سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3

باب: --

صفحو :3

 

مترجم: رشيد ڀٽي

(ڪهاڻي)

سامبر ۽ رسٽي جونس

 

اتي جي ڪُراڙن ۽ پراڻن رهواسين به پنهنجيءَ سانڀر ۾ ڪڏهين اهڙو سخت سيارو نه ڏڍو هو. اوٽانوسنس ۽ ڪاديوڪ ندين جي هن ماٿريءَ ۾ ايڏي برف اڳ ڪڏهن به ڪانه پيئي هئي. زمين جو ته ڪو پتو ئي ڪونه پئي پيو. برفباري ايتري لڳاتار ۽ ساندهه ٿي، جو ڪاٺ جي ٺهيل جاين جا به رڳو ڇپر ٿي نظر آيا. آسپاس جي ڇڙوڇڙ گهرن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن تي رستن جا لنگهڻ جي پچر اڌ سياري ۾ ئي ڇڏي ڏني هئي. سياري جي اوج تي پهچڻ سان هنن برفاني بوٽن جو استعمال شروع ڪيو هو. ننڍا ننڍا وڻ ۽ ٻوٽا ته ائين ڍڪجي ويا هئا، ڄڻ هئا ئي ڪين ڊگها ڊگها ديال ۽ چيل وغيرهه جا نوڪيدار وڻ به ڪپهه جي منارا پئي لڳا. واءَ جي زور تي جتان برف ڇڻي پئي هئي، اتي اهي جايون ائين نظر پئي آيون جيئن ڪنهن اڇي پني تي مس جا داغ ٿي پيا هجن.

ٻيلي م رهندڙ جهنگلي جانورن لاءِ اها مند تمام ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ هئي. اهي جانور البت ڀاڳ وارا هئا، جي سياري جي شروعات ۾ ئي پنهنجو کاڄ ڪٺو ڪري وڃي اونهين چُرن ۽ کامن ۾ لڪا هئا، جتي کين برف جي ٿڌ ڇُهي به نه پئي سگهي. جيڪي ٻيا جانور مصيبت جون گهڙيون گهاري رهيا هئا. تن ۾ مکيه سامبر هئا. هي ڳرا جانور، جيڪي سياري ۾ رڳو ڍڪيل جهڳٽن ۾ رهڻ ۽ انهن مان پيچرا ٺاهي

 

 

 پنهنجي کاڌخوراڪ هٿ ڪرڻ تي هريل هئا، سي هيل سياري جي مند ۾ ئي پاڻ کي آهيءَ ۾ آيل محسوس ڪرڻ لڳا هئا. سياري جي اوج تي اچڻ تي هنن پنهنجون سڀ راهون بند ڏٺيون. هنن ننڍا ننڍا ٻوٽا کائي ختم ڪري ڇڏيا هئا، ۽ وچولي درجي جا وڻ به ڪي ٿورا وڃي بچيا هئا، هاڻي ته هو اڌ مئا ٿي چڪا هئا، ۽ پنڌ ڪري کاڌي ڳولڻ کان لاچار هئا. ڊگهن ڊگهن وڻن هيٺان کامن ۾ قيد ٿيل هنن جانورن جي ڪن ڪٽنبن وٽ ته ايترو به ڪونه هو جو حياتيءَ کي جاري رکي سگهن. انهن مان ڪيترا پوين پساهن ۾ هئا.

اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن سيارو به وڌيڪ سخت خطرناڪ ٿيندو ويو.

برائين گهٽيءَ جي ڇيڙي تي، سمٿ جي دڪان جي ٻاهران اهو دڪان جيڪو ڳوٺ جو ٽپال گهر به هوندو هو. هڪ نوجوان،رسٽي جونس پنهنجي برفاني هٿ کاڏيءَ تي پنهنجو سامان جون جي ڳوڻ، ڳڙ جو ڪولو ۽ گاسليٽ جو ٽين، وغيره ٻڌي رهيو هو. سندس کهرن ۽ ڪڪن وارن جي ڪري، هن کي رسٽي (Rusty، يعني ڪٽ لڳل) ڪوٺيو ويندو هو. پنهنجو سامان ٻڌي دلجاءِ ڪري، هن گهر جا آڻيل نيرا دستانا پاتا، ۽ پيرن ۾ پيل سليپرن مٿان سامبر جي کل مان ٺهيل برفاني بوٽ چاڙهيا. هن هٿ لوڏي دڪان ۾ ويٺلن کان موڪلاڻي ڪئي، ۽ برف سان ڍڪيل چار ميل ڊگهي رستي جي مسافريءَ تي اُسهيو. هو پنهنجين ٻنين تي پئي ويو. هن کي ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي. اندازي ڪيل وقت کان هو ٻه ڪلاڪ پوئتي رهجي ويو هو. هو ٽپال وٺڻ لاءِ ترسي پيو هو. ڪنهن اخبار ۾ هڪ دلچسپ خبر پڙهڻ لاءِ هو ڏاڍو آتو هو. هاڻي هن کي اهي سڀ ڪم ياد آيا، جي کيس گهر پهچي ماني کائي، پڙهڻ تي ويهڻ کان ڳان اڳ ڪرڻا هئا.

