سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :12

 

ديس ديس جون خبرون

پاڪستان

برطانيا جي راڻي ايليز- ٻِي، پاڪستان ۾ ٻن هفتن جي سرڪاري دوري تي آيل آهي. ڪراچي، لاهور، ڪوئٽا ۽ ٻين جن به پاڪستاني شهرن ۾ راڻي گهمڻ وڃي ٿي، اتي سندس نهايت شاندار استقبال ڪيو وڃي ٿو.

راڻيءَ جي دوري جي فلم نڪري رهي آهي، جا بعد ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڏيکاري ويندي.

راڻيءَ سان گڏ، سندس مڙس، ڊيوڪ آف ايڊنبرا پڻ پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. ڊيوڪ هڪ ڀيرو اڳ پڻ پاڪستان گهمي ويو آهي.

ٽئگور جي جاءِ، سرڪاري حفاظت هيٺ

حڪومت پاڪستان هڪ حڪم نامو جاري ڪري اوڀر پاڪستان جي شهر شيلائيده ۾، بنگالي زبان جي اعليٰ اديب ۽ شاعر، رابندرا ناٿ ٽئگور، جي رهڻ واري جاءِ ”ڪُوهِي باري“ کي قومي يادگار قرار ڏنو آهي، ۽ پنهنجي حفاظت هيٺ ورتو آهي.

 

 

ٺٽي جي ڀرسان درياءَ تي پل

معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي ڀرسان درياءَ تي هڪ پل ٻڌجي رهي آهي. پل جي لاءِ سروي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اها پل خاص ان ڳالهه لاءِ تيار ڪئي پيئي وڃي ته جيئن ڪوٽڙيءَ براج جي زمينن ڏانهن اچ وڃ ۾ سولائي ٿئي.

هندستان

دهليءَ جي ڀرسان خلجي گهراڻي جا سڪا لڌا

تازو دهليءَ ۾، ”حوض خاص“ جي ڀرسان، هڪ هنري ڪاليج جي عمارت جي پيڙهه کوٽيندي، مزورن هڪ وڏو خزانو لڌو، جنهن ۾ خلجي گهراڻي جي زماني جا سڪا لڌا ويا آهن. اهي سڪا ٽامي ۽ پتل جا جڙيل آهن. سڀني سڪن جي تور اٽڪل روءِ 15 مڻ ٿيندي. سڪن تي عربيءَ ۾ عبارتون آهن.

روس

خلا ۾ وڏي ۾ وڏو نقلي گره

تازو، روس خلا ۾ هڪ نئون نقلي گره ڪاميابيءَ سان چاڙهي موڪليو آهي، جو هيل تائين خلا ۾ موڪليل سمورن نقلي گرهن ۾ وڏي ۾ وڏو گرهه آهي. هن گرهه جي تور ساڍا ڇهه ٽن چئي وڃي ٿي.

(هڪ ٽن ۾ اٺاويهه مڻ آهن)

روسي اخبار ”پراودا“، ظاهر ڪيو آهي ته هن گرهه ۾ هر قسم جا ۽ گهڻي ۾ گهڻا اوزار وڌا ويا آهن، جي خلائي پرواز بابت مفيد احوال گڏ ڪري، روسي سائنسدانن ڏانهن موڪليندا. ڪن يوروپي ۽ آمريڪي سائنسدانن شڪ ظاهر ڪيو هو ته ان گرهه ۾ ماڻهو آهي، پر ”پراودا“ انهيءَ ڳالهه جو صاف انڪار ڪيو آهي.

زهره ڏانهن روسي راڪيٽ

”تاس“ روسي خبر رسان ايجنسيءَ جو اطلاع آهي ته 12 فبروريءَ تي، روس، ’زهره‘ گرهه ڏانهن هڪ راڪيٽ موڪليو آهي. اهو راڪيٽ هڪ خلائي جهاز جي نموني تي آهي.

