سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :2

 

صبح

 

صبح جي چڱي مَهل آهي گهڻي،

رکي خاصيت اُن ۾ خاصِي ڌڻي.

اول تارو نڪري وهائو جڏهن،

پِرههَ پاسي اوڀَر ڦُٽي ٿي تڏهن.

ٿيو تارا هڪٻئي پُٺيان گُم وڃن،

نشانيون صبح جون ٿيون ظاهر ٿين.

پکي ٿا اُٿي ڪن مِٺيون ٻوليون،

وڻن تن جون دل کي پيئون لوليون.

لڳي هِيرَ اُن وقت ٿي دِلپَسَند،

ٿئي ڪين ٿي سا صبح تائين بند.

اُنهيءَ دم چڱو پيو وَڻي آسمان،

وڻن دل کي ٿا باغ وَڻ ٽِڻ مَڪان.

سڄي رات آرام سان ٿا سُمهون،

صبح جو وري چاق ٿيو ٿا اُٿون.

چِٽي روشنائي ٿئي ٿي جڏهن،

ٿئي سج اُڀرڻ شروع ٿو تڏهن.

اُٿِي ٿورا مڃجن ڌڻيءَ جا هزار،

اَسان جي سڄي رات جنهن ڪئي سنڀار.

وڃي پوءِ پنهنجو ڪجي ڪم ڪار،

صبح جي اها ڳالهه رک دل تي، ٻار.

 

 

منهنجا مٺڙا پٽ!

 

ماڻهو مورکَ، سڀ کان اڳ ۾، توکي چوندا هيءُ:

”تون به انهيءَ کي مڃ، مڃي ويو جيڪي تنهنجو پيءُ.“

 

پر مٺڙا، جو پيءُ مڃو، سو ڀَلي نه تون مڃجانءِ،

ڀڄي پري ٿج ان کان، جيڪي پوي نه توکي ڀانءِ.

 

ها، پر هيءَ نصيحت منهنجي ياد ڪري ڇڏ لالَ!

- ان ۾ تنهنجي عظمت آهي، هيئين هنڊائين شالَ!

 

”سوچَ سوا ڪجهه لوچَ نه آهي، سڀڪجهه سُونجهي سوچَ؛

لوچَ بنا ڪجهه سوچَ نه آهي، لعلُ لهي ٿي لوچَ.“

ش. ا

 

 

 

(15 جنوري 1961ع تي، حيدرآباد ۾، ٻارن جي ميلي ۾ ڳايل سنڌي ۽ سرائڪي لوليون)

 

(1)

”ماءُ جي لولي“ ــــ سنڌي

 

گهورَ وڃي توتان گولِي-

لولِي ڏِيَئِين پُٽَ لولِي!

سا نه چتونءَ جي چهنب ۾ هوندي،

جيڪا ٻولِي تو ٻولِي-

لولِي ڏِيَئِين پُٽَ لولِي!

ڏاتر ڏِنم هَهڙا پُٽڙا،

مون ته جَهلي آهي جهولِي-

لولِي ڏِيَئِين پُٽَ لولِي!

ڀينر هئس جنهن جِي ڳولِي-

لولِي ڏِيَئِين پُٽَ لولِي!

 

 

(2)

”محرم لولي“- سرائڪي

 

لوليان لو، او بَگا، لوليان لو، او ڇورا، لولِيان لو!

او، لولِي جو لولِي، لولِي سائِيان دي ٻولِي،

ٻولِي جو ٻولِي، ٻولي اوتون مِين گهولِي... ماروُ لولِيان لو!

او، لولِي جو لولِي، لولِي آکِ نه ڄاڻان،

درد ونديان دي، مِٺي ٽورَ سُڃاڻان- مارو...

او، گَلا ڀِي آيا، ميڏا ڀائِي نه آيا،

ڪنهن ڪَنُون پُڇان، سارا ساٿُ پَرايا- مارو...

او، ننڍڙا جو نِنگر، تيڪُون ڏاڙهِي دي ريهه هي،

اَسين ناڙي نه ڄُلسُون، ناڙي ڏاڍيان دا ڏيهه هي- مارو...

او، وَهندي نِي واهي، لُڙههِ پوندي صندوقين،

الا، اُتي نه ڄُلسُون جتي مارن بَندوقين- مارو...

او، اُڏرِيان نِي ڪُونجان، وَڃُ لَٿِيان نِي روهِڙي،

سونا جو پِڃرا، وِچ لَعلان دي جوڙي- مارو...

او، وَس وَس تي مِينهنَ، تيڪُون وَسَڻُ نه ڏيسان،

ڪَپڙي ڀورَلَ دي، تيڪُون پُساوڻ نه ڏيسان- مارو...

لولِيان لو، او بَگا، لولِيان لو، او ڇورا، لولِيان لو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com