اڌ ميل هلڻ کان پوءِ هن کي هڪ ترڪيب دماغ ۾ آئي. رستي جي ساڄي پاسي هيٺ لهي، ماٿري ٽپي، هو هڪ ميل جو فاصلو گهٽائي پئي سگهيو، ٻئي مند ۾ ان ماٿري مان جلدي گذرڻ ممڪن ڪونه هو، ڇو ته اتي ڪيترائي گهاٽا ٻيلا ۽کڏون کاما هئا. پر هن برفاني مند ۾ ائين نه هو، سڄي ماٿري برف سان ڍڪجي هڪ سنئون ميدان ٿي ويئي هئي. ۽ اتان لنگهن به ائين هو، جيئن ڪنهن رستي تان، پنهنجي برفاني گاڏيءَ کي آسانيءَ سان هيٺ‎ لاهيندي هو رستي کان هيٺ، ماٿريءَ ڏانهن وڌيو. هن سوچيو ته اهو خيال ڇو نه شروع ۾ آيو! جيتوڻيڪ هو ڇوڪراٽ هو، تڏهن به هن کي يقين هو ته طرفن جي ڄاڻ ۽ اوسي پاسي جي واقفيت، کيس سولائي سان پنهنجيءَ منزل تي وڃي ڇڏيندي.

 

 

وڏن ۽ ڊگهن وڻن جي وچ مان رستو ٺاهيندي، ۽ ڪانڊيرن، وڻن ۽ کڏن کامن کان پاسو ڪندي، رسٽي ماٿريءَ ۾ اڳتي وڌندو ويو. هن جا کيت باقي ميل پري وڃي بچيا هئا. آسمان تي شفق جو رنگ ٿڌو هئڊو ميرانجهڙو ٿي ويو، ته هو به هڪ برفاني کامي جي ڪناري تي اچي پهتو. ان کامي جي اڌ حصي کي شاهه بلوط جا وڻ ڍڪيو بيٺا هئا. هيٺ نهاريندي، هن جي نظر سامبر جي هڪ ڪٽنب تي پيئي، جيڪي هڪٻئي جي مٿان ڪريا پيا هئا. ان مند ۾، آسپاس 5 ميلن  تائين ڪنهن سامبر جي هجڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونه هو، پر ان هوندي به سامبر جا ڪي اهڙا ولر هئا، جن اهڙي سخت سياري ۾ به ان ماٿريءَ ۾ رهڻ پسند ڪيو هو.

اُداس سانجهيءَ جي انهيءَ گُهٽيل فضا ۾، هن سامبر جو اهڙو ئي هڪ ڪٽنب ڏٺو هڪ سٻر ميرانجهڙي رنگ جو سامبر، ڪاراڻ مائل مادي ۽ ٻه ننڍڙا ٻچا. سڀئي زمين تي ليٽيا پيا هئا. هڪ پاسي ڀر ليٽيل ٻچو بلڪل مري چڪو هو ، ۽ سندس جسم به برف وانگر ڄمي ويو هو.  باقي ٻيا سامبر تمام ڏک ۽ نراسائيءَ وارين نظرن سان ان کي ڏسي رهيا هئا. اوچتوئي اوچتو، وڏو سامبر پاڻ ۾ رهيل سهيل سگهه ڪٺي ڪري ٽنگن تي زور ڏيئي اٿي بيٺو ۽ ڏڪندو ڪنبندو، پنهنجي ٻچن جي بچاءُ لاءِ، پنهنجي بڇڙي دشمن انسان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. رسٽي جونس ڏٺو ته هو ايترو ته لهڪارجي ويو هو جو کيس مٿس رحم پئي آيو.  سندس چمڙي پاسن کان لڙڪي رهي هئي. رسٽيءَ جون ٻاجهه ڀريون ڀوريون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.”چنه چه!“ هڪ ڀڻڪيو،”ويچارا بک ۾ پاهه پيا ٿيڻ!“