”تاس“، وڌيڪ چيو آهي ته اِهو راڪيٽ ايندڙ مئي مهيني جي پوئين اڌ ۾، ”زهره“ جي حَدَ ۾ پهچندو.

ياد رهي ته تازو هڪ روسي سائنسدان چيو هو (ڏسو ”گل ڦل“- سالنامو 1960- ”ديس ديس جون خبرون“) ته ”زهره“ گرهه تي حياتيءَ جي موجودگيءَ.

برطانيا

وسيع ڪائنات جي گهراين ۾

انگريز سائنسدانن جي هڪ ٽوليءَ، 10 فبروريءَ تي، ڪئمبرج ۾، اعلان ڪيو آهي ته ڪائنات ”هڪ رٿيل شروعات“ موجب، هڪ زبردست ڌماڪي سان وجود ۾ آئي آهي، ۽ هڪ ڏينهن وري ائين ئي اوچتو ختم ٿي ويندي.

 

ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ريڊيو ائسٽرانامي اڳواڻ، پروفيسر رائلس چيو ته ”منهنجي ٽولي جا ميمبر- پنج مرد ۽ هڪ عورت- گذريل نَوَ سال، جارڊ ريل بئنڪ ۾، دنيا جي سڀ کان طاقتور دوربينيءَ سان آسمانن ۾ تارن کي جاچيندا رهيا آهن، ۽ مٿئين نتيجي تي پهچڻ کان اڳ هنن انهيءَ عرصي ۾ گڏ ڪيل معلومات جا انگ اکر چڱيءَ طرح جاچي ڏٺا آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته ”جيستائين اسان جي تحقيقات جي ايراضيءَ جي پکيڙ جو تعلق آهي ته اسان ريڊيائي دوربينين وسيلي ڪائنات ۾ 8000000000 روشنيءَ جي سالن جي پنڌ جيترو مفاصلو طي ڪيو آهي، ۽ جيستائين تحقيقات جي زماني جو تعلق آهي ته اسان ماضيءَ ۾ 8000000000 سال پوئتي موٽي ويا آهيون، ان کان پوءِ ئي پنهنجي معلومات گڏ ڪئي اٿئون.“

ڪائنات جي شروعات ۽ خاتمي بابت هن وقت تائين جيڪي نظريا اڳي پيش ٿي چڪا آهن، تن ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول نظريو، پروفيسر فريڊ هول جو آهي، جنهن موجب هن ڪائنات جي نڪا ته ڪا شروعات آهي، ۽ نه وري ڪا پڇاڙي آهي. پروفيسر هول چوي ٿو ته ”مادو“ هر وقت ۽ هر جاءِ پيدا ٿيندو رهي ٿو، ۽ اُهو گهاٽو ۽ ڳوڙهو ٿي، ’خود- روشن دونهين جون نيون نيون ٿالهيون‘ پيدا ڪندا رهي ٿو. (خود- روشن دونهين جي ٿالهيءَ لاءِ سمجهاڻيءَ واسطي ڏسو ”گل ڦل“ جنوري 1960 جو پرچو.) اِهي نيون ٿالهيون، اڳين ٿالهين جي جاءِ ڀرينديون رهن ٿيون. اڳيون ٿالهيون ڪائناتي خلا ۾ تَرنديون ترنديون اڳتي وڌنديون، نظر کان گم ٿي وڃن ٿيون.

پروفيسر رائليس، جنهن پريس ڪانفرنس ۾ مٿي ڏنل پنهنجو نئون نظريو پيش ڪيو. اُن ڪانفرنس ۾ اڳيون نظريون پيش ڪندڙ، يعني پروفيسر هول به موجود هو. پروفيسر رائيلس پنهنجي نئين نظريي جا تفصيل ائسٽراناميڪل سوسائٽيءَ اڳيان جلد پيش ڪندو.

 

ڀلا ٻڌايو ته ...

