سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :5

4- لوليءَ کان پوءِ، بوائز ماڊرن هاءِ اسڪول جي ٻارن ”کٽئي جو اڌ“ ناٽڪ نظم ۾ پيش ڪيو. اهو ناٽڪ مسٽر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي ۽ سندس ڪتاب ”ڊزن ڊايلاگ“ ۾ ڇپيل آهي. ٻارن کي اداڪاريءَ جون هدايتون مسٽر عبدالڪريم لغاريءَ ڏنيون هيون. پوريءَ ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيائون.

5- ان کان پوءِ، پرئڪٽسنگ اسڪول جي ٻارن ”سوال جواب“ پيش ڪيا: اهي سوال جواب خاص نموني ۾ پيش ڪرڻ جي ٻارن کي سکيا امسٽر يار محمد پنهور ڏني هئي. سوال جواب ”گل ڦل“ جي ”ڀلا ٻڌايو ته.........؟“ ڪالمن مان چونڊيل هئا.

6- خواجه ڦلواڙيءَ جي نينگرين ”راسوڙو“ لوڪ ناچ پيش ڪيو. ان ناچ ۾ نچڻ سان گڏ ڳائڻ به هو. راڳ جا ٻول گجراتي ٻوليءَ ۾ هئا.

 

نچندي نچندي، جڏهن ڇوڪرين چوڌاري گلن جي ورکا شروع ڪئي، ته ڏاڍو من موهيندڙ نظارو ٿي پيو.

7- ”راسوڙي“ کان پوءِ، پرئڪٽسنگ اسڪول جي ٻارن سنڌ جي سدا جيئري شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، جا بيمثال بيت پيش ڪيا. انهن بيتن جي چونڊ مقصدي لحاظ کان ڪيل هئي. هڪ بيت ٻوليءَ بابت هو- اجهو هيءُ:

”جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

”اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،

”جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن چائي ڄام،

”هي عامن سندو عام، خاص منجهان نه ٿيو.“

شاهه کان سواءِ ٻين شاعرن جا به ڪي بيت پيش ڪيا ويا. مثلاً مولانا روميءَ جو هيءُ بيت:

”سنڌيان را اصطلاح، سنڌ مدح

هنديان را اصطلاح، هند مدح“

8- بيتن کان پوءِ، خواجه ڦلواڙي جي نينگريءَ، مس گلبدن، ”علم“ تي تقرير ڪئي. هن اها تقرير مسٽر غلام علي الانا جي هدايتن موجب تيار ڪئي هئي.

 9- ان کان پوءِ، قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول جي ڇوڪرين سرائڪي سهرو ”من مرادان پنيان“ ڳايو. نَوَ ڄڻيون ڳائي رهيون هيون، ۽ ٻه ڄڻيون نچي رهيون هيون.

سهرو تمام سهڻي نموني ۾ ڳايو ويو، ۽ ڇوڪرين جو ناچ ته خاص طور دل لڀائيندڙ هو.

10- نور محمد هاءِ اسڪول جي هڪ شاگرد سنڌ جي تاريخ جو هڪ حقيقي واقعو پيش ڪيو. اهو واقعو سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل فارسي ڪتاب ”مقالات الشعراء“ جي صفحي 817 تي شايع ٿيل آهي.

11- مختلف اسڪولن ۽ ڦلواڙين جا ٻار ڪچهريءَ ۾ ويٺا ۽ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏنائون. اهي ڳجهارتون مسٽر يار محمد پنهور ”گل ڦل“ مان چونڊي، ٻارن کي سيکاريون هيون.

12- ڳجهارتن کان پوءِ ”ڀاڄيون“ ناٽڪ اسٽيج تي آيو. اهو ناٽڪ وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين، مس عزيز جي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيو. ناٽڪ ج. م. ناگراڻيءَ جو لکيل آهي ۽ ”گل ڦل“ جي سال 1959ع جي ڊسمبر مهيني جي پرچي ۾ ڇپيل آهي. مس عزيز ڇوڪرين کي ٽريننگ ڏيئي ڀَڙ ڪري ڇڏيو هو. ناٽڪ ڏاڍو چهچٽو ڏيکاريو.

13- ناٽڪ کان پوءِ فئنسي ڊريسون پيش ٿيون، جن ۾ هيٺين ڦلواڙين ۽ اسڪولن جا ٻار هئا: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪانوينٽ هاءِ اسڪول، پرئڪٽنسگ اسڪول، وومينس ٽرينگ ڪاليج ۽ خواجه ڦلواڙي. پٺئين پاسي ڇپيل گروپ فوٽو فئنسي ڊريس ۾ حصو وٺندڙ ٻارن جو آهي.

41- فئنسي ڊريس کان پوءِ مسٽرجمال رند سنڌي لوڪ گيت ”مورو“ پيش ڪيو.