هن پنهنجي گاڏيءَ جو رسو ڦٽو ڪيو، ۽ پٺتي موٽي، هڪ چڙهائي تي چڙهڻ لڳو، جتي هن ايندي وقت ڪي ساوا ٻوٽا ڏٺا هئا. اتي پهچي، هن پنهنجي ڪپ سان، جو هو همشيه پاڻ سان رکندو هو، سائي گاهه جي چوکي ڀري وڍي ورتي. اهو سامبرن جو دلگهريو گاهه هو.

جڏهن رسٽيءَ اها ڀري هيٺ ڦٽي ڪئي، ته سامبر خوشيءَ ۾ هڏڪارڻ لڳو. مادي ۽ ٻچو به اٿي کڙا ٿيا. هنن جي رڳن ۾ زندگي جو نئون رت ڊوڙي ويو، ۽ هو کاڌي جي مٿان ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. اهو حال ڏسي هو، وري گاهه جي ڳولا ۾ واپس ويو.

”بس،“ هن پنهنجي گاڏيءَ جو رسو جهليندي چيو، ”رات لاءَ اهو کاڄ کوڙ اٿو. سڀاڻي صبح جو وري اوهان لاءِ ٻيو داڻو آڻيندس.“

جڏهن ڇوڪر گهر پهتو، ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. هن سموري ڳالهه پنهنجي ماءُ پيءَ کي ٻڌئي، جيڪي مٿس ڏاڍو خوش ٿيا، پر سامبرن سان ڪيل انجام جي ڳالهه تي ڪجهه ڏمريا پڻ.

”اسان کي پنهنجي مال لاءِ به داڻو ڪونه آهي،“ ماڻس فيصلو ڪندي چيو، ”پر پڻهين سايد ڪجهه گاهه مٺ کڻڻ ڏيئي.“

ڊگهو ۽ سنهڙو جان جونس، جيڪو سڄي تر ۾ گهڻو مشهور ماڻهو هو، ان ڳالهه تي دل کولي کليو.

”ٻڌ، رسٽي! توکي انهن لاءِ بهڻ جون ٽاريون پاڻ وڍڻيون پونديون!“ هن چيو، ”اهوئي انهن جو مرغوب کاڌو آهي، ۽ جي تون سڄو سيارو انهن جي کاڌي جو ارادو رکيو، ته پوءِ پنهنجن ڪمن ڪارين تان به هٿ کڻڻو پوندءِ!“

”ٺيڪ آهي،“ هن ڳڙ ۽ ڊبل روٽي کائيندي چيو،”آءُ صبح جو وڃڻ وقت هنن لاءِ داڻو کڻيو ويندس، ۽ شام جو موٽي اچي داڻو ڪٺو ڪندس. اوهين ڪا به ڳڻتي نه ڪريو. جي اوهين هوند کين ان حالت ۾ ڏسو ها، جنهن ۾ مون ڏٺو آهي، ته اوهين به ائين ڪرڻ کان ڪين رهو ها.“