 

]نوٽ: گذريل پرچي ۾، هن عنوان هيٺ، غلام اصغر ۽ پنهور قربان عليءَ جا پنج سوال ڇپيا هئا، جن جا ٽن ڄڻن صحيح جواب موڪليا هئا. افسوس جو انهن صحيح جوابن موڪليندڙ ڀائرن جا خط اسان کان هيٺ مٿي ٿي، ڪن ڪاغذن ۾ ملي ويا آهن. تنهنڪري انهن کي عرض آهي ته هو وري ساڳيا جواب موڪلي ڏين ته سندن نالن سان شايع ڪجن.

هينئر پنهور قربان عليءَ ٽي نوان سوال موڪليا آهن. اهي ٽيئي سوال ۽ گذريل پرچي جا چار سوال اسان هيٺ شايع ڪري رهيا آهيون. پڙهندڙن وٽان مليل صحيح جواب، سندن نالن سان، ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيندا.-  ادارو[

سوال:

1- قائد اعظم محمد علي جناح، پاڪستان جو باني، گڏيل هندستان جي ڪهڙي صوبي ۾ ڄائو هو، ۽ شروعاتي تعليم ڪهڙي شهر ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ ورتائين؟

2- روس جي ڪميونسٽ انقلاب جو اڳواڻ ڪير هو؟

3- ڪميونسٽ چين جو وزيراعظم ڪير آهي؟

4- آمريڪا جي نئين حڪمران پارٽيءَ جو نالو ڇا آهي، ۽ ان جي نشاني ڪهڙي آهي؟

5- هيٺيان شعر ڪنهن جا آهن:

1. ٿيا بيقدر نيڪ ايماندار،

ٿيا قدر وارا، شرير ۽ مڪار،

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

وتي لڪندو سچ، ڪوڙ ٿيو آشڪار!

2-   سخن ۾ سنديم آهه ساري سچائي،

ڪريان ڪين ڪنهن دم روايت روائي،

لکان ٿو زماني سندي زوردستي،

ڪرڻ سان بزرگن بري بيحيائي!

 

 

پرولي ته ڀڃ...

 

موڪليندڙ: گوڪلداس هاسواڻي

1- هڪڙو فقير، جنهن جي پيٽ ۾ لڪير.

2- ننڍو مُنهن، وڏي ڳالهه.

3- ٻن اکرن ۾ منهنجو نالو آهي، مان سنگهڻ جي ڪم ايندو آهيان؛ جيڪڏهن مون کي ابتو پڙهندؤ ته مان ٻڌڻ جي ڪم ايندو آهيان.

4- هڪ قلعي ۾ چاليهه چور- دروازي کلڻ تي هڪ چور ٻاهر ٿو اچي؛ اُن جو منهن ننڍو پر ٽنگ وڏي اٿس. اِهائي چور جي نشاني آهي.

5- اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا پيدا هئڻ وقت سائي آهي، ڪَپڻ کان پوءِ ميرانجهڙي، ٻرڻ کان پوءِ ڳاڙهي، ۽ آخر ۾ اڇي ٿيو پوي؟

6- اُهو ڇا آهي، جنهن جو اسين انتظار ڪندا آهيون، پر اُهو انتظار نه ڪندو آهي؟

7- ڪاڻي کي ڪپهه مان روشني؟

موڪليندڙ: مظفر جويو

8- چوڪنڊيارو ننڍو گهر، جنهن ۾ چاليهن مايُن جو لشڪر؟

ڀڃڻيون:

1- ڪڻڪ جو داڻو، 2- بندوق جو منهن، 3- نڪ، 4- ماچيس، 5- وقت، 6- ڪاٺي، 7- ڏيئو، 8- ماچيس.

