سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 10

غلام رباني

 

گذارش

 

پيارا ٻارو،

اوهان مان گهڻن ٻارن اخبارن ۾ اها خبر پڙهي هوندي ته آڪٽوبر جي 18 تاريخ تي سڄي ملڪ ۾ ”ٻارن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ويندو. اوهان کي خبر آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ڇو ملهايو ويندو آهي؟ سڄي دنيا جي ملڪن جي پنهنجي هڪ جماعت آهي، جنهن کي ”گڏيل قومن جي جماعت“ (United Nations Organisation) سڏيو وڃي ٿو. اها هڪڙي قسم جي پنچائت آهي ۽ ان جون وري ڌار ڌار شاخون آهن. جهڙوڪ: سڄي دنيا جي مزدورن جي جماعت، صحت صفائي جي جماعت، تعليم ۽ ثقافت جي جماعت، اهڙي طرح ان جي هڪ ٻي جماعت آهي يونيسيف، جيڪا خاص طور ٻارن جي جماعت آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي، تعليم، صحت ۽ ٻين ڳالهين جو خيال رکيو وڃي. ائين نه ٿئي ته ڪن پٺتي پيل غريب ملڪن ۽ قومن جا ٻار ترقي ڪيل قومن جي ٻارن جي ڀيٽ ۾ ويچارا ۽ نڌڻڪا ٿي رهجي وڃن. گهٽ ترقي ڪيل قومن جي ٻارن کي به اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جون اهي سموريون سهولتون هٿ ڪري ڏجن. رنگ، نسل، قوم ۽ مذهب جي متڀيڌ بنا سڀني قومن جي ٻارن کي هڪجهڙو ڪري سمجهيو وڃي. ڪيئن، اهي اعليٰ مقصد آهن نه؟ انهن مقصدن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ئي هر سال ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

 

اوهان جو ڀاءُ

شوڪت حسين شورو

 

دعا

 

سچل سرمست

(1)

سدا هُئن سُکيا، ماروئڙا ملير ۾،

شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن اَجَڙين تي!

(2)

سدا سَرها هونِ، ماروئڙا ته ملير ۾،

مٿي پهنوارن پونِ، مهر جا شل مينهڙا!

(3)

ميان ماروئڙن تي، مِهران وسن مينهن،

شل نه ڏکيا ڏينهن، اچن اَجَڙين تي!

(4)

سدا سٻي ساڻيهه ۾، سُکيا هُئن سنگهار،

پکي منجهه پنهوار، شل هُئن سدائين سَرها!

(5)

سائين! سنگهارن جو، رکج پَن پَکٻي،

ڪوئي تان نه لَکٻي، هُئن سدائين سَرها!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com