ان بعد ڪيترائي هفتا، هڪ نه ٻئي ڏينهن رسٽي لڳاتار سامبر ڏانهن ويندو رهيو. سندس هٿ ۾ ڪهاڙي هوندي هئي. برفاني گاڏي ڌڪيندو، هو ان کامي تي پهچندو هو، ۽سامبرن لاءِ ٻن ڏينهن جي خوراڪ اڇلي واپس ورندو هو. هن ڏٺو ته سامبر بهڻ جي ٽارين کي ٻئي گاهه کان وڌيڪ پسند ڪندا هئا. هن تجربي طور انهن کي ڪيترن ئي قسمن جو گاهه ڏنوهو. سندس ڀيري ڀيري اچڻ تي سامبر به ساڻس گهڻو هري مري ويا هئا. هو مٿي اچي پنهنجين ڊگهين ڊگهين زبانن سان کانئس گاهه کسيندا هئا. ڪارڙي مادي، جيڪا ڪجهه شڪي ۽ حاسد هئي، هن جي ويجهو وڃڻ کان لهرائيندي هئي. پر اها ساڻس هري ويئي، ته وڌيڪ لالچي ۽ گستاخ ٿي پيئي. هوءَ ٻين کي پاسي ڌڪي، رسٽيءَ جي هٿن مان سٺا سٺا ٽار ڦرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. طبعياتي ماهرن ۽ طبعياتي ڪهاڻين ۾ دلچسپي رکندڙن جيان رسٽيءَ سامبر جي ذوق ۽ پسند تي تجربا به پئي ڪيا. هن مشاهدو ڪيو ته هنن کي ماني وڌيڪ پسند هئي. جيتري سڪل ۽ پاروٿي، اوتري وڌيڪ، پر نرم ۽ تازي ماني هو سُنگهندا به ڪين هئا. کند هنن کي اصل ڀانءِ ڪين پوندي هئي، باقي لوڻ تي سو ساهه ڏيندا هئا. ان لاءِ ته هو سندس ڪڍ ڦرندا هئا. هن انهن کي ٿالهيءَ ۾ ان ۽ جو ڏيڻ جي  به ڪوشس ڪئي هئي.  پر سامبر پليٽ سنگهڻ کان پوءِ نڪ مان اهڙو ته زور سان ڦوڪارو ڏنو، جو اهي ڪڻو ڪڻو ٿي اڏامي ويا. جو جيئن ته اڻلڀ ۽ مهانگا هئا، ان ڪري هن وري جون جو تجربو نه ڪيو. پر هن جا ڪريل جو به اجايا نه ٿيا. سهڻن، چمڪندڙ پرن وارن پکين جو هڪ جوڙو، جن کي رسٽي سامبر پکي سڏيندو هو، اچي اهي ٽڙيل پکڙيل جو منٽن ۾ چُڳي ويا، ۽ هڪ ڪڻو به سندس تيز ۽ سنهڙين اکين کان بچي نه سگهيو.

اهو سمورو عرصو مئل ٻچڙي جو سخت ۽ ڄميل مڙهه کامي ۾ پيو هوندو هو. آخر هڪ ڏينهن رسٽي جو ان طرف به ڌيان ويو. هن محسوس ڪيو ته اها ڳالهه اڻوڻندڙ ۽ ان حسين ماحول تي داغ هئي. هن ان کي اتان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مڙهه جي پوين ٽنگن کي پڪڙي، مٿي ڇڪڻ شروع ڪيو، پر جڏهن ماديءَ جي نظر پنهنجي ٻچي تي پئي، ته هن هڏڪار ڪري رسٽي طرف اُلر ڪئي. اچرج ۽ ڪاوڙ ۾، رسٽيءَ هن جي پاسراٽيءَ ۾ زور سان مُڪ هڻي ڪڍي، ۽ اهڙي طرح بلند آواز ۾ هڪل ڪيائين جو ان جي پڙاڏي کان بيوقوف مادي وائڙي ٿي پٺتي هٽي ويئي. ايتري ۾ نر سامبر، جو رسٽيءَ سان پالتو جانور وانگر هري مري ويو هو، ماديءَ کي پنهنجن سڱن سان اهڙو ته زوردار ٽڪر هنيو، جو هوءَاڌکامي تائين رنڀون ڪندي ويئي. هوءَ ماٺ ڪري، موڳي ٿي اڻتڻ ۾ بيهي رهي. پوءِ رسٽي، همت ڪري، مئل ٻچي کي برف جي مٿاڇري تي سولائيءَ سان گهلڻ لڳو. هن اهو مڙهه ڇڪي، کامي کان ٻاهر، برف سان ڊڪيل هڪ جهڳٽي جي پويان آڻي ڇڏيو. پوءِ هو موٽي کامي ۾ آيو. ۽ نر سامبر جي منهن تي پيار سان هٿ ڦرائيندي، ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳو. آخر هن کيس سندس وفاداريءَ جي بدلي ۾ لوڻ جو ڳپل حصو به ڏنو. اهو ڏسي، ٻچو به ڀڇ لوڏي ڪري پنهنجي حصي وٺڻ لاءَ اڳتي وڌيو. رسٽيءَ ان کي به حصو ڏنو. مادي پنهنجي ڪاوڙ ڇڏي، لوڻ لاءِ نوس نوس ڪندي، رسٽيءَ ڏانهن وڌي. پر رسٽي اڃا ان تي ڪاوڙيل هو، ۽ کيس رڳو بچيل سچيل ٻه ٽي داڻا هٿ جي تريءَ تان چٽڻ لاءِ ڏنائين.