کل ته سهي

 

موڪليندڙ: گلناز خاتون

اوڪلاهاما ۾، ايلموڊولنگ نالي هڪ شخص ڪنهن دڪان تان چوري پئي ڪئي ته مالڪ ڏسي ورتس. تڏهن هو اٿي ڀڳو، پٺيانئس دڪان جو مالڪ پنهنجي نوڪر سميت ڪاهي پيو. چور ڀڄندو رهيو، ڀڄندو رهيو، پر دڪان جو مالڪ پٺ ئي نه ڇڏيس. اهو ڏسي، چور هڪ هنڌ گوهي ڏيئي، ڀر واريءَ عمارت ۾ گهڙي ويو ۽ اندر هڪ ڪمري ۾، ميز جي هيٺان وڃي لڪي ويٺو. دڪان جو مالڪ جڏهن موٽي ويو، تڏهن چور ميز هيٺان ٻاهر نڪتو، ۽ ڏٺائين ته جنهن عمارت ۾ پاڻ اچي لڪو آهي، سا شهر جي ڪورٽ آهي.

***

نوڪريءَ لاءِ هڪ اميدوار کان زباني امتحان ۾ سوال پڇيو ويو، ”جي تو وٽ هزار ايڪڙ ٻني هجي ته ان مان اڌ سرڪار کي ڏيڻ تي رضامند ٿيندين؟“

”ضرور“ اميدوار جواب ڏنو.

”۽ جي تو وٽ ٻه ٻڪريون هجن ته انهن مان هِڪَ سرڪار کي ڏيڻ تي رضامند ٿيندين؟“

”نه“ اميدوار جواب ڏنو.

”ڇو؟“ امتحان وٺندڙ عجب ۾ پڇيو.

اميدوار جواب ڏنو، ”ڇو ته مون وٽ واقعي ٻه ٻڪريون آهن.“

***

هڪ مسافر، هوٽل ۾ ٻه ڏينهن ٽڪڻ کان پوءِ جڏهن وڃڻ لڳو ته هوٽل جي مالڪ چيس، ”اميد ته اوهان کي اسان جي هوٽل جو پورو پورو آرام مليو هوندو، مون کي يقين آهي ته اوهان پنهنجي دوستن کي به اِها ئي صلاح ڏيندا ته جڏهن هو هن شهر ۾ اچن، ته اسان جي هوٽل ۾ ٽڪن.“

مسافر وراڻيو، ”جيتوڻيڪ بسترو تمام سخت هو؛ کاڌي ۾ ڪابه لذت ڪانه هئي؛ گوڙ ايترو هو جو ڪا ڳالهه چٽي ٻڌڻ ۾ ڪانه پئي آئي، نوڪر تمام سست ۽ ڪم چور هئا، پر پوءِ به اوهان جي هوٽل جو پاڻي اهڙو ته ٿڌو، صاف ۽ وڻندڙ هو، جو مان پنهنجي دوستن کي ته ضرور صلاح ڏيندس ته هو اوهان جي هوٽل ۾ اچي ٽڪن.“

***

 

موڪليندڙ: محمود پٺاڻ

دڪاندار: حضور، هي بلڪل تازو مال آهي، وٺي وڃو!

خريدار: مان ڀانيان ٿو ته هن جو رنگ جلد لهي ويندو.

دڪاندار: نه حضور، ٻن سالن کان ته دڪان ۾ رکيو آهي، ڏسو ساڳيوئي آب تاب اٿس.

 

 

 

 

]هر ڪو ٻار آ يار اسان جو ... يار اسان جا جڳ جا ٻار![

هنن سان ملو

 

188. نالو: قربان علي ساريو (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 15 سال.

وندر: ”گل ڦل“، ”انسان“ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: قربان علي ساريو، معرفت شمس الدين سومرو، دڪاندار، نئين باڊه، ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ.

189. نالو: لاڌو مل (پڙهندڙ در ڇهون، انگريزي.)

عمر: 17 سال.

وندر: قلمي دوستي ڪرڻ، ۽ پڙهڻ.

ائڊريس: لاڌومل ولد ڌنومل هريجن، سامارو سنڌ.

190- نالو: عبدالرحمان محمد اسحاق صديقاڻي (پڙهندڙ درجو ٻيو، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ”گل ڦل“ رسالو پڙهڻ، ۽ لغڙ اُڏائڻ.

ائڊريس: عبدالرحمان محمد اسحاق ميمڻ، ڏيپلو.

