان پهچڻ بابت لکپڙهه ڪرڻ گهرجي؛ باقي ٻين ڳالهين لاءِ ايڊيٽر سان لکپڙهه ڪجي. اسان جا ڪي پڙهندڙ ايڊيٽر سان واسطو رکندڙ ڳالهيون مئنيجر ڏانهن، ۽ مئنيجر سان واسطو رکندڙ ڳالهيون ايڊيٽر ڏانهن لکي ٿا موڪلين، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سندن ڪم جي پوئيواريءَ ۾ اسان کي دير ٿي ٿئي. مئنيجر سان لکپڙهه جي سلسلي ۾ ٻي هيءَ ڳالهه اوهان جي توجهه تي آڻڻي آهي ته رسالي جا خريدار جڏهن به مئنيجر ڏانهن خط لکن ته پنهنجو خريداري نمبر خط ۾ ضرور ڄاڻائين (خريداري نمبر، رسالي جي مٿان، خريدار جي ائڊريس سان گڏ لڳل هوندو آهي). اوهان جي ائين ڪرڻ سان اسان کي ڪم جي اُڪلاءَ ۾ سولائي ٿيندي.

3.  ڪي ڪي پڙهندڙ پنهنجن خطن جي جوابن لاءِ اسان کي ٽڪليون يا لفافا موڪلي ٿا ڏين. هن کان اڳ به اسان اوهان کي ان باري ۾ گذارش ڪئي آهي ۽ وري به عرض ڪريون ٿا ته مهرباني ڪري ائين نه ڪريو. اها ڳالهه اسان کي ڏاڍو ڪڪ ٿي ڪري ته اوهان جا موڪليل لفافا ۽ ٽڪليون سنڀالي رکون، ۽ اهي خطن جي جوابن موڪلڻ وقت، ياد ڪري، اوهان کي واپس موڪليون. ان مان اوهان کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿو پهچي، ۽ اسان کي اجايو ئي اجايو خفو ڪرڻو ٿو پوي.

4.  رسالي ۾ پيش ٿيل مواد بابت پڙهندڙن جا رايا معلوم ڪرڻ جو اسان کي هميشه خيال رهي ٿو؛ ان ڪري، ان سلسلي ۾ اوهين جيڪي به اسان کي خط لکو ٿا، سي اسان لاءِ خوشيءَ جو سبب آهن. پر ڏٺو ويو آهي ته ڪي پنهنجا پڙهندڙ، ڪنهن به ضرورت کان سواءِ، اجايو ئي اجايو خط لکن ٿا، ۽ جڏهن اسان وٽان کين جواب ڪونه ٿو ملي ته وري جواب لاءِ نوان خط لکن ٿا. اجايا خط لکڻ ۽ اهڙن خطن جو جواب ڏيڻ، وقت ۽ محنت ۽ پئسي جو اجايو زيان آهي. واسطيدار دوست اها ڳالهه ۽ مٿي بيان ڪيل ٻيون ڳالهيون اميد ته آئيندي خيال ۾ رکندا.

5.  آخر ۾، رسالي جي خريداريءَ بابت پنهنجيءَ صلاح جي اوهان کي وري به يادگيري ڏياريون ٿا. رسالو هِتان هُتان خريد ڪري پڙهڻ جي عادت ترڪ ڪريو. ساليانا يا ڇهه ماهي خريدار ٿيو. ان ۾ اسان جي، اوهان جي ۽ رسالي جي ڀلائي آهي.

- غلام رباني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com