”اها سزا توکي اڳتي اُٻهرائي نه ڪرڻ جو سبق سيکاريندي.“ هن ڪاوڙ ۾ چيو.

به ڏينهن پوءَ جڏهن رسٽي وري اتي آيو، ته آسپاس جهنگلي جانورن جا ڪيترائي پيرا ڏسي هو اچرج ۾ پئجي ويو. انهن مان لومڙ جا پير ته بلڪل چٽا ۽ پڌرا هئا، ۽ نور جي چنبن جا نشان به هئا ۽ جهنگلي ٻليءَ جا پيرا به برف تي بلڪل ظاهر بيٺا هئا. گهڙي کن رسٽي انهن پيرن جي نشانن کي غور سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اتي ان جهڳٽي طرف ويو، جتي به ڏينهن اڳ سامبر جو مئل ٻچو رکي آيو هو. سڄي جهنگ ۾ ڪانڍ پئجي وئي هئي، ۽ بکايل ساهه وارن، مڙهه جو ڪو حصو به نه ڇڏيو هو. هن فڪر ۾ پنهنجي ڳاڙهيءَ لوندڙيءَ تي کنهيو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳو. ٽينهن چاليهن وکن تي بيٺل هڪ ٻوٽي جون ٽاريون لڏي رهيون هيون، ۽ وڻن مان اڇي برف ڇٽي پئي نظر آئي. هن چتائي ڏٺو، سندس اکين اڳيان ٽارين جي اوٽ ۾ لڪل ڀورو لومڙ چٽو ٿيندو ويو.

گهڙيءَ ساعت بعد، جڏهن لومڙ کي پڪ ٿي ته پاڻ کي لڪائڻ اجايو آهي، تڏهن هن اُتاڇرين ۽ بيپرواهه نظرن سان رسٽيءَ ڏانهن نهاريو _ گويا کيس چئي رهيو هو ته آءُ ڏوهاري ڪونه آهيان. هن هڪ اوٻاسي ڏني، ۽ ڪياڙي کنهي بيپرواهيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. رسٽيءَ، جيڪو لومڙ جي فطرت کان چڱيءَ پر واقف هو، سمجهي ويو ته لومڙ نظر بچائيندي ئي غائب ٿي ويندو.

”واهه واهه! سندس کل ته ڪهڙي نه سٺي آهي!“ هو سوچڻ لڳو ته اها ڪيترن ڊالرن جي هوندي. هن جي دماغ ۾ جهنگلي ٻلا به اچي ويا، ۽ سوچڻ لڳو ته انهن جو کلون ڪيتريون نه قيمتي ٿين ٿيون. نيٺ هن رٿيو ته مئل سامبر جي ڀرسان، انهن کي ڦاسائن لاءِ ڪوڙڪيون اڏي. پر هن اها ڪوڙڪين واري رٿ ٿڏي ڇڏي، اها بزدلن واري حرڪت هن کي پسند نه آئي. وري سندس خيال پنهنجيءَ بندوق ڏانهن ويو، جنهن سان هو انهن شڪرن ۽ بازن جو شڪار ڪندو هو، جيڪي سندس چوزا کائي ويندا هئا.

”ڪيترو نه متارو آهي! نشان به واه جو بيهندو!“ هن ڀڻڪيو. سندس ذهن  ۾ وري لومڙ جي کل جو اگهه ڦري آيو. هن کي لومڙ جي بيڊپائيءَ تي رشڪ اچڻ لڳو. پنهنجي دشمن آڏو ڪهڙي ته بيڊپائي ۽دليريءَ سان بيٺو هو!”پر ٻيلي“ هن سوچيو، ”مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. اهو سٺو نٿو لڳي جو آءُ هنن جي بُکئي هجڻ جو فائدو وٺي، کين ڍونڍ تي ورائي شڪار ڪريان. ڀل ته پيا موجون ڪن. وري جي بندوق ڇوڙيان ته متان منهنجا سامبر به ٽهي وڃن!