191- نالو: شهزادو جي. ملڪاڻي (درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ، رسالو ”گل ڦل“، اخبارون ۽ ٻيا ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: شهزادو. جي. ايم. طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو سنڌ.

192: نالو: محمد شريف عباسي (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ آکاڻيون لکڻ.

ائڊريس: محمد شريف برادرس، شاهي بازار، دادو سنڌ.

193. نالو: جان محمد ولد حڪيم محمد عارف سومرو (مئٽرڪ اسٽوڊنٽ)

عمر: 16 سال

وندر: ”گل ڦل“، ”انسان“ ۽ ”ڳوٺ سڌار“ رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: جان محمد سومرو، معرفت اي. جي. دائود پوٽو، خادم عزيز منزل، لکيدر جي اندران، شڪارپور سنڌ.

194. نالو: ممتاز حسين ميمڻ (پڙهندڙ درجو پهريون، سنڌي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ڊوڙ پڄائڻ.

ائڊريس: محمد جمن، ٽيلر ماستر شاهي ... ]ڀاءُ ممتاز حسين پنهنجي شهر جو نالو نه ڄاڻايو آهي. -ايڊيٽر[

195. نالو: محمد ڇٽل ڪانڌڙو (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 14 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي ڳنڍڻ، ۽ ريڊيو ٻڌڻ.

ائڊريس: معرفت حڪيم لعل بخش ڪانڌڙو، پوسٽ آفيس مورو، ضلعو نواب شاهه سنڌ.

196. نالو: يعقوب علي ”اوشاق“ (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: قلمي دوستي وڌائڻ، ڪلاس ۾ هميشه پهريون نمبر اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ.

ائڊريس: پوسٽ شاه آباد، وايا شهدادپور سنڌ،

197. نالو: الطاف احمد (پڙهندڙ درجو ستون، انگريزي.)

وندر: قلمي دوستي رکڻ، فوٽو ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت، حاجي عبدالرحيم ميمڻ، ڪلاٿ مرچنٽ، شاهي بازار ٽنڊوآدم.

198. نالو: عبدالعزيز اي. ميمڻ (پڙهندڙ درجو ٻيو، انگريزي.)

عمر: 14 سال.

وندر: ”گل ڦل“ رسالو پڙهڻ، ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان قلمي دوستي ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت، مسٽر عبدالحڪيم ميمڻ، اسٽنٽ انجنير، پوسٽ جوهي، ضلعو دادو.

199. نالو: غلام مصطفيٰ پنهور (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ”گل ڦل“ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ، اسڪول جا ڪم ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪرڻ.

ائڊريس: طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو سنڌ.

200. نالو: خواجه احمد علي...

عمر: 16 سال.

وندر: ريڊئي تان خبرون ٻڌڻ، ٻين کي آکاڻيون ٻڌائڻ، ۽ ”گل ڦل“ چاهه سان پڙهڻ.

ائڊريس: سيٺ ٻانهون نور محمد، ڪريانه مرچنٽ، بٺورو.

201. نالو: عبدالحليم

عمر: 15 سال.

وندر: ڀائرن ۽ ڀينرن سان قلمي دوستي رکڻ، فوٽو گرافي ڪرڻ ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: ”گلزار لئبرري“ هالا پراڻا، ضلعو حيدرآباد.

]ڀاءُ احمد علي ۽ عبدالحليم پنهنجي تعليم جي باري ۾ نه ڄاڻايو آهي. -ايڊيٽر[

202. نالو: غلام قادر پيروزاڻي بلوچ (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 16 سال.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ پنهنجي دوست پير عالم سان اسڪولي ڪمن تي بحث مباحثو ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت، سيٺ احمد ڪاپڙي، سجاول؛ ملي پير محمد عالم، ڦري ملي غلام قادر بلوچ کي.

203. نالو: پرويز احمد جوڻيجو (پڙهندڙ درجو پهريون، انگريزي.)

عمر: 9 سال.