15- ”موري“ کان پوءِ خواجن جي ڦلواڙيءَ ”ٻارن جي اجائي پاسخاطريءَ جو نتيجو“، مزاحيه ناٽڪ، پيش ڪيو، جنهن حاضرينن ۾ چڱو ٽهڪڙو پيدا ڪيو.

16- وومينس ٽريننگ ڪاليج جي ڇوڪرين سنڌ جو مشهور لوڪ ناچ ”هو جمالو!“ پيش ڪيو. هي ناچ ايڏيءَ ته ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو، جو پنڊال ۾ ويٺل ٻار به مزي ۾ اچي ”هو جمالو“ ڳائڻ ۽ نچڻ لڳا. ڳائڻ جي لحاظ کان، نچڻ جي لحاظ کان ۽ ٻيءَ اداڪاريءَ جي لحاظ کان- خواه لباس جي لحاظ کان- ”جمالي“ ۾ ڪابه اوڻائي ڪانه هئي. ”جمالي“ لوڪ ناچ سچ پچ هڪ بي مثل نظارو پيدا ڪيو، ۽ ان لاءِ سڀيئي مبارڪون وومينسٽ ٽريننگ ڪاليج جي مس عزيز ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد مسٽر جمال لهڻيون، جن ”جمالي“ کي ڪامياب نموني ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ٻارن کي تيار ڪرڻ ۾ سچ پچ وڏي محنت ڪئي هئي.

ناچ جي پس منظر ۾ هيٺيان ساز هئا. 1. ڍولڪ، 2. سرندو، 3. گهڙو، ۽ 4. هارمونيم.

17- ”جمالي“ کان پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول ۽ نور محمد هاءِ اسڪو جي ڇوڪرن، ”ٽئبلو“ (Tableau) جي نموني تي، شيخ اياز جو گيت ”منهنجا مٺڙا پٽ“ پيش ڪيو. پڙدي پٺيان ڳائيندڙ مسٽر يار محمد پنهور هو. ٻارن کي اداڪاريءَ جون هدايتون به هن ئي ڏنيون هيون. هي گيت ”گل ڦل“ جي گذريل پرچي يعني 1960ع جي ”سالنامي“ ۾ ڇپيل آهي.

18- ”اياز“ جي گيت کان پوءِ سازن تي سرائڪي لولي ”لولِيان لو“ پيش ٿي، جا هن پرچي جي منڍ ۾ به ڇپيل آهي. هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل سٻاجھي نينگر اسٽيج تي ويٺي آهي، جا وومينس ٽريننگ ڪاليج جي مس عزيز کيس سيکاري هئي. لولي، مس عزيز پاڻ به پڙدي جي پٺيان نينگريءَ سان گڏ ڳائي. ساز ساڳيا ”جمالي“ وارا هئا، يعني ڍولڪ، گهڙو، سُرندو ۽ هارمونيم.

”لولِيان لو“ اسٽيج جي پروگرام جي آخرين ۽ بهترين شيءِ هئي.

اسٽيج تي اسان جو مٿيون پروگرام رات جو 9 بجي ڌاري پورو ٿيو. پروگرام جي خاتمي تي اول مسٽر محمد ابراهيم جويي آيل مهمانن جي شڪر ادائي ڪئي ۽ پوءِ محترم سيد غلام مصطفى شاهه صاحب مختصر صدارتي ڪئي. مسٽر جويي جي تقرير هيٺئين موجب هئي:

”محترم غلام مصطفى شاهه صاحب،

معزز مهمانو،

پيارا ٻارو!

”اوهان جي آجيان ۽ شڪرگذاريءَ جا هي لفظ اوهان جي خدمت ۾ مون کي نه پر ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر، اسان جي ڀاءُ غلام ربانيءَ، کي پيش ڪرڻ کپندا هئا، ڇاڪاڻ ته هي خوشيءَ جو موقعو، هي ٻارن جو ميلو، ”گل ڦل“ رسالي جي ٻئي سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ ممڪن ٿي سگهيو آهي ۽ منعقد ڪيو ويو آهي. ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر آءُ نه آهيان- رباني آهي. اُن کان به وڌيڪ مناسب ٿئي ها، جيڪڏهن هن ميلي جا بانيڪار ۽ اُن ۾ عملي حصي وٺندڙ يعني اسان جا هي ننڍڙا مٺڙا ٻار پڇاڙيءَ ۾ هي فرض پڻ پاڻ پورو ڪن ها. ڇاڪاڻ ته هيءَ سمورو ميلي جو مانڊاڻ به هنن پاڻ رٿيو ۽ بنايو ۽ اوهان جي اڳيان پيش ڪيو آهي. بهرحال منهنجي لاءِ جو اڳي ئي خود هُنن هيءُ ڪم رٿي ڇڏيو آهي، سو ضرور پورو ڪرڻو پويم ٿو. اوهان پنهنجا وڏا ڪرم ۽ قرب ڪري، جو هن موقعي تي اسان سان اچي شريڪ ٿيا آهيو، تنهن لاءِ آءٌ اوهان جو نهايت احسانمند آهيان.