ان فيصلي تي پهچي، هو موٽي سامبرن جي وٿاڻ تي آيو. ڌڪار جوڳي مرڪ منهن تي آڻي، هن سوچيو،”جي بابا کي اهڙي شڪار ڇڏي ڏيڻ جي سُڌ پيئي ته ضرور ڪاوڙبو.“

آخر اهي ڏينهن به آيا جو سياري جي سختي ڍري ٿي ويئي. جيئن جيئن سج جي تپش وڌندي ويئي، تيئن تيئن برف هيٺان دٻيل جهنگلي ٻوٽا، وڻ ۽ کڏون مان کاما وڌيڪ ظاهر ٿيندا ويا، ۽ ماٿريءَ مان مسافري ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي ويئي. هاڻي سامبر به پنهنجي کاڌ خوراڪ لاءِ پاڻ ڳولا ڪندا هئا، ۽ رسٽي جونس جو وٽن اچڻ به آهستي آهستي گهٽبو ويو. هنن کي رسٽيءَ جي ڪا ضرورت ڪانه رهي هئي. پر هو هنن سان ايترو ته رلي ملي چڪو هو، ۽ خاص ڪري نر سامبر سان ته سندس ايتري دل ٿي ويئي هئي، جو هن ان خيال کان به نفرت پئي ڪئي ته ڪو سامبر کانئس جدا ٿي وڃن. پر اهو ٿيڻ لازمي هو، ۽ آخرڪار ٿيو به ائين.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، سخت محنت کان پوءِ، ٿڪل ۽ پگهر ۾ ٻڏل رسٽي انهن وڻن جي جهڳٽي ۽ کامي وٽ اچي پهتو، جتي سامبر رهندا هئا. هو ان لاءِ آيو هو ته سامبر اتان هليا ويا هئا يا نه. پر اتي هن رڳو پوڙهو سامبر ڏٺو، جيڪو پڻ هن جي انتظار ۾ ويٺو هو، رسٽي ان لاءِ پنهنجن کيتن ۾ لوڻ ۽ مانيون کڻي آيو هو. ۽ سامبر اهي شوق سان کائڻ لڳو. رکي رکي سامبر پنهنجي مٿئين چپ سان رسٽي جي بدن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي کي چٽي، هن لاءِ پنهنجو پيار پئي ظاهر ڪيو. اهو ڏسي رسٽيءَ کان رهيو نه ٿيو، ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون سامبر جي ڳچيءَ ۾ وجهي چيائين، ”خدا حافظ منهنجا مسڪين دوست! پنهنجو خيال رکجانءِ. ٻيءَ برف پوڻ وقت، شڪارين جي دڳ کان پاسو ڪري وڃجانءِ ڪاش، توکي به پنهنجي مٿي تي سهڻن ۽ سندر سڱن جو جوڙو هجي ها،. جهڙو ٻين سامبرن کي آهي!“

 پوءِ هو تکو تکو گهر واپس ورڻ لڳو. پر اڃا ڪي قدم ئي ڪين هليو هو، ته پنهنجي ڪلهي پٺيان هن ڪنهن جي تڪڙن تڪڙن ساهن کڻڻ جو آواز ٻڌو. هو اچرج ۾ بيهي رهيو. ڪو سندس پيڇو ڪري رهيو هو. رسٽيءَ کي ان ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو. هن ڄاتو پئي ته اهڙي موقعي تي هن کي ڇا ڪرڻ کپي. هن ترسي، پنهنجي مٿان گهور ٿيندڙ  جانور کي ڪجهه وقت پيار ڪيو، ۽ پوءِ وري پنهنجي دڳ لڳي پيو. سامبر کليل ۽  ڪشادين پوکن تائين سندس ڪڍ لڳو آيو. ڪڙمي ڪاسبي کوهه مان پاڻي ڀري رهيا هئا، ۽ گرڻين جي گونج بهار جي سانتيڪيءَ فضا ۾ پکڙجي رهي هئي. رسٽيءَ جو چٽڪمرو ڪتو، ڀونڪندي، هن جي آجيان لاءِ اڳتي وڌندو پئي آيو. سامبر اتي بيهي رهيو. ۽ پنهنجا ڪن هوا ۾ لوڏڻ لڳو.

”چڱو،  منهنجا دوست!“ رسٽيءَ وساميل دل سان چيو، ”پنهنجو خيال رکجانءِ!“

رسٽيءَ جي ننڍڙي دل ڀرجي آئي. هو پٺيان نهارڻ جي همت به نه ساري سگهيو، ۽ پنهنجي ڪتي سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳو، ڳرن قدمن ۽ ڏکويل دل سان، ۽ سامبر جو ڪارو ۽ وڏو وجود پويان جهڪو ٿيندو ويو، ائين، جيئن ڪو گهاٽن وڻن ۾ وڃي گم ٿي ويندو آهي.

اصل ليکڪ: سرچارلس جارج ڊگلس رابرٽس.(ڪئناڊا)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com