وندر: ڀائرن سان دوستي ڳنڍڻ، ۽ پنهنجي اسڪولي ڪمن سان چاهه رکڻ.

ائڊريس: فتح الدين جوڻيجو، شمس منزل، دادو سنڌ.

204 نالو: شجاع احمد جوڻيجو (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 12 سال.

وندر: ريڊيو ٻڌڻ.

ائڊريس: معرفت، شمشاد احمد جوڻيجو، وائيس چيئرمين، دادو ميونسپل.

205. نالو: نواز علي شاهه (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: دنيا جون خبرون معلوم ڪرڻ ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ.

ائڊريس: نواز علي شاهه، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو سنڌ.

 

 

سلام ۽ سنيها

 

اسان جا محترمي و مڪرمي ادا، السلام عليڪم! ”گل ڦل“ جي سالياني ميلي ۾ شريڪ ٿيس. اوهان الاجي ڪٿي هئا. مون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٿورو گهڻو ڳوليم به، پر اوهين نظر نه آيا. الاجي ڪٿي گم هئا!

ادا، احوال ته ميلو تمام گهڻو وڻيو. مون کي ميلي ۾ خاص طرح سان ”ڀاڄيون“ ناٽڪ وڌيڪ پسند پيو. ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن ان کي ٿورو وڌايو ها. ”اسڪائوٽ“ چڱو هو. ”هو جمالو“ ته سچ پچ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ان بابت جيترو لکان اوترو ٿورو.

- چندن گرناڻي، شاگرد، حيدرآباد.

جناب ايڊيٽر صاحب، السلام عليڪم! عرض ته اوهان جو رسالو نه فقط ننڍڙن ٻارڙن لاءِ، پر وڏن لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿيو آهي.

سالنامي ۾ جيڪو مضمون ”اچو اوهان کي سنڌ گهمايان“ شايع ڪيو ويو آهي، سو حقيقت ۾ ٺٽي شهر جي تاريخ هئي. ان ۾ رڳو قديم احوال قلمبند ڪيو ويو آهي. مٿئين عنوان سان جيڪو مضمون شايع ڪجي، ان ۾ موجوده سنڌ حالتن جو بيان ڪيو وڃي، جيئن ٻار گهر ويٺي شهر جو سير- تفريح ڪن ۽ شهر جي حالت مان واقف ٿي وڃن، جيئن گذريل پرچي ۾ روهڙيءَ جو احوال ڏنل هو. والسلام

- رسول بخش بلوچ، سجاول

ادا، ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگرهه تي، ٻارن جي ميلي ۾، اوهان جو پري پري کان درشن ٿيو. ڏاڍي خوش ٿيس. منهنجي وس هجي ها ته ميلي جي ڪم ۾ مان به اچي شريڪ ٿيان ها.

ادا ميلي ۾، ”کٽئي جو اڌ“، ”ڀاڄين جو جڳهڙو“، ”هو جمالو“، ۽ خاص طور ادي اياز جو گيت ”نيٺ ته ڊهندو ڪوڙُ...“ ڏاڍو وڻيم. دل ٿيم ته جيڪر انهن فيچرن ۾ حصي وٺندڙن کي انعام ڏيان؛ پر، ادا، اسان ڳڀي ڳڀي تي ڳاٽ جهڪائيندڙ غريبن وٽ آهي ئي ڇا، جو انعام ڏجي! فقط سکڻا دل جا جذبات هئا، سي ته ور ور ڪري پئي نذرانو ڏنم. اميد ته آئيندي سال، هن سال کان به وڌيڪ شاندار ۽ ڪامياب ميلو ٿيندو ۽ ٻارڙا خوشيءَ سان ٽمٽار ٿيندا. ڌڻي اوهان کي ڏينهن ڏٺي جو معصوم ٻارڙن لاءِ اهڙا خوشيءَ جا موقعا ميسر ڪندا رهو.

- اوهان جي ڀيڻ،

نجمہ، حيدرآباد سنڌ.

محترم ادا ايڊيٽر صاحب، السلام عليڪم! مون کي پنهنجو پيارو رسالو ”گل ڦل“ مليو، پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس. دل نه پئي چئي ته رسالي کي ڇڏيان. مون وٽ اُهي لفظ ئي ڪونه آهن، جو مان پنهنجي پياري رسالي جي تعريف ڪيان. مون کي به ڏاڍو وڻيو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ کي به ڏاڍو وڻيو ۽ منهنجي ڀينرن کي به ڏاڍو وڻيو. مون کي هن پرچي جي آکاڻين مان ”ڪانءُ ۽ جهرڪي“ آکاڻي تمام گهڻو وڻي، ۽ ”اسان جو اسڪول“ جي عنوان، تي مون کي پرمانند جي تصوير وڻي.

- توهان جو ننڍو ڀاءُ،

سيف الله سمو.

محترمي جناب ايڊيٽر صاحب ”گل ڦل“، السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ جي احوال عرض ته ”گل ڦل“ پهتو. ڪالهه اسڪول ۾ کڻي ويس ۽ ڇوڪرن کي ڏيکاريم. سڀني گهڻي قدر واکاڻيو ۽ اُردوءَ وارن ڇوڪرن کي به آکاڻيون ٻڌايم. ”ريسالو هنس“ ۽ ”هڪ اکي، ٻه اکي ۽ ٽه اکي ڇوڪريءَ سڀني کي پسند آيون ۽ گهڻي قدر واکاڻ ڪيائون. اوهان وارو ڪئلينڊر اسڪول ۾ لڳايو اٿم. رسالي جو سرورق چڱو هو، مگر اڳوڻي جهڙو خاص نه، باقي مضمون، آکاڻيون وغيره سڀ سٺيون هيون. آءٌ اوهان جو ساليانو خريدار آهيان، پر مون کي خريداري نمبر جي خبر نه آهي، سو واپسي ٽپال ۾ جواب ڏيندا. مون هتي ”گل ڦل“ جا خريدار پيدا ڪرڻ جي گهڻي قدر ڪوشش ڪئي آهي، پر اهڙا شوقين ڇوڪرا ٿورا آهن جي خريدار ٿين. ڪي ته آهن سي وري بڪ اسٽال تان خريد ڪن ٿا. مان بهر صورت پنهنجي ڪوشش جاري رکندس.

- شمس الدين جوڻيجو، ڪنري سنڌ.

]ڀاءُ، رسالي جي خريداري نمبر لاءِ بڪ سٽال مئنيجر کي لکي موڪليو. مئنيجر جي ائڊريس رسالي جي پهرئين صفحي تي ڄاڻايل آهي، اُن رستي ساڻس لکپڙهه ڪريو ته هو اوهان کي اهڙو جواب ڏياري موڪليندو. -ايڊيٽر[

 

ادا سائين،

السلام عليڪم: ”گل ڦل“ جو ساليانو نمبر پهتو، پڙهي رهيو آهيان. ادا، پروفن جي غلطيءَ سببان ”هنن سان ملو“ واري ڪالمن ۾، 185 نمبر تي، منهنجي نالي بدران رڳو منهنجي والد محترم جو نالو ثناءُ الله ڇپجي ويو آهي، ۽ وندر واريءَ جاءِ تي ”عام واقفيت“ بدران ”جا واقفيت“ ڇپيل آهي. مهرباني ڪري درستي ڪري ڇڏيندا ته شڪرگذار رهندس.

توهان جو ننڍو ڀاءُ

سيف الله ولد ثناءُ الله ترڪ، باجارا

]نوٽ: ڀاءُ سيف الله جو گذريل پرچي (نومبر، ڊسمبر 1960ع ۾، ”هنن سان ملو“ واري ڪالمن ۾، 185 نمبر تي غلط نالو ڇپجي ويو آهي، جو هن ريت سمجهڻ گهرجي: سيف الله ولد ثناءُ الله ترڪ- ادارو[

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com