”هيءُ ٻارن جو ميلو گويا هڪ تجربو هو- آزاديءَ کان پوءِ شايد هي پهريون ئي ڀيرو آهي، جو خالص ههڙي قسم جو ٻارن جو ميڙ ٿي سگهيو آهي. آزاديءَ کان اڳي ”ٻالڪن جي ٻاري“ واري تحريڪ سنڌ ۾ پيدا ٿي هئي ۽ سنڌ مان ئي نڪري، تڏهوڪي هندستان بلڪه جا هي ننڍڙا مٺڙا ٻار پڇاڙيءَ ۾ هيءُ فرض پڻ پاڻ پورو ڪن ها، ڇاڪاڻ ته هيءُ سمورو ميلي جو دنيا جي ڪن ٻين هنڌن تي به پکڙجي ويئي هئي، ۽ هاڻي پڻ هندستان ۾ ”ٻالڪن جي ٻاري“ جو مهندار دادا شيوڪ هڪ سنڌي ڀلمانس آهي، ۽ انهيءَ ئي پهريائين هتي سنڌ ۾ ”ٻالڪن جي ٻاريءَ“ جو بنياد وڌو هو. پر اُن زماني ۾ پڻ مون کي ياد نه آهي ته ڪو ههڙي قسم جو ٻارن جو ميلو ڪٿي لڳي سگهيو هو. اڄوڪو ڏينهن مون کي يقين آهي ته سنڌ علائقي جي ٻارن جي زندگيءَ ۽ ٻارن جي تحريڪ جي سلسلي ۾ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، ۽ اميد آهي ته هر سال آئندي پڻ اهڙا ٻارن جا ميلا جيئن پوءِ تيئن بهتر نموني ۽ انداز ۾، نه فقط هتي حيدرآباد ۾ پر ساريءَ سنڌي اراضيءَ ۾ ملهايا ويندا- تان ته اسان جي ٻارن ۾ هڪ قسم جي زنده دلي، چرپر، تازگي ۽ خود اعتمادي ۽ ضبط نظم جو مادو پيدا ٿي سگهي. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ههڙن ميلن ۽ جشنن ذريعي ئي اسين پنهنجن ٻارن جي حياتي ڏاهپ ۽ خوشيءَ جي خزانن سان ڀري سگهون ٿا.

”اڄ اوهان صبح کان وٺي هيستائين، نمائش ۾، راندين ۾ توڙي هاڻي هن کيل ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، سو سڀ هنن ٻارڙن جي محنت ۽ لياقت جو نتيجو آهي. پهريون ڀيرو هو، ممڪن آهي ته ڪيترين ڳالهين ۾ هنن ڪچڙين ڪلين کان ڪي اوڻايون ۽ ڪچايون به ٿي وييون هجن، پر مون کي اميد آهي ته هڪ ته اوهان سندن چڱين ڳالهين ۽ ڪاميابين کي خيال ۾ رکندي، سندن اڻپوراين کي نظرانداز ڪندا، ۽ ٻيو ته هُو پاڻ به هن سال جي تجربي مان فائدو وٺندي، آئندي سال پنهنجي ميلي کي تيئن زياده ڪامياب بنائيندا.

”هن ميلي کي ڪامياب بنائڻ ۾ جن به اسان جي مدد ڪئي آهي، تن سڀني جو آءٌ تهدل شڪرگذار آهيان، پر هن موقعي تي آءٌ هيٺين ڀائرن ۽ ڀينرن جو خاص طرح سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو انهن ٻارن جي هن ميلي ۾ گهڻي دلچسپي ۽ تڪليف وٺي اسان لاءِ هن سڄي جشن کي ايڏي سهڻي نموني ۾ نڀائڻ ممڪن بنايو: 1. مسٽر غلام اصغر، پرنسيپال ٽريننگ ڪاليج ۽ سندس عملو. 2. مسز شيخ انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس ۽ سندس عملو. 3. مِس ٽِلي، پرنسيپال وومينس ٽريننگ ڪاليج ۽ سندس عملو. 4. مسٽر غلام علي الانا ۽ سندس ساٿي.

”آخر ۾ آءٌ وري به اوهان سڀني جو احسان مند آهيان جو پنهنجا لک لائق ڪري، پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي، پير ڀري هتي اسان وٽ آيا آهيو، ۽ اسان جي ۽ اسان جي هنن مٺن ٻارن، سندن اسڪولن جي استاد صاحبن ۽ استادياڻين صاحبائن ۽ ٻين سڀني، جن به هن ميلي ۾ حصو ورتو آهي، انهن جي همت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪئي اَٿو- مهرباني